سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :9

 

بت:

پارسي جي شاعرن جتي صنم کي پنهنجي ڪعبئه دل ۾ جاءِ ڏني آهي اتي بتِ بي ترس جي به پرستش ڪئي آهي. امير خسرو چوي ٿو:

گر شما دين عاشقان داريد

بعد زين پيش بت نماز کنيد.    (خسرو)


حافظ شيرازي پنهنجي بت جي غمزه جو بيان هيئن ٿو ڪري:

 

بتا چون غمزه ات نازڪ فشاند

دلِ مجروحِ من پيشش سپر باد.    (حافظ)

 

ايران جي شاعرن وانگر سنڌ جا شاعر پڻ بت جي پوجا ۾ پٺتي نه پيا آهن. سندن بت سان وابسته جذبن جو اندازو هيٺين شعرن مان لڳائي سگهجي ٿو:

محراب ڀرن بت جو سجدو نه ٿيو حاصل

اڄ ڪعبئه دل تڏهن ڪئي آهه سيه پوشي.   (محمود خادم)

 

لڙ بتن ۾ پيو ته خادم بت پرستيءَ کي ڇڏيو

ڇوٽڪارو نيٺ هن مردِ خدا جو ٿي ويو.

(مخدوم خادم)

دل تي ڏسان ٿو اڄ ته بتِ بيوفا جو راڄ

حيرت ۾ آهيان ڪاڏي هليو ويو خدا جو راڄ.  (واصف)


ٽرڪ:

ترڪ حسين ڇوڪرا ئي هئا جن پنهنجي حسن جي جلوي سبب پارسي شاعريءَ ۾ محبوب جو لافاني درجو حاصل ڪري ورتو هو، ايتري قدر جو  پارسي شاعر انهن جي عشق ۾ ايترو ته گرفتار ٿي چڪا هئا. جو انهن جي مٿان ساري دنيا کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا، اهو ترڪ محبوب ئي هو جنهن لاءِ حافظ شيرازي فرمايو هو:

 

اگر  آن ترڪ شيرازي بدست آرد دلِ مارا

به خالِ هندويش بخشم سمر قند و بخار را.        (حافظ)



 

نه فقط حافظ بلڪ ايران جا سمورا شاعر ترڪن جي غمزن جا شڪار آهن، ترڪن سان پنهنجي عشق جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪن ٿا:

 

خلقي براه منتظر جان سپردن اند

اي ترکِ نيم مست عنان راکشيده تر.      (خسرو)

 

قسمت چنين فتادک تر کانِ مست او

در دور ما بطاق نها دند جام را.   (نظير نيشاپوري)

هن شعر ۾ نظيري اکين کي ترڪ سهڻن سان تشبيهه ڏئي چوي ٿو  منهنجي قسمت اهڙي هئي جو هن جي مست اکين منهنجي واري تي مون ڏانهن نهارڻ ڇڏي ڏنو. مگر اکين کي مست ترڪن سان ڀيٽ ڏئي  هن محبوب ڪم التفات کي نهايت لطيف انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

 

آن ترڪ پري چهره ک دوش از برِ ما رفت

آيا چه خدا چه خطا ديد ک از راهِ خطا رفت.        (حافظ)


جيتوڻيڪ
 سنڌ ۾ ترڪ  سهڻن غلامن جي آمد بلڪل ڪا نه رهي آهي، مگر سنڌ جي غزل گو شاعرن به ايران جي شاعرن جي واتان ترڪن جي حسن جي واکاڻ ٻڌي اڻ ڏٺي عاشق ٿي انهن کي پنهنجو محبوب بيان ڪيو آهي،

ڪنهن جو ڪنهن ساڻ، ڪنهن جو ڪنهن ساڻ

منهن جو نينهن ترڪ تاشقندي سان.  (مرتضائي)


صيد لئه صياد گهمندو هٿ ڪمان ابرو ڪيو

ترڪ ترڪش تياريون، سي تير مثر گاني ڏٺم.  (فدوي)


 ترڪ ڪر مون تان ڏرت ڏک ۽ ڏمر

ترڪ طور ڇو ٿي دل موهيئي.      (گدا)

 

سينڌ سرمو ۽ ڪجل ريهه ڪٽاري پائي

ترڪ  ڪئي ڪوس جي تدبير خدا خير ڪري.   (فقير)

 

زلفن ۾ ڏسي قابو هن ترڪ ڏنو طعنو

اسلام جو هي حال ته ڪافر جو خدا حافظ.    (بلبل)

 ترسا:

عيسائي ڇوڪرا جن کي ترسا ڪوٺيو ويو آهي سي به ايران ۽ ترڪن کانسواءِ پنهنجي حسن ۽ جمال ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، هنن پاڻ ايراني شاعرن جي دلين ۾ عشق جي باهه ڀڙڪائي آهي، ۽ جن ترڪن وانگر ترسا کي پنهنجي شاعري ۾ محبوب جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ انهن سان پنهنجن جذبن جو اظهار هيئن ڪيو آهي:

 

سرِ خوش از کوي خرابات گذر کردم دوش

به طلب گاريِ ترسا بچه باده فروش. (عصمت بخاري)

 

بحث در در قبول بتِ ترسا بچه است

ورنه از کفر زبوني بنود ايمان را.   (عرفي)

 

سنڌ جي شاعرن به پارسي شاعري کان متاثر ٿي ترسا کي پنهنجو محبوب ڪري پيش ڪيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪڏهن به عيسائي سهڻا ڇوڪرا ڏسڻ ۾ ڪين آيا آهن.

گلبدن گلرو چوان يا آفتِ جان نازنين

ڇا چوان بي ترس ظالم، تنهن بتِ ترسا کي آءُ (سانگي)

 

زلف جانان سر بسر زنگي سپاهه

خوش خطِ ترسا کلن باصد پيچ وخم. (گدا)

 

آءُ منهنجي اڱڻ ڪر مون تي ترس

اي ترسازادا ڪين ترس.   (سانگي)

حسن ۽ عشق:

حسن ئي عشق جي پيدائش جو سبب آهي، شمع جو شعله حسن پرواني جي دل ۽ عشق جي آتش پيدا ٿو ڪري ۽ پروانو عشق جي نشي ۾ سرشار پنهنجي محبوب جي چوگرد طواف ڪري پنهنجو سر ان جي مٿان قربان ڪري ٿو ڇڏي. اهو گل جو حسن ئي آهي جيڪو بلبل جي دل ۾ عشق جون سرمستيون پيدا ٿو ڪري ۽ بلبل پنهنجي سموري زندگي گل جي مدح سرائي ڪندي گذاري ٿي ڇڏي. انسان جي دل به پرواني ۽ بلبل وانگر حسن کان متاثر ٿي ان جا گيت ڳائڻ شروع ڪري ٿي. شاعريءَ جي مختلف صنفن  ۾ غزل ئي اها صنف آهي جنهن ۾ حسن ۽ عشق جي معاملن، وارداتن ۽ ڪيفيتن کي نهايت تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.  اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ جون ٻيون صنفون حسن جي ارهه زورائين ۽ عشق جي آه و زارين کي اهڙي لطيف انداز ۾ بيان ڪرڻ کان قاصر رهيون آهن جهڙي ريت غزل ۾ انهن کي بيان ڪيو ويو آهي. عشق ۾ سون قسمن جون وارداتون پيش اچن ٿيون. جن ۾ محبوب جو حسن، عاشق جو عشق ۽ فنا ٿيڻ، جانبازي، محبوب کان شڪوو ۽ شڪايت،  رقيب سان عداوت، انتظار، هجر ۽ وصل آهي ۽ اهڙي قسم جون ٻين هزارين وارداتون ۽ جذبا عشقي شاعريءَ جو موضوع آهن پر اهي جڏهن غزل ۾ بيان ٿين ٿا ته انهن ۾ حسن، زور، جوش ۽ دلڪشي پيدا ٿي وڃي ٿي. پارسي شاعرن ۽ سنڌ جي غزل گو شاعرن حسن ۽ عشق جي معاملن کي بيان ڪرڻ ۽ شهباز وانگر آسمانن تي پرواز ڪيو آهي. مگر سنڌ جو غزل گو شاعر پارسي کان ايتري قدر متاثر آهي، جو هن حسن ۽ عشق بابت پنهنجن جذبن کي بيان ڪرڻ وقت ساڳيو پارسي شاعرن وارو انداز ۽ ساڳيون ايراني ماحول مان ورتل تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن، ائين پيو لڳي ته هن کي پارسي شاعري جي هيرن موتين جو دڪان کليل ملي ويو آهي جتان هو تشبيهن جا هيرا ۽ استعارن جا موتي پنهنجن غزلن کي خوبصورت بنائڻ لاءِ جڙيندو ويو آهي. هن ڏس ۾ به پارسي شاعري ۽ سنڌي غزل جي ڀيٽ ڪري ڏسبي ته محسوس ٿيندو ته سنڌ جو غزل گو شاعر  پارسي شاعر جي چيچ وٺي شعر و شاعري جي بازارين ۾ گهمي رهيو آهي.

حسن جي مدح سرائي:

شاعرن پنهنجي محبوب جي حسن جي تعريف ۾ دفترن جا دفتر ڀري ڇڏيا آهن. محبوب جو ڪو به عضوو نه آهي جنهن جي هنن واکاڻ نه ڪئي آهي، ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين هنن ڪنهن به عضوي کي نظر انداز نه ڪيو آهي. اکيون، ڳل، وات، چپ، کاڏي، خال، وار، زلف، هٿ پير مطلب ته جسم جو عضوو عضوو بيان ڪيو اٿائون ۽ ان بيان ۾ تشبيهن ۽ استعارن  جا ڍير لڳائي ڇڏيا اٿائون. پارسي شاعرن محبوب جي حسن کي هونئن ته ڪيترن نمونن ۾ بيان ڪيو آهي مگر زياده تر هنن يا ته محبوب کي گلستان ڪري بيان ڪيو آهي يعني محبوب جون اکيون  نرگس ۽ لاله، ڳل  گلاب، چپ، گلاب جا پن، وار سنبل، زلف سوسن ۽ قد سرو ۽ طوبيٰ ڏيکاريو اٿن يا ته محبوب کي هڪ جنگجو جوان ڪري بيان ڪيو اٿن جو نه صرف ظالم آهي پر قاتل به آهي، هن جا ڀرون ڪمان، هن جون اکيون خنجر ۽ تير ۽ تلوارون، هن جو غمزو، ناز ۽ ادا قتلِ عام آهي. اسان جي شاعرن به عموماً انهيءَ ئي محبوب جي حسن جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. پارسي شاعري ۽ سنڌي غزل جي مطالعي مان ان حقيقت تي روشني پوندي. هيٺ محبوب جي مختلف عضون جا پارسي ۽ سنڌي شاعري مان مثال پيش ڪجن ٿا:

قد:

پارسي شاعرن محبوب جي قد کي طوبيٰ، سرو، شمشاد ۽ صنوير سان تشبيهه ڏني آهي ۽ سنڌ جي شاعر پڻ ائين ڪيو آهي.

سر به بستان چو دهد جلوه يغمائي را

اول از سور کند جامئه رعنائي سرا. (ابوطالب ڪليم)

 

قمريان پاس غلط کردهِ خود مي دارند

ورنه يڪ سرو درين باغ به اندامِ تونيست.      (صائب)

 

سرو قد سونهن ۾ سچو سالم

ڪبڪ رفتار خوشخرام لذيذ.   (قاسم)

 

صنوبر سرو سوڌي قد ڪيئن شمشاد شرمايا

پسي قامت قريبن جي ٿئي هر ڪنهن کي حيراني    (حامد)


طوبيٰ جي مرتبي کان دوبالا ٿيو مرتبو

سايو پيو جو سرو تي ان نونهال جو.  (مخلص)


زلف:

پارسي شاعرن زلفن کي هڪ طرف سنبل، سوسن ۽ ٻين گلن سان ڀيٽ ڏني آهي، ٻئي طرف ڪاري بلا ڪوٺيو آهي ۽ ٽئين طرف زنجير بنائي پيش ڪيو آهي. سنڌ جا شاعر به زلف جي سنبل ۽ سوسن جي خوشبو ۾ مست آهن. ڪڏهن سندن پير ڪاري بلا تي آهي ۽ ڪڏهن زنجير سندن دلين کي جڪڙي ڇڏيو آهي.

 

زلف سنبل:

بنفشه طرهِ مفتول خود گره ميزد

صبا حڪايتِ زلفِ تو درميان انداخت   (نامعلوم)

 

رخ تي دلبر جي زلف پاتا پيچ

گل سان سنبل جي ٿي لڙائي ڏس.       (گدا)

زلف بلا:

دو زلف تابدارِ او، به چشم اشڪبارِ من

چو چشمئه که اندرو شنا کنند مارها.    (عرفي)


هڻن منهنجي هئين ۾ ڏنگ ڏاڍا، وجهي ور نانگ وانگي

جڏهن ڇوڙي ڇڏين تون وار واري، اندر کي ڏين ايذاعه.  (قاسم)


سيہ زلفن جو ڪر سخت سپ

وهائي ٿو وسير هيڻو جهڙپ جهٽ.      (حامد)

 

وڃي اٽڪي زلفن ۾ دل خير ناهي

پيو پير ڪاري بلا تي ڪنهين جو.    (فقير)

 

پڇيو رشڪِ مسيحا ڏس ته تنهنجي دل ڇو ڌڙڪي ٿي

چيم زلفِ سيہ ڪاري بلا سمجهي ڊني آهي.  (نياز جعفري)


زلف زنجير:

عقل اگر داند که دل در بند زلفش چون خوش است

اي بسا عاقل ديوانه گردند از پي زنجيرِ ما.  (حافظ)

 

حائل ڏسي هي زلف رخِ رشڪِ ماهه ۾

زنجير پئجي ويا منهنجي پاي نگاهه ۾. (ليکراج عزيز)


هي آهن دام يا زنجير يا ڪاري بلا گيسو

چيائين پنهنجي دل کان پڇ رهي جا منهنجي زلفن ۾.

(نياز جعفري)

 

زلف ۽ رخسار:

پارسي شاعرن ڪڏهن ڪڏهن زلف ۽ رخسار جو هڪ ئي وقت  گڏي ذڪر ڪيو آهي. اهڙي موقعي تي هنن صبح ۽ شام سان تشبيهه ڏئي محبوب جي زلف ۽ رخسار جو بيان ڪيو آهي، اسان جي شاعرن پڻ ساڳيو انداز اختيار ڪيو آهي.

 

جز زلف و عارضِ تو نديدم که هيچکس

خورشيد را ز ظلمتِ شب سائبان دهد.   (سلمان ساوجي)

 

اڀريو نه صبح پردي ۾ شب جي آ آفتاب

لڙڪايو پنهنجي منهن تي جو زلفن کي يار آهي.   (قادري)

 

زلف رخ تان هٽيا حسن ڪرامت هي ڪئي

شمس نروار جدا رات  نمودار جدا.   (فقير)

 

رکيو رخسار تي دلدار اڄ زلف پريشان کي

ڏٺو مون صبح صادق بهم شامِ غريبان کي.   (گدا)

رخ:

پارسي شاعرن محبوب جي منهن کي سج، چنڊ، گل ۽  شمع سان تشبيهه ڏئي سخن سنجي ڪئي آهي. سنڌ جي شاعرن جي محبوب جي رخ کي ڪڏهن شمس و قمر، ڪڏهن گلِ هزار رنگ ۽ ڪڏهن شمعِ روشن ڪري بيان ڪيو آهي. ائين محسوس پيو ٿئي ته جيتوڻيڪ نقاش علحده آهن، پر انهن نه صرف تصوير ساڳي ڪڍي آهي پر رنگ به ساڳيا استعمال ڪيا اٿائون. پارسي شاعرن محبوب جي چهري کي هن طرح شمس بنائي بيان ڪيو آهي:

 

بادِ صفا چو از رخِ  او  زلف در ربود

ابرِ سيہ کشاده شد و آفتاب کرد. (سلمان ساوجي)

 

زلفِ تو سيہ چرا است بانا

بسيار در آفتاب گشته است.   (خسرو)

 

(خسرو نهايت لطيف خيال پيش ڪندي چوي ٿو ته محبوب تنهنجا زلف ڪارا ڇو آهن؟ ڇاڪاڻ ته اهي ڳلن جي سج جي اس ۾ رليا آهن).

سنڌي شاعرن پڻ محبوب جي رخ کي سج سان تشبيهه ڏيندي چون ٿا:

جي منهنجو مهر افزا ماهه بي نقاب ٿئي

ته رات جو به عيان هوند آفتاب ٿئي.       (گدا)


اڄ ڏسي تنهنجو رخ خورشيد مثل

صبح پڻ ڦاڙيو گريبان واهه واهه. (مخلص)


پارسي ۽ سنڌي شاعرن پنهنجي محبوب جي ڳلن کي گل سان تشبيهه ڏئي پنهنجي جذبن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:

 

پارسي شاعر:

از بهرِ آن که لافِ جمالِ تو ميزند

صد بار لاله بر دهنِ ياسمين زده است.         (خسرو)


گل خواست که چون رخش نکو باشد نيست

چون دلبرِ من برنگ و بو باشد نيست.


صد روئي فراهم آورد در سالي

باشد که يکي چو روئي او باشد نيست.

(کمال اسماعيل) (1)

سنڌي شاعر:

منهنجي گلرخ جو منهن ٿيو گل گل

لعل جي لاله زار تؤن صدقي.       (گدا)


آب تنهنجي چهرن گلگون جو مشڪل ٿيو جهلڻ

بوءِ بڻجي رنگ اڏامي پيو سڄي گلزار جو. (ليکراج عزيز)


خال رخ:

پارسي شاعرن رخ ۽ زلف سان گڏ محبوب جي ڳل تي تِر جي تعريف به دل کولي ڪئي آهي. ڪڏهن ان کي داڻي سان ڀيٽ ڏني اٿائون جهن جي مٿان زلفن جو دام وڇايل آهي، جنهن ۾ عاشق جي دل جو پکي ڦاسي ٿو پوي. ڪڏهن ان کي چنڊ ۾ داغ سان ڀيٽ ڏني وئي آهي، جڏهن هنن کي اهو خال لبن جي ويجهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته کيس آبِ ڪوثر تي مشهور صحابي حضرت بلال رضه ڏسڻ ۾ آيو آهي، ڪڏهن هنن ان کي هندو يا زنگي ڪوٺيو آهي ۽ ڪڏهن هنن ان کي حجر اسود، مشڪ، ۽ عنبر سان ڀيٽ ڏني آهي. اسان جي سنڌي شاعرن پڻ پنهنجي غزلن ۾ ساڳيون تشبيهون استعمال ڪيون آهن.

 

پارسي شاعر:

زلفِ او دام است و خالش دانہُ آن دم و من

بر اميد دانئه افتاده ام در دامِ  دوست.   (حافظ)

 


 

يکي خال سيہ جا کرده پر گنجِ لبِ لعلش

که گويا بر لبِ آبِ بقا بشنسته هندوي. (ظهير فاريابي)


سنڌي شاعر:

يار جي لال لب تي خال آهي

حوض ڪوثر تي ڄڻ بلال آهي.      (گدا)

 

حجر اسود آ خالِ روئي نگار

سجد گہ آهي آستانئه عشق.     (قادري)

 

رخِ پرنور تي خالِ سيہ کي

خطا ٿي جي چوان مشڪ ختن آ.   (سانگي)

 

خالِ رخ جو بوسو جو ورتم ته دل ڦاسي پئي

تِر جو هو رخسار تي پر دام جو هي دانو هو.   (فقير)


دهن و لب دوست:

 

دوستن جي وات ۽ چپن جي واکاڻ ڪندي پارسي ۽ سنڌي شاعرن جا ڌهن خشڪ ۽ زبانون گونگيون ٿي ويون آهن. هنن ڪڏهن محبوب جي چپن کي گل سان، ڪڏهن شهد، نبات قند ۽ شڪر سان ڀيٽ ڏني آهي. اهڙو ذڪر ڪندي اهڙي چاشني چکڻ لاءِ سندن دل ۾ حسرت پيدا ٿي آهي، ڪڏهن هنن لال لبن کي لعل يا ياقوت سان تشبيهه ڏني آهي. جڏهن وات جي واکاڻ ڪئي اٿائون ته اهو هنن کي ننڍڙي مکڙي ڇا نقطي کان به ننڍڙو نظر آيو آهي. وات سان گڏ محبوب جي ڏندن کي هيرن ۽ موتين سان تشبيهه ڏني اٿائون. سنڌي شاعرن جي غزلن ۾ ساڳيون تشبيهون ۽ ساڳيو پارسي شاعرن وارو انداز ڏسڻ ۾ ٿو اچي.

تنگ دهن:

 

از دهنِ تنگ تو گويا کسي

دانک انار بدونيم کرد.    (رودڪي)

 

(تنهنجو وات ايترو ته ننڍو ٿو لڳي، ڄڻ ڪنهن ڏاڙهون جي داڻي کي به اڌ ڪري ڇڏيو آهي.)

 

دهنت ذره کم از ذره است

رخ زخورشيد ذره کم نيست.     (خسرو)

 

ڪيئن نه ٿئي تنگ عاشقن جو نصيب

دهنِ نازنين تنگ آهي. (سانگي)

 

آءُ تنگ نه ڪيئن عرصہء حال عالم ۾ گذاريان

عاشق آهيان آءُ يار جي موهوم دهن جو.    (گدا)

 

غنچه دهن:

جان فداي دهنش باد که در باغ نظر

چمن آراي جهانِ خوشتر ازين غنچه نيست.   (حافظ)


در بوستان، به يادِ دهان تو، غنچه را

امسال باغبان همه نشگفته چيده بود. (ابوطالب کليم)

 

غنچه دلبر جي آءُ دهن کي چوان

گل کي منهن، برگ گل لبن کي چوان.    (سانگي)



 

زبان برگِ گلِ احمر سان هم رنگ

برنگ غنچه دلبر جوو دهن آهه.     (گدا)


لعل لب:

چون سر کنم حديثِ لبِ لعل يار را

گرد از نهاد چشمئه حيوان بر آروم.   (علي حزين)


(مان محبوب جي لعل جهڙن لبن جي ڳالهه ڪيئن پوري ڪريان، ڇاڪاڻ ته جڏهن انهن جو ذڪر شروع ٿو ڪريان ته چشم- حيوان کان ڌوڙ اُڏامڻ ٿي لڳي.)


 

رات ياقوت لبِ يار چيم، مون کي چيئين

تنهنجي قبضي ۾ سڄو ملڪ بدخشان آيو.        (گدا)

 

لبِ ياقوت لعل زماني

سرخ جهڙس نه آهي گل  نه گلال.      (فدوي)


شيرين لب:

محبوب جي چپن جي مٺاڻ شهد و شڪر ۽ قند و نبات کان وڌ آهي جنهن جي چاش ۾ شاعر ڦاسي پاڻ به شيرين دهن ٿي پيا آهن:

 

شرح غمِ تو لذتي شادي به جنا دهد

ذکر لبِ تو طعمِ شکر در دهان دهد. (سلمان ساوجي)


جهد شهد وشڪر قند مڪرر جي ٿئي تعريف

ات وصف لبِ يار نباتي ڪر اظهار. (سانگي)


لعل لب آهن مٺا ٻئي شهد شڪر کان وڌيڪ

شربتِ لب جي مٺائي آبِ ڪوثر کان وڌيڪ.

(حافظ احسن) (1)

لولوء دندان:

محبوب جي ڏندن جو ذڪر پارسي ۽ سنڌي شاعرن هيرن ۽ موتين سان ڀيٽ ڏئي ڪيو آهي.

 

تنهنجي لعلن کان لڄايا ڏس ته ياقوت و عتيق

لولوءِ دندان لڳو لڳ ڪيئن ڳتي آهي  قطار.(حامد)


کلڻ ۾ ڏند موتين جان ٿا چمڪن

رکن تن جا ٿا ڪيئي جوهري سڌ.      (فقير)


 منهنجي محبوب جا لب و دندان

سچ چوان لعل ۽ گوهر آهي. (گدا)


چشم ميگون:

اهڙو ڪهڙو عاشق آهي جو محبوب جي اکين جو ڪٺل نه آهي، اهڙو ڪهڙو شاعر آهي جنهن محبوب جي مست اکين جو ذڪر نه ڪيو آهي. شاعرن جي ڪلام جي ابتدا محبوب جي اکين جي مدح سان ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته اکيون ئي انهيءَ فتني جو گهر آهن جنهن مان عشق جي باهه ڀڙڪي اٿي ٿي. پارسي شاعرن پنهنجي محبوب جي اکين کي  ڪڏهن ميگون، ڪڏهن قاتل، ڪٽاري، ڪڏهن آهو ۽ ڪڏهن نرگس وغيره  ڪوٺيو آهي.سنڌي غزل ۾ پڻ پارسي اثر قبولي ساڳيون تشبيهون استعمال ڪيون ويون آهن.

اکين جي مستي جو ذڪر شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي هنن لفظن ۾ ڪن ٿا:

توبہ کند از گناهه خلق به شعبان

در رمضان نيز چشمهائي تو مست است.     (سعدي)


مي حاجت نيست مستيم را

در چشمِ تو تا  خمار باشد.     (حافظ)

 

قادري، قليچ ۽ مخلص محبوب جي اکين جي مستي کي هيئن بيان ڪن ٿا.

 

تنهنجي هڪ نظر سان ٿي مستي دل، ناهين گهرج، باده ناب جي

جو هزار جام شراب گم، آهي تنهنجي ديدهء ناز ۾. (قادري)

 

چشم ميگون، مثال نرگس  مست

تنهنجي خوني خمار تان صدقي.    (قليچ)

 

ڇا ڪريان مان شراب شيرازي

چشم ميگون کان تنهنجي آءُ مخمور.   (مخلص)

پارسي شاعرن جي اکين جي ڀيٽ آهو (هرڻ)، نرگس ۽ پيماني سان ڪئي آهي، اهي سڀ تشبيهون حاجي محمود ’خادم‘ هڪ شعر ۾ بيان ڪندي چوي ٿو:

 

چشم ميگون يار جي تعريف آهو ڪئي جڏهن
شور ۾ نرگس هئي ۽ دور ۾ پيمانو هو. (محمود خادم)
پارسي شاعرن اکين کي قاتل ڪري ڪوٺيو آهي، جن ۾ تير، تلوارون ۽ خنجر آهن. خاقاني اکين کي نيزن سان ڀيٽ ڏيندي چوي ٿو:

 

ترک چشمت مرا به نيزه بزد

نوکِ آن نيزه در جگر بشکست.    (خاقاني)


خليفو گل محبوب جي اهڙين اکين جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

 

تو ڦٽي آ عاشقن جي دل هڻي چشمن جا تير

پوءِ رکي پٽيون انهن کي تون اچي دلدار چيٺ.     (گل)


۽ عزيز چوي ٿو:

 

تيرِ نگاهِ ناز جگر مان ٿي پار ويو

ارمان دل ۾ رهجي ويو تنهنجي قتيل جو.    (ليکراج عزيز)



 


 

مرﱞگان ۽ ابرو:

 

پارسي شاعرن مرﱞگان ۽ ابرو کي گهڻو ڪري حسن جي جنگي سرڪار جي فوج ڪوٺيو آهي. ابرو کي تيغ، ڪمان، خنجر ۽ ڪڏهن پهرين تاريخ جي چنڊ ۽ محراب سان تشبيهه ڏني آهي ۽ مرﱞگان (پنبڻين) کي تيرن وغيره تان تشبيهه ڏني آهي. سنڌي غزل گو شاعرن پڻ ساڳيو انداز اختيار ڪيو آهي. هيٺ پارسي ۽ سنڌي شاعريءَ جا مثال پيش ڪجن ٿا:

 

دي به تندي بلند کرد ابرو

از پئي کشتم کمان برداشت.    (خسرو)


نواز علي ’نياز‘ ابرن کي  تيغ سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو:
تيغ ابرو سان ڪري زخمي ستمگر مون کي نيٺ
هيئن چئي ويو، عمر ساري هائي ويٺو چاڪ چيٺ. (نياز جعفري)
محمد هاشم مخلص هڪ ئي وقت ابرو ۽ مرﱞگان جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

سندءِ ابرو ۽ مرﱞگان جي آهي، تشبيهه لا حاصل
تير سان، تير سان، شمشير سان، نيزه ۽ خنجر سان. (مخلص)

 

پارسي شاعرن ابرن کي ڪڏهن محراب سان تشبيهه ڏئي پنهنجي خيالن جي بلند پروازي ڪئي آهي، خسرو ٿو چوي:

مشتبہ مي شود قلبہ، زرويت چه کنم

که از ابروي تو چشمم بد و محراب افتاد.     (خسرو)


۽ حافظ شيرازي ٿو چوي:

 

مي ترسم از خرابي ايمان که مي برد

محراب ابروي تو حضور نماز من.    (حافظ)


سنڌي شاعر ابرو کي تشبيهه ڏئي پنهنجي جذبن جو اظهار هيئن ٿا ڪن:

 

رات زاهد چشم ابروي دلدار

حضرتِ عشق کي امام ڪيم.  (سانگي)

 

ڇو وڃان يارو سوءِ ديرو وحرم

مون کي ڪافي ٿيو خمِ ابروئي دوست.       (مخلص)

 

ايران کان زياده شاعرن مرﱞگان (پنبڻين) کي وڌيڪ خوني بيان ڪيو آهي. هڪ پارسي شاعر چوي ٿو:

 

خويش را بر نوکِ مرﱞگانِ ستم کيشان زدم

آن قدر زخمي که دل ميخواست در خنجر نه بود.   (نامعلوم)

 

 ۽ وحشي يزدي چوي ٿو:

 

من کشتئه کرشمئه مرﱞگان که بر جگر

خنجر زد آن چنان که نگہ را خبر نبود.  (وحشي بزدي)


اسان جي غزل گو شاعرن پڻ مرﱞگان کي خوني ئي بيان ڪيو آهي. جن جي عادت عاشقن جو خون ڪرڻ آهي:

 

ڪيا تير مرﱞگان سان سو صيد سهڻي

اڃا پڻ اٿس ڪا تياري عزيزو.   (حامد)

 

اچي ٿو تير مرﱞگان جو سٽيندو

ڪيان دل جي حفاظت يا جگر جي.      (محمود خادم)



 

فوج مرﱞگان کان آهه صف آرا، حصار، دل مٿي

حمله آور آهه لشڪر حسن جي سرڪار جو.     (فقير)


چاه زنخدان:

پارسي شاعرن جتي محبوب جي چهري جي ٻين نقشن جي تعريف ڪئي آهي، اتي محبوب جي کاڏيءَ جي به تعريف ڪئي آهي. کين محبوب جي کاڏيءَ ۾ گهٻ نظر آيو آهي، تنهن ڪري هنن ڪڏهن ان کي صوف سان ڀيٽ ڏئي ان کي حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪڏهن ان کي چاهه (کوهه)  سان ڀيٽ ڏئي ان کي چاهه زنخدان، چاهه ذقن، چاهه غب غب ڪوٺيو آهي ۽ ان ۾ ٻڏي پنهنجي دل جي سمورين حسرتن کي ختم ڪرڻ جي خواهش بيان ڪئي آهي.حافظ شيرازي محبوب جي کاڏيءَ کي سيب (صوف) سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو:

ز ميوه هاي بهشتي چه ذوق دربايد

هر آنکه سيبِ زنخدان شاهدي نگزيد.    (حافظ)


سانگي به محبوب جي کاڏيءَ کي صوف سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو:

 

دوا منهنجي سودا جي سهڻا سندءِ

آهي سيب سرهو زنخدان جو.    (سانگي)

 

حافظ شيرازي محبوب جي کاڏيءَ کي چاهه (کوهه) سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو:

در چاهِ  ذقن چو حافظ اي جان

حسنِ تو دو صد غلام دارد.      (حافظ)


۽ اسان جا شاعر چاهِ غبغب ۾ هيئن ٿا غوطا کائين:

 

چاهِ غبصب ۾ تنهنجي غوطو هڻي

فڪر منهنجو ٿيو ماهه ڪنعاني.       (سانگي)


حياتي عشق ري برباد آهي

ٻڏڻ گهرجي ڏسي چاهِ ذقن ڪٿ            (فقير)

سراپا:

پارسي شاعرن پنهنجي غزلن جي شعرن ۾ محبوب جي مختلف عضون جي تعريف ڪئي آهي. غزل جي ڪنهن شعر ۾ هنن اکين جي تعريف ڪئي آهي، ڪنهن ۾ ڳلن جي ۽ ڪنهن ۾ چپن وغيره جي. مگر هنن ڪي اهڙا غزل به لکيا آهن جن ۾ هنن محبوب جي سموري جوڀن جي پيرن کان وٺي چوٽيءَ تائين تعريف ڪئي آهي. ان ۾ هنن محبوب جي هر عضوي کي مختلف شين سان تشبيهه ڏيندي حسن جي رعنائي  جي اهڙي تصوير ڪڍي آهي، جنهن جهڙي تصوير ڪڍڻ نقاش جي سون  رنگن واري برش کي طاقت نه آهي. اهڙن غزلن کي خاص نالو ڏئي سراپا ڪوٺيو ويو آهي. اهي غزل گهڻو ڪري مسلسل هوندا آهن. سنڌ جي غزل گو شاعرن به پارسي جي شاعرن کان متاثر ٿي پنهنجي محبوب جي مدح ۾ سراپا لکيون آهن مگر هنن تشبيهون ۽ استعارا گهڻو ڪري اهي ئي استعمال ڪيا آهن جيڪي پارسي شاعرن پنهجي محبوب جي حسن جي ثنا خواني ڪندي بيان ڪيا آهن. بنهي ٻولين جي شاعرن محبوب کي ڪڏهن جنگجو ۽ قاتل ڪري پيش ڪيو آهي. جيئن غلام سرور فقير چوي ٿو:

صفِ مرﱞگان، ڪمان ابرو، نگاهِ ناز و خان و خط

هي جنگي حسن جي سرڪار جو سڀ آهه لشڪر  سچ.   (فقير)

 

نه ته گهڻو ڪري هنن محبوب جي حسن کي گل ۽ گلستان سان ڀيٽ ڏئي پنهنجي اکين ۽ دل کي سرهائي بخشي آهي. جيئن هيٺين شاعرن جي شعرن مان معلوم ٿيندو:

 

دفترِ حسن بهار است، که در عهدِ تو شست

برگِ گل نيست که ازباد در آباد افتاده است.

(ابوطالب ڪليم)

  (هي گل جو پتو نه پيو آهي جنهن کي هوا پاڻيءَ ۾ اڇلايو آهي، پر بهار تنهنجي سونهن ڏسي پنهنجي حسن جي دفتر کي ڌوئي رهيو آهي.)

 

۽ فغاني چوي ٿو:

 

گل مي درد قبا به چمن داد خواءِ کيست

گلشن به خون تپيده شهيدِ نگاه کيست.    (فغاني)

اسان جا سنڌي شاعر به معشوق کي گل و گلستان سڏيندي چون ٿا:

ٿيو سڄڻ باغ باغ سر تا پا

پنهنجي باغ و بهار تان صدقي.

 

منهنجي گلرخ جو منهن ٿيو گل گل

لعل جي لاله زار تان صدقي.    (قليچ)

 

اکيون نرگس، دهن غنچو، تنهنجو قد سرو، لب لاله

ڏسڻ مرڪڻ، گهمڻ تنهنجي ته شرمايو گلستان کي.  (قادري)


تڏهن آءُ ڇا ڪندس سرو و گل ولاله و سنبل کي

جڏهن مون سان سٺا منهنجا پرين رشڪِ قمر بگڙيا.     (گدا)

 

تنهنجو وجود باغ سڀو، جسم ٿيو چمن

گل تنهن ۾ لک، هزار ٽڙيا رنگ، لعل سرخ،    (گل)

 

هي ته هئا واحد شعر، جن ۾ محبوب کي باغ و بهار ڪري پيش ڪيو ويو آهي. هاڻي ڏسڻ گهرجي ته شاعرن پنهنجن مسلسل غزلن ۾ محبوب جي سراپا ڪهڙي نموني بيان ڪئي آهