22 – مَلڪن وٽ مون ٻڌي، پنهل تنهنجي پچار
جڏهن نه ڪو عرش زمين هو، هئي اوندهه انڌوڪار
تڏهن اتر پاسي اُڀريو، تارو هو تڪرار
رکيل تنهن ۾، رند چئي، هو سيّد جو سينگار
چئي ”ڪُن فيڪون“ جي ڪيئي پوءِ پچار
هڪڙا ظاهر ڪيئي زمين تي، ٻيا عرش مٿي اسرار
مالڪ مَلَڪ موڪليا، خلقيا بيحد بيشمار
ماڻهن جي مِٽيءَ جي، ڪيائين پوءِ پچار
خالق خلقڻهار، کڻي رازق روح بنايا.
23 – رازق روح بنايا، خاوند خلقڻهار
محابي محمّد مير جي، ڪيائين اِلاهي اسرار
صدقي انهي سيّد جي، ڪم ڪيا ڪرتار
ايڏي سگهه ستار، مالڪ ڏني محبوب کي.
معجزو نبي صلعم جو، هرڻيءَ وارو
24 – مالڪ ڏني محبوب کي، ايڏي سگهه ستار
سڻو معجزو محمّد مير جو، جو عالم جو آڌار
هرڻي انهيءَ هنڌ تي، قابو ڪئي قهار
سيد گڏيو هوس سُڃ ۾، ٿي ٻڌل ڪيا ٻيڪار
وَر وسِيلا وِلهين جا، تون اڙين جا آڌار
مون بندياڻيءَ سان، بچايو چئي، اچي ساڻي ٿي سردار!
لاٿو ڏک ڏاتار، هن کي سيد گڏيو سڃ ۾.
25- سيد گڏيو هو سُڃ ۾، هن تي راضي ربّ ٿيو
مديني جي مير سان، ٿي هرڻيءَ حال ڪيو
ٿي آهيان بندياڻي بند ۾، مونکي ماري ماري ٿو
ماري منهنجي مارڻ لاءِ، اڳيئي ايندو هو
ڪندي هُيس پاسو تنهن کان، مونکي عقل ايندو هو
اڄ امر ٿيو الله جو ۽ فرمودو ربّ جو
تڏهن سارو مُلڪ ڳاريون مون کي ٿي آيو
لنگهڻ جو لوگهو مونکي اهو ئي ٿيو
ٿي آهيان بندياڻي بند ۾، منهنجو وس ويو
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، تون آهين ضامن ضعيفن جو
جنهن سان سيّد ساڻي ٿيو، لٿا غم غريب تان.
26 – لٿا غم غريب تان، جنهن کي پاس گڏيو پِير
نڪي کاڌا هئم کومچا، نڪي ماڻيو هو ملير
ڪرڙ کاڌا هئم قوت لاءِ، پَٽي ڳم ڳنڍير
ڪڍ بندياڻي بچايو چئي، تون آهين مديني جو مير
ظاهر لاهي زنجير، پئو ضامن هن ضعيف جو.
27 – اِهو حال هرڻيءَ جو، ڪامل! لائج ڪن
اڳي هو نُور تنهنجو رکيل منجهه اُڀن
پوءِ واحد رکيو هو وڻ ۾، يقين جنهن کي چون
سڀيئي تنهنجي نُور مان واهڙ پيا وهن
سُڻيم واکاڻون تنهنجون، منجهه اُڀن ۽ عرشن
مڙيو ملائڪ پاڻ ۾، تنهنجون تعريفون ڪن
تنهنجي بيعت، بچايو چئي، مڃي آهي مَلڪن
پئو ضامن مون ضعيف جو، جو قابو ٿيس قيدن
ايندس آءٌ انجام تي، پياري کير ڪَلهَن
سڻي ڳالهه سندن، اُٿي حضرت ڇوڙي هرڻي.
28 – حضرت ڇوڙي هرڻي، جنهن تي راضي ٿيو رحمان
وري هئي وطن تي، جتي هئو بر بيابان
ٻچن ٻيڪارون سڻيون، آيو تن ايمان
چئي: اَبا! پِي کير خوش ٿيو، لاهيو غرض گمان
آيو آهي موت مٿي تي، کڻي سڀ سامان
مون ڏنو آهي ضامن محمّد ڪارڻي، جو ضعفين زمان
تڏهن پُٽن چيو ماءُ کي، تون موڳي آهين مستان
جي ڏنو اٿئي ضامن محمّد ڪارڻي ته ٿيو اسان کي کير حرام
هاڻي وَر ته وَرون پوئتي، آڻيون محمد تي اسلام
اڳيان ماريءَ چيو مِير کي، سڻج ڳالهه سلطان
مون ڦاسائي هئي ڦاهيءَ ۾، مونکي بُکن ڪيو بيران
مِرون جي جهنگل جا، سي اٿئي حرامي حيوان
ايندا ڪين انجام تي، توڙي ڪن ڪلام
ان مهل منجهه ميدان، هرڻي اچي حاضر ٿي.
29 – هرڻي اچي حاضر ٿي، اُن ڳوريءَ ڳالهايو
معاف ڪجانءِ مون مسڪين کي، جولنگهي وقت ويو
مون ڪَلها ڇڏيا هئا ڪنڊ تي، منهنجو پري پنڌ هئو
اٿم اعتبار تو ۾، بنهه ڀروسو
سيّد! تنهنجي قدمي، جڏهن ساور جڳ جڙيو
تڏهن مڃيم بيعت، بچايو چئي، مون ڪلمون پاڪ پڙهيو
سڻي حال اهو، ماريءَ کڻي ماٺ ڪئي.
30 – ماريءَ کڻي ماٺ ڪئي، سڻي ڳالهه ساري
اڳيان حڪم هلي ئي ڪونه ڪو، ظاهر آهي زاري
ايندا مَلَڪ الله جا، ڪاوڙجي قهري
نيئي ڌريندا ڌوڙ ۾، ٿيندو وڇاڻو واري
هڪڙي ڀيڙ ڀٽن جي، ٻي قبر انڌاري
سُجهي ٿي سڀن لاءِ، قيام اڳيان ڪاري
آءٌ هت ڇڏيان ٿو هرڻيءَ کي، منهنجو اجهو ٿجو آري
ٿيو سَوَلو شڪاري، جنهن ورتي ڪنجڪ ڪريم جي.
31 – ورتي ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو
هرڻيءَ کي هٿ سان، هن ڇوڙي هو ڇڏيو
اِهو ساري مُلڪ ۾ آهي اهڙو هُل هُليو
آهي محمّد عربي، سيّد پاڪ سچو
مِروُن ڇڏايائين ماريءَ کان، ظاهر ضامن پيو
هڪڙا آيا ٿي اسلام تي، جن مِٺو دين مڃيو
ڪافرن جي قلب مان، ڳري ڳچ پيو
ابوجهل انڌو ٿيو، وقت جنهن کان ويو
روح جنين جي، رند چئي، سيّد سُڃاتو
تن کي مَلَڪن ٿي مرحبا ڪئي، دوزخ دور ٿيو
بخش گناهه، بچايو چئي، انهيءَ سيّد جو صدقو
جن ڪلمون ياد ڪيو، سي اُمتي ڇٽندا ايمان سان.
بادشاهه پير جي ساراهه
32 – الله جل جلالھ، صاحب ربّ سچو
محمّد کي معراج ڏي، هو صاحب سڏايو
تڏهن ڏٺي هئي رهبر روحاني، هڪڙي مٿي مڙد بيٺو
پڇيائين پنهنجي ربّ کان، تون آهين مالڪ ملڪن جو
مون ڏٺي آهي رهبر روحاني هڪڙي آهي ڪامل قوت جو
آهن سونا دُر ڪنن ۾، آهي سُهڻو صورت جو
ڏني ورندي وريام کي، سائين سمجهايو
ڪندس تنهنجي پٺ مان، قادر ڪلن جو
ڏيندو ايمان انڌن کي، جڏا جياريندو
سُڻي ڳالهه سيّد، ڪيو شُڪر ربّ جو
جن ٿي مڃيو محي الدين کي، تن تان دوزخ دور ٿيو
هي به اٿئي ڏڏ ڏوهاري، تنهنجي پناري پيو
محابي مير محمّد جي، تنهن کي ڏان ڏيو
بخش ڏوهه، بچايو چوي، مون کي انهيءَ سيّد جو صدقو
جنين ڪلمون ياد ڪيو، سي اُمتي ڇُٽندا ايمان سان.
