سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :7

 33- هٿ کڻيو هڪلون ڪري، ور جاني منهنجا جت!

ڪاف ڪشالا ڪيچ جا، مون کي ڪرڻ پيا ڪثرت

لتاڙيم لتن سان، پهڻ وڏا پربت

ماري ويا معذور کي، آءٌ روئان ويٺي رت

مون پياديءَ کان پنڌ نه ٿئي، آءٌ نماڻي نست

مون پياديءَ کان پنڌ نه ٿئي، نه ته اچان ها اُڇَت

مون پياديءَ کان پنڌ نه  ٿئي، اهو قهر ڪيو قسمت (6)

پُسي پنهنجي پگهر ۾، آءٌ ڀڄي ٿيس ڀت

قادر مون کي ڪيچ رسايين، پرور! رکج پت (6)

آءٌ ٻانهي ٻاروچل جي، گولي غريبت (1)

”ويدخلهم الجنتھ عرفهالهم“ پرور رکندو پت (6)

سڪان پئي، سانوڻ چئي، مون ۾ پنهل ناهي پڄت (7)

هاڻي ڀڳي هوت حجت، آءٌ ڇپر ۾ ٿي ڇُوتا ٿيان.

 

34 – هٿ کڻيو هڪلون ڪري، لفظ پڙهيو لاالله (8)

ڏاگها ڏيرن هٿ ۾، ويا اُٿاري اولا

هادي پنهنجي حق سان، مون کي ميڙئين تون موليٰ

هادي پنهنجي حق سان، مون ميڙئين ڪنهن قولا (1)1

بچاءِ هن بدو کان، جت نانگ ڀٽون نيلا

هاڙهي، وندر وچ ۾، پيا ويچاريءَ ويلا

هن سڃيءَ جا، سانوڻ چئي، سَوَڻ ٿين سَولا

ڊوڙي ڪنهن ڊولا، پڄان ڄام پنهل کي.

 

35 – هٿ کڻيو هڪلون ڪري، روئي رازو زار

جليو جانب جت لاءِ، پٽيو ڪڍي پار

پنهل! آهيان پرڻي، هوت پنهنجو حق سنڀار

مون ڪميڻي قبول ڪئي، ڀل گهگهيلا ڏيو گار

رلائي رڻن ۾، مون مٺيءَ کي مار

پهڻن پير پٿون ڪيا، نرمل ننگ نهار

آري تنهنجي اچڻ لاءِ، مون وڇايا آهن وار

مون سڃيءَ کي، سانوڻ چئي، تُرهي پنهنجي تار

آءٌ تنهنجي آڌار، ڪا ٻاروچل ٻاجهه پوئي

 

36 – هٿ کڻيو هڪلون ڪري، بُرو چا بيا

اُٺن ۽ اوٺين جا، اٿئي سانگ سيا

اُٺن ۽ اوٺين جا، مونکي پور پيا

اُٺن ۽ اوٺين جا، اٿئي ٽپ ٽِيا

اَڏيون جهليو ٿي آجُهڙين، توکان وهاڻيءَ ويا (2)

سيڻ به تنهنجا سسئي! نڪي ننڊ نهوڙيا (3)

سيڻ به تنهنجا سسئي! رکي رنج ويا

سُتي هُئين سيج پلنگ تي، لاهي لعل ليا

توکي سڏ، سانوڻ چئي، بيٺي ڪوهياري ڪيا

ٿانيڪا ٿيا، وڃي جَت پنهنجي جُوءِ ۾.

 

 37      هٿ کڻيو هڪلون ڪري، پير ڏسيو پاڻا

ڏونگر ڏکوين سان، تون خلل ڇڏ کاڻا

پير ته منهنجا پدمڙا، تو ڏونگر ڏکاڻا

مري وينديس اِن ماڳ تي، ءءٌ ٿڪي ڪري ٿاڻا

مون پياديءَ کان پنڌ نه ٿئي، وڃن اُٺ اُڏاڻا

اڳ نه ڏٺل هئم اوٺي، پر هاڻي ساٿ ئي سڃاڻا

آءٌ ڪميڻي ڪيچين جي، نينهن نٿي ڄاڻا

اڳيان سجهن ٿا، سانوڻ چئي جوڳ به جتاڻا

پنهل پڄاڻا، ڏٺم ڏينهن قيام جو.

 

38 – هٿ کڻيو هڪلون ڪري، جَر وهن جاري

آئين ورڻ واريون، آءٌ نه ورڻ واري

آئين ورڻ واريون، آءٌ جا هلڻ هاري

آئين سمهڻ واريون، آءٌ منزل جي ماري

اڳيان پٽيون پنڌ جون، بر سجهن باري

اڳيان پٽيون پنڌ جون، ٻي واٽن تي واري

اڳيان پٽيون پنڌ جون، ڳڻتين آهيان ڳاري

ڪيئن پهچان پنهل کي، مرض آهيان ماري

”والله غفور الرحيم“ آهي انهيءَ اختياري

”والله عليم حڪيم“ آءٌ تڳان انهيءَ تاري

سورن ۾ سانوڻ چئي، ڪندو پنهل پوئواري

لکئي جي لاري، پيئي پنهون ڄام سان.

 

39 – هٿ کڻيو هڪلون ڪري، جهڄي منجهه جهوري

ٻَڌي ثمر سچ جو، تون ڀڄ هتان ڀوري

ڏيئي باهه ڀنڀور کي، ٿي گهوٽ سندي گهوري

ڇو سُتينءَ سيج تي، تون ناحق ندوري

تڏهن ڪانڌ تنهنجي ڪڇ مان، چاڙهي ويا چوري

سسئي تنهنجي سِر تي، حشر ٻي هوري

هن جتاڻي ذات سان، تو ڪيئن لئون لاتي لوري؟

ساري عمر، سانوڻ چئي، تون هئينءَ ماءُ پيٽان موري

ناحق ندوري، ٿئين ڪَڙي پنهنجي ڪانڌ سان.

 

40 – هٿ کڻيو هڪلون ڪري، ڪري درد منجهان دانهون

گهوڙن هنئي سڀڪا، مَيَن مُٺي آءٌ

ڪاتيءَ ڪُٺي سڀڪا، قرب ڪُٺي آءٌ

ڀيڻ ڀاڄائي نه ٿيس، ڪا اوٺين جي آءٌ

وٺي ٻانهن ٻانهي ڪري، ڇپر ڇڏيائون

گولي هيس گهگهيرن جي، جو رندن روليائون

مُئن کي نه مارجي، اهي آهن جيئرن سان جاٽائون

نيها انهيءَ ننگ جا، سڀئي ڇڪي ڇنائون

تڏهن رلي هيس رندن ۾، اوٺين لاءِ آءٌ

”واَمّامن خاف مقام ربھ“ انهيءَ آسري ۾ آءٌ

منهنجو خان پنهل سان آهن لکئي جون لائون

سورن ۾ سانوڻ چئي، ڏونگر ڏيج ڏنائون

موٽ پنهل پاهون، اڳيان ڏونگر ٿو ڏڙهيون ڏئي.

 

41 – هٿ کڻيو هڪلون ڪري، منهنجو ڌوڙي ناهي ڌڻي

سِر جا سور سسئيءَ کي، اِها واحد کي وڻي

ڏونگر ڏکوين سان، تون خلل ڇڏ کڻي

جبل! تنهنجي جُوءِ ۾، آءٌ آهيان هڪ ڄڻي

مار نه معذور کي، ڪر نه پهڻ پڻي

هيا! پنهنجي حال جي، مون توسان ڳالهه ڳڻي

آءٌ ڪيئن پهچان قافن مان، هيڏا پنڌ هڻي!

”وما ارسلو عليهم حافظين“ اٿم حب گهڻي

هن سڃيءَ جي، سانوڻ چئي، اِها توکي واٽ وڻي

هتان ڪالهه ڪيچ ڌڻي، لنگهيا آهن لڪن مان

 

42 هٿ کڻيو هڪلون ڪريان، جبل آءٌ جڏي (1)

عشق منهنجو آب وڃايو، گوندر آءٌ گڏي

عشق منهنجو آب وڃايو، توڏن آءُ تڏي

مون پياديءَ کان پنڌ نه ٿئي، وري نه وک وڏي

جاني جت وٺي ويا، ڪري رات رڏي

دعويٰ جا دوستيءَ جي، ڇپر مون نه ڇڏي

برهه جي بار جي، اٿم مٿي تي مڏي

هٿين پيرين هوت لاءِ، آءٌ وڃان لعل لڏي

سورن لاءِ، سانوڻ چئي، آهيان ساجن يار سڏي

آري ڄام اڏي، ڪا مڙهي منهنجي موت جي.

43 – هٿ کڻيو هڪلون ڪريان، منهنجو ڌڻي نه ڌوڙي

منهنجا ڪم ڪريم تي، ڪندو سيّد سجوڙي

قسمت کان ڪيڏانهن وڃان، لکئي آهيان لوڙي (2)

پهچان ڄام پنهون کي، ڪنهن ڊول منجهان ڊوڙي

لڪ جهليو پيئي ليلهايان، جهليو پنهل جي پوڙي

قادر من ڪيچ رسائي، ته جلد ملي جوڙي

سورن ۾، سانوڻ چئي، اٿم ساهه مٿي سوڙي

اها ننگ سندي نوڙي، اٿم ڄام پنهونءَ سان.

 

44 – هٿ کڻيو هڪلون ڪريان، هوتن کي هاڻي (3)

عشق منهنجو آب وڃايو، نه ته هيس راڻين جي راڻي

عشق منهنجو آب وڃايو، هيس ڌرئون ڌوٻياڻي

عشق منهنجو آب وڃايو، وتان ويڳاڻي

عشق منهنجو آب وڃايو، جوڀن ۽ جواڻي

عشق منهنجو آب وڃايو، ڪوجهي ٿيس ڪاڻي

عشق منهنجو آب وڃايو، سڪي ٿيس ساڻي

عشق منهنجو آب وڃايو، آهيان جيجل جوڳياڻي

عشق منهنجو آب وڃايو، آءٌ وندر وڪاڻي

عشق منهنجو آب وڃايو، ٿيس نڌر نماڻي

هوت ڇڏي ويو ننڊ ۾، ڪري پنهل پڄاڻي

هوت ڇڏي ويم هيڪلي، مون کي ڄاڻي سڃاڻي

ڪوهيارو ڪيچ ويو، ڪري ڇپر ڇناڻي

ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، ٿيم پوتي پراڻي

جتي پيئي پٽ تي تتي وهاڻي

روئان رتيون رت جون، ڏونگر ڏيهاڻي

سورن جي، سانوڻ چئي، من تي مانڌاڻي

سيّد ٿيندم ساڻي، پوندم ساهه سرير ۾.

 45 هٿ کڻيو هڪلون ڪريان، دران ٿيڙم دور (1)

اُٺن اوٺيڙن لئي، وڃان ٿي وهلور

اُٺن اوٺيڙن جا، مون کي ڏس پون ٿا ڏور

اُٺن اوٺيڙن جا، مون کي پلپل پون ٿا پور

اُٺن اوٺيڙن لاءِ کامي ٿيس کُور

جبل منهنجيءَ جان تي، ڪڍيا عشق انگور

ڪئين ڏينها، ڪئين ڏاريون، ڪئين پَن پاندوُر

ڪي پچي پراڻا ٿيا، ڪن ٻج جهليو، ڪن ٻُور

ڪي ڇڻيو پون ڇاتيءَ تي، ڪريو اوگهه اوُر

نپوڙيو نانگ جيئن، گهٽيو وجهن گهُور

پايو وتان پيٽ ۾ پنهل جا پُور

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، اندر ڪُن  ۽ ڪُور

هلان ته جلان، ويهان ته وهلور

سمهان ته سک نه اچي، اُٿيان ته اَنبور

ويلن مون سان ڪين وڃايو، آءٌ جا ڀرپور

ويلن مون سان ڪين وڃايو، آءٌ جا غرقور

سڄي آهيان: سانوڻ چئي، چوٽيءَ تائين چور

عقل، مت، شعور، ٽيئي گوندر گُم ڪيا.

 

 46  هٿ کڻيو هڪلون ڪريان، اٿم اندر منجهه اُڪير

ليڙا لال لڏي ويا، بودا اُٺ بَهير

کڻنديس پير پنهون جا، نيڻن وهائي نِير

جتن مون سان جاڙون ڪيون، اها توڙئون لکي تقدير

جتن مون سان جاڙون ڪيون، ساڙي ويا سرير

سورن جي، سانوڻ چئي، لڳي هِئين اندر هِير

پنهون جهڙا پِير، ٿيا صلاح ۾ سسئي جا.

 

47 – هٿ کڻيو هڪلون ڪريان، آهيان سورن سميٽي

پنهون ڄام پيريءَ ۾، آءٌ ننڍي جا نيٽي

هوت مئيءَ کان هڻي ويا ڇپر ۾ ڇيٽي

مون ڪميڻيءَ ڪانه ڪئي، ڪا نينهن نکيٽي

سفر منهنجو سڱ ٿيو، آءٌ جا ٻانڀڻ جي ٻيٽي

پسان ڄام پنهون کي، ڪاهي منجهه ڪيٽي

هلندي هوت پنهون ڏي، رچي ٿيان ريٽي

مرشد منهنجي من تان، مدي سڀ ميٽي

ڏيان ساهه، سانوڻ چئي، آءٌ لڪن تان ليٽي

ڀينر! مون ڀيٽي، پيشاني پنهون ڄام جي.

 

هٿ کڻيو هڪلون ڪريان، پرينءَ ڏنم پَٽ 48 -

پرديسي پنهون لئي، کامي ويم کٽ

پرديسي پنهون لئي، منهنجي جيءَ اندر جهٽ

پرديسي پنهون لئي، ڦٽيا آهن ڦٽ

پرديسي پنهون لئي، ويٺي ڳوليان وَٽ

سورن، سانوڻ چئي، سِر جي ڏنم سَٽ

پرين ڄاڻي پرٽ، سُتي لوڪ لڏي ويا

 

49 – آڳ اندر جي ڪيئن اُجهامي، ٻاروچل جا ٻاري هئي

ڪهل ڪوهيارل ڪانه پئي، شت ڌوٻڻ ڌيءَ ڌاري هئي

گڏ سُتي هئي جوڙ جانب سان، اوٺين ڪين اُٿاري هئي

ننڊ نڀاڳي نِيس نهوڙي، چانگن تي جا چاري هئي

آڌيءَ رات اُٿي ويا اوٺي، سا اَسر ويل انڌاري هئي

سُر پُر ڪانه سُئي مون سيڻن، نيڻن ننڊ خماري هئي

ڌيءَ ڌوٻڻ جي ڪيچين لاءِ ڪوهيارل ڪاري هئي

ڌوٻڻ اُتي ڌوڙ مٿي ۾، وسائي جا واري هئي

سِڪ پئي مون سڱ ڪيو، نه ته اوٺين ڇا اختياري هئي

نينهڙو لايو اکيون اڙايو، ڇپر منجهه جا ڇاري هئي

حال محرم هوت منهنجو هو، سيّد ڳالهه ساري هئي

ننڍي هوندي نينهن لڳو، ڪا يار پنهون تون سان ياري هئي

پيرين پيادي، پنڌ گهڻو، منزل انهي ماري هئي

ڇپر ۾ ٿي ڇا تا ٿيس، ڪا لکئي جي لاچاري هئي

جبل مون سان جاڙون ڪيون، ڪا ذات زور آور زاري هئي

سُرهي ڪر، سانوڻ چئي، ايءَ هوتن تي حقداري هئي

پنهون پت پاري هئي، پر منهنجو رهيو ڏک ڏيرن تي (1)

 

 1 50– آڳ اندر جي ڪنهن نه اُجهائي، ٻاروچل جا ٻاري ويا 

سُتي هيس سيج پلنگ تي، ڪاري رات قطاري ويا

ستي هيس سيج پلنگ تي، ڌوپو ڏيئي ڌتاري ويا

جتن مون سان جاڙون ڪيون، وندر منجهه وساري ويا (2)

جتن مون سان جاڙون ڪيون، ڏاڍو ڏک ڏيکاري ويا

ڪاف ڪشالن ڪُٺي آهيان، ميزل سان مون کي ماري ويا

ڪاف ڪشالن ڪُٺي آهيان، ٻاروچل ٻُهاري ويا (2)

بهشتي باغ بلوچ آيا، چانگن کي سڀ چاري ويا

ساري عمر، سانوڻ چئي، مون کي خاڪ مٽي کان کاري ويا

غازي گڏ گذاري ويا، ڪامل ڌڻي ڪيچ جا.

 

51 – اڳ اندر جي ڪيئن اجهامي، جيڪا لئون ٻاروچو لائي ويو

سُتي هيس سيج پلنگ تي، جانب ڪين جاڳائي ويو

پنهل ڌاران پنڌ نه ٿئي، رهبر روهه رُلائي ويو

پنهل ڌاران پنڌ نه ٿئي، هاڙهي منجهه هلائي ويو

پنهل ڌاران پنڌ نه ٿئي، ساڄن سور سلائي ويو

پنهل ڌاران پنڌ نه ٿئي، گهورن سان دل گهائي ويو

پنهل ڌاران پنڌ نه ٿئي، ڦيريدار ڦٽائي ويو

پنهل ڌاران پنڌ نه ٿئي، مانجهي دل مٽائي ويو

عشق جنهين جي اولون ڪيس، سو مون کان مُنهن مٽائي ويو

ساري عمر، سانوڻ چئي، مون کي ور ويساهي ويو

ڀينر! رات ڀلائي ويو، ڪامل ڌڻي ڪيچ جو.

 

52 – جاڳئين ڪين جتن لاءِ، سُتي نه سار ٿي

ڪامڻ ساڻ قضا جي، هي ڌوٻڻ ڌار ٿي

نت نهاريو، هنجهون هاريو، پڇي پنهون جا پار ٿي (3)

سڄڻ ڇڏي سانگ ويا، هُو واجهائي وڻڪار ٿي

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، هي برهمڻ جا بار ٿي

چڙهيو ڏونگر چوٽئين، نڪريو ڪري نهار ٿي

ڇپر توکي ڇا ڪندو، اِهو ڏونگر جو ڏهڪار ٿي

سر سيّد تان صدقي ڪر، سئو ڀيرا سئو وار ٿي

وٺي راه رسول جي تون، نينهن پٺيان نروار ٿي

طالع کٽي تنهنجون، تون گس انهيءَ تي گار ٿي

سيل رکي، سانوڻ چئي، تون حق پٺيان هوشيار ٿي (1)

53 – اُٺن ڪٺن، مٺن موڏن، توڏن روڏن، اونرن گونرن، ڌونرن،

چونرن، چانگن چُر چوري هئي

سُر پُر سيم، حب به هيم، پر ڏيرن هٿ جا ڏوري هئي

پنهل پانجي، ڇڏيس وانجي، پر هوتن گهر جا هوري هئي

لڪن لڏيائون، ڇپر ڇڏيائون، ڀاڄائي هِيءَ ڀوري هئي

پرت پنهون جي، سور سڄڻ جي، جهڄڻ رات جهوري هئي

عشق اوسيڙي، ڇڏيس پيڙي، ڪامڻ رات ڪوري هئي

ڳڻتي ڳاري، ڇڏيس ماري، گهوٽ پٺي جا گهوري هئي

بس برهمڻ، لڳي کامڻ، ستي ننڊ ندوري هئي

ڏيرن ڀاڄائي، ڪين جاڳائي، جت پنهون سان جوري هئي

سڀ ڳڻ ڪيائين، سيڻن سان، ڪا محبت منجهه نه موري هئي

سڪ سيّد جي، سانوڻ چئي، مون کي اندر منجهه اَتوري هئي

لکي لال لوري هئي، ٻانڀڻ هوت ٻروچ سان.

 

54 – ٽنگن ڊگها، وڃن سگها، جن جي سُڄي ڪوهن تي قطار

اُٺ اڙانگا، ڏاگهاڏنگا، چرن چانگا، موڙيو ميندي ڏار

بُگا باري، هلن هزاري، وندر واري، لنگهي ٿيا لهوار

اُٺ اونرا، ڏنگا ڏونرا، چرن چونرا، گڙن گونرا، توڏن ڪج تنوار

گلم گاشا، مٿن خاشا، توڏن تماشا، ڪڏيو ڪن ڪڏڪار

ڀڄ ڀوري، ٿي گهوري، چڙهيا چوري، هو هاڙهي ويئي هيڪار

گونگا گسڪي، روڏا رسڪي، ويا کسڪي، اڳيان نيش نيهار

ڇپر ڇڏ، ٿي وڃ گڏ، سسئي سڏ، توکي ڪالهه ڪندي ويا ڪوهيار

ڇڏ ڏمر، کڻ ثمر، ٻڌ ڪمر، ووڙ وڃي وڻڪار

ڪاهي ڪيچ، ٻنڌ پيچ، نينهن نيج، وڃي ور وار

وندر ويندئي، ڏس پوندئي، اڳيان ايندئي، آري ٿي آڌار

ڇڏ مڪر، ڇڏ فڪر، ڪر شڪر، ويهي پرين جي پچار

مطب ڪندو، رب ٿيندو، سبب سندو، هونديئن جي حقدار

نرمل نوري، حُب حضوري، ڪندو پوري، سانوڻ سڪ سچار

ڪر ڪلمي جي پچار، ته پهچين پنهون ڄام کي.

 

55 – ٽنگن ڊگها، وڃن سگها، روڏا وڃن رئي

حڪمون هليا، مون نه جهليا، چانگا چليا، توڏا رکي تئي

جهلي مُهارون، ڪيم ڪارون، پنهل پارون، پرتئون ڪين پئي

اوٺين اڄ، پيئي ڀڄ، ڇڏي لڄ، ويا روم رَئي

جتن جڏي، ڇپر ڇڏي، وِک وڏي، کاڻن اُت کنئي

گونگن گسان، رڙهي رسان، پنهل پسان، وڃي پٽ پئي

هوت هاڪاري، هليا ناري، منزل ماري، ڪيائون ڊينگاڻ تي ڊئي

اُٺ اوڏا، ترسيا توڏا، رڙهي روڏا، ليڙا ڏس لئي

نيئيم نوت، ڏيئي جهوت، اٿئي هوت، هاڙهي منجهه هئي

پنهل پاڻ، سسئي ساڻ، ڪيا ڳالهاڻ، چڙهيو ائين چئي

ته وٺي راه، ڪيچ ڪاهه، ٿيندئي شاهه ڪندئي معاف مڙئي

سرهي ڪر، سانوڻ چئي، ڪا ٻانڀڻ ڳالهه ٻڌئي

قادر پير ڪندئي، ڪو ميلو محبوبن سان.

 

56 – رات وهامي ڏينهن ٿيو، آيل اُڀريو آهي ني

نڪو گوڙ گونرن جو، نڪي جت به جاءِ ني

اها آتش ڪين اُجهامي، ويا مچ مچائي ني

سُتي ڇڏي، گوندر گڏي، ويا رڻ ۾ رُلائي ني

هلي ڏسان هوت کي، وجهان پلئو پاند پائي ني

پرچي شال پريت سان، منهنجو ڀاڳ ڀڙائي ني

سڏ ٻڌي، سانوڻ چئي، من آگو عرض اگهائي ني

آري ڄام آئي ني، آءٌ کيرون ڏيان خلق ۾.

 

  57 ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، جتي گار ٿين گلا

درد بنا دانهن نه نڪري، منهنجي الا ڙي الا

ڪوهيارل ڪُهي ويو، مون سان ڪري ڪربلا

ڪوهيارل ڪُهي ويو، مون سان ڪري واويلا

اُٺ ته آريءَ ڄام جا، اُڀياريم اولا (1)

ٿڪيءَ کي ٿرن ۾، هئا سورن جا سَلا

هاڙهي وندر وچ ۾، ڏنم ويهه وَلا

آريءَ جي اُٺن کي، ڏينديس وندر منجهه وَلا (1)

”سبع السمٰواتِ طباقا“ ڪٽيم قافلا

پونئي ننگ نماڻيءَ جو، مون کي جبل ڪيا جَلا

آءٌ وَر ڳوليان پئي وندر ۾، مون کي محب مِلا

سورن جا، سانوڻ چئي، آهن ٻانهيءَ تي ٻيلا (1)

سورن جا، سانوڻ چئي، آهن ٿڪيءَ تي ٿلا (1)

سورن جا، سانوڻ چئي، آهن ڪوڙا ڪَونسلا

حُسن ۽ حوصلا، پنهون وٺي ويو پاڻ سان.

 

58 – ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، جِت جبل گهونا گهون

ڏسيو ڏيهاين کي، مون کي پاڻا اچيو پون

”قل يا ايها الڪافرون“ ڪٿي ڪوهيارل، ڪٿي ”ڪُن فيڪون“

ڏسيو  ڪشالا  ڪيچ  جا،  روڏا  اتي رون  (1)

اتي پنڌ نه پيچرو، ميا مريو پون

هڪڙو رائو رڃ جو، ٻيو زيرا ٿين زبون

وندر جي واٽ جو، مارڳ ڏٺو مون نَه

ڪوهيارو ڪري ويو، مون کي نينهن نابون (2)

ڪانڌ ته ڏيندئي ڪينڪي، ڪنهن پَر ڪنهن قانون

سيّد جا، سانوڻ چئي، مَر هَٿ مون تي هون

ملي من مضمون، جيئري مون کي جَت جو (3)

 

59 -  ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، اڳيان سرنگ سَنُون (4)

اَڏيم آريءَ ڄام لاءِ، ڇپر ۾ ڇنون

پاڙهي ويون پنهون کي، ريب رکي رَنون

چُڻ ڀُڻ ڪري پاڻ ۾، دکايو دشمنون

چڙهيو گهوٽ گهوڙي تي، وجهي هوت هنون

ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، کنوائي کنون

ڀڳئين ٿي ڀالن سان، ڪفارن جو ڪُنون

”يا ايهاالذين آمنوا و عملوالصٰلحٰت“ سورن جو سانوڻ چئي، پڙهان ڇا پَنون

ٻاروچل ٻَنون، واري ويم وندر تان.


(1) ظ: قادر پنهنجي قدرت سان، مون کي ميڙيندو موليٰ (35) ظ ۽ عبدالرزاق (تعلقو روهڙي). (36) ل، عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو) ۽ رائچند (تعلقو ڇاڇرو). (2) ل: اڙون

(42) ظ، ل ۽ صالح محمد سمون (ڪراچي). ل: عشق منهنجو  آب وڃايو، جبل آءٌ جڏي (43) ظ، ل ۽ قاضي نور محمد (تعلقو هالا). (1) ل. (44) ظ، ل، عبدالرزاق (تعلقو روهڙي) ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو). (3) ظ: سرتيون پرتيون ربّ کي، منهنجي اٿوَ موڪلاڻي.

(48) صالح محمد سمون (ڪراچي). (49) کان (52) ظ ۽ ل.

(1) ر: پنهون پت پاري هئي، هن کي قادر ڪيچ رسائيو.

(1 ) ل: آڳ اندر جي ڪيئن اُجهامي  - الخ. (2) ل. (3) نت نت نيازن سان – الخ.

(1 ) ل. (53) کان (56) ظ.

(1) ل: اکيون آريءَ ڄام ڏانهن، ٿيون راتو ڏينهن روئن (2) ل : ڇڏيا ويا ڇوريءَ کي ڪري – الخ. (3) ظ: هي ڳالهه آهي گهونا گهون، جنهن جو پَرو پوي ٿو ڪونه ڪو. (3) ظ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org