89 – آڌيءَ رات اُٿي ويا، مَدِي ڪري مَن
سُڌ نه پيم سرتيون! نه ته آءٌ جاڳيس لاءِ جتن
ٻِي جا ڪيائون بات، بچايو چئي، سا مون کڙڪ نه ٻڌي ڪَن
هُو ٿا ڪيچ وڃڻ جي ڪن، مونکي ننڊ نهوڙيو.
90 – نه ڪو مِٽ مئيءَ جو، نه ڪو سيڻ سڳو
جَتن جي ذات سان، منهنجو اچي لهه لڳو
اُٺ نه ڀانيان ڪِن جا، وڃڻ آڌيءَ جو اُٿيو
برهمڻ کي، بچايو چئي، هو ڪرم منجهه ڪچو
وڃن وَر وَٺيو، تيلانهن نماڻيءَ پاڻ سان.
91 – تيلانهن نماڻي پاڻ سان، ڪيان ڪڄاڙو
جيڏيون! جت ڪري ويا، مون ڌوٻڻ سان ڌاڙو
ويو سک وجود مان، سمهڻ ٿيو ساڙو
هوت لنگهيا هاڙهو، مونکي ڏنائون ڏک ڏهاڳ جو.
92 – آيو ڏک ڏهاڳ جو، سرتيون! منهنجي ساهه
جانب ڌاران جيڏيون! پيئي کڻي پساهه
جيئري جِت ڏسي مران، ڪري شهنشاهه!
دوکا دل مٿان، وڃن برهمڻ جا، بچايو چئي.
93 – برهمڻ جا، بچايو چئي، سڻي سڏ ستار
هلي هوت پنهونءَ ڏي، ڪري الله تهار
سچن کي سگهو ملي، ڀورين کي ڀتار
پنهون جنهن جو پار، سي مون سڃ ۾ سرهيون ڏٺيون.
94 – مون سڃ ۾ سرهيون ڏٺيون، ساجن جني ساڻ
بودا اُٺ بلوچ جا، مٿن پوش پلاڻ
مهارون تن مَيَن جون، جَڙيون جوهر ساڻ
نختا تن ليڙن جا، مڙهيل موتين ساڻ
گهِنگريا هُئن گوڏن ۾، ٻيون ڇيريون ڇمڪن ساڻ
ٻيا گوربند گنگن کي، سونهن سيني ساڻ
ساز سارينداسين ڪيترا، هوت پنهونءَ جا هاڻ
ڪئين مهري هئا بلوچ سان، جت به جانب ساڻ
کنيائون بار کٿوريءَ جا، ساجن هئين ساڻ
وريس بخت، بچايو چئي، جڏهن پنهون سُڃاڻي پاڻ
ويو ساهه ساجن ساڻ، رهيو بُت ڀنڀور ۾.
95 – رهيو بُت ڀنڀور ۾، هيڻي ٿي هاڻ
وَٺ گس گُنگن جو، اُٿي پرهه ساڻ پلاڻ
متان سڃي ٿين ساٿ ريءَ، ٿيندئي سڏ سڀاڻ
ڪوهياري جي ڪاڻ، متان رهجي ويئي، رند چئي.
96 – رهجي ويئي، رند چئي، اُٿي سسئي! کڻ ثمر
ٻاروچيءَ ٻوليءَ جو، انگ ۾ لک اکر
ايندئي ڪوٺائو ڪيچ کان، رکي ڏير ڏمر
جنهن جو سر سَڌر، سي برن ۾ بحال ٿيون.
97 – برن ۾ بحال ٿيون، اَجهو جن آري
کڻ ثمر سڪ جو، ٻي رک توڪل جي تاري
ويهي وسائج وَر لاءِ، واٽن تي واري
پنهل پوئواري، اچي سسئي! ڪندئي سڃ ۾.
98 – سسئي! توکي سڃ ۾، پنهون ٿيندو پار
هل هيئين سان هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار
رکي ڏير ڏمر ويا، هاڻي انهن جي اختيار
ڪميڻيءَ جي ڪار، متان ڪيچين کي ڪين وڻي.
99 – ڪيچين کي ڪين وڻي، منهنجي اِها مت
اُٿي آڌيءَ رات جو، ڪري ويا ڪيرت
ڪُڻڪي هلن ڪينڪي، موڳن اها مت
برهمڻ کي، بچايو چئي، هيئن ڇڏيئي ٿي هت
تڏهن ڪهيو وڃي هاڪانيءَ سان، هوت پنهنجي هٿ
سسئي! ڪر سنبت، ڪاهه ڪشالو ڪيچ ڏي.
100 – ڪاهه ڪشالو ڪيچ ڏي، وٺ گنگن گس
کڻج پير پنهونءَ جو، هتي ڇڏي هوس
انهيءَ واٽ وندر جو، توکي وڻ به ڏيندا ڏس
هتي تون نه ترس، ڀوري ڇڏ ڀنڀور کي.
101 – ڀوري! ڇڏ ڀنڀور کي، اُٿي هاڙهي هَل
کڻج پير پنهونءَ جو، پهر نه جاچج پل
هت سدا ٿو سارنگ وَسي، ڪري برساتيون بادل
ڪيوڙا انهيءَ ڪيچ جا، ڦٽيو جهلين ڦل
کليا باغ، بچايو چئي، آريءَ جا اَمُل
هِتي جو اٿئي هُل، هت ڪانهي اوکي ڪيچ ڏي.
102 – سسئي سِر ڪڙو ڪيو، هلي لاڳاپا لاهي
سڏيو تن سرتين کي، گهر ٿي گهرائي
جنهن ساجن سان مون سڱ ڪيو، سو ڪيچ ويا ڪاهي.
بچايو چئي، ڀنڀور ۾، هتي منهنجو ڇا آهي؟
بيٺي موڪلائي، ويچاري وڳر کان.
103 – ويچاري وڳر سان، رويو ڪري رس
سرتيون! پرتيون ربّ کي، اڄ منهنجو هيڻو ٿيو هوس
مون سان ڪانڌ ڪري ويو، نه ته آءٌ هيس سڀني منجهه سرس
بچايو چئي، ڀنڀور ۾، ٿي بيحالي بيڪس
ويو منهنجو وَس، من پوي ٻاجهه ٻروچ کي.
104 – پوي ٻاجهه، ٻروچ کي، مون ڪمينيءَ تي ڪهل
آڌيءَ اُٺ اُتي ويا، موڳا ڪهڙيءَ مهل
سڌ نه هيم سرتيون، نه ته جاڳان ها جيجل
هينيون هوت پنهونءَ لاءِ، اندر ڪري اُڇل
روئان ويٺي، رند چئي، ڳوڙها مٿي ڳل
ڪري هوت هڪل، ساجن ساٿ وٺي ويو.
105 – ساجن ساٿ وٺي ويو، ڇڏي ننڊ ۾ نماڻي
ڪوهيارو ڪري ويو، مون سان پنهل پڄاڻي
ڀينر!شهر ڀنڀور ۾، هئس راڻين جي راڻي
هاڻي ٿي ريهون ڪريان، رند چئي، جڏهن وئي وهاڻي
ساجن ٿيندو ساڻي، تڏهن دوکا لهندا دل تان.
106 – دوکا لهندا دل تان، جڏهن ٿيندو حامي حضرت شاهه
ڇڏي مون ڇپر ۾، جيجان! جَت ويا
مون ويچاري کان وک نه پوي، ڇڄي ڇهه پيا
منهنجي باب، بچايو چئي، هئا لوهه لکيا
پاڙڻ مونکي پيا، ڪونهي ڏک ڏيرن تي.
107 – نڪو ڏک ڏيرن تي، نڪا هوتن سان حجت
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڪري هوت هَلت
ڪيم ڪِيهُون ڪيتريون، هتان کڻي هٿ
رسڻ جي، رند چئي، مون ۾ ڪانهي ڪا طاقت
پنهونءَ ۾ اٿم پَڪ، مون ڇپر ڇڏيندو ڪينڪي.
108 – ڇپر ڇڏيندو ڪينڪي، تڏهن سسئي! ڪر سنڀت
صلاحون جي سرتين جون، موڳي! وٺ نه مَت
جهَڪون جهولا جهنگ جا، هاديءَ جي اٿئي هٿ
مِرون مانگر ڪيترا، ڪن ڪوراڙيون ڪيرت
سسئي! تنهنجي سِر لاءِ، اٿئي سرس سنبت
هوت گڏيئي هِت، تڏهن لهندا غم گجر تان.
109 – لهندا غم گجر تان، جڏهن ايندو گيلاني غمٽار
سسئي هلي سُڃ کي، ڪري الله تهار
اڳيان گڏيس اوچتو، ٻاتال ٻڪرار
جنهن جو پيچ پنهونءَ سان، سا ويهي پڇي نه وار
هيءَ پرور ڏياري پَٽ ۾، مونکي ڪونج ڪنوار
ان جو سِر ڇڏي ويو سار، جنهن کي بدو گڏجي ويو بر ۾.
110 – بدو گڏيو هو بر ۾، جنهن جو هيڻو ٿي پيو حال
ويچاريءَ وٽي کي، ڀڃي هنيو ڀال
هن ۾ ڏڌ ڏهي ڏي، منهنجو کير تي ٿيو آهي خيال
ڀاڳيو ڀرجي ڪينڪي، ان ميڙيو سڀئي مال
هن جون اکيون عاشق ڏي، نيڻي ٿيون نهال
رسيو وڃي، رند چئي، ڏاڍي خوب خيال
هن جو سائين سُئو سوال، تنهن کي جُڙي جاءِ جبل ۾.
111 – جُڙي جاءِ جبل ۾، هن تي آگي ڪيو احسان
اُن بٺيءَ تي، بچايو چئي، کڻي وڌو مير مڪان
هاڻي ته اٿم پڪ پنهونءَ ۾، ايندو آري ڄام
ڇپر ڇڌيندو ڪينڪي، جو آهي ضعيفن زمان
وري ايندو وريام، جنهن کنيا بار کُهين جا.
112 – اتي آري لِهي اُٺ تان، پنهون ڪئي پڇا
سسئي ڇڏيو سڃ ۾، ڪي آهن اُٺ پٺيان؟
چيائون: رهجي وئي، رند چئي، آندي ڌڻين ڪين ڌرا
عاشق کي اکين مان، لهي لڙڪ پيا
ڪانه ٻڌيسون ڪڏهن، ڪا ڇڏي وَر ويا
هاڻي ساجن سنج ڪيا، آهن آريءَ پنهنجي اُٺ تي.
113 – آريءَ پنهنجي اُٺ کي، ٿي پنهون پلاڻيو
پوشاڪون پلاڻن تي، پيو ور وجهي واريو
شيشا لعل گلاب جا، کڻي هوت مٿان هاريو
بودن کي، بچايو چئي، بيٺي ساجن سينگاريو
پنهون ڳالهه پاڙيو، ٿو هوت وڃيئي حور ڏي.
114 – هوت وڃي ٿو حُور ڏي. پنهون ڪيو پَڪ
هليا هوت پنهون سان، ڪري ساٿ سنبت
هاڻي لطف سان لنگهائين، لڪيون سڀئي لڪ
برهمڻ تي، بچايو چئي، رڳا قادر رکيا آهن ڪک
جنهن تي هوت پنهون جا هٿ، تنهن کي وسو ناهي وندر ۾.
115 – وسو ناهي وندر ۾، جنهن جو اچي پيو آري
بي ننگا بلوچ هئا، ويا ڌاڙ ڇڏي ڌاري
ڪونهي ڪم ڪنواٽن جو، ٿا بار کڻن باري
پنهون ڳالهه پاري، سو وريو اچي وِلهو.
116 – وريو اچي ولهو، مير ڪيو منزل
ويندي واٽهڙوءَ کان، پڇي ڪوهياري مومل
چيائين: هئي برهمڻ، بچايو چئي، هتي ڪونج ڪنول
هاڻي هو اٿئي لوڙهه لٽيل، هن جا ڪانڌي ڪالهه لنگهي ويا.
117 – ڪانڌي ڪالهه لنگهي ويا، پنهون آيو پوءِ
ڏسي لوڙهه لهي پيو، ڪيچي ڪوهيارو
نڪو مَلڪ عزرائيل هو، نڪو موت ٻيو
عاشقن اڳي هو، مرڻ قبول ڪيو
پر ٿيو آواز اندر مان، قدرت سان ڪو
سوڙهي ڀانءِ نه سپرين! اندر باغ بنيو
سڏ تنهن جا ثاب پيا، جنهن پورهيت پنڌ ڪيو
بخش گناهه، بچايو چوي، مونکي سيّد جو صدقو
جنهن جو عشق اڇو، قادر تنهن جا ڪم ڪيا.
118 – قادر جنهن ڪم ڪيا، تنهن تي موليٰ ٿيو مهربان
هن کي جُڙي جاءِ جنّت ۾، جنهن تي آگي ڪيو احسان
کليا پلنگ پنهون لاءِ، جنت ۾ جام
آيا هندورا هوت لاءِ، گولا ٻيا غلام
ڏسي پوشاڪون پنهونءَ جون، حورون ٿيون حيران
سڻي سڏ سائل جا، تون عالم جا به امام
ڪيم ڪچايون ڪيتريون،مون ڪيا ڏوهه ڪمام
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، رازق ربّ رحمان
چون ڪلمون قلب ساڻ، سي اُمتي ڇٽندا ايمان سان.
لا اِلــٰھ الا الله محمد رسول الله.
مومل راڻو
119 – مومل جي ماڙيءَ کي چوڌاري چاري
مومل جي ماڙيءَ ڏي، گهَٽ نه ڪو گهاري
مومل جي ماڙي تي، وڇاڻو واري
بانور ڇڏ، بچايو چئي، ڪر هتان هوشياري
سوين شڪاري، هتان گُجر گنوائي ڇڏيا.
120 – مومل جي ماڙيءَ کي، سوين آهن سامان
مومل جي ماڙيءَ کي، ڪئين آهن مرد مدام
مومل جي ماڙيءَ کي، چوڏس هئا چالان
سوڍي سڀ سَهِي ڪيا، هن جا تال قمام
مالڪ ساري ڪيتري، جنهن جي بات بيان
ماڙيءَ منجهه مڪان، اٿئي سوين سنياسين جا.
121 – سوين سنياسين جا، اٿئي ماڙيءَ ۾ مذڪور
ڪري ڪشالا ڪيترا، آيا دوراني دور
سڀئي گهوٽ گهائيا، ڪامڻ ڪيا ڪلور
وريو ڪونه وطن ڏي، ماڙيءَ منجهان مور
سوڍي جي سور، مومل کي ماري ڇڏيو.
122 – مومل کي ماري ڇڏيو، جنهن کي ٿي آهي ڳالهه ڳري
ڪاهي آيم ڪاڪ تي، ويو وَر وَري
سوُر انهيءَ ۾ سرتيون، ويم سارو مَن سڙي
جيڪي جاڙون ڪيم جهان ۾، سي آيم وَٽ وري
ويندئين منڌ مري، متان وسارين ولهو.
123 – چئي: ڪيئن وساريان ولهو، ويم راڻو رڻ ڪري
ڪام رکي ويم ڪڇ ۾، هيڏي هوت ڪري
اڳي سُرهي هيس سرتين ۾، هاڻي ويم ڪاري ڪانڌ ڪري
انهيءَ بَدي جي، بچايو چئي، من مون تان ٽِڪ ٽَري
جنهن ريءَ ساعت ڪين سري، سو راڻو رات رُسي ويو.
124 – راڻو رات رُسي ويو، ڪاڪ ڪري ڪار
سڱ نه ڪجن سرتيون! جا ڌار هليو ڌاري
ڇا هي مجال مومل جي، انهيءَ جي اختياري
روبرو ڏٺو هئائين، رند چوي، تڏهن مڙد نٿي ماري
هاڻي ڳالهه انهيءَ ڳاري، جو راڻو رنج رکي ويو.
125 – راڻو رنج رکي ويو،مون تي سڀ ميار
سڀئي لاٿم سرتيون! سوڍي لاءِ سينگار
کايان ٿي کٽن کي، هندورا ٻيا هار
راڻي لاءِ، رند چئي، مون وڏا ڪيا ويچار
ڪَتيون آيون ڪاپار، هن جا ٽِڪاڻا ٽري ويا.
126 – ٽِڪاڻا ٽري ويا، مون جي اچڻ جا انجام
موڪليم مينڌري ڏي، پُورا سي پيغام
وري اچ ولها! ڪاوڙ ڪجانءِ ڪامَ
بَدين جا، بچايو چئي، اٿئي مون منجهه هوت! هشام
مون خطائون ڪيون خان! سي بخش بديون بدڪار کي.
127 – بخش بديون بدڪار کي، راڻا! ٿيءُ راضي
واري رک وجود ۾، ڪوهيارا! قاضي
اٿئي نام الله جو، ٻي اڳيان ڪريان آزي
بخش گناهه، بچايو چئي، توتي ربّ ٿيندو راضي
اها سُومل هئي ساڳي، جا مون ڀيڻ سمهاري ڀرسان.
128 – جڏهن ڀيڻ سهاريئي ڀرسان، تڏهن آيئي ڪونه عقل
ڪاهي آيس ڪاڪ تي، آءٌ ڪڏائي ڪرهل
مون روبرو ڏٺو هو، رند چئي، توکي ساميءَ ساڻ سُتل
هئا پيرانديءَ کان پيل، موزا تنهن مڙد جا.
129 – راڻا! ڇڏ ماڻا، ٿيءُ ڍوليا! منهنجو ڍٽ
ماڻهو اسان جي ملڪ جا، چريا چوندئي ڄَٽ
مڙد ڏٺو هئي مومل سان، تڏهن ماري ڪرين ها مَٽ
ايڏو هوت حرف، ڇو مون تي رکي وئين مينڌرا!
130 –چئي: مومل ويهه ماٺ ڪري، مون کي چورج ڪين چري
تو جي ٻول ٻَهُون ڪيا، تن مان ڪانه پري
آهي ڪا انسان جي، ظاهر دل ذري
ڀڳو ٻاڻ سڄو نه ٿئي، توڙي وڃن وير وَري
اڄ کانپوءِ وري، ڪين ايندوسانءِ ڪاڪ تي.
131 – راڻا! ڇڏ ماڻا، هيڏي ڪر نه هامَ
وڻن ڪين وجود کي، طرح طرح جا طعام
مڙد ڇڏي مهريءَ کي، وڃن ڪين وريام
مون هئي ڀيڻ سُمهاري ڀرسان، نه هُيم غرض گُمان
ماڙيو ن سڀ مقام، ٿيون سوڍا! تهنجي سِر ري.
132 – مومل! تنهنجي ڪاڪ تي، آيس ڪوڏ منجهان ڪاهي
عاشق جي اچڻ جا، ڇڏيئي وقت به وڃائي
ڪرهي کي ڪاهي، ڪين ايندوسانءِ ڪاڪ تي.
133 – سوڍا! ڳالهه سُور جي، منهنجي لائج من
ڪوڙيون ڳالهيون ڪاڪ جون، سي نه لائج ڪَن
چڱيون ۽ مديون، پيون ڏيهن ۾ ڏسجن
مڙد پنهنجي مام ۾، ٿا وڏا سُور سَهن
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، جي مون ۾ عيب آهن
سوڍا انهن سورن، مون کي وڇاڻي وهه ڪيا.
134 – مومل! ويهه ماٺ ڪري، هيڏا ڪر نه هل
تو ڪئين خان ڪمايان، ايڏي ساڻ عقل
تو رنگ بنايون راڻيون، ماڙيون اُتي محل
بنايئي، بچايو چئي، هيڏا خريب خلل
ڪانه پيئي هئي ڪهل، توکي مومل! مسافرن جي.
135 – راڻا! ڇڏ ماڻا، منهن نه مون کان مٽ
ماڻهو ميڙ ڪري، آءٌ آئي آهيان تو وَٽ
مڙيئي آهي مهڙ مون ڏانهن، تو ۾ گهوٽ! ڪانهي گهٽ
سُڀان ڳالهه صبوح جو، پڌر پوندي پَٽ
اُتي منهنجي مداين کي، لالڻ! اچي لٽ
پلنگ وڇايم پَٽ جا، خان! به تولاءِ کٽ
ڪونه ڏسان ٿي ڏيهه ۾، مينڌرا! تنهنجي مٽ
بخش گناهه، بچايو چئي، تون آءٌ وري مُون وٽ
جيڪي ٿيون سوڍا! تنهنجي سٿ، سي ڇيهن کان ڇٽي ويون.
136 – ڪٿي مومل، ڪٿي ماڙيون، ڪٿي پٽولا ۽ پٽ
ڪونه ڏسان ٿي ڏيهه ۾، مينڌرا! تنهنجي مٽ
بخش گناهه بچايو چئي، سڻ مون بنديءَ جا لولهٽ
هوت! ڏيئي تون هٿ، مونکي اچي ڪڍ آڙاهه مان.
مارئي
137 – ساراهيان سبحان کي، جنهن جي آهي وڏي وڏائي
قادر پنهنجي قدرت سان، جڏهن ٿي حڪومت هلائي
تڏهن مارئي جا ملير ۾، هڻي ڄارين ۾ ڄائي
پَرِي هئي پپن تي، کاٽونبا کائي
گهڙا کڻي گَهرن کان، اُتان ٿي آئي
عمر ڏٺو هُئس اوچتو، تنهن جي وري ڪانه وائي
جنهن جو ڀاءُ نڪو ڀائِي، تنهن کي کڻي عمر چاڙهيو اُٺ تي.
138 – عمر چاڙهيو اُٺ تي، هن کي حاڪم ويو هڻي
ڪيائين ڪوڪون ڪيتريون، ويس مٿان کوهه کڻي
سڌ تنهين کي سور جي، جنين ڌيءَ ڄَڻِي
پڙدو تون پنهوارن جو، رکج ربّ ڌڻي
بچايو چئي، بدڪارن جا، تون صاحب! سڏ سُڻِي
جڏهن واحد کي وڻي، تڏهن قابو ڪيائين ڪوٽن ۾.
139 – قابو ڪيائين ڪوٽن ۾، نِيرَ هڻي نال
سڪندي تن سانگين لاءِ، مونکي سوين ٿيا آهن سال
مارو مڙيئي ملير ۾، مڙيو چارين مال
جني هيرايس هٿن تي، سي ڪينهي لنگهي ويا ڪالهه
روئي تن لاءِ رند چئي، منهنجا ههڙا ٿيا آهن حال
ڀانيان تنهنجا ڀال، جي موڪل ڏين ته ملير وڃان.
140 – موڪل ڏي ته ملير وڃان، وڃي ڏسان وڻ ولار
ڏٺي مون آهن ڏينهن ٿيا، پاڙيچا پنهوار
ڪڏهن ٿي هيس ڪانه ڪا، ڌراڙن کان ڌار
بچايو چئي، بند ۾، وڌئي ڪوهه قهار!
ڪنن سان ڪوڪار، ٻڌان تان ٻڪرار جي.
141 – مارئي! ڇڏ مقابلو، صبر رکي ساري
مارو تنهنجا ملير کان، والي! آڻيندو واري
پرچائيندو ساڻ پلاندن، ڌراڙن کي ڌتاري
ويهه مون ڏانهن منهن واري، ڪاوڙ ڪڍ قلوب مان.
142 – پَرچي وِهڻ پاڻ ۾، پَر نه پنهوارن
کاڻيان تنهنجي کٽن کي، ڏيان باهه بازوبندن
وڻن ڪين وجود کي، ماڙيون ريءَ مارن
بچايو چئي، جي وِهن بند ۾، تن سان ڪهڙا ڪوڏ ڪجن
جي پکن ۾ پرچن، سي ڪوٽن ۾ وِهن ڪينڪي.
143 – مارئي! ڇڏ مقابلو، رک صبر جي ساڃاهه
موتِي وجهه مٿي ۾، ٻيا هار هزارين پاءِ
هَسَ، ڪڙولا، ڪَڙيون، تون ڳَهڻا ڳچيءَ لاءِ
ٻيا وجهه بازوبند، بچايو چئي، مڻيا ڪين موٽاءِ
آندم عطر تنهنجي لاءِ، تون ويهه، کلي چڙهه کٽ تي.
144 – چئي: کلي ويهڻ کٽ تي، مَرڪ نه ماڙيچن
ڀَڃيو اچن ڀرم سان، ڏار سندا ڏوننرن
مڙيو اچن ملير مان، هُو سِڱر ساڻ سندن
کاڄ جني جو کُنڀيون، آهي سانئون ساڳ سندن
هو بچايو چئي، منهنجي باب ۾، نه ته ڪير اچي ڪوٽن
واري وڇاڻو جن، سي عطر اوتين ڪينڪي.
145 – چئي: ميار تنهنجي مارئي، مونکي مڙيئي ٿي ماري
پائج هار هٿن سان، تون ساز مڙيئي ساري
ملڪ مڙيئي ڏيان مارن کي، اچان پاڻئون پرچائي
بنگلا ڏيان، بچايو چئي، ٻيون ماڙيون مارن کي
سڀئي سنگهارن کي، ملڪ ڏيندس مان مارئي!
146 – چئي: مارو مُلڪ تنهنجي کان، سانگي آهن سُکيا
گهڻو وِهن وِلهه ۾، اَڏين ڪين اَجها
جن جو پهت پکن سان، تن کي ڪوٺا ڪوهه ڪندا
جهڙا تنهنجا بنگلا آهن، بچايو چئي، تهڙا مَنَهَن مارن جا
جهڙا تنهنجا کاڄا، کيرڻيون، تهڙا اسان وٽ کٽا کاٽونبا
اڃا به سهڻي اٿئي سومرا! منهنجي سانگين جي سِٽا
سائين! سُڻ صدا، تون ڪڍ ڪنگاليون قيد مان.
147 – تڏهن عمر ماڻهو موڪليو، قاصد ڪوٺائي
ته مارئي! ڇڏ مقابلو، ٿي راضي رضا ڏي
ميندي جا ملير جي، هلي لاءِ هٿن کي
سونو ڦُل سڳين ۾، وجهي چهرو چوٽيءَ تي
مڏيون، مال مِڙي، آهن حوالي تنهنجي.
148 – مارو تنهنجي مال کي، هُو ڪڄاڙو ڪن
ويڙهه جن جي وَسَئن، سدا رُڃ رهن
آڻيو آب اکين مان، سانگين لاءِ سِڪن
اُٺا مينهن ملير تي، هُو چُوڙيليون چَهڪن
مڙيئي ملير ۾، وڳر ڪيو وتن
مون ڏکي ڪهڙا ڏوهه ڪيا، جو قابو ٿي آهيان قيدن
بچايو چئي بندياڻين جا سَڏ مڙيئي سڻجن
هُو ٿا ويڙهه وڃن، مون تي ڪوهه قهار ٿئين؟
149 – تڏهن عمر قاضي ڪوٺيا، مڙيئي معتبر
سُڻايو شريعت جي، مونکي خوب خبر
ته رهائي ٿي، رند چئي، ڪي آهي زور زبر
دنيا ڪارڻ دين جي، اُنهن کي پوري ڪانه خبر
قاضي ڄاڻي ڪونه ڪو، ٿو پاڻ ڄاڻي پرور
جنهن کي مهند سجهي محشر، تنهن تي عمر عدالت ڪئي.
150 – قاضي! منهنجو ڪيئن ڪري، نبيرين ٿو نياءُ
پوندئي ڪم ڪريم سان، ڪي هوندين هميشا!
ڪيئي ديوان دنيا تي، هتان لک لنگهيا
هلي ڪنهن سان ڪانه ڪا، ويا هليا هيڪلا
بي ڏوهياڻين تي، بچايو چئي، تون قلم لکين ڪهڙا
سچ نٿو چوين سومري کي، سڀي ڳالهه صفا
رُهائيندئي رِياءُ، بچايو چئي، بهشت کان. |