سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :18

411 – ڇهين رات ڇوٽڪو، مور نه ٿئي منهنجو

حڪم ٿيو عزرائيل کي، جو موليٰ ملڪ مڪو

ڏسي تنهن ڏونگر کي، منهنجو ساهه سڪو

جمجما سلطان کي، چئي ائين چڪو

ته بندا تنهنجو بند ٿيو، هلي روز دُڪو

ڪر سو صدقو، ڏيئي روح ربّ کي.

412 – ستينءَ رات سورن جا، پيا ڇر ڇٽي

ڇٽڪي پيا ڇوهه مان، نيهي نيڻ ٽُٽي

دوا منهنجي درد جي، لڳي ڪانه ڦڪي

ڀلا ڀاڳ منهنجو، عيسيٰ! پيو الٽي

آيا ڏينهن کٽي، اڄ جمجما سلطان جا.

413 – جمجما سلطان تي، اڄ شاهد بيٺا شر

ڪاري روح قبض ڪري، عيسيٰ! سو آخر

دناءُ هو هن دنيا ۾، هو راهه مسافر

کڻي سڃو سر، اٿي راهه روانو ٿيو.

414 – ڇنو گل گرنار جو، ويا ڪيڏانهن مال ميراث

خدا ڏاڍو بادشاهه، جنهن نمايا ڪئين ناٿ

(1) دانا! هن دنيا ۾، هو گهڙي ساٿ

پرهه ڦٽي پرڀات، ڏنائين دم دنيا ۾.

415 – ڌوپي واسي ڌوپ سان، جوڙي آندئون جوان

کڻي رکيئون کٽ تي، مر ميّت هوءِ مهمان

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، ٿيو ڄاڃين کي ڄاڻ

کڻي کٽولو هليا، جوڌو هيءُ جوان

پوندي ويو پِٽ جو، مصر ڏي ماتام

پُني جا پُٽ جي، عرش مٿي آنھ

رويو رويو راڻيون ڏسن ڏکڻ ڏانهن

توتي جمجما سلطان، آيو امر الله جو.

416 – کڻي کٽولو هليا، مرڪي مصر ڏانهن

پڙهندي ويا پرينءَ تي، ڪانڌي ڪلمان

رکي مڙهه مقام ۾، پانڌي وريا پانھ

حڪم ٿيو عزرائيل کي، پڇاڻو ٿيو پاڻان

ماريو تنهن مڙهه کي، ڪٽيو ڪڍن قبر مان

اتي جمجما، ڪلمي ساڻ قرار ٿيو.

معجزو نبي صلعم  جو، هرڻيءَ وارو

417 – ساراهيان سچو ڌڻي، جو الله الصمد

نرمل پنهنجي نور مان، خلقيو هو خاوند

نرمل سندي نور کي، پيئي ڳالهه پسند

دروازا دوزخ جا، باري ڪيا بند

شاهه هليو شيل تي، پيرين ڪري پنڌ

احمد ڄام اتائين مَٽيو، راهه وٺي رند

ڦاٿل ڏٺائين ڦاهيءَ ۾، ڪا هرڻي انهيءَ هنڌ

سڏ ڪيائين سرور کي، تون موٽي آءٌ محمّد

ڇڏاءِ مون ڇوريءَ کي، هن ڦاهي منجهان ڦند

سڏ ٻڌا، سانوڻ چئي، ڪي دانهون دردمند

پوءِ ڪامل واري ڪنڌ، ڏٺو حال هرڻيءَ جو.

418 – ڏٺائين حال هرڻيءَ جو، هلي اتي هيڪر

چي: ڇڏيم نيرانا ننڊ ۾، ڪَلهه! ڪالهونڪر

دانهون ڪريو درد مان، ٿي پچي انهي پر

پيا آهن پٽ ۾، ڪي ٻچا منهنجي ٻر

باري اتي بک ۾، پيا فاقا ڪاٽين ڦر

هادي انهيءَ هنڌ تي، آءٌ ڄڻي آيس ڄَر

ماري اتي معصومن کي، کائي ويندا کر

سوين آهن، سانوڻ چئي، اتي جيت به جناور

مونکي ڇڏائي بند مان، ولهن جا تون وَر

حضرت چيو هرڻيءَ کي، تون قول مون سان ڪر

سِگهي ايندينءَ سوريءَ تي، ڪِي ڀڄي ڇڏيندئين ڀر

متان ڀڄي ڀو کان، وڃي ٿئين منڪر

تڏهن هرڻي چيو حضرت کي، منهنجي توبھ آهي تو در

قسم اٿم ڪريم جو، آهيان سچي سراسر

تون والي، تون وسيلو، تون پاڪ پيغمبر

ڏيئي کير ٻچن کي، آءٌ وري ڪنديس ور

مدي نه اٿم من ۾، تون آهين مصطفيٰ ڏينهن محشر

پوءِ ننگ پسي نر، ڇوڙي ڇڏيو هرڻيءَ کي.

419 – هرڻيءَ کي حب مان، موڪل ڏني مير

سگهي موٽ سخن تي، ٻچن ڏيئي کير

ضامن تنهنجو آهيان، متان ٿئين دلگير

رکيا آهن رحم جا، مون توتي هٿ هيرَ

هلي پنهنجي هنڌ تي، وچن ڏيئي وير:

ڪامل ڪنديس ڪينڪي، توکي آءٌ تاخير

باري تو بچايا، منهنجا ساهه صغير

اڳيان سجهي ٿي، سانوڻ چئي، اوکي قيام ڪبير

پسي سچ سير، کڻي هرڻي حڪم مڃيو.

420 – هرڻي حڪم مڃيو، ڏنئين قول قسم

وري اينديس ويڙهه مان، تون خاوند اِي کَم

ڪين ويهنديس قول ڏيئي، آهيان حلالي تخم

سدائين، سانوڻ چئي، آهن ڪامل تو ۾ ڪم

هرڻي آئي هنڌ تي، وٺي حضرت کان حڪم

وٺي راهه رَمي، ڏئي احمد جو اِسم

دانهن ڪيائين درد مان، اهڙي سان عزم

ڪِري پيئي ڪَلهن تي، ڌوڙيا ڪري ڌم

ڌائي وٺو ڌڳڙا، اوهين دير نه ڪريو دم

پَسونئڙا پنهنجي، اڄ رُلي آهي رقم

وڇوڙو پيوسون ورهين جو، آيو موت مٿم

پَسي گوندر غم، ٻوٻٽ ڪري ٻچا اُٿيا.

421 – ٻوٻٽ ڪري ٻچا اُٿيا، ڇو آئين اويري

دانهن ڪري درد مان، ٿي ڍنگر تي ڍيري

ٻيهر ڪڍيو ٻچن کي، ٿي چٽي چو پيري

ڌائي وٺو ڙي ڌڳڙا، اوهين ڦَر ڇڏيو ڦيري

مون تي ڪا مرڻ جي، آئي ڪَلها ڪُهري

اچي ڦاسايس ڦاهي ۾، ڪنهن وڪوڙي ويري

متان اچي نڪري اوچتو، پير کڻي پيري

احمد ڄام اوهان سان، ڪئي ڀلي ڀليري

سر مٿي، سانوڻ چئي، ويٺا آهن ويري

ٻهڪيو ٻچيري، ٿي موڪلائي معصومن کان.

422 -  ٿي موڪلائي معصومن کان، ڳچيءَ پايو ڳل

پُٽَ پرتئو رب کي، مون کي آهي اُٺايو اَجل

تڏهن موٽي چيائون ماءُ کي: اُٿي هچاري هل

ٿَڻ تنهنجا حرام اسان کي، آهن انهين پل

کير کپي ٿو ڪينڪي، تون چوپيري چَل

نرمل جي نور کي، تون ورندي ڏين ول

اجهو آهي آگي جو، مٺو سو مرسل

شاهه ڪري سل! رهجي اچي رسول سان.

423 -  رهجي اچي رسول سان، پاڻ ڪارا ٿيون ڪين

مهندان ڏينهن محشر جي، داڙو ٿيندو دين

اتي احمد ڄام کي، عربي ڪندا امين

جتي ٿيندن ڀيٽ عملن جي، اتي ڏوراپو نه ڏين

معافي ڏيندو مصطفيٰ، منجهان يار يقين

تنهن سيّد جا، سانوڻ چئي، مر ٿورا پاڻ تي ٿين

ٻولي ڪر ٻي نه، هلي رجوع ٿي رسول سان.

424 – اچي رجوع ٿي رسول سان، هُل ڪري هاٻا

ماري جاڳيو ننڊ منجهان، خوب ڪري خابا

سو اُسري آيو احمد ڄام تي، تئو ڪري تابا

ته هرڻي ڦاسايم هڪڙي، کائي ٿرن ۾ ٿاٻا

قوت منهنجو ڪڍي ڇڏيئي، هجي شخص توکي شابا

مهندان مرسل چيو ماريءَ کي، ته ترس پيم توبا

ڊنس ڊپ ڌڻيءَ جي، ٻيو آخر عذابا

هي بيوس پئي هئي بند ۾، ٿي شڪار شتابا

ٻچڙيوال ٻهڪون ڪيون، مون کي ڪهل پيو قرابا

هاڻي ڏمر ڇڏ، ڏاهو ٿي، بچين تون بابا!

چڱن کان چڱي ٿئي، رکن مرد محابا

صبر ڪر، سانوڻ چئي، ته سوين ملن ثوابا

پوءِ اهڙي حرف حسابا، توکي وٿ تنهنجي واري ڏيان.

425 – وٿ تنهنجي واري ڏيان، ساعت هڪڙي سَهه

قوت ويندوئي ڪينڪي، شڪار تنهنجو شهه

پر ماري بيٺو مَٽجي، گيدي ڪري گهه

ڪاوڙ ڇڏ، قرب ڪر، رنج ڪيم رهه

اِنهيءَ ويندل جي وڻي ۾، ڏيان توکي ڏهه

سِر منهنجو، سانوڻ چئي، اٿئي ڳالهه انهيءَ ۾ ڳهه

مون تي وِير وسهه، آءٌ ضامن اُن جو آهيان.

426 – آءٌ ضامن اُن جو آهيان، تون ڀولو ڪيم ڀاءِ

هو موڪل ڳنهي مون ڪنان، ويئي پنهنجي جاءِ

ڏيئي کير ٻچن کي، سِهي ايندي ساءِ

تون ڏمر ڇڏ، ڏاهو ٿي، تپِي ڪر نه تاءِ

توکي ننڍو ڪري نپايو، هوندين ڪن ويڙهيچن جو وياءُ

ماريس ڪاڻ ڪَلهن جي، جا معصومن جي ماءُ

مون ترس پيو تن جو، تون دڙڪا ڏئي نه دٻاءُ

لاهي ڏيئين ٿو لڱن تان، پنهنجو ماس ماهه

ڪات ڏي ته ڪوري ڏيئين، صدقي ڪري ساءِ

سدائين، سانوڻ چئي، آءٌ ڊنس ڌڻيءَ جي ڊاءِ

نه ته ڇوڙي ڪريان ها ڇا، شڪار تو سقيم جو.

427 – شڪار مون سقيم جو، تو ور ڏيئي وڃايو

سا ڪيئن ايندي ڪاتي تي، جنهن هتان ڇوڙايو

مسين، هن کي موت کان آهي باريءَ بچايو

پساهه سڀ کان پيارو آهي، آئين دانهه دل لايو

قوت منهنجي ٻچن لاءِ، مون هو ڦري ڦاسايو

روز منهنجي عيال جو، تو ڇوڙي ڇڏايو

اهو سور، سانوڻ چئي، مون آهي پيٽ اندر پايو

ايئن بيٺي ڳالهايو، ماريءَ مرسل پاڻ ۾.

428 – ماري مرسل پاڻ ۾، ٿيا رنج لاهي رل

تيسين هرڻي اچي حاضر ٿي، ڦرڙا وٺي ڦل

بيهي رهيا بندگيءَ ۾، ڪامل مهندان ڪُل

سر توتان صدقي ڪريان، ٻچا منهنجا ٻل

تون ضامن پيو آهين مون ضعيف جو، مٺا ڄام مرسل

ڪيئن تاڻايان توکي، نور نبي نرمل

اتي مرسل هن کي منٿ ڪئي، دانھ لائي دل

ته ڇوڙي ڇڏ هرڻيءَ کي، پاڻ کڻي تون پل

وڃي پنهنجي ويڙهه ڏي، جنهن هنڌ آهي هريل

مهندان ڏينهن محشر جي، هدايت ڪندئي حاصل

هوندئي هنڌ حضور ۾، دانھ تو داخل

سدائين، سانوڻ چئي، ميوا ماڻيندين مل

امر مڃ عاقل! کڻي چيو ڪر چڱن جو.

429 – چيو ڪر چڱن جو، کڻي منٿ مڃ ماري

پيٽ خاطر پاڻ کي، تون ڪر نه ڪُفاري

ڪئين نفس نهوڙيا، هاتڪ هزاري

ڪنهن پورائي نه ڪئي پيٽ جي، بادشاهه بخاري

تون هلاڪ نه ڪرڻ هرڻيءَ کي، ڏي موڪل مختياري

آءٌ آهيان ضامن تنهنجو شاهد، شڪاري!

هوندئي هنڌ حضور ۾، قائم ڪچهري

سڄي عمر، سانوڻ چئي، هوندئي باغن بهاري

محشر ڏينهن ماري، ميلو ٿيندئي محمّد سان.

اتي ماريءَ چيو مرسل کي، سڻ سچا سردار! 430

هلاڪي ڪري ڦاسايم، هرڻي، شاهه ڪري شڪار

آءٌ عيالوند آهيان، ڪيئن ڪندم ٻچا ٻار

عيوض ڏي اُجورو، مُلهه تنهن جو مقدار

ڪريان قوت ٻچن جو، لاهيان بک سندو بار

اتي هرڻيءَ چيو حضرت کي، نور نبي نروار

منٿ نه ڪر ماريءَ کي، مونکي مرڻ آهي موچار

صدقي وڃان تو سردار تان، آزيون ڪري اپار

اهو ڪُسڻ مون قبوليو، ڀلي ڪات وهائي ڪپار

سر منهنجو، سانوڻ چئي، ٿئي ڌڙ کان ڌار

هي منهنجا ٻچا ٻار، سام پرتئي سيدا!

431 – سام پرتئي سيدا! اجهي تنهنجي آهينِ

ماري تن معصومن کي، کَپُر نه کائينِ

معصوم هن مادر تان، ٿا لاڳاپا لاهينِ

ڪنهن سان قرب ڪندا ڪلهڙا، در ڪنهن جي دانهينِ

اڄ پيو وڍ وڇوڙي جو، سي واهڻ ٿا واهينِ

اتي محمّد چيو ماريءَ کي، هي ٻچڙا پيا ٻاهينِ

قياس ڪر ڪَلهن جو، هي اجهو کڙا آهينِ

اها ماءُ آهي معصومن جي، سي ڪير نه ڪهائينِ

سڪ منجهان سانوڻ چئي، پيا لالڻ ليلهائينِ

ڌِڱ وڃي ڌائين، معصوم پنهنجي ماءُ کي.

432 – معصوم پنهنجي ماءُ سان، پائي هيج هلن

ڇوڙي ڇڏ هرڻيءَ کي، ته وڃي پنهنجي وطن

اتي ماريءَ منٿون مڃيون، ڪري پيو قدمن

هٿ پير حبيب جا، چمي رکيئون چشمن

نميو گهڻي نياز سان، اُڀيو سان ادبن

چئي: گهوري سر گهوريان، احمد تو اسمن

تون ڇپر، تون ڇانوَ، تون وسيلو ولهن

معافي گهريائين محمّد کان، آزيون ڪري اُڀرن

ڪيائين هيج هرڻيءَ تي، نمي سان نيازن

سڪ منجهان، سانوڻ چئي، باري بخش ڪن

ڪامل انهيءَ قسمن، پڙهو ڪلمون محمد مير تي.

لا اِلــٰه اِلاالله محمّد رسول الله


(1) ساٿ = ساعت. (417) کان 429) ظ ۽ ل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org