53 – روضي ڌڻيءَ جي، رند چئي، هتي آهي هلڪار
موتي ۽ مرجان جي، اتي ناهي اختيار
سون رُپي جي سيّد وٽ، پُرس وهي ٿي پار
بخش ڏوهه، بچايو چئي، آهيان عيبدار
سيّد جا سينگار، هلي ڏسو روهڙيءَ ۾، رند چئي.
54 – روهڙيءَ ۾، رند چئي، ڏسو عاقل جي اُڇل
جڏهن ٿي اوڍايائين اڙين کي، تڏهن ڪا پيئي هُيس ڪهل
سخي سخاوتون، ڪري ويا ڪامل
سڀڪو پنهنجي سيم ۾، اُتي ڪندو اُڇل
هن جا بار، بچايو چئي ڪيچي لنگهيا ڪل
ڀَلا لنگهي ويئي ڀَل، هن ڪامل جهڙو ڪونه ٿيو.
55 – ڪامل جهڙو ڪونه ٿيو، مٽ نه ڪو ثاني
صورت سائي سيّد جي، رهبر روحاني
سخا ۽ شهادت جي، ان کي موڪ ملي ماني
سيّد جي شان جو، مٽ نه ڪو ثاني
ڏيهه سڄو ڏاني، اَٿئي روضي ڌڻيءَ جو، رند چئي.
56 – روضي ڌڻيءَ تي، رند چئي، اٿئي هادي جا هٿ
روضي ڌڻيءَ تي، رند چئي، روز وسي رحمت
روضي ڌڻيءَ تي، رند چئي، جڙي جاءِ جنت
تنهنجا ڏيهه مڙيئي ڏاني آهن، ماڻهو ٻيا ملڪ
وڻ ٽڻ انهي وير جي، ڪن سارو ڏينهن صفت
جنهن جي مديني ڏي محبت، سي ٿا سڃاڻن سيّد کي.
57 – سڃاڻن سيّد کي، سي اُمتي آهن
جايون سي جنت ۾، واريو وڇائين
ميرا جي مارن جا، سي لحظي ۾ لاهين
روضي ڌڻيءَ جون، رند چئي، اتي اڇلون آهين
اڙيا اوڍائين، هليو پنهنجي هٿ سان.
58 – هليو پنهنجي هٿ سان، اَڙيا اوڍائي
بي وارثن کي، بچايو چئي، ٿو لَٽا ڏئي لاهي
اهو ساٿ سيد جو، ويا ڪابل ڏي ڪاهي
انهي سيد سامائي، دوکا لٿا دل تان.
59 – دوکا لٿا دل تان، جڏهن آيو سنڌ ڌڻي مير
ڏئي ٿو ذڪر ذاتي جا، پاڻ هليو پير
پياري پيارن کي ٿو، کنڊون ٻيو کير
بخش ڏوهه، بچايو چئي، تون آهين داتا دستگير
سيد سنڌ امير، هلي ڏسو روهڙيءَ ۾، رند چئي.
60 – روهڙي ۾، رند چئي، آهي حاڪم حڪمدار
ماڻهو انهيءَ پير جا، ڪروڙين آهن ڪمدار
ڪئين شڪاري شڪار تي، ڪئين بانڪا باردار
صوبا آهن سيد سان، عالم عملدار
پهري تي پهلوان آهن، خليفا خبردار
ڪوٽ انهيءَ ڪامل جو، آهي جڙيو ڪنهن جنسار
بنگلا آهن، بچايو چئي، بيحد بيشمار
سونيون نيلون سيد کي، ڏنيون آهن ڏاتار
ايڏا سڀ اختيار، هلي ڏسو روهڙيءَ ۾، رند چئي.
61 – روهڙيءَ ۾، رند چئي، سيد آهي سڌر
آڻي ٿو اسلام تي، ڪنبايو ڪافر
مَٺو ڀانئي منهنجي پير ڏي، سو مري ويو مُنڪر
معافيون ٿيون مريدن تي، جن تان لٿو ڏک ڏمر
اهڙو سيد اٿئي سڌر، جو ڏڏن کي ٿو ڏان ڏئي.
62 – ڏڏن کي ٿو ڏان ڏئي، سيد سو سردار
ڪامل جا ڪنگري ۾، ڏس اِلاهي اسرار
منارا انهيءَ پير جا، آهن نوراني نروار
چاليهه ٿنڀ مسجد کي، ٻي ڪيائين جوڙ وڏي جنسار
ٻيو رهبري روضو ڏس، جو قوي قوت دار
سونو ڇٽ سيد تي، تنهن تان لاٿو ڏک ڏاتار
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، سڻي رب ستار
سيد جا سينگار، هلي ڏسو حضور ۾.
63 – هلي ڏس حضور ۾، کولي اکيون خان!
هن تي مالڪ مهرباني ڪئي، راضي ٿيس رحمان
سيد جو آهي سنڌ ۾، نغارو نيشان
جنهن کي مڃين سڀ ملائڪ ٿا، آدم ڪئين انسان
پريون هن جي پسڻ لاءِ، حورون آهن حيران
جو ڏسي ٿو پيروي پيغمبر جي، ٿو آڻي مٿي اسلام
هڪڙا ٿا سڃاڻن سيد کي، ٻيا ويا شڪ رکي شيطان
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، راضي ٿي رحمان
ڪلمون ۽ قرآن، اٿئي سينگار سيّد جو.
64 – ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ سَڌر
ساراهيان تنهن سيّد کي، جو آهي اڙين جو آڌر
ساراهيان روضي ڌڻي پير کي، جو آهي روهڙي ۾ رهبر
گهوڙا انهيءَ گهوٽ جا، لکين آهن لشڪر
نقرو نالي هڪڙو، جو آهي ڪُلني ۾ ڪثر
گهمي ٿو گهرن ۾، جو ڪري ٿو مريدن تي مهر
اسان وٽ به لائق ڪري لڙي آيو، ڪيائين واسينگ تي ور
محمد يوسف کي موليٰ ڪيو آهي سنڌ جو سڪندر
جن تي روضي ڌڻي راضي ٿيو، پاڪ ڌڻي پرور
رکج محبت مرشد ڏي، ته ڪانه پوندي ڪر
سوڙهي ۾ ساڻي ٿيندو، مهندان ڏينهن محشر
کڻندو بار، بچايو چئي، جتي ڪونهي ساڻ ثمر
نقري تي نظر، اٿئي روضي ڌڻيءَ جي، رند چئي.
جمجما سلطان
65 – ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ربّ سڌر
ٿو صفت صاحب جي ڪريان، جو ڪلنئي جو قادر
هڪڙي ڏينهن عيسيٰ نبي الله جو، آيو راهه وٺيو رهبر
هڏو ڏٺائين هڪڙو، بنا ڪنڌ ڪپر
آهي ڪن اَيامن جو، ساهه بنا هي سر
سوال ڪيائين سائين کي، تون آهين پاڪ ڌڻي پرور!
پوي ساهه سسئيءَ ۾، ته پڇانس سڀ خبر
وڌو ساهه سسيءَ ۾، قدرت سان قادر
پڇي حقيقت هڏي کان، اُتي خان خبر:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙو تنهنجو نالو نر!
تون هئين مالڪ ملڪ جو، ڪي سائين سوداگر
تون هئين چور چڪار، ڪي هئين شاهه سڪندر
تون هئين ملو مسيتن جو، ڪي غازي گداگر
اتي هن جا لڙڪ لڙي پيا، جان مٿان جر
ڪهڙي حقيقت ڪريان تو سان خوب خبر
اڄ لٿا اٿم بار، بچايو چئي، جڏهن ساڻي ٿيو آهين سرور
وڏي ساڻ وڳر، هوس تالابين تخت تي.
66 – هوس تالابين تخت جو، تڏهن ساڻي ٿيم سردار
سڻ حقيقت منهنجي، تون عيسيٰ عقلدار
ڪئين ڪروڙيون ڪيتريون، مون وٽ هئا ڪٽڪ ڪارونڀار
لکين مون وٽ لشڪر هئا، هزارين هٿيار
ماڙيون اَڏايم محلاتون، ڪي بنگلا بيشمار
منهنجي ڪئين مُهر مڃيندا هئا، چوڏسيون چوڌار
ڪري ڪريان ڪيترو، تو سان شاهه شمار
سڀئي خاڪ کائي ڇڏيا، وڏا ڪي وينجهار
اُتي حڪم هلي ٿو ڪونه ڪو، آهي قادر ربّ قهّار
ٻي بات نه هلي، بچايو چئي، توڻي سڏائي سردار
ڪر عيسيٰ اعتبار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.
67 – هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو، جمجما سلطان
خير خيراتون ڪيتريون، ڪيم ظاهر ساڻ زبان
ارڙهن وِهيون اَمرائن جون، هيون منهنجي در مٿي دربان
ٻيون منهنجون بٺيون هيون، بچايو چئي، جن ٿي پڪا ٿي پڪوان
منهنجي ڪئين مهر مڃيندا هئا، هئا ڏيهه ڀريندا ڏان
هڪ ڏينهن چڙهيس شوق شڪار تي، وٺي سڀ سامان
مون سان هڻي هنباري ڪيترا، طنبو هئا طولان
ٻيا واڄا وڄائيندا ڪيترا، ڀٽ فقير ۽ ڀان
هڪڙو ڦر، فقير چئي، هو مٿي پيل ميدان
سوکُن ساڻ کڄي ويو، هتي هو حيوان
رکيم ڪين، رند چئي، اهڙو ديد ڌيان
وڏائي جڳائي واحد کي، ٻئي کي جڳائي ڪان
اڄ آئين عيسيٰ! امر ساڻ، منهنجو ساهه سڌير ٿيو.
68 – منهنجو ساهه سڌير ٿيو، جڏهن عيسيٰ آيو
مون کي سور مغز ۾، تَهِين ويل پيو
طبيبن طمع لاءِ وڏو وس ڪيو
مون وٽ هزارين حڪيم هئا، جن پئي خزانو کپايو
تن جي ڦَڪِي فرق نه ڪري، جو نه هو رب جورايو
لڳي مهر زبان تي، جو اولاڻو آيو
راڻين جي روئڻ جو، پڙلاءُ مونکي پيو
وائي وري ڪانه ڪا، سڀئي وَس ويو
ويو بادشاهون بس ٿي، وڃي لاشو ٿي رهيو
ڌوئي واسي ڌوپ سان، کنيائون کٽولو
وجهي مٽي منهن ۾، کاڄ ڏنئون خاصو
جهليئون مهماني ميّت جي، اهڙو ڏاج ڏنو
بخش گناهه، بچايو چئي، هن سيد جو صدقو
اڄ عيسيٰ آهين آيو، منهنجو ساهه سڌير ٿيو.
69 – پهرين حقيقت منهنجي، ٻڌ ڪامل! ڪن ڪري
کڻي کٽولو هليا، ڪاهيائون ڪست ڪري
ميت لوڏو نه سهي، هو هلن ڪين هري
ڪانڌي موٽيا پوئتي، مٿان ڌوڙ ڌري
آيا ملڪ الله جا، مٿان ڪست ڪري
وڏو پساهه پڃري ۾، قادر ڪرم ڪري
ڪهڙو تنهنجو ربّ، ڪهڙو تنهنجو رسول، آئين ڪهڙو ڪلمون پاڪ ڀري؟
ڪهڙي هاج هُتي ڪري آئين، ڪهڙيون ڪمايون ڪري
عيسيٰ! قبر جي ڪهڪاءُ کان، منهنجي وائي ڪانه وري
هتي ته مون وٽ هزار هئا، اتي وانگي ڪونه وري
هيءُ ڀوري ڏينهن تنهن جو، جيڪو ڏاتار ڀر ڏري
جن بانور ڪيو، بچايو چئي، اهي پرور تنهن کان پري
هاڻي ويهان ڪهڙي ڳالهه ڪري، عيسيٰ! انهيءَ ڏينهن جي.
70 – ٻي به حقيقت منهنجي، سڻج تون سلطان!
قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪانه
جيڪي راڻيون هيون رتولن ۾، سي سنگ نه هيم ساڻ
انهن کي اولاد جي، ڪا هئي طلب تمام
جوڳي آيو جُوءِ ۾، ڪو سامي سرت سجان
ويهي ڍارو ڍاري، ڪيائين بات بيان
مڃيو بيعت بُتن جي، آن تي راضي ٿيندو رام
آءٌ به آيس رات جو راڻين وٽ، ڪيائون اهو بيان
هئم روح هڪڙي راڻيءَ سان، دل جو ڦاٿل دام
ويس رکي رايو تنهن جو، ڌريم ڪين ڌيان
اهو به آيم اولانبو اتي، جتي وڃي ٿيس مالڪ جو مهمان
اٿئي قلم وَس ڪريم جي، ٻيو ڇا آدم ڪري انسان
ربّ ڌاران، رند چئي، ٻي ڪنڌي آهي ڪانه
پناهه ڏيندو پاڻ، تڏهن لهندا بار، بچايو چئي.
71 – ٻي به حقيقت منهنجي، سڻج تون سردار!
مون جيڏا مون سرتا، مون باقي ڪيا يار
تن کي پَٽ پوشاڪون ڪيتريون، ڏنم هزارين هٿيار
ماڙيون محلاتون ڪيتريون، ڏنم بنگلا بيشمار
تن کي پرڻايم پدمڻيون، ڏيئي هزارين هار
مون ڀانيو مون سان هوندا، ياقي منهنجا يار
آيم موت مٿي تي، جڏهن ڪاوڙيو قهار
تڏهن ڪونه مليو ڪنهن کي، وري نه ملي وار
ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، هئس پيو منجهه پاتار
پوءِ ڪيائون مٿو حوالي مال جي، ڌڙ کان ڇني ڌار
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، صاحب ربّ ستار
عيسيٰ ڪرين اعتبار، ته آءٌ مالڪ پنهنجي ملڪ جو.
72 – ٻي به حقيقت منهنجي، ٻڌ عيسيٰ! عقل ساڻ
ڪئين ڪروڙين ڪيترا، مون وٽ صوبا هئا سلطان
عقل اڪابر ڪيترا، مون وٽ لکين هئا لقمان
جوڙايم جنگين لاءِ، توفون ۽ طولان
ماري مسڪينن کي، سوڙها ڪيم سامان
عيسيٰ! جنهن مايا من مغرور ڪيو، سا به نه هليم ساڻ
اهڙي سُڌ نه پيم سُور جي، نه ته هي طمع ڇڏيان ها تمام
ڦران ها فقير ٿي، جوڳي منجهه جهان
وجهي قنديل ڪنڌ ۾، در در وٺان ها دان
ته وساريم ڪين واحد کي، سارو ڏينهن سبحان
بخش گناهه، بچايو چَئي، راضي ٿي رحمان
ڪل پئي هئي ڪانه مونکي، قادر جي قدرت جي.
73- ٻي به حقيقت منهنجي، ٻڌ دانَهه دل لائي
مون ڪيا دور دنيا ۾، ڇڏيم ڪرها ڪڏائي
ڪٽڪ مون سان ڪيترا، جن سان ڇڏيم ملڪ مڃائي
ڏنم نام ڌڻيءَ جي، ڪئين لک به لٽائي
کنيم بار بکين جا، ڇڏيم اَڙيا اوڍائي
عيسيٰ! انهيءَ ڳالهه جو عجب مونکي آهي
جيڪي ڏنم نام الله جي، سو اُت اگهيوئي ناهي
ڪئين سڪندر، ڪيئن دارا، ڪئين سپڙ، ڪئين سالار، سي به ويا وارو وڄائي
مونکي به پوءِ پروڙ پئي، نه ته ڇڏيان ها خوديءَ کي کائي
ويهي پنهنجي وجود کي، ڇڏيان ها جيئري جلائي
”ڪل نفس ذائقتھ الموت“ اهو مٿي تي آهي
هاڻي بار مون بندي جا، من لطف سين لاهي
عيسيٰ! تو آئي، منهنجا لٿا بار، بچايو چئي.
74 – لٿا اَٿم بار، بچايو چئي، جڏهن آيو آهين نبي نوراني
دنيا ۽ دولت جي، مون وٽ ڪانهي ڪمي
گهوڙا ٻيڙا ڪيترا، مون وٽ ڪوڙين هئا ڪامي
لکين لشڪر ڪيترا، مون وٽ هئا صوبا سلامي
عاقل هئا عقل جا، مون وٽ جيءَ ڀريا جاني
ٻيا مالهي اچيو ملهه وڙهن، مون وٽ ارڏا اخواني
عالم هئا علم جا، مون وٽ سچا سبحاني
ڦيريدار فقير هئا، جن جي هئي ڪرامت ڪاني
”وحده لا شريڪ لھ“ جڏهن آيت آندائين
حجت تڏهن هر ڪنهن جي، ڇني ڇڏيائين
بخش گناهه، بچايو چئي، سوال سڻج سائين!
لطف سان لاهين، مون تان عيسيٰ! ڏوهه الله جا.
سسئي
75 – اُٿي سنڀر سسئي! اتي ڪين اُرهاٽ
توکي ننڊ نهوڙيو، سُتئين ساري رات
توکان ور وٺي ويا، اُٿاري اَڌ رات
ٻُڌئي ڪين، ٻروچ چئي، روڏن جا رڙهاٽ
نه ته سُکي ٿي سُتئين ڪينڪي، رُنئين ساري رات
سِکئين ڪين سرتين کان، بلوچاڻي بات
هاڻي اٿي ووڙ وندر ۾، ٿيندئي هوت حمات
پرور پڇي ڪينڪي، ظاهر ڪنهن جي ذات
ڇڏ ڀنڀور بچايو چئي، هت اٿئي توبهه سندي تات
ته ساجن پنهنجي ساٿ، من توکي وندر مان وٺي وڃي.
76 – هتي ويهه نه ويسلي، ڇوري! ڇڏ ڇپر
توکي سُتي سور جي، ويا ڏيئي ڏير ڏَمَر
ته گهوٽ به تنهنجو گهر مان، وِلهي‘ ويو اٿئي ور
ڏسي سور سسئي جا، ڇڄي پيو ڇپر
ڪانه هلندي ڪيچ ڏي، ڏکيو اٿئي ڏونگر
تنهنجي بخت، بچايو چئي، ڀوري! اٿئي بر
وري ايندئي وَر، جي ڪرين بس ڀنڀور کان.
77 – ڪري بس ڀنڀور کان تون ڀوري! اُٿي ڀڄ
آئي ننڊ نڀاڳ جي، سُمهڻ ڏنو اٿئي سُجههُ
تنهنجا سوداگر سسئي! اُتان آيئي اڄ
”لا اِلله اِلاالله“ جي لار وجهي، ويهي اُتي وَڄ
ته وريئي بخت بچايو چئي، من ڪو لڳئي وندر ۾ وَجهه
هي پاتو اٿئي گهگهيلين جو گج، سو هوت لهرائيندئي حد تي.
78 – سرتيون! سِج لهي ويو، مٿان رات پيئي
هوتن ٿي هلڻ جي ڪئي، تڏهن مونکي ڪَل ڪانه پيئي
پنهون الائي پاڻيهي ويو، ڪِي ڪئي ڏيرن ڏاڍائي
آيم ننڊ نڀاڳ جي سرتيون سَنجهيئي
جاڳيس ڪين جانب لاءِ، ڪيم ڪَچائي
بودن جي، بچايو چئي، اڳي آءٌ واقف ڪين هئي
ڪُڻڪون ڪنواٽن جون، مونکي ٿيون سيبائن سيئي
وَس پنهنجي کان ويئي، تڏهن ٿي هاڻي حوالي هوت جي.
79 – جڏهن ٿي حوالي هوت جي، تڏهن ٿي ڏکن جي ڏوري
جنهن جو ساجن وٺي ويا سيج تان، لڳي تنهن لوري
اڳي ڏيهه ساري ۾ ڏاهي هيس، هاڻي ٿيس نينگر ندوري
جڏهن مون ويهي ور وڃايو، تڏهن ڀينر ٿيس ڀوري
هِئين منجهه هوري، مونکي جانب هڻي ويو جِيءَ ۾.
80 – جانب هڻي ويو جيءَ ۾، جنهن سان هئم آلاڪو
ويهڻ مونکي وِهه ٿيو، سرتيون! سُک ڦِٽو
ويئي ننڊ نيڻن کان، آيم اوجاڳو
ڀاڳ پنهنجي کان ڀانئيان، ڪونهي ڏوهه ڪنهن جو.
81 – پنهون وس نه پنهنجي، چوريءَ ويا چاڙهي
مَدِي ڏيرن ۾، ويا آڌيءَ اٿاري
ڪَل هيم ڪانه ڪا، نه ته وجهان هاليڙن کي لاڙي
هاڻي به مون برهمڻ سان، بچايو چئي، من پنهون ڳالهه پاڙي.
82 – ساجن وٺي ويا سيج تان، جنهن سان اصل دل اَڙي
ڀينر! شهر ڀنڀور ۾، ويهان ڪيئن وَري
هڪڙو لڳم لَهه لِکئي جو، ويس نيات مان نڪري
ساجن ڌاران سرتيون! ويم سارو من سڙي
وِلهي ڪيئن وري، جنهن جو لڳو بند بلوچ سان.
83 – لڳو بند بلوچ سان، سا برهمڻ ڀوري
هِيئن نه ڀانيم هوت ويندو، ڇڏي مون ڇوري
جڏهن قضا مون سان ڪم ڪيو، تڏهن ٿي آهيان ڏکن جي ڏوري
بچايو چئي، ڀنڀور ۾، ٿيس گهٽين ۾ گهوري
جيئن هندوڪن هوري، تئن مون سان ڪوهيارو ڪري ويو.
84 – ڪوهيارو ڪري ويو، جيڏيون! مون سان جاڙ
سنجهي ساٿ لنگهي ويو، ڏٺم عُمر جو اوهاڙ
ڏسيو پير پنهونءَ جا، پِٽيو کڻي پار
مون برهمڻ، بچايو چئي، ڪانهي آريءَ ري آڌار
پنهل! اچي پار، ٿي وِلهيءَ جو وڻڪار ۾.
85 – وِلهيءَ کڻي وڻڪار ۾، آڌر ڏج آري
اڳيان جوش جبل جا، بر سُجهن باري
ڪانه ٻُڌي سوُن ڪڏهن، ڪا وَر ريءَ ويچاري
برهمڻ جي، بچايو چئي، ڪج پنهل! پوئواري
ڌوٻن هيس ڌاري، تڏهن مونکي هوت ڇڏي ويو هيڪلي.
86 – هوت ڇڏي ويو هيڪلي، وري پٺيان هوت هلي
جانب ڌاران جيڏيون! آهي ڪانه ڳلي
پهڻ پير پِٿون ڪيا، جهَڪن ڪين جهَلي
وڃي پيئي وڻڪار ۾، جتي هئي هيڪلي
ايندم هوت هلي، آءٌ پڻ اڳڀري ٿيان.
87 – آءٌ پڻ اڳڀري ٿيان، ڪيچي لنگهيا ڪالهه
جانب ڌاران جيڏيون! منهنجا ههڙا ٿيا آهن حال
سوالڻ آهيان سرڪار ۾، مونکي ساجن ملي شال!
هو! اچي تون حال، ڪر دوست! منهنجي دل جو.
88 – دوست منهنجي دل جي، داناءِ! دريافت ڪر
ڪيچي ڪالهه لنگهي ويا، کڻي سڀ ثمر
جن جا وَر ولايت ويا، سي گهارين ڪيئن گهر؟
مون برهمڻ جو، بچايو چئي، وٺيو وڃن وَر
رکي ڏير ڏَمر، آڌيءَ رات اُٿي ويا. |