مدو فقير عرف مدد علي نظاماڻي
مدد علي پٽ خميسو خان نظاماڻي، ڳوٺ نظر علي خان نظاماڻي، تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو، هڪ روايت موجب ”ٻوٻي“ تعلقي سنجهوري جو ويٺل هو. عام طرح ”مدو فقير“ جي نالي سان
مشهور آهي. 16 رجب 1296هه 1878ع جمعي جي ڏينهن ڄائو. سندس اوائلي زندگي تمام تڪليفن ۾ گذري. مسڪينيءَ سبب تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. ننڍي
هوندي مال چاريندو هو. پر پوءِ هارپو ڪيائين. قدرتاً فصل نه ٿيڻ ۽ پيءَ جي وفات سبب هيڪاري تڪليفن ۾ اچي ويو. ويتر بلا جي ڪنڊي لڳڻ سبب
هڪڙو پير معذور ٿي پيس. پوءِ نواب فتح محمد لغاريءَ جي مدد ۽ همدرديءَ سان لڏي وڃي اُن جي ڳوٺ رهيو، جتي سُک جو ساهه پٽيائين. چاليهن ورهين
جي عمر ۾ بيت چوڻ شروع ڪيائين. سندس بيت نڙ تي چيا ويندا آهن.
نصيحت
1 ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي صاحب سبحاني
مٺي محمّد مير جو، مَٽ نه آهي ثاني
حضرت عليءَ جي حضورت ۾، ٿي موڪ هلي ماني
حسن مير حسين جا، آهن ڏيهه مڙيئي ڏاني
زهريٰ بيبي فاطمھ، ڪندي محشر ۾ مهرباني
پنجئي تن پيارا، تن جي پسو پيشاني
چارئي يار رسول جا، جن ڪيو سِر به قرباني
مٺي محي الدين جي، هلي ڪرامت ڪاني
قادر پير قدرت وارو، لاهيندو غم به گيلاني
سهڻي لعل شهباز جا، سوين سلامي
ڪوڙين نانگا ڪيترا هن جا ڪوپا ڪماني
لائقن ڀرئي لطيف گهوٽ جي، ٻڌو ظاهر زباني
بندا! ويندين بس ٿي، هڻندين هٿ به حيراني
ڪج سودو سچ جو، ڪندا عدالت آماني
ڪنهن سان هلي ڪانڪا، اها دنيا ديواني
مري وڃبو، مدو چئي، اها دنيا اَٿو فاني
پوءِ جي ڏسندا جاني، سي حاڪم اٿئي حضور ۾.
2 – حاڪم اٿئي حضور ۾، ايندا وير وري
ملنديون مبارڪون مومنن کي، تڏهن پوندن روح ڍري
ڪافرن جي هنئين مان، پيا ڳچ ڳري
مڃيو ڪونه منڪرن، ويا منافق مري
ويا گدودي گار ۾، ڦِرڪئون سي ڦِري
مومل جي محلات مان، آيو وير وري
جنهن خوب ٻڌايون خبرون، ظاهر منجهه ذري
مري وڃبو، مدو چئي، ٿي مون لاءِ ڳالهه ڳري
لاهيندو لطف سان، مٿئون باري ڀري
ڪندو ٻاجهه ٻانهي تي، ڇڏيندو تڪ ٽري
حڪم حضرت عليءَ جي سان، کُلي دين دري
جنهن جي حب حسنين ڏي، تنهن جي ضايع ٿئي نه ذري
ويندا تار تري، جيڪي ڄاڃي ڄام پنهونءَ جا.
3 – ڄاڃي ڄام پنهونءَ جا، گهوٽ چڙهيا گهوڙي
سرگس ويل شهزادن کي، پرين موڙا ٻڌا جوڙي
حضرت علي پٽن تان، گهور وڌي گهوري
ڀنڀا وار ڪلهن تي، ڇتا ڇڏيائون ڇوڙي
مالڪ جي، مدو چئي، پڄان نه هڪ ٿوري
هليا مير مديني کان، ڏونگر سڀ ڏوري
لکيو ٿو لوڙي، جيڪو وهايئي وجود ۾.
4 – وساري ڇڏ وجود مان، تن اندر جي تات
لڏي ويندين ڇڏي، اتي منجهه هيهات
نيئي ڌريندئي ڌوڙ ۾، جتي اونداهي رات
ايندئي ملڪ الله جا، قهري کڻي ڪات
ڪهڙي ٻولي ٻوليندين، تون ويهي پنهنجي وات
مرڻ ويل، مدو چئي، ڪجو ڪلمي سندي تات
هُت ڪونه پڇي ٿو ذات، جيڪي آيا سي اَگهي ويا
5 – آيا سي اگهي ويا، جن کي پارس گڏيو پير
جن کي جُڙي جاءِ جنت ۾، سي کنڊون کائين کير
جيڪي پُورا آهن پرينءَ سان، سي مرڪن ڀلي مير
سوڙهيءَ ۾ ساڻي ٿيندو، حامي حضرت پير
دم نه هڻجانءِ دنيا تي، متان پوءِ ٿئين دلگير
نيٺ مري وڃبو، مدو چئي، ڄاڻي پاڪ فقير
مُهراڻي جا مير! مونکي ڏجئين اوٽ الله جي.
6 – ڏجئين اوٽ الله جي، سرور! سڃاڻي
منهنجي سڪ سيّد ڏي، اٿئي ثابت ساماڻي
موليٰ علي مديني جو، پيارج پاڻي
دم نه هڻجانءِ دنيا تي، هيءَ ڪوڙي ڪهاڻي
روضو پاڪ رسول جو، شل ڏسان ڏهاڻي
پوريون پاڻ ڌڻي ڪندو، سچو سيوهاڻي
مالڪ وٽ، مدو چئي، ٿي هلي ڪورٽ ڏهاڻي
ڄَٽ! نٿو ڄاڻين، ٿيندئي سڏ سرڪار جو.
7 – ٿيندئي سڏ سرڪار جو، ٿيندئي پڇاڻو پوءِ
غافل کي گناهن ۾، هن جو ڏڪي ڏيل ويو
وائي نه وريس وات مان، سڪي ساهه ويو
مالڪ وٽ، مدو چئي، هن ڏاڍو ڏوهه ڪيو
اٿئي اُمتي رسول جو، هن کي گناهه معاف ڪيو
هو به لحظي مان لنگهي ويو، وڃي تري تڙ ٿيو
جن ڪلمون ياد ڪيو، سي اُمتي ڇُٽندا ايمان سان.
8 – ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستار
اٺئي پهر الله جا، تون غافل ٿي مَ گذار
ايندئي موت مٿي تي، ڪاوڙجي قهار
ڪڍي ساهه سرير مان، ڪندئي ڌڙ سِسيءَ کان ڌار
روئندين اُتي رت ڦڙا، نير وهائيندي نار
نيئي ڌريندئي ڌوڙ ۾، کائيندئي ڪينئان ڪنڌ ڪاپار
ٻي ڪنڌي اٿم ڪانه ڪا، تو بنان سردار!
ڏجئين پاند پناهه جو، صاحب رب ستار
کنيا اٿم مٿي تي، بديون سڀئي بار
لاهيندو لطف سان، پاڪ پروردگار
ڪندو ٻاجهه ٻانهيءَ تي، تڏهن لهندا حرف هزار
بندا! ڇڏ بانور کي، ڏاڍي سائين جي سرڪار
اڳيان به ٿو واهڙ وهي، تک ڪيو ڪا تار
مالڪ وٽ، مدو چئي، آهيان سارو گنهگار
واندو نه اٿم وار، تون پار اُڪارج پاتڻي!
9 – پار اڪارج پاتڻي، تون سچا سيّدا!
معاف ڪجئين مسڪين کي، ڪئين ٿيا اٿم وقت قضا
گهوٽ! چڙهين ٿو گهوڙن تي، تون لهجئين سڌ سماءُ
ازل ايندئي اوچتو، سُجهي ڪڍندئي ساهه
لڏي ويندين ڇڏي، وڃي جهليندين پنهنجي جاءِ
ويندئي بدن بس ٿي، جتي ويري لڳندئي واءُ
پيءُ نه هلندو پٽ سان، توڻي وير ڏيرو ڀاءُ
پوريون ڪندو پاڻ ڌڻي، خاوند پاڻ خداءِ
لهي ويندا لڱن تئون، ڪي دوکا دلين جا
مالڪ وٽ، مدو بيٺو، ڪري سائينءَ کي صدا
بيٺي رزاق رنگ ڏٺا، عليءَ جي اولاد جا.
10 – عليءَ جي اولاد تي، ٿي روز وسي رحمت
ماڻهو انهيءَ مير جا، ٿا ڪن سارو ڏينهن صفت
وکين انهيءَ وير کي، ڏني آ وڏي وسيعت
ويرين جي وڙهڻ جي، هن موليٰ ڏني مَت
ڪافر ماريائين ڪيترا، ٻيا گهائي ڪيئين گهٽ
جڏهن ٿيو امر الله جو، تڏهن ٿي ويرين هٿ
لاکيڻا لڏي ويا، تن وري مُڪو ڪونه خط
تن مردن لاءِ، مدو چئي، ويٺي روئان رت
هي سانگي سلامت، ڏسان مارو پنهنجي ملڪ ۾.
11 – اتر پاسي اُسهيا، محبت رکي من
رکجئين حب حسنين جي، اٿئي پيارا پنجتن
موليٰ تن مردن جي، ڪئي سُرهي ذات سندين
دل نه هڻجانءِ دنيا تي، جا ڪوڏي نه ايندئي ڪم
ايندئي مَلڪ الله جا، دوست انهيءَ دم
لاهيندئي لتن سان، چرڪا ڏيئي چم
تن مردن جو، مدو چئي، رکندو شاهه شرم
لهي ويندا لحظي سان، گوندر مٿان غم
رک ڀٽائي! ڀرم، قادر پير ڪکن جو.
12 – قادر پير ڪکن جو، تون شافي! رکج شان
صدقي وڃان سيّد تان، جيڪو اُمت جو امام
هزارين هليو اچن، ۽ سوين ڪن سلام
هڪڙا خان ويٺا آهن کٽن تي، ٻيا صوبا سليمان
هڪڙا ڦريل ماڻهو، فقير چئي، اٿئي مايا تي مستان
هڪڙا لا ابالي لوڪ ۾، اٿئي نانگا منجهه نشان
هڪڙا ڪلجڳ تائين ڪاپڙي، جوڳي منجهه جهان
جن ٿي سڪندر دارا سڏايو، تن جو لڀي ڪونه مڪان
هن گجر ڪئين گنوائي ڇڏيا، صوبا ۽ سلطان
سمهين ٿو سيج پلنگ تي، درس ٻڌيو دهمان
نيئي ڌريندئي ڌوڙ ۾، اتي بندا! ٿيندين بيران
هڻي هٿ گوڏن تي، تون ياد ڪندين سامان
ڪٿي تنهنجي نيڪي، ڪٿي تنهنجو نام
روئندين رت ڦڙا ۽ جر وهائيندين جام
قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪانه
تن مردن کي، مدو چئي، ڏيندو داتا دين ايمان
جيڪو ڪندو جمعو انهيءَ جوان جو، تنهن تان لهندا غير گمان
رسيو جيڪو رجبيءَ تي، تنهن کي دهرا ملندا دان
ڇڏائيندو ڇيهن کان، اچي احمد ڄام
جن پڙهيو ڪلمون رسول تي، تن جو محمّد پاڻ ضمان
هاڻي مديني جا ڄام! ڏجئين پاند پناهه جو.
13 – ڏجئين پاند پناهه جو، ڀلا! ڪري ڀال
مالڪ! تو وٽان مسڪين گُهري، مڏيون نڪي مال
هتي هن جهان ۾، هيڻا ڏٺم حال
اٿم حب مير حسين جي، ڏاتر! من ڏيکار
واڳ منهنجي وطن تي، تون وائي کڻي وار
موڳي تنهن، مَدوُ کي، نيئي مديني مار
چمان چائنٺ رسول جي، ڏسان چڱا چارئي يار
ٻي ڪنڌي اٿم ڪانه ڪا، تو بنا سردار
روضي جو ديدار، ڪامل ڏيکارج ڪيچ ۾.
14 – ڪامل ڏيکارج ڪيچ ۾، مونکي سهڻي جو سينگار
ڏسان وڃي اکين سان، مديني جو مختيار
سونا سنج سُرخي تي، جيڪو نيري جو هسوار
سهڻو آهي صورت جو، ٻيو جوڙ وڏي جنسار
پلنگ سارو پٽ جو، ٻيون لعلون لک هزار
بُند وُٺي برسات ٿي، مٿان ميگهه ملهار
ملي پاکر پنجن تنن کي، انهيءَ ويل ترار
لڳو نغارو دين جو، ٿيو اُمت ۾ اظهار
ڪڪر ڪارونڀار جو، نڪري ٿيو نروار
جن مڃيو مٺي محمّد کي، سي سنڀري ٿيا سوار
ڪافر پنهنجي ڪڙم ۾، هُو مري ٿيو مردار
تڙجي ويو انهيءَ تڙ تان، تنهن کي نه ملندي وار
چڙهيو سيّد سيج تي، ڪري الله توهار
لاتائون ميندي ملوڪ کي، جتي حورن وڌا هار
تن مردن جا، مسڪين چئي، کليا باغ بهار
حسن مير حسين هئا، عليءَ جي آڌار
حضرت شاهه حضور ۾، جنهن جو ڏيهن ۾ ڏهڪار
لعل شهباز لاهوتي، جنهن جو مستن سان واپار
روضو شاهه لطيف جو، نسنگ سُجهي نروار
روضي ڌڻيءَ روبروءَ، ڪيا هئا قول قرار
سائين! لهج سنڀار، ڪا محشر ڏينهن، مدو چئي.
15 - محشر ڏينهن مدو چئي، تون واهر ٿج وري
چمان چائنٺ رسول جي، کولي دين دري
حسن مير حسين جي، پوان قدمن تي ڪري
پورو رهج پنجن سان، متان وقت وڃئي وسري
وٺجيئن راهه رسول جي، تون ويندين تار تري
هرڪو هن جهان مان، ويندو ماڳ مري
تن مردن ريءَ، مدو چئي، منهنجي ساعت ڪانه سري
گوندر جي ڀَري، لاهيندو پنهنجي لطف سان.
16 – لاهيندو پنهجي لطف سان، باري کڻندو بار
ڪڏهن ڇڏيندو ڪينڪي، نيٺ اُڪاريندو پار
هلي وس ٿينداسون ٻين جي، اڳيان ڏاڍي جي سرڪار
موڳا! گهم گهٽين ۾، تون هردم ٿي هوشيار
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڪر پرينءَ کي پڪار
کڻي هلندئي کٽ تي، ڪري ڌڻين کان ڌار
نيئي ڌريندئي ڌوڙ ۾، ڪندا پُورڻ جي پچار
سامي سوڙهي، قبر انڌاري، ايندئي ڏيل اندر ڏهڪار
ايندئي مَلڪ الله جا، ڪاوڙجي قهار
کڻي گرز مٿي کان، پڇندئي پرزا ڏيئي پار
هٿن هاج ڇڏي ڏني، هُت وڏا ٿيندئي وار
لڳي مهر زبان تي، هت نيڻ وهائيندين نار
چپن چوڻ ڇڏيو، ٿيندين بندا توبهه دار
مالڪ منهنجا، مدو چئي، سڻندو سڏ سردار
ڪلمي جي آڌار، کڻندو بار کُهين جا.
17 – سرها اٿئي ساڻيهه ۾ موليٰ ملائين
انهيءَ راهه رسول جي، مونکي هادي هلائين
پڃرو پاڪ رسول جو، مونکي چائنٽ چمائين
پاڻي پاڪ تڙن جو، مونکي پرور پيارين
درد به منهنجي دل تان، هڪ لحظي ۾ لاهين
موڳي تنهن مدو کي، سڏي سمجهائين
اها خاڪ مديني جي، منهنجي لڱن کي لائين
اتي پهچائين، جتي قافلو ڪيچ ڌڻيءَ جو.
18 – جتي قافلو ڪيچ ڌڻيءَ جو، اتي سيّد جي سواري
موليٰ ڏني اٿن ملڪ جي، ڪا آگي اختياري
چڙهيا گهوٽ گهوڙن تي، ڪري توڪل تياري
چڙهيا شير شڪار تي، منهجا هئي هئي هزاري
جيڪا هئي رضا ربّ جي، تن ٽڪ نٿي تاري
ڪاهيائون قصد مان، هنن منزل آ ماري
هو لعنتي لڙي پيو، مُڙيو ڪين مرداري
محشر ڏينهن، مدو چئي، هن سان قيام ٿيندي ڪاري
سُڌ اَٿوَ ساري، ڪا عليءَ جي اولاد جي.
سسئي
*
19 – لڳي باهه ڀنڀور کي، هيڻي ٿيس هاڻ
سرهي هيس سرتين ۾، ٿيس اوڳي اڻڄاڻ
جاڳيس ڪين جيڏيون! نه ته ڏيان ها ڏاگهن کي ڏاڻ
هيڏي هوت ڪري ويا، مِٺي! مون ساڻ
ووڙيان ٿي وندر ۾، شل ڏسان اکين ساڻ
ڪونهي پرين پلنگ تي، جنهن سان ڪريان روح رهاڻ
محبت جا، مدو چئي، مونکي ٻنگ هڻي ويو ٻاڻ
ڪوهياري جي ڪاڻ، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.
20 – ساجن ساٿ وٺي ويو، ٻولي ڪري ٻي
من اندر، مدو چئي، معلومات ٿي
پنهون رات وٺي ويا، چوري رات چڙهي
سورهيه ڏير سسئي جا، اٿئي سهڻا سڀيئي
هٿان مون پيئي، تون آهين ڪامل ڌڻي ڪيچ جو.
مومل راڻو
21 – ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن موليٰ مرڪايو
حڪمت سان حڪيم جي، هاديءَ هلايو
ڪلمون منڍ قرآن جو، واليءَ وڌايو
لڳو نغارو دين جو، اِهو آواز آيو
آيو محمّد عربي، سيّد سونهارو
ڏئي ٿو امان انڌن کي، سو جڏا جياريو
حضرت علي، ڪندو ڀلي، مير محشر موچارو
مردن کي تنهن مدو چئي، اچي سالڪ سمجهايو
پڙهو ڪلمون قلب سان، آن ٿئي سانگ به سڻائو
جن رکيو نينهن نماز، تن سان ٻول ٻولايو
هڪڙا ڦريا فقير چئي، تن هٿ ڇا آيو!
توڙي ڪئين لک لٽايو، ته به چڙهندئو منهن مومل جي.
22 – چڙهندئو منهن مومل جي، ڪري ويس وڳا
ڪئين جاني ويا هن جوءِ مان، کڻي لاهوتي لڏا
ماڻهو هن ڀي ملڪ مان، ويا ڀيڻيءَ تان ڀڳا
اهي مرد به مري ويا، جن رکيا توڪل ترها
ڪئين شاهه، ڪئين سڪندر، ٿيا جوان جڏا
خاڪ هڻي کائي ڇڏيا، ڪئين هميرن هڏا
ملڪن ۾، مدو چئي، ٿا هلن فڪر ڦڏا
توڙي هت ڏينهن لڳا پر چڙهندئو منهن مومل جي.
23 – چڙهندئو منهن مومل جي، حال به پسندئو هيءُ
سوڍي بنا سرتيون! لڳي لڱن کي سيءُ
موليٰ سندي ملڪ ۾، ٿو ورهائجي ويءُ
مٺي ٻولي مدو چئي، چئو جوانن جيءُ
کِلي هت کير، پيءُ، هُت بيهندا سوداگر سر تي.
24 – سوداگر بيهندا سِر تي، ڪجئين جوان جواب
راڻا! تو به ته ريلن ۾، ڪيا ڀِڙي ڀاڳ
ويندءِ ڪُلئي وسري، هي مڙهيون سڀئي ماڳ
سڏائين ٿو پاڻ کي، ڏاڍو نيڪ نواب
دنيا آهي دورنگي، پر آهه مڙيئي خواب
ازل ايندئي اوچتو، تڪڙو ٻڌي تاب
روئندين اتي رت ڦڙا، ايندو اکين مئون آب
گهوٽ ڏٺا هئم گهوڙن تي، اَرڏا ڪئين اربا
هن خونياڻيءَ سڀ کائي ڇڏيا، ڏنئين ڪونه جواب
ماريو ڪٽيو مدو چئي، ٿا ڪهيو ڪن ڪباب
سوڍا ٿيندءِ ثواب، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪاڪ کئون.
25 – ڪامڻ! تنهنجي ڪاڪ تي، منهنجو وڃي ڇا!
مرم نه پيئي مينڌري جو، ڪو حاڪم جو حيا!
ماڙين منجهه ملوڪ سان، تو ٿي قول ڪيا
اهي ٻول، ٻروچ چئي، توکي پارڻ سڀ پيا
پر سُتئينءَ ٿي ساميءَ سان، لاهي لاڳا ليا
محبت جا مدو چئي، توکان سڀئي وقت ويا
سوڍي سڏ ڪيا، تو نه ٻڌا ننڊ ۾.
26 – مينڌري جي ملڪ مان، آيو محبت جو ماڻهو
ڀلي اچي اوڏڙو، هجي سڄڻ سڃاڻو
ويهاريانس ويجهڙو، ڏئي نينهن سندو ناڻو
مونکي به مليو آهي، ڪو درد جو داڻو
من ۾ مير مينڌرا! تنهنجو گهمي ٿو گهاڻو
ڪهڙا ڪنديس ڪپڙا، ڪهڙو ڪنديس ماڻو!
محبت ۾، مدو چئي، گهمي وير به ويڳاڻو
منهنجو سوڍل سياڻو، اٿئي راڻو ريلن جو ڌڻي.
27 – راڻو ريلن جو ڌڻي، موٽي نه ايندو مور
ٻُڌيو ڳالهه، ٻروچ چئي، ٿو وير وڃي وهلور
هن کي پوَن پريت جا، پلپل گهڻا پور
ڪاڪ وڃڻ جي ڪانه ڪري، ٿو ديس پڇائي دور
ڏٺئين پاڻ اکين سان، ڪامل جا ڪلور
محبت جا، مدو چئي، ثابت ڏٺائين سور
پوءِ مام انهيءَ مذڪور، ماري وڌو مومل کي.
28 – مون تي مير مينڌرا! ڪاوڙ ڪجئين ڪانه
ڪئين ايندا هئا ڪيترا، مون وٽ ڀي مزمان
کايو پيو خوش ٿيو، هو کلندا وڃن خان
لڄ منهنجي لوڪ ۾، ربّ رکي رحمان
سُتي پئي هيس سيج تي، لاهيو غير گمان
ڀيڻ سمهاريم ڀر ۾، ساڳي سومل ساڻ
ڪانهي مدي من ۾، ڌر تون پنهنجو ڌيان
جاڳائي جاني! ڏسين ها کولي اکيون خان
ڪيئن ڪيا، ڪاڏي وڃان، هنيون ڪيئي حيران
محبت جا، مدو چئي، قهري هڻي وئين ڪان
سوڍا سرت سڃاڻ، راڻا! ٿيءُ اچي روبرو.
29 – راڻو تو وٽ روبرو، هلي نه ايندو هاڻ
ڏٺئين پاڻ اکين سان، کٽ مٿي ئي خان
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، شُبو رکي تو شان
سُتينءَ ٿي ساميءَ سان، موڳي ٿي مستان
آيئي ننڊ نڀاڳ جي، ڪَل به پيئي ڪانه
ڪئين ڪرين ٿي ڪيترا، ڏاڍا تال طومان
سوڍي سي سهي ڪيا، بازيون ڪل بيان
مري وڃين ها، مدو چئي، ٻُڌي ها جڳ جهان
مينڌرو ٿي مزمان، ڪامل ايندءِ نه ڪڏهين.
30 – مينڌري لئي مومل ڪري، حيلا لک هزار
واڳ منهنجي ولهي جي، والي! کڻي وار
پرچايان پنهنجي پرينءَ کي، ڏيئي قول قرار
سمهاريانس سيج تي، ڏيئي وڇاڻو وار
ڀيڻ سمهاريم ڀر ۾، ڄاڻي ڄاڻڻهار
مون تي مير مينڌرا! ڪانهي تنهنجي ميار
ساڳيا ڏينهن سنڀار، راڻا اچي ٿيءُ روبرو.
31 – راڻو ڪيئن ٿئي روبرو، جنهن ڏٺو ڪاڪ قهر
هلي آيو حب منجهان، گهوٽ پنهنجي گهر
آندائين دليل دل ۾، ڏسي ساميءَ سندو سِر
مري ويو مرجات ۾، ٿيس ڏاڍو ڏک ڏمر
ڦيري اکيون ڦڪو لڳو، ڏٺئين نينهن سندو نينگر
لڇيو ڪڇيو ڪينڪي، پڇي ڪهڙيءَ پر
ماريو مرم، مدو چئي، ڏسي بديون برابر
اڃا ڪرين تڪبر، ڪامل نه ايندئي ڪاڪ تي.
32 – مون وٽ مير مينڌرا! آءُ جوڙا وڏي جنسار
ڪي گهڙيون ڪاڪ تي، گهوٽ! اچي تون گهار
تنهنجون منهنجون ڳالهڙيون، ڪي وير ڪندا ويچار
لاهي ڇڏيا لڱن تان، سوڍيءَ سڀ سينگار
لاهي ڇڏيا لاڏڪيءَ، چوڙا چندن هار
پِٽي ٿي پرينءَ لاءِ، وينگس ڇوڙي وار
روئي پئي رت ڦڙا، نيڻين وهايو نار:
ٿينديس دانهياڻي درٻار ۾، وٽ سائينءَ جي سرڪار
مري وينديس مينڌرا! اهو ڪجئين اعتبار
محبتين کي، مدو چئي، مهڻن سين نه مار
جي ڪيئي قول قرار، سي راڻا! ٿيءُ اچي روبرو.
33 – جيئري هن جهان ۾ گهوٽ! نه وجهه گهاري
موٽي آءُ مسڪين وٽ، ڪر مينڌرا! موچاري
وڇائي ڏيئين وقوف سان، سيج به سونهاري
مڙيئي ڏنيم توکي، عامل اختياري
مون وڻي رهاڻ راڻي جي، جنهن ڦيري آ ڏياري
ماڻهو گهڻا ملڪ م، ڪريان ها سمجهي سواري
هرڪو ويندو هڪ پٺيءَ ۾ مٿان ويندي وري واري
ڪهڙو سينو ساهيان، منهنجي توبهه آهي زاري
ساري عمر سورن ۾، مون غم اندر گهاري
دل منهنجي دردن ۾، مرضن آهي ماري
جت ٿيندو فيصلو، فقير چئي، اتي ڪندئي مياري،
بيگناهه بنديءَ کي، ڏين خلق جي خواري
ماريو وڃين ٿو، مدو چئي، ڪاڪ ڪريو ڪاري
سوڍا! ڳالهه ساري، راڻا! ڪنديسئين روبرو.
راڻو ڪيئن اچي روبرو، جو سينو ڇڏيئي ساڙي 34
–
ڪيئن اچي ڪاڪ تي، تو ٻارڻ ڇڏيو ٻاري
ڳالهه به ساري ملڪ ۾، هلي نينهن جي نظاري
ڪيئن ويهي اچي ويجهڙو، لڳي پرين جي پاڙي
مرد پنهجي مام ۾، ڳوڙها ٿو ڳاڙي
چئي ڏکيا سکيا ڏينهڙا، ويندس گذاري
ائين ڪيئي مون سان، جيئن ڌڻ هڻن ڌاڙي
محبت جي، مدو چئي، ڳڻتي ٿي ڳاري
مومل! ڇڏيئي ماري، جيئري هن جهان ۾.
35 – راڻو تو وٽ روبرو، ڪڏهن ٿيندو ڪين
مڙني جا ماتا پتا، آهن ظاهر منجهه زمين
ڪئين خزانا ڪيترا، اچيو ڍول ڍڪين
ڳجهه اندر جي ڳالهڙي، ڪي سالڪ سڻائين
مراڙي جن جي من ۾، سي تڪين ۽ تورين
جت ٿيندي ڪورٽ ڪريم جي، ڪندا عدالت امين
مومل!ماڻهو هن ملڪ جا، توکي ڪميڻي ڪوٺين
ڏنئي سُر ساميءَ کي، توکي لنڊي ڪيو ليکين
رنگ ڏٺو هئم روبرو، سي اُڌما اندر آهين
مرڻ تائين، مدو چئي، تنهنجي ڪاڪ لايان ڪين وڇڙياسون منجهه ورهين، مومل! تنهنجي ماڳن کان.
36 – وِجهه نه وڇوڙو ورهين جو، حاڪم! ڀَڃ مَ هير
مَڃ ڳالهه منهنجي، تون ڦند نه ڀائج ڦير
سورن اچي سانگهيڙا ڪيا، ڍرڪيس مٿي ڍير
ماڻهو هن ملڪ جا، سڏيون چڱا چوڦير
ڀَلي ڪورٽ ڪَن، جي مون ڏي مدي رکن مير
وٺي اچان راڻا! تو وٽ نياڻيون ڪري ميڙ
مون ماري مان توکي، چڱو چوندو ڪير
ونيون نه ڇڏجن ولها! ڍولڻ انهيءَ وير
محبت وارين جي، مدو چئي، اڳتي ڪَل لهندو ڪير
صبح وير سوير، هلي ڏسون ڪامل ڌڻي ڪاڪ جو.
37 – ڪامل ڌڻي ڪاڪ جو، آخر جو ضمان
ڪوڙي دنيا، ڪوڙو قصو، ٻُڌ باري هي بيان
سُتئين ٿي ساميءَ سان، تو ڌريو ڪين ڌيان
ماڻهو هن ملڪ ۾، ماڳ گهڙي مزمان
لَڏي، وڃبو ڇڏي، ڪبو مٽيءَ منجهه مڪان
پوريون پاڻ ڌڻي ڪندو، ڏيندو داتا دين ايمان
پڙهو ڪلمون قلب ۾، اوهين مڙيئي مسلمان
مَٽي ڇڏيئي، مدو چئي، نه ته ٿيان ها ڪاڪ مٿان قربان
ايڏو اٿم ارمان، مومل! تنهنجي مذاقن جو.
38 – مذاقن جو مينڌرا، خان! نه ڪجئين خيال
ٻُڌجئين ڳالهه، ٻروچ جي، حاڪم هيءُ احوال
ڳريو وڃان ڳڻتين ۾، هلي ڳوٺن منجهه ٿي ڳالهه
سڙيو وڃان سورن ۾، پيئي ماڻهن منجهه مقال
مريو وڃان، مَدو چئي، سُڻ سائين لڳ سوال
مڏيون سڀئي مال، اٿئي مِلڪ به تنهنجي مينڌرا!
|