معجزو بادشاهه پير جو
33 – خاوند پاڻ کنيو ٿي، پاڪ پروردگار
هڪڙو مڃيندو هو محي الدين کي، ٻيو نه ڪنهن تي آڻيندو هو اعتبار
هڪڙي ڏينهن آيس ماري موت جو، ڪاوڙ جي قهار
جنهن سَٽي ساهه سرير کان، ڌڙ کان ڪيس ڌار
کڻي کٽولو هليا، دانَھ منجهان درٻار
نيئي ڌريائونس ڌوڙ ۾، ڪيئونس سامِي سندي سار
ڪانڌي هليا قبر کان، پوءِ ڪيائونس پڇڻ جي پچار
ڪنهن جو خلقيل آهين، ڪهڙو تنهنجو سردار
چيائين ته: نڪي سڃاڻان ٿو سائين کي، نڪي سڃاڻان ٿو سردار
مڃيان ٿو محي الدين کي، جنهن تي آندو اٿم اعتبار
ملائڪ موٽي آئيا، سائين جي سرڪار
نڪي سُڃاڻي توکي، نڪي ٿو سڃاڻي سردار
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، مون ۾ حرف هزار
آڻي ٿو اعتبار، مڃي ٿو محي الدين کي.
34 – مڃي ٿو محي الدين کي، نڪي سُڃاڻي ٿو سردار
تڏهن ملائڪ موٽي وڃو، ماري ڪريوس مُردار
اتي ملائڪ موٽي آئيا، ڪاوڙجي قهار
ته هن جي مڙد مٿي کان ويٺو آهي، سهڻو ڪيو سينگار
ڏسي صورت سيّد جي، پين ڏيل اندر ڏهڪار
نٿو سڃاڻي سائين کي، نڪي ٿو سڃاڻي سردار
آءٌ ٿو سڃاڻان سائين کي، سڃاڻان ٿو سردار
ملائڪ! موٽي وڃو، سائينءَ جي سرڪار
نه ته وڃائيندس لذت بهشت جي، دوزخ جو دهڪار
هن جي بخت، بچايو چئي، ساڻي ٿيو سردار
هو غافل گنهگار، انهيءَ لطف ساڻ لنگهي ويو.
35 – لطف ساڻ لنگهي ويو، هن تي راضي ربّ ٿيو
واري هن جي وجود ۾، قادر ڪرم ڪيو
جنهن ٿي مڃيو محي الدين کي، لنگهي پار پيو
منڪر ۽ نڪير جو، هن تي پڇاڻو ڪونه ٿيو
قبر جي ايذاءُ کان، بچي سو ويو
اهو معجزو محي الدين جو، ساري لوڪ سُڻيو
دليون دستگير کي، جنهن سائل سڏ ڪيو
بخش ڏوهه، بچايو چئي، انهيءَ سيّد جو صدقو
هن تي راضي ربّ ٿيو، تنهن تان غم گيلاني ڪٽيا.
36 – غم گيلاني ڪَٽيا، صاحب ٿيو ساڻي
ميران شاهه! مدد ڪر، منهنجا سچا سيوهاڻي
هتان نيئي اجمير جو پيارج پاڻي
منارا محمّد ڪريم جا، ڏسان ڏهاڻي
حَسن مير حُسين جي، مون کي سِڪ ساماڻي
راضي ٿي، رند چئي، سيّد! ٿي ساڻي
پنهل ايندو پاڻيهي، مون رکيا آهن ڪم ڪريم تي.
