سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :19

مولا بخش خاصخيلي

           

مولا بخش پٽ محمد سليمان خاصخيلي، ڳوٺ مزار خاصخيلي، تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو (1). سندس ڄمڻ ۽ وفات جا سنه صحيح طور معلوم نه ٿي سگهيا آهن، مگر سندس شاگردن مان حسين فقير هڱوري جي روايت موجب هن سنه 1940ع ڌاري وفات ڪئي. مرڻ وقت سندس عمر اٽڪل 45 سال هئي، انهيءَ لحاظ سان هُو سنه 1895ع ڌاري ڄائو هوندو.

            مولا بخش جا مائٽ ٻني ٻارو ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ٻهراڙيءَ جي عام زندگي مطابق هو ننڍي هوندي مال چارڻ لڳو ۽ سمجهه ڀريي ٿيڻ تي اباڻي ڪِرت يعني هارپو ڪرڻ لڳو. وڏي هوندي جڏهن ميڙن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ نڙ تي بيت ڏيڻ شروع ڪيائين. تڏهن ان جي آمدني مان گذر سفر ڪرڻ لڳو.

            مولا بخش جوانيءَ تائين بيتن چوڻ کان بلڪل دور رهيو. ظاهريءَ طرح سندس انهيءَ طرف لاڙو ڪونه هو، مگر مجازي عشق جي اوچتي چوٽ سبب، درد ۽ فراق جا جذبات، سندس اندر مان اُڌما ڏيئي، بيتن جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. انهيءَ واقعي جو پس منظر هن طرح مشهور آهي: هڪ دفعي حضرت پير سائين پاڳارا ”ڪوٽ ڌڻي“ پنهنجي سفر جي دوران ڳوٺ مزار خاصخيلي ۾ آيا. مولا بخش جا مائٽ جيتوڻيڪ ”ڀٽائيءَ“ جا مريد هئا، مگر جڏهن هن پير صاحب جن جي زيارت ڪئي، تڏهن سندس دل ۾ پير صاحب لاءِ محبت ۽ عشق جاڳيو ۽ هو اتي ئي سندن مريد ٿيو. ان بعد هن سڀ ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي، پير صاحب جن سان گڏ سفر اختيار ڪيائين. هونئن ته سفر ۾ ئي نينهن جو نظارو ٿي ويو هئس، مگر بيتن چوڻ کان اڃان دور ۽ بيخبر هو. آخر جڏهن پير صاحب جن سان گڏ ڳوٺ ”ليمي جي ڪُنب“ تعلقي سڪرنڊ ۾ پهتو، تڏهن اُتي ”ڪيريا“ ذات جي هڪ عورت سان سندس عشق ٿي ويو ۽ اُن ۾ اهڙو مست ٿي ويو، جو بي ساخته بيت چوڻ شروع ڪيائين. اها ئي سندس شاعريءَ جي ابتدا هئي. پهريون بيت جيڪو چيائين سو سُر مارئيءَ مان هو:

ستي ساريم سومرا، مارو سي مِٺڙا

سهڻي ۾ سنگهار مون ڏوٿي آهن ڏٺڙا

وُٺا مينهن ملير ۾، ساڻيهه ۾ سُٺڙا – الخ

            ٻيءَ هڪ روايت موجب پير صاحب جن جي مريديءَ ۾ اچڻ بعد، مولا بخش جي سانوڻ فقير سان پهريون ڀيرو ملاقات ٿي، جڏهن هو پير صاحب جن جي خدمت ۾ آيو هو. اتي مولا بخش، سانوڻ جي شاگردي قبول ڪري، پهريائين سندس بيت ميڙن ملاکڙن ۾ ڏنا ۽ پوءِ پنهنجا بيت چيا.

            مولا بخش نه فقط سٺو شاعر هو، پر نڙ تي بيت ڏيڻ جو به ملوڪ هو، هن پنهنجي وقت جي سُٺن نڙ – بيت ڏيندڙن سان منهن مقابل ٿي بيت ڏنا ۽ انهن کان گوءِ کنئي. ان وقت ۾ مشهور بيت ڏيندڙ هئا: حسين فقير هڱورو ويٺل سنجهورو: علي خان ڪورائي ويٺل تعلقو بدين: عرس ماڪوڙاڻي ويٺل ٽنڊو آدم: بهادر خان رونجهو ويٺل پٿورو ۽ موريو خاصخيلي ويٺل سانگهڙ. انهن مان حسين فقير هڱورو پوءِ سندس شاگرديءَ ۾ اچي، سندس بيت ڏيڻ لڳو ۽ محفلن، مجلسن ۾ هميشه ساڻس گڏ هوندو هو. ان بعد سندس ٻيا به ڪيترائي شاگرد ٿيا. جن مان الهرکيو پٽ لعلو ويٺل سنجهورو: اسماعيل پٽ مريد ڪيريو ويٺل جهول: ۽ عالم پٽ مريد ڪيريو ويٺل جهول مشهور آهن ۽ اڄ تائين بيت ڏيندا اچن ٿا.

            مولا بخش پنهنجي وقت جي، جن شاعرن ۽ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ بيتن جي ڏي وٺ ڪئي، تن مان مشهور هي آهن: سانوڻ خاصخيلي، بچايو رند، سليمان ميربحر، محمود شيخ ۽ جمعو شيدي. انهن سڀني شاعرن مان فقط سانوڻ خاصخيلي، سندس مٽ ۽ جوڙيوال هو. باقي ٻين سڀني کي ميڙن ملاکڙن ۾ ماري ويندو هو. آواز، لفظن ۽ چوڻيءَ ۾ سانوڻ فقير کانسواءِ ٻين سڀني کان گوءِ کڻي ويندو هو.

            مولا بخش ڪپڙي لَٽي هميشه اڇو اُجرو رهندو هو. سدائين ململ جو اڇو پٽڪو، اڇي قميص ۽ اڇي سلوار، ڪوٽ ۽ چانديءَ جي جُتي پهريندو هو. شڪل شبيهه جو سهڻو هو، ڏاڙهي چاپئين هئس، بيتن ڏيڻ وقت سنئون ويٺو هوندو هو. آواز تمام مٿي ۽ وڻندڙ هئس پر ساڳئي وقت آواز ۾ جوش ۽ اڌمو به هئس. بيتن ڏيڻ وقت سندس منهن بگڙندو نه هو،پر مشڪندڙ معلوم ٿيندو هو.

            مولا بخش جو موت نهايت دردناڪ حالت ۾ ٿيو، سندس محبوبه جا ڪي اُٺ ڪاهي ويا، جي بدين طرف ويل هئا، هو انهن کي ورائڻ لاءِ وڃي بدين پهتو؛ جتان اُٺ ڇڏائي، واپس ڳوٺ ڏانهن پئي آيو ته رستي تي اوچتو نانگ ڏنگي وڌس، جنهن ڪري اتي ئي دم ڏنائين.

سسئي

1پرڻائي پنهونءَ کي، ڪاهيائون ڪُل قطار

ڪڍي ڏاڻ ڏاگهن جا، وڌئون بودن تي بار

اُٺ اٿاري هليا، ات ڇيرين ڪيا ڇمڪار

رات لنگهي وئي رڻ مان، ڪرهن جي قطار

سهڻا ڪري سينگار، سي موڪلائي ملڪ هليا.

2 – موڪلائي ملڪ هليا، منهنجي ڪجو پوئواري

دل ته منهنجي دوست لئي، هتي محبت آهي ماري

اڳيان ڏونگر ڏوراپا ڏئي، ٻي وندر جي واري

ڏجو سلام سنگت کي، ٿيندو اَجهو ڄام آري

سونهان آهن ساٿ جا، جي منزل هڻي ويا مهري

جَت به واقف جُوءِ جا، سي پاڻهي ويا پهري

ڪري طعام جي تياري، سي کلن کائين پاڻ ۾.

3 – کِلن کائين پاڻ ۾، ساراهين سبحان

هوت به ڀانيم هِت هوندا، مون وٽ مِهري هئا مزمان

هونگاريندي هوت هليا، پٽ وٺي پهلوان

ڪاهيو ته ڪيچ رسون، جتي پنهنجا ماڳ مڪان

طنبو ۽ طولان، هلي کوڙيائون ڪيچ ڪنڌين ۾.

4 – هلي کوڙيائون ڪيچ ڪنڌين ۾، آيا منزلون ماري

آري پنهنجي اولاد لاءِ، بيٺو ڪارا ڪانگ اُڏاري

بانڪن جون ڀنڀور مان واڳون شل واري

رويو رويو رت ڦڙا، بيٺو نيڻن جَر هاري

پُٽ متان پيريءَ ۾، مون کي ويهن وساري

آڻي جهِيڪيندا اُٺ اڱڻ تي، شل ايندا اوتاري

ماءٌ ملوڪن کي، بيٺي ساجن سنڀاري

پر من جون ڳالهيون، مولا بخش چئي، پنهل ويندو پاري

سي آڌي اُڪاري، اچي لٿا لاکيڻا لِهور ۾.

5 – اچي لٿا لاکيڻا لِهور ۾، صُوبا هُو سرواڻ

پُٽ آهن آريءَ جا، مڙيئي پهلواڻ

مانجهي ٽِلن مور ٿا، جَت مڙيئي جواڻ

هلو سهجان جي شهر ۾، ته ات ٿيون مهلائتا مهماڻ

ڪڍو مهارون مَين جون، ڏيو ڏاگهن کي ڏاڻ

گلم وڇايو گاديلا، ات پهه پچيائون پاڻ

انهي ڀنڀي شهر ڀنڀور جا، ڏيون آريءَ کي اهڃاڻ

سنبت سويري، سرانجامي ڪيو، ڏيو تنگن کي تاڻ

اتي ڏونگر ٻريون ڏياٽيون، ٻي لڳي لَڪن کي لاڻ

مِلون تن سان، مولا بخش چئي، لائي هِينئون هنئين ساڻ

آريءَ جا اڳواڻ، اچي ويجها پيا وڻڪار کي.

6 – ويجها پيا وڻڪار کي، جانب هوءِ سي جَت

گونگن اچي گوڙيون ڪيون، پوڃاڙيءَ پربت

اچي لٿا لاکيڻا لِهور ۾، صُوبا ڪري سَت

چَني چيو: چريا نه ٿجو، منهنجي وٺجو مَت

مِٺيون ڳالهيون محبت جون، ابي سان ڪجو البت

اُتي وُڙهس نار نيڻن مان، ٻيا ريلا ڪيس رت

خان به توڏي خط، ڪي پنهون پروانا موڪليا.

7 – پڙهي پروانا پُٽ جا، ڪيون ڪيچ ڌڻيءَ ڪيهون

ٿي سامهون شهر ڀنڀور کي، ڪري رند وٺي ريهون

ڪڍيائين پار پنهل لاءِ، پيون لَڪن ۾ لِيهون

هلڻ مهل حاڪم ڪيون، ڪي وارڻ جون وِيهون

هوت آڻي هِت ڏيهُون، تون چَنا! چڙهي وڃ چانگي تي.

8 – هوت به توکي هِت ملندو، تون صاحب! ڀانئج شڪ

مونکي قسم آهي ڪريم جو، تون پرين ڀانئج پڪ

اسان جا پهڻن پير پٿون ڪيا، ٻيا ٿُهري ڀڃون ٿڪ

ڪچا وڻ آهن ڪيچ جا، ڀلي چانگا هڻن چڪ

بودن کي بَرن ۾، ڏاڍا آيا ڌوڻا ۽ ڌڪ

جيڪي ڪرهن ٻڌا ڪاپار ۾، سي جهاٻا ڇنا آهن جهڪ

پرچائي آڻينداسون ڄام پنهل کي، لاڙي منجهان لَڪ

تيرهين منزل تڪ، وڃي ڏسنداسون وڻ ڀنڀور جا.

9 – چئي: وڃي ڏسو وڻ ڀنڀور جا، ساڳيو ساٿ سنباهيو

سڏي پنهنجا جت، وڃي مال مڏيون ٺاهيو

اُٺن کي اوتارن ۾، تِل نه ترسائيو

متان ڇوڙيو بودا برن ۾، راتيون وچ راهيو

متان ڇوڙيو بودا برن ۾، لڏا کڻي لاهيو

اوهين وٺي واٽ وندر جي، ڪرهن کي ڪاهيو

ڏجو پيغام پنهل کي، ته اجهو آري آڻي آيو

باقبيلي ڀنڀور مان، اچجو لاڳاپا ڪُل لاهيو

واڳون جَت! واريو، تن ليڙن جون به لڪن تان.

10 – ليڙا لڪ لنگهيا، پيون ڏونگر کي ڏارون

وَڳ وڃن ٿا ويڙهه ڏي، گَس وٺيو گهارون

اُٺن ڳانا پَٽ جا، لاکياڻيون لارون

اُٺڻ ڳانا پَٽ جا، چَڙين چونگارون

اُٺن ڳانا پَٽ جا، ڇيرين ڇمڪارون

ڪندا ويا ڪيچ ڏي، ڪي پَهه ۾ پچارون

واسي ويا وندر جون، ڪي ڪرهن قطارون

محبت جون، مولا بخش چئي، آهن مَيَن ۾ مهارون

 پوءِ لهج سيّد سنڀارون، تن جتن جون به جبل ۾.

11 -جتن کي جبل ۾، پهرين جا پيئي

رات تنين کي رڻ ۾، وهامي ويئي

اٿيا اُٺ اَسر جو، ليڙا لڏيئي

بيدي شهر ڀنڀور سان، جت ڪندا جيئي

ڪڏهن پَٽن تي پيئي، ساٿ پڇائيندي سسئي.

12 -  ٻيءَ رات ٻروچن جا، ليڙا وڃن لَس

ڪيائون پوئواري پنهونءَ جي، هجي جتن کي به جَس

روڏن ٿي رڙيون ڪيون، هاڙهي منجهه هنبس

اُٺن اوڳر واريا، ڏسي سڪارا ڏونگر ڪَس

مَيا سونهان هئا، مولا بخش چئي، نڪي ڏاگهن پڇيا ڏس

گونگا وٺي گَس، وڃن ٿا بانڪا شهر ڀنڀور ڏي.

13 – وڃن ٿا بانڪا شهر ڀنڀور ڏي، ڇڏيو وندر جا ور

بانڪا بلوچن جا، وڃن ڪاڇي وٺيو ڪر

ساٿين کي سفر ۾، هئا سمانا ثمر

ڪُڇن پڇن ڪينڪي، وڃن باري وٺيو بر

جيڪي ساٿ ۾ سانڀر، سي جتن ٻُٽيا جوءِ ۾.

14 – جَت به انهيءَ جوءِ جا، آيا دانَھ ڏير دلير

لٿا اچي ليڙن تان، اونداهيءَ مُنهن مير

سلام عليڪم سُپرين! وعليڪم سلام توهين ڪامل آهيو ڪير؟

صحيح ڪري ساٿين کي، هن ڀڙ سڃاتا ڀير

ڪڏهن هليا آهيو ڪيچ کان، ادا ڪيئن اوير

سڏ ڪيائين سسئيءَ کي ته تنهنجا ڏونگر جهاڳي آيا ڏير

اڳ ۾ پڇي ٿي آريءَ ڄام جو، وينگس انهيءَ وير

گولِي پڇي گهگهيلين جو، ترسيو تير پَتير

ڀاڄائي تن ڀائرن جا پانَھ چُمي پير

ڏي ٿي مبارڪون مائٽن کي، آيا مانجهي مرد مٿير

ماني ٺاهي، مولا بخش چئي، سانجڻ ڪيئين سوير

طرحين طرحين طعام تيار ڪري، هن ڍان ڪيا ڍير

دم نه ڪري دير، اچي هٿ ڌئارئين هوتن جا.

15 – هٿ ڌئاريائين هوتن جا، کاڌي ملوڪن مهماڻي

آءٌ بيٺي آهيان بندگيءَ ۾، پرٽ جهليو پاڻي

آءٌ ڀاڄائي اوهان ڀائرن جي، ناحق نماڻي

قبوليم ڪيچ ڌڻي، ڪيم سڱ به سڃاڻي

ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، هجو هِت راول رهائي

مهينار هو، مولا بخش چئي، ڪجو نه ملڪ ڏي موڪلاڻي

آءٌ ڪڍان جنڊ جتن جا، ٻيو ڀريان پورهيت ٿي پاڻي

نه ڏيان بک ڀنڀور ۾، چاريان ليڙن کي لاڻي

ماڳهان ڇڏيان ملير ۾، سارو ساٿ سڃاڻي

سي جَلا ڇڏيان جُوءِ ۾، ڏاگها ڏِهاڻي (1)

ساري رات سسئيءَ کي، اُتي ويٺي وهاڻي

اِتي ٿي وِينگس ويڳاڻي، ٻڌي سُر ٻروچن جا.

16 – ٻڌي سُر ٻروچن جا، ڏنا جِيڪارا سي جوان

چَني چيو: چُپ ڪريو، خبر پڇي ٿو خان

تو وٽان وڪلائي مير، هلياسون سنباهي سامان

سورهين منزل ساٿ رسيو: ڏيھ ڀرياسين ڏان

آيو آيو اڳتي، اتي ڪيا آرياڻيءَ ارمان

چئي پلپل پور پون  ٿا، مون کي ڪوهياري جا ڪانَ

ڪر پنهون ڇڏيو پرديس ۾، ڪر ڪيو مِرُن جو مهمان

هاڻ وٺي راهه روانا ٿيو، ڇڏيو پنهنجا ماڳ مڪان

مون هت ويهي رات وِهائي، ٻيو ساراهيم سبحان

مونکي ٿو اچي ملڪ کائڻ، مولا بخش چئي، ڪو جانب هيءُ جهان

ڪيچ ڇڏيو ڪُستان (2)، اوهين وڃو شهر ڀنڀور ڏي.

17 -  تڏهن شهر ڀنڀور ۾، هِڻي آياسون هام

توڏن کي تڙڀيڙ ٿي، ٻيا ڪرها سهن نه ڪام

ساري وڻ وطن جا، گونگا اچن گام

موڙي مهارون مَيَن جون، ڪيوسون لٿي سج سلام

پاريوسون فرض الله جو، ٻي سانجهي پڙهي سون شام

تون ڍاڪن سان ڍڪي آئين، طرحين طرحين جا طعام

کائي ماني خوش ٿياسون، تون ڄاڻين ويٺو ڄام

پر اهي اٿئي آريءَ جا، ڪي پنهون پار پيغام

وندر جا وريام! اهي اٿئي پوريون خبرون پرڏيهين جون.

18 – ٻُڌي خبرون پرڏيهين جون، حاڪم! ڏي تون حال

پاڻ گڏ هئاسين گام ۾، لاکيڻا هي لال

ڇڏي هليو ڇپر ۾، ڪامل مونکي ڪال(1)

جيڪي گڏ هئاسون ڏينهڙا، سي ساري مند سنڀال

اچي اسر ويل جو، ڪانگ تنواريو ڪال (1)

منهنجا اوٺي اچن ٿا، اٿي سسئيءَ کي سنڀال

سو ٽِپڪيون ڏيئي ٽانڪي اٿيو، در اڳيئون ديوال

پر موٽي، مولا بخش چئي، ڪي سڄڻ ملندم شال

هاڻي آريءَ جا احوال، مونکي مليا شهر ڀنڀور ۾.

19 – مليا شهر ڀنڀور ۾، مون کي ماريو ان مذڪور

ڌوٻڻ جا ڌار اٿم، ٻيا پلپل پون پور

محمود جا من ۾، اٿم ساٿ ڌڻيءَ جا سور

هِتي اٿم نوڙي ننگ جي، هُتي اباڻا انبور

هڪ قربن ڪيسن ڪاِهلو، ٻيا گهوڙا اندر ۾ گهور

ماري وجهو، مولا بخش چئي، کڻي نماڻا نُور

ڪجو ڪو مَ ڪلور، سسئي هلائجو ساٿ سان.

20 – سسئي هلائجو ساٿ سان، نه ته وري وڃو وير

نشي نهوڙيو نَر کي، لڳس قلب اندر ۾ ڪِير

جَت مصلحتون پاڻ ۾، ڪن وڃڻ جون وزير

هَل پنهون! پيرا ڀري، تنهنجي پَت رکندو پير

واٽ ڏسي وري آءُ، پوءِ موڪلايون مهمير

آريءَ جا امير، سُتِي ڇڏي ويا سيج تي.

21 – سُتي ڇڏيا ويا سيج تي، سنجهي ساٿ ساري

جُتيون جَتن هت ۾، ويا حلب ڏي هونگاري

ٻَڌي رکيائون ٻروچ کي، ويا ڪرها قطاري

دانهون، ڪوڪون، ڪُوڪرا، ڪيون ورنھ ويچاري

نه هئي جو سياڻِي جتن جي، تڏهن هليا مُئيءَ کي ماري

هاڻ ته ڏيندي باهه ڀنڀور کي، چڙهندي نڌر نظاري

ڪَهل نه پِيو ڪيچيا! هليو وينگس وساري

هاڻ ته آري ڄام اکين سان، مَن ڏاتر ڏيکاري

چئي: وندر ڏي واري، پنهون وٺيو وڃون ٿا پانهنجو.

22 – پنهون وٺيو پانهنجو، ويا ليڙا رات لڏي

سُتل ڇڏي ويا سيج تي، گوندر ويا گڏي

اُٿيو آڌيءَ رات جو، پيئي ساٿين کي سڏي

ڪري ڪوڪارون ڪيچين کي، پنهنجي وات وڏي

گهوڙا! منهنجو گهوٽ ويو، ڇپر ويو ڇڏي

هجي جس جتن کي، مونکي اوٺي ويا اڏي

پر ماري، مولا بخش چئي، مون کي ڪُهي ويا ڪيچ ڏي

تنهين مهل تڏي، هيءَ پٿر وجهو ٿي پار ڪڍي.

23 – پٿر وجهيو ٿي پار ڪڍي، آئي ماڻس انهيءَ مهل

اما! مون سان ماتم ٿيو، ٻيا جيجل! ٻريم جَل

تڏهن ٿي روئان رت گاڏئون، ڳوڙها مٿي ڳل

هڻي مون کان هوت ويا، ٿي نهاريان نرمل

هڻي مون کان هوت ويا، مُٺيس ڪهڙيءَ مهل

هڻي ون کان هوت ويا، مون کي سورن ڪيا سَل

ڪا رات ڏيئي ڪيچي ويندا، ڪانه پيم ٿي ڪَل

چاريم ڏاگهن کي ڏهاڻي، روڙيو رَتا گُل

ڪالهونڪر ڪالهه هئا، ڪي ڪرهن جا ڪرڳل

جتئو! شال جيئو ۽ سکيا هجو شل!

ڪيچ ڌڻي ڪامل، در جهليو ٿي دانهون ڪريان.

24 – چئي: در جهليو ٿي دانهون ڪرين، تو سَڃِي تان نه سَٺِي

ٻُڌبي هئي ٻروچن جي ڪا بَرن ۾ بَٺِي

پر لولي کان لِڪِي ويا، شايد ماني هين مَٺِي

سور لکيل هئا سسئي! توکي ڇوري، رات ڇَٺي

جيءُ وڃايئي جَتن سان، تون گونگن سان ڳَٺِي

توکي پارس ڇڏي ويا پَٽ ۾، نڪي وينگس ويئي وَٺي

ڪا محبت هئي مَٺِي، تڏهن هن جا ٺپ ٺريا

چئي: مون کاڻيءَ کي کونرا، ٻياٻارڻ آهن ٻريا

آءٌ نڪريو ٿي نهاريان، اڃان نه جانب جَت وريا

جي ڪيم قول ڪيچ ڌڻيءَ سان، سي پنهونءَ سان پريا

پر ماري ويا، مولا بخش چئي، چوريءَ رات چريا

عطر عنبير عدن جا، هِت هوتن جا هَريا (1)

سي وانگي واءِ ڀريا، وڃن ٿا ڪاهيو ڪيچ دنوار ڏي (2)

26 – وڃن ٿا ڪاهيو ڪيچ دنوار ڏي، آيون سرتيون سڀ مڙي

توکان پنهون وٺي ويا پانهنجو، چوريءَ رات چڙهي

هئا جادوگر جبل جا، سي ويا نڀاڳي ننڊ پڙهي

اسين تابعداريون تنهنجون، ٻيون ٻيلياڻيون ٻَڙي!

ڏسي ڏاڪا ڏونگر جا، ڏنئون توڏن کي تَڙي

ڪوڪ نه سُڄي ڪيچ ۾، اڳيان اٿئي هاڙهو هَب اَڙي!

تون رُلِي مرندئين روهه ۾، ڪاڙهن منجهه ڪڙهي

ممون، ڳوهون، ڳوهيرا، ڳورپٽ، نهرا سڄن نانگ ڙي!

لُنڊيون، لڌڙا، بحر بلائون بڇڙيون، ٻيا وڏا واسينگن وات ڙي!

ڪڇئون، ڪنڀارا، ڪوراڙون، ٻيا کَپر ويندئي کائي ڙي!

گڊيون، گرناريون، پيڻيون، پاريون، ڪَن واڇاريون وارا ڙي!

تون ڇڏ بينش ڀنڀور ۾، اڳيان کر ويندئي کائي ڙي  (1)

منٿ مڃ، مولا بخش چئي، تون هِت ڏُسڪ مَ ڏاهِي ڙي!

وندر جو واِهي ڙي! سو ڪامل ڌڻي ڪيچ جو.

27 – ڪامل ڌڻي ڪيچ جو، هِت بَدِي ڪيئن بيهان

هَٿ هلندا هوت ڏي، توڙي ماس کائيندا ڪينئان

آءٌ جَتن بنان جيڏيون! هت ڪميڻي ڪوهه جيئان

ڏوراپا پنهنجي ڏکن جا، وڃي ڏونگر کي ڏيان

ليلهايان لَڪن تان، اُتي پڇان محبت منجهه ميان

پاڻي پاڪ تڙن جو، اتي وڃي پرينءَ ساڻ پيان

جِت آهي جُوءِ جتن جي، اُت سِسيءَ ساهه ڏيان

وڃي ٿائينڪي ٿيان، جتي ڪچهريون ڪيچ ڌڻيءَ جون.

28 – ڪچهريون ڪيچ ڌڻي جون، ٿيا آري اَويڙا

نِڌر ڇڏي ويئي ننڊ ۾ ساٿي سويڙا

گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، اتي شينهن جا سانگهيڙا

گرگ ڇلا، مڳ ماڳر، اڳيان اٿئي راڙهيون رڇن جون، ٻيا ڪن جهنگن ۾ جهيڙا

ڳاڙها ڳورپٽ، آدمخور، راڪاس رڻن ۾، ٻيا ممن جا ميڙا

جتي پکا ڄام پنهونءَ جا، اتي وڃي ٿيا ڀگن سان ڀيڙا

هت حال وڃايو هوتن لاءِ، تون ڪامڻ ڪرين ٿي ڪهڙا

اتي اٿئي واٽن تي ويڙها، ڪي ميجر مروُن ملڪ ۾.

29 – ميجر مرون ملڪ ۾، سي ڀانيان پنهنجي ڀاڳا

هجيئي حيف هينئان، آيئي ننڊ نڀاڳا

وٺي ويهان ها کٽون خانن جون، جهلي پيرن جا پاڳا

ڪوهيارو هڻي ويو قرب ۾، مون کي سورن جا ساڳا

لنگهائيندو اچي لطف سان، ڪي لکئي جا لاڳا

ٿيا سامهان سور سسئيءَ کي، اُتي آيل اوجاڳا

ڌِڪن جا ڌاڳا، سي ڏيئي ويو هوت هٿن سان.

30 – ڏيئي ويو هوت هٿن سان، ڀاڳ پنهنجي کان ڀانئين

هر هر هنڌ هوتن لاءِ، ور ور ڏيو وڇائين

کٿوريون کٿن تان کڻيو ٿي لال لڱن کي لائين

اوڍڻ پهرين انگ جا، سي تون پٽن جا پائين

زيور زريون سون جون، سي ڳهه ڳٺا ڳائين

ويڙهي جي وڏيري ٿيو، ٿي سانئڻ سڏائين

بڪم وڳا ڀنڀور جا، سي ئي ڇانگون ڇڏائين

ماءُ پيءُ کي ماري، مولا بخش چئي، وڃ نه اَما ايڏاهين

ڪُڇ مَ ڪيڏانهين، تون شرم رکي ويهه سسئي!

31 - شرم وٺي ويو ساٿ ڌڻي، ڙي اديون! الله توهار

ميناڪاري منڊيون، لاٿائين هَس، ڪڙولا، هار

ڪارا ڪيا ڪيچين لاءِ، وينگس ڇوڙي وار

جيڪو ضعيفن جو ضمان، سو محمّد آهي مهندار

ٿيس جوڳياڻي جن لاءِ، سي پنجئي منهنجو پار

ڪوهيارو هڻي ويو قرب جا، مونکي لونءَ لونءَ منجهه لغار

پَهري پيئي پَٽن تي، سڀ ڇڏي سينگار

هٿ کڻيو هڪلون ڪري، ڏسي ڏونگر جا ڏار

مون کي ميا ميلين، مولا بخش چئي، ڏيهه ڌڻي ڏاتار

ٿي پُڇي پرين جا پار، ته ڪي جبل جت لنگهيا.

32 – تنهنجا جانب جت لنگهيا، تون وينگس! ڪرين ها وار!

ڪاهيندا ويا ڪيچ ڏي، ساٿ سڄا سارا

آڌيءَ رات اُٺن جا، مون ٻُڌا نيش جا نارا

لنگهي ويا لاهوت ڏي، اوٺِي اوڀارا

سنجهين ڀڄين ها سسئي! ٻُڌي هوتن هونگار

تو هت ويهي رات وهائي، تڪيندي تارا

هاڻ ته توکان هوت ويا، ڏيئي لاکيڻيان لارا

هاڻ ته توکان هوت ويا، پرين سي پيارا

هاڻ ته توکان هوت ويا، ڇوڪرين ڪيچين لاءِ ڪارا

هو رهندا ڪين رڃن ۾، نڪي آهن اڏيل اوتارا

ملڪ ۾، مولا بخش چئي، اٿئي مِرُن جا مارا

متان لُڪن ۾ لڳي مرين، ۽ ڪرين جبل ۾ جارا

گهيڙ، گهٽيون، گهارا، مون ڏکيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو.

33 – ڏونگر ڏکوئين کان، هو هليا هيڪاندا

منهنجا سِياڪا سيڻن سان، ڦاٿل هئم ڦاندا

هليا ويا حلب ڏي، اهي اوٺِي آواندا

لٿا ڪين لِهور ۾، نڪي ڪيئون ڇپر ۾ ڇاندا

بُکون بانڪا بِرن ۾، ويا سُڃن ۾ سهندا

جي ويا ڪيچ ڏي ڪَهندا، سي آءٌ جبل، جت نهاريان.

34 – تنهنجا جانب جت لنگهيا، تون سنجهي پڇين ها ساٿ

 مون سڃاتي هئي سسئي، ڪا جتن جي جمات (1)

رائي منجهه رڙيون ڪيون، اُٺن آڌيءَ رات

پئي هونگارون هوتن ڪيون، واڪا پنهنجي وات

حجت نه هلندي هنن سان، يار زورآور ذات

لَڪ اڳيئي لال هئا، ٻي ملي ڏونگر کي ڏات

تنهنجو وٺي وَر وِلات، ويا ڪرها ڪيچ دنوار ڏي.

35 – ويا ڪرها ڪيچ دنوار ڏي، منهنجا هيڻا ڏسي حال

ڇڏي ويا ڇپرين، ڪامل مونکي ڪال (2)

ڏکيا ڏاڪا ڏونگر جا، آءٌ ضعيف نماڻي زال

پياريم ٿي کير کٽن تي، جتن کي سي جال

ڪرم منهنجي ۾ قافلو، آءٌ ساعت نه ڀانيان سال

هيون خوشبويون خانن کي، ٻيا مَڻ کٿوري مال

واسي هليا وندر جا، لڪ اڳيئي لال

هڪلي پهچان هَب ۾، آءٌ ساٿين کي شال

جتن بنان جيڏيون! فنا ٿيان في الحال

منهنجو ماس، مولا بخش چئي، آهي هوتن کي حلال

ڪُٺي منجهه ڪلال، مون جهڙي ڄائي نڪا ڄمندي.

36 – تو جهڙي ڄائي نڪا ڄمندي، ذات براهمڻ، ڀوري!

توکان سنجهي ساٿ لڏيا، چڙهي ويا چوري

هاڻ ووڙ واٽون وندر جون، توکي لڳي آهي لوري

وَساءِ وارِي وڻڪار جي، جيئن هندو ڪن هوِري (1)

جَتن ڀائي رت هئا، ذات زوراور زوري

ڇپر ڇڏي ڇوري! تون هاڙهو ووڙ ته هوت لهين.

37 – هاڙهو ووڙيان هوت لهان، ڪريان هوتن لاءِ حيلا

پري پٽيون پنڌن جون، ٻاروچاڻا ٻيلا

ڏکي ڏولي ڏونگرين، ڏيئي ويا ٺوڳي مونکي ٺيلا

اڳيان مَيا ملندم، مولا بخش چئي، گسن تي گيلا

قادر ڪيچ ڌڻين سان، ڪندو منهنجا ميلا

ساجهر سويلا، آءٌ اکين سان اوٺي ڏسان.

38 – اکين سان اوٺي ڏسين، هُو هوت لنگهيا هاڙها

وڳ وڃن ٿا ويڙهه ڏي، هو ماڳ ڇڏيو ماڙا

سک ڇڏي سانگ ويا، هڻي ڌوٻڻ سان ڌاڙا

جن لاءِ ڪرين رائي ۾ راڙها، سي اڃا اٿئي انهيءَ ڪنڊ تي.

39 – ڪيچان آيون قطارون، سي آريءَ جون چئجن

ڪهڙو بار بودن تي، ڪهڙو وکر سندن

پوکيم باغ بلوچن لئي، چانگا من چَرن

ٻَهه ٻَهه ٻاروچن جي، هَي هَي هونگ سندين

ڳجها خط پنهونءَ ڏي، منهنجاراتو ڏينهن وڃن

منهن منجهه مَيي کي، ڪي لعلون لک لڏن

جنهن کي سونا والا ڪنن ۾، موتي جهرمر ڪن

جنهن کي سائِي لونگي ڪلهن ۾، سو پنهون نانءُ چون

سڀئي سِير لنگهن، ڪلمون جن جي قلب ۾.


(1) ٻيءَ هڪ روايت موجب، هو ٻيراني (شهڪ) ”لاهوريءَ جو ڪڙيو“ جو ويٺل هو.

(1) جلا = سڀ وَڳ (2) ڪُستان = ڪوهستان

(1) هريا = هاريا. (2) دنوار = ديار، ملڪ.

(1)بَينش = بحث.

(1) هوِري = هولي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org