11 – بار کڻي بيوڙن جا، آءُ وير! هڻندي سئين ونگ
پلاند اٿئي پنجن تنن جو، ٻيو نماڻيءَ جو ننگ
ساري ڄمار سمنڊ تي، ويٺيس جهولا وٺيو جهنگ
انّ نه وڻي ارواح کي، اڳڙيون ڦاٽيون انگ
سڄڻ ويا اٿم سير ۾، جن جا سور اندر ۾ سنگ
مائي! وڃ ماٺ ڪري، تون نڀاڳي نسنگ
ٻارهن ورهيه ٿيا ٻيڙيءَ کي، جنهن جا ڦرهيا ٿي ويا ڦِنگ
کائي ويا مڇ ملاحن کي، ٻيا ڪرٽي ويا ڪنگ
تن جانبن لاءِ، جمعو چئي، آهن داغ اندر ۾ دنگ
ڇڏي ريهاڻيون ۽ رنگ، جوڳي ويا هن جهان مان.
12 – جوڳي ويا جهان مان، پر ٻيو به ڏيئين ٿي پار
هڪ مهنتو نڪتو مائٽن مان، جنهن وهٽ ڳوليو وينجهار
ويو جتن وٽ جوءِ ۾، رکيئن اوٺين تي آر
دايو هن کي دُز گڏيو، جنهن پڇيس خبر چار
گڏهه توکي گريب ڏيان، جو تکو هلي تار
هندو اچي هٽ تي، چيو ڀوريءَ کي ڀتار
ته گڏهه ڪيو اٿم گولي جو، جو آهي پاڙي منجهه پهار
جي بدو مون بدليو، ته ڪندو اُلٽا آچار
وٺ هٿ حضرت پير جو، هلي تون هيڪار
تڏهن ويساهه ڪيائون، عاشق تي اعتبار
چڙهي ويا چورن سان، آيا جهنگ وٺيو جهونجهار
تڏهن هن ماري وڌو مهتي کي، ڪري ڌڙ سسيءَ کان ڌار
جهڙپ ڏيئي جهلي تنهن، ناز ڀري نار
ته ور ڪهايو اٿئي واٽ تي، ٿي تالِيرَ! ڪرين تار
تون چڙهئين بغداد کان، ڪري سنج سوار
تو ماريو تنهن مروان کي، ڪري ڌڙ سسيءَ کان ڌار
واڻيو اٿاريئي واٽ تان، لڌئي سونارن جي سار
ملايئي ور ونيءَ کي، تون اهڙو جيلاني جبار
جڳ جا، جمعو چئي، باري کڻين بار
ڪلمي جي قطار، تو اهو به جياريو جڳ ۾.
13 – تو اهو به جيارو جڳ ۾، آءٌ ٽيون به پار ڏيئين سرور
هئي مائي شهر بغداد ۾، جنهن کي ڇهه نياڻيون ڇَر
ستون ويٺي هيئي سنجهي تي، ڏيو ڀتين سندا ڀر
حڪم ٿيس ته ستين به ڄايئي نياڻي، ته ٿيلهي ڇڏيندوسئين ٿر
قادر جي قدرت سان، اُن کي پرور ڏني پاکر
تڙائي ڇڏيئنيس تخت تان، آئي جهنگ وٺيو پئي جهر
تون منهن ۾ گڏئينس محي الدين! راهه مٿي رهبر
روئي توکي رپورٽ ڪيائين ته منهنجا ڪهڙا ڏوهه ڏمر
مائي! پٽ تنهنجو پير ڪيو، وڃي گهوري وساءِ گهر
انڌو ابوجهل هو، جنهن ڪيون خرابيون خر
جوڙون جوڙي جيئندو، ڪيو جادو جادوگر
پنج ڀيرا پٽ ڪيائين، ڇهين ڀيرا نياڻي نڌر
تنهن کي به ويري واٽ تان، گهلبو آيا گبر
تنهن کي به منهن ۾ گڏئين راهه مٿي رهبر
تنهن به روئي رپوٽ ڪئي ته اڳي ڏنئي هيج هينئر گڏي ڇڏيئي گوندر
مائي! ستئي پٽ تنهنجا صاحب ڪيا، وڃي وٺ ڀائرن سندا ڀَر
اهي ڦِرندا ڪين فقير، جيڪي ناٿ جوڙيا آهن نر
مير توسان مائٽيون ڪندا، سڏي سڀ سکر
وڃي ڪر ڄاڻ ڄاڃين کي ۽ ڇنا اَڏاءِ ڇپر
وڄندا دُهل تنهنجي در تي، ايندا لکين لشڪر
ٻانهي هن، ٻارچ جا، سئا سڏ سرور
آءٌ به ڪانه ڇڏينديس در، جو نياڻين مان ٿو نَڙ ڪرين.
14 – وڄندا دهل درياءَ تي، گولِي ڇڏ گمان
هندواڻي هلڪون ڪري، آئي منجهه اسلام
ڪلمون ڀريو آهيس قلب ۾، مٺا محمّد ڄام
سڏي ملاح گڏ ڪري، ويهي ڪيئين باب بيان
ٻيڙو ڪڍو هن ٻانهيءَ جو، جلدي ڪريو جوان
ٻڏي جنهن کي ٻاويهه ورهيه ٿيا، سڙيا سڀ سامان
کائي ويا مَڇ ملاحن کي، ڦٽي ويا ماڳ مڪان
نه ته ٿيندي دانهياڻي درٻار ۾، متان ٿئي ڪاري قيام
جَر مٿي، جمعو چئي، ڪڍوس ناتاريون ۽ نيشان
ڏسندا جڳ جهان، نڪرندو گوليءَ جو ٻيڙو ٻار مان.
سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي ساراهه
15ساراهيان
سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان
”مست علي شاهه“ مياڻيءَ ۾ ٿو ڪامل پڙهي قرآن
عاشق ”ابو الباب“ جي، ٿيان قدمن تان قربان
مانجهي ”ميهر شاهه“ کي ڏنو مشائخ مان
”يوسف شاهه جيلاني“ آهي جنگ جوان
”راڻو“ جو روم ۾، سو آهي سوڀارو سلطان
سهڻو ”شاهه صدر“ نديون جنهن جون نيشان
پارس ”پير پکي وارو“ جنهن جو بر مٿي بيان
پرين ”پهلوان شاهه“ سان ٿو وسي ”معشوق پوٽي“ جو مڪان
قرارو ”قطب شاهه، جهان پوٽو“ جوان
سوڀارو ”سرفراز“ جنهن جو باريءَ وٽ بيان
”متارو پير“ هن ملڪ ۾، جنهن جو ڪنڌيءَ ۾ ڪلام
جيئي ”شاهه جُنگ“ جنهن وسايو مڃيريءَ وارو ميدان
باري ”باقر شاهه“ ٿاڻي، جنهن جو ٿر مٿي ٿان
غازي پير ”گلڻ شاهه“ جيڪو ڏي پٻڻ ۾ پهلوان
”سخي شيخ نورڻ“، نالو جنهن جو نشان
باري ”شاهه عمر بودلو“، جنهن جو ڏيهه مٿي ڏان
عاشق ”شيخ الياس“ جنهن جو چوڏهين وسي چوگان
”ميون موسو“ انهيءَ ملڪ ۾، جنهن تي ڪريم جو ڪلام
”ٻارهن گُرئي“ ٻارچ چئي، ڏنو آهي، ”شاهه گُرئي“ کي شان
”حاجي پير حسين شاهه“ اگهيماڻيءَ ۾ امام
جڳ ڌڻيءَ وٽ، جمعو چئي، ڏنو اٿم امتحان
مير وٺي ميدان، ڪاهيو ڪربلا ڏانهن.
16 – ڪاهين ٿا ڪربلا ڏانهن، ٿو ساراهيان سبحان
عاشق ”عثمان شاهه“ آهي وير وريام
سهڻو شاهه سيراچي، ”جيوڻ شاهه“ جوان
”چڱو شاهه چند“، جنهن تي راضي ربّ رحمان
قرارو پير ”ڪنڌار شاهه“ جنهن ڏنو ”شيخ ٽير“ کي شان
”سخي هاشم شاهه“ آهي ڄاپندي جو ڄام
”رتو شاهه رڪن“، نعرو جنهن جو نشان
باري ”بچندو شاهه، جنهن جو مٽيارين ۾ مڪان
عاشق ”پير اکڻ“، جنهن کي شاهه ڏنو آهي شان
وڏو پير ونجهيريءَ وارو، ”نور شاهه“ نشان
سوڀارو ”سچل فقير“، درازن ۾ دوران
باري ”بولا شاهه“، جنهن جو مڪي منجه مڪان
”مصري شاهه“ انهيءَ ملڪ ۾”مهدي شاهه“ امام
ڇهي ۾ ”ڇٽن شاهه“ ڪامل پڙهي قرآن
جُنگ ”جمن شاهه“، جنهن جو رکيو موليٰ مان
موچارو ”محبوب شاهه“، جنهن تي قريشيءَ جو ڪلام
يوناني پير ”جهنڊي وارو“، جنهن کي ڌڻي ڏنو ڌيان
”لعل قلندر“ لاڏڪو، نيزو جنهن جو نشان
”بودلو بهار“، جنهن کي شهباز ڏنو آهي شان
جانبن جو، جمعو چئي، مون کي امامن جو ارمان
صغيرن جو سامان، ملائڪن آندو مديني ۾.
17 – ملائڪن آندو مديني ۾، آءٌ ٿو ساراهيان سبحان
هزارو پير ”حسن بخش شاهه پنجو“، پهلوان
عاشق ”عبدالرحيم گرهوڙي“، وسي ٿو مڱرئي جو ميدان
سهڻو پير ”سهرجڻ شاهه“ خميسو خان
لائق ”لعل لطيف“ آهي سرور سلطان
عاشق ”پير آچاري“، نيلون جنهن جون نشان
سوڀارو ”ابراهيم شاهه“، پاس پَروُ ڄام
مانجهي ”ميول شاهه“، کڏڙي ۾ آ خان
سالڪ ”صديق محمد شاهه“، ”ولايت شاهه“ وريام
يوناني ”پير جهم“، جنهن جو مڪليءَ تي مڪان
آهي گهوٽ گهَلين ۾، جنهن سان وسي ٿو ”محمد علي شاهه“ جو ميدان
جوڳي ”جميل شاهه“، ”نانگو شاهه“ نشان
”تاج محمد“ طريل آهي، سالڪ سرت سجان
”بادشاهه پير“ بغداد ۾، سونهارو سلطان
”حسن مير حسين“ جي، قدمن تان قربان
چارئي يار رسول جا، جن جو درس بيٺو ايمان
ڏسان ڪنڌيون ڪربلا جون، جتي معصومن جو مڪان
حج پڙهان حاجين سان، ٿئي مديني ۾ مڪان
پيرانديءَ ٿيان پرينءَ رسول جي، ٿئي راضي ربّ رحمان
پارس پيدا ڪيئي پيغمبر کي، جيڪو امت جو ضمان
جانبن جو، جمعو چئي، مونکي امامن جو ارمان
ڪلمون دين قرآن، ٿيو راس رسول تي.
18 – عاشق ”اسد الله شاهه“، جنهن جو ڪُن مٿي ڪَر
”شيخ ريحان“ جڳه ڌڻي جواڻ، جنهن جو ڀاڻن مٿي ڀر
”مراد شاهه“ مانجهي، دانَھ دلاور
عاشق ”اُميدن ڀريو“ ”ڇٽو پير“ ڇپر
تخت ڌڻي ”شيخ طاهر“، آهي صاحب سوداگر
ڏيهن ۾ ڏيو ”ڏاتار“ جنهن جو نٿو سُڪي ڪاتيءَ ڪپر
بڙو پير ”غوث بهاءِ الدين“، جنهن جو نعرو نشانبر
رهبر راڻي پور ۾، آهي ”صالح شاهه“ سڌر
ٻانهي هن، ٻارچ تي، ٿيندو نبيءَ جو نظر
پار اڪاريندو پرور، ٿينداسون روءِ رسول جي.
19 – ٿينداسون روءِ رسول جي، تون وارث! ڪج ور
وُٺو مينهن محبت جو، ڪربلا ۾ ڪڪر
خاصو پير ”خدا ڏنو“، آهي نصرپور ۾ نر
”قائم الدين“ قرارو قلندر، جنهن وسايو بڪيرن وارو بر
پارس ”پير پٿورو“ آهي سڀني جو ستگر
رتو ”راضي شاهه“ جنهن جو مُهراڻي تي مدر
سوڀارو ”سمن شاهه“، جنهن تي هٿ رکيو حيدر
پرين ”پاڪ سنگهار“ وير والهوٽو ور
شاهي شان ”شيخ ڀرڪئي“ کي، جنهن جو لڊاڻي لشڪر
”نظر محمد“ نوراني، عاشق آريسر
ڀلارو ”ڀاون شاهه“، بديڻن ۾ برابر
ڪونڇي ڌڻي قرارو ”ساجن سوائي“ سڌر
غازي ”غلام شاهه“، جنهن جو ٿان به آهي ٿر
ماڙين ۾ ”مغلڀين“ ”صوفي“ سوداگر
جوڳي ”جمال شاهه“، ”گنبل شاهه“ گوهر
پارس ”پير پٺو“، آهي ننگر پاسي نر
مونکي يادگيري ”شاهه يقيق“ جي، جنهن تي نوح فقير جي نظر
مُلڪ ڌڻي ”ميران شاهه“، جنهن جو ٽي ڪوهه مٿي ٽڪر
کاهڙ ۾ ”خواجھ اجميري“ جنهن جون نيلون نشانبر
حسن: مير حسين لاءِ، ٿو جال وهايان جر
محمد حنيفو ميدان ۾، اچي نعرو هڻندو نر
ڪورٽ اُت ڪريم جي، هلائيندو حيدر
چارئي يار رسول جا، آهن باري برابر
عيبدار اڳي ٿيندا، جن کي پار اڪاريندو پرور
ٻانهي هن، ٻارچ تي، ٿيندو نبيءَ جو نظر
انهيءَ جوڙ، جمعو چئي، ڪين ڇڏينداسون در
سهنج ڪندو سرور، ڪامل ڏينهن قيام جي.
مارئي
20 – ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان
قادر پنهنجي قدرت سان آهي، جوڙيو جڳ جهان
نبي پيدا ڪيائين نُور مان، مٺو محمّد ڄام
روح جڙي راس ٿيا، مليو مٽيءَ کي مان
موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڏسان ٿاريلن جو ٿان
عمر! منهنجو ڀاءُ ٿئين، توکي نفس ڪيو نادان
ڪڍي ڇڏ قلوب مان، اِهو کوٽائيءَ جو کام
پوندئي ڪم قبر سان، جتي مَلڪن جو ماتام
ٻانهياريءَ جو، ٻارچ چئي، ٿئي مديني منجهه مقام
لوئيءَ جي لڄ رکندو لطيف، شاهه اڳيان شاه
جانبن جو، جمعو چئي، مونکي امامن جو ارمان
اتي هلي ٿيندين حيران، جتي ورندو واءُ وصال جو.
21 – ورندو واءُ وصال جو، اتي هاڙي لڳندي هير
وٺا مينهن مُهراڻي تي، ٿيون ڳاڱيون ڳم ڳنڍير
کنڀيون آهن کاهڙ ۾، ٻيا مُنگها منجهه ملير
اُتي کير کٿيرين جا، ولوڙين وزير
اچن پنهواريون پاڻيءَ تي، سامهون ڪريو سير
ٻانهيارين جي، ٻارچ چئي، پت رکج پير
سانگياڻيءَ سان سومرا، ٻڌا اٿئي ها گاما حمير!
مون جيڏيون ملير ۾، پين پِسُ پنير
هُتِ ڪرسي پوندي ڪريم جي، مرهاڙي تُرندي مير
جَنجيرن ۾، جمعو چئي، ٿي نيڻن وهائي نير
ميان! منجهه ملير، اڳ نه ڏٺم ايترو.
22 – اڳ نه ڏٺم ايترو، ڏس ڀلي جا ڀال
مارو مِٽ ملير ۾، منهنجا سانگي سڻي سيال
ڪڍ بندياڻي بند مان، جنهن کي نيئر هنيا اٿئي نال
ٻڪر ٻاٻاڻن جا، آهن لوهاٽيا لال
گهيٽا پاس گهرن جي، ڇيلا ڏين ٿا ڇال
وڄون وسڻ آئيون، ڪڪر سڀئي ڪال
ڏٿ اباڻي ڏيهه جو، چونڊين کنيو ٿا ريليون ٿال
مدد منهنجي محي الدين، ٿج تون جيلاني جلال
ساڻ نه هلندئي سومرا! طنبو اهي تال
لوئيءَ جي لڄ لطيف رکجئين لاهوتي لال
جنجيرن ۾، جمعو چئي، ٿي جر وهائي جال
ماڙين منجهه مقال ڪري سارو ڏينهن سنگهارن جي.
23 – سارو ڏينهن سنگهارن جي، اُت لڳي ٿو واءُ
آهيان ٿاريلي ٿر جي، ويڙهيچن جو وياءُ
ڪڍ بندياڻي بند مان، مون ڏکيءَ ڪهڙا ڏوهه ڪيا
ڪتڻ واريون ڪوٺبيون، مون کان پُوڻيءَ جو پڇندا
سج لهي سانجهي ٿي، پورو نه ٿيو پاءُ
چارئي يار رسول جا، آهن ڏيهن منجهه ڏيا
آهن رتيون ماسا اُت رکيا، جتي توراڙا تُرندا
اُن جُڳ تي، جمعو چئي، ٿيندي دستگير جي دعا
هِت ڪرين ٿو دُز دغا، هُت ٿيندين ڪانيارو اڳيان ڪريم جي.
24 – ٿيندين ڪانيارو ڪريم وٽ، تو ڪيا آهن ٻول ٻيا
عمر! اسان جي ڏيهه ڏانهن، آهن پوکن منجهه پيها
مارو مِٽ ملير ۾، منهنجا سانگي سڄڻ سيا
خان! کينئي کوهه تان، توکي حاڪم نه ٿيو حيا
ڪيئن ٽِڪندي ڪوٽن ۾، جنهن جو پکن منجهه پساهه
پيءُ ٻنهين جو هڪڙو، ماٽي سندي ماءُ
ڪڏهن ٻُڌيسون ڪانه ڪا، ته ڀيڻ پرڻيو ڀاءُ
جنجيرن ۾، جمعو چئي، مون ههڙا حال ڪيا
ويڙهيچا ڪين وريا، سانگي اُهي سومرا!
25 – سانگين پاسي سومرا! لُڪ لڳي ٿي لار
مارو ويا آهن مال سان، پهري پٽ پنهوار
وُٺا مينهن ملير تي، ٿي مُهراڻي ملهار
اچن پنهواريون پاڻيءَ تي، ڪونجيون ڪري قطار
ساڻ ڦل سڳن ۾، ٻيا هَس ڳچيءَ ۾ هار
ٻانهوٽا ٻانهن ۾، اٿن بازو بند بهار
ٻانهيارين جي، ٻارچ چئي، سيّد لهندو سار
ڪَنن ساڻ ڪوڪار، ٻُڌان شال ٻڪرار جي.
26 – ٻُڌان شال ٻڪرار جي، اُتي لُڪ لڳي ٿي لُوهه
وُٺا مينهن ملير تي، ٽول پڪا آهن ٽوهه
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، ٻيڙيون آهن ٻوهه
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، ڦوڳا ڦلهاريا ڦوهه
اچن پنهواريون پاڻيءَ تي، کِلن مٿي کوهه
منجهان مِٽي ملير جي، جيڪي راس ٿيا هئا روح
تن جوڳين جي، جمعو چئي، اٿم سنياسين سوءِ
ڪيئن هار پائيندي هوءَ، سانگياڻي تنهن سومري جا.
|