37 – رکيا اٿم ڪم ڪريم تي، سيّد سَڏ سُڻندو
هڪڙو سوال صبوح جو، مون قادر توکي ڪيو
بخش بديون مونکي، مون ڏاڍو ڏوهه ڪيو
مون ۾ مداين جو پَرو ڪونهي ڪو
دليون دستگير! مون توکي سِڪي سڏ ڪيو
هڪڙو معجزو محي الدين، مون تنهنجو لولاڪ ۾ لڌو
محمّد کي معراج تي، جڏهن سائين سڏايو
اتي نڪا هئي جاءِ جبرئيل کي، نه ڪو هو مَلَڪ ٻيو
اُتي هئي رهبر روحاني تنهنجي، جنهن تي ڪامل قدم ڪيو
مون به جهلي آهي دامن دستگير، تنهنجو ورتم وسيلو
محابي محمّد مير جي، مونکي نال نِجو
بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي سيّد جو صدقو
جن تي هادِي هٿ تنهنجو، سي ڪوڙين ڇُٽي ويون ڪيتريون.
38 – ڪوڙين ڇُٽي ويون ڪيتريون، جن تي هادي هٿ تنهنجو
هڪڙو معجزو محي الدين مون تنهنجو، لاهوت ۾ لڌو
ٻارهن ورهين جو ٻيڙو، جڏهن مائيءَ جو ٻُڏو
تنهن ٿي ڪَيون ڪِينهُون ڪپر تي، هَئي! هَئي! هٿ هنيو
انهيءَ کان هڪ ڏينهن، تو هو پِير پڇيو
مائي! ڇو ٿي روئين ۽ رَڙين، تنهنجو ڇا ويو
چيائين: ڪَئين اولياء، ڪئين انبياء، وڃي لوڪ لنگهيو
دارون منهنجي درد جو، ڪنهين ڪونه ڪيو
منهنجي دوا دستگير وٽ، ڪامل اچي ڪندو
آءٌ ٿي رنڙي ريهون ڪريان، منهنجون ٻاروچو ٻڌندو
چيائين: مائي! آهيان دستگير، مان آڌر اڙين جو
جي آهين دستگير تون ته ڪر داد مون دلگير جو
گهوٽ هن گهر مان، هو پرينءَ ڀر پرڻايو
ٻيڙو هت ٻڏي ويو، سو آهي نڪونج نيو
تڏهن مون جهلي آهي دامن دستگير، تون آهين دادلو درگاهه جو
سيّد! تنهنجي شان سان، پوري ڪونه پيو
بخش گناهه، بچايو چئي، انهيءَ سيّد جو صدقو
جن تي موليٰ ماڙ ڪندو، تنهن کي لهر لوڏيندي ڪانه ڪا.
39 – لهر لوڏيندي ڪانه ڪا، جنهن تي رانجهن راضي ٿيو
چيائين: مائي! ڇوٿي روئين ۽ رڙين، تنهنجو ڇا ويو؟
هتان ڪئين اولياء ڪئين انبياء، هرڪو هليو ويو
ڪَئين غوث، ڪَئين قطب، وڃي لوڪ لڏيو
موٽي هن ماڳن تي، وري ڪونه وريو
حَسن مير حُسين هئا، جن لاءِ جڳ جُڙيو
سي به مڃيو ويا مٿي تي، سُور سختيون سڀ سهيو
قبر جي عذاب کان، قاضي ويو ڪنبندو
تون ٿي پِٽين پُٽ لاءِ، تنهنجو ٿيو آهي چِت چريو
توکي پُٽ وٺي ڏيان پيڙهي لاءِ، ساڳيو مليئي سو
چيائين: پِير! پَل نه مونکي، تون آهين اَجهو اڙين جو
سارو ڏينهن سبحان جو، مون پئي ظاهر ياد ڪيو
ٻارهن ورهيه، ٻروچ چئي، مون پئي تنهنجو پِير پڇيو
اڄ موليٰ ڏياريو آهين ميدان ۾، منهنجو قادر ڪم ڪيو
بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي انهيءَ سيّد جو صدقو
تون آهين محي الدين مٺو، ته ٻيڙو ڪڍي ڏي ٻاجهه سان.
40 – ٻيڙو ڪڍي ڏي ٻاجهه سان، آهين جيلاني جو
آءٌ به آڻيان اسلام اوهان تي، مڃيان دين مِٺو
هڪڙو معجزو محي الدين تنهنجو، مون ڪامل ڪَنين سُئو
چورن جڏهن چوري ڪئي، تن تي تو هئو نظر ڪيو
سي به اولا لهي اولياء ٿيا، جن تي قادر ڪرم ڪيو
هڪڙي مائيءَ توکي هئي منٿ ڪئي، جنهن هو پٽ پنيو
هيون ست ڌيون جنهن کي، جنهن جو وارث ڪونه هو
سي ستئي تو پُٽ ڪيا، جنهن تي تو نرمل نظر ڪيو
تڏهن مون به آندو اعتبار، توتي بنهه ڀروسو
توسان حڪم هلي ٿو ڪينڪي، منهنجو اٿئي اسم الله جو
سيّد! تنهنجي شان سان پوري ڪونه پيو
هاڻي بخش گناهه، بچايو چئي، مون کي انهيءَ سيّد جو صدقو
جنين ڪلمون ياد ڪيو، سي اُمتي ڇٽندا ايمان سان.
حج تي وڃڻ جي سڪ
41 – الله جل جلالَھُ، صاحب ربّ سچو
مديني جي مُلڪ ڏي، جو حاجين سان هلندو
درد تنهن جي دل تان، موليٰ معاف ڪندو
اڳيان سِير سمونڊ جي، لهريون جو لنگهندو
مالڪ پنهنجي مهر سان، تنهن کي ڏاتر ڏاج ڏيندو
قادر پنهنجي ڪلام ۾، پرور پاڻ لکيو
نمائي ڪنڌ ڪعبتھ الله کي، سهڻو سجدو جو ڪندو
ڏاتار ڏوهه تنهن جا، مؤلو مرهيندو
مينا جي ميدان ۾، جو قافلو ڪاهيندو
هلڻ ويل حاجين تي، حيدر هٿ ڏيندو
منارا محمّد ڪريم جا، جو چشمن ساڻ چُمندو
سو مهندان ڏينهن محشر جي، آجو ٿي اُٿندو
ايڏو راض رسول تي، پرور پاڻ ڪيو
بخش ڏوهه، بچايو چئي، انهيءَ سيّد جو صدقو
جو حج هلي ويندو، ويندو دوزخ تنهن تان دور ٿي.
42 – مديني جي مُلڪ جا، کاڄ هلي کائون
سُرها آهن سڀ پرين، ماکي مٺائون
منهنجو مَڙهه ملير ڏي، هادِي! نِج هِتائون
بخشين سڀ، بچايو چئي، منهنجون خالق خطائون
پورون ڪرين پاڻ ڌڻي، منهنجي روح جون رٿائون
انهي پنهونءَ جي پيرانديءَ کان، هجان شل آئون
انهيءَ روضي جون ڇانئون، مُئي کان پوءِ مون تي ٿين.
43 – مُئي کان پوءِ مون تي، ڪرين مالڪ مهرباني
ته مديني جي مير جي، شل! پَسان پيشاني
محمّد جو ڪيئي مڙني ۾، مَٽ نڪو ثاني
ڏسيو معجزا مِير جا، ٿئي هر ڪنهن حيراني
جن پَسِي پيشاني، دوزخ تن تان دور ٿيو.
44 – دوزخ اچي دور ڪندو، جنهن اَگي ڪيا انجام
سو مهدي آهي مِڙني جو، ۽ اُمت جو به اِمام
اُهي قدرتون ڪريم کي، اَگي ڏنيون انعام
پني ٿو هي پينار تنهن کان، دليئون دين ايمان
اڳيان پَر سُجهي بيابان، سو تون سيّد! سِير اُڪارين.
45 – سيّد! سير اُڪارئين، اُمت کي به اچي
هلندا ميڙي محمّد ڪريم جي، جن کي هوندي سِڪ سچي
سَچن ۽ ڪوڙن جي، اُتي ٿيندي ڳالهه اچي
بيهندو پاڻ اچي، اُتي قاضي ڪوٺبو ڪونه ڪو.
46 – قاضي ڪوٺبو ڪونه ڪو، اُتي محمّد ٿيندو مختار
آڳ واڳ اُن جي هٿ ۾، ڏني ربّ ستار
احمد لهندو اُمت جي، اُتي سڌ سنڀار
بچايو چئي، بدڪارن جا، ٽاريندو حرف هزار
اهڙو ربّ ستار، جو رکي مرضيون محبوب جون.
47 – رکي مرضيون محبوب جون، سو آهي باري بي پرواهه
سيّد جي صدقي، اُمت ڪيائين پيدا
جتي ٿيندو حق حساب جو، ۽ تُرندا اُتي تورا
اُمتي احمد ڪريم جا، سڀيئي هوندا سرها
مور نه ڏيندا ملائڪ تن کي دوزخ جا دڙڪا
ڪندو شافي پاڻ شفا، محابي محمّد مير جي.
48 – محابي محمّد مير جي، شافي ڪندو شفا
مهندان ڏينهن محشر جي، هتان ٿي هلندا
ڪوڙ ڳالهائيندو ڪونه ڪو، سڀيئي سچ چوندا
پُٽ نه هلندو پيءَ سان، جدا ٿيندو ڀاءُ
منڊبو اتي ميزان اچي، حڪم ساڻ خدا
سنئون تُرندو سون کان، ٿيندي رَتِي به ڪانه رياءُ
اُتي اچي بخشائيندو، بچايو چئي، محمّد ڪَم مَٺا
اٿم اميد اِها، ٻي ڪنڌي اٿم ڪانه ڪا.
49 – ڪنڌي اٿم ڪانه ڪا، وسيلو نه واهه
ٿيندو ڏينهن قيام جو، جتي هزارين هلندا
ڌرتي ٽامي جي ٿيندي، ايندو لهي سج مٿان
ڪاڙهو تپندو ڪاپار ۾، ايندو لهي سج مٿان
اچي بيهندو اوڏڙو، نزديڪ نيزي جان
سوا لک نبين جو، اُتي سڀ هوندا
هلندي ڪنهن جي ڪانه ڪا، توبهه پيا پڙهندا
سيّد اچي سڀني تي، احمد ڪندو اِڇا
ڪندو عرض الله کي، اڄ مون سان هجي حيدر شاهه
علي لهي اُڀن کان، ايندو اُن ويرا
هوندس جهنڊو هٿ ۾، وڏو ڪنهن قدرا
لٽي ستر اکيون سج جون، ڪندو ڇانءَ مٿان
ايڏا احسان اُمت تي، ڪيا مٺي محمّد شاهه
ڪري ڪريان ڪيتري، اُنهيءَ صاحب جي ساراهه
چئو صلواتون سردار تي، لکين مُداما
بخشين، بچايو چئي، مونکي خالق سڀ خطا
ڪلمون جي چوندا، سي اُمتي ڇُٽندا ايمان سان.
حضرت پير صاحب پاڳاري رحه جي ساراهه:
50 – ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن خلقي جوڙ خدا
ساراهيان تنهن سيّد کي، مانجهي مرتضيٰ
ساراهيان چار ئي يار رسول جا، جن مڃيو محمّد شاهه
ساراهيان پنجتن پرينءَ جا، جن لاءِ جوڙيو جڳ خدا
حَسن مير حُسين هئا، مَل مديني جا
ڪٺا ٿي ڪربلا ۾، ٿي رازق رنگ ڏٺا
صورت ساڳي سا، هلي ڏسو روهڙيءَ ۾، رند چئي.
51 – روهڙيءَ ۾، رند چئي، آهي سونهن ڀريو سردار
مريد انهيءَ پير جا، ڪروڙين لک هزار
انگ اوڍائي ڪپڙا، پهرائي پينار
بُکين کي، بچايو چئي، پيو ڏاتيون ڏي ڏاتار
صورت سا هيڪار، هلي ڏسو روهڙيءَ ۾، رند چئي.
52 – روهڙيءَ ۾، رند چئي، هلي پَسو پيشاني
هلي ٿي حاڪم جي، موڪ اُتي ماني
ماڻهو انهيءَ پير جا، ڪؤڙين آهن ڪامي
هَڪل انهيءَ حيدر جي سان، ٿا ڪنبن ڪماني
ڪندو ماڙ مُريدن تي، ڏينهن محشر مهرباني
هاڻي پسو پيشاني، روضي ڌڻيءَ جي، رند چئي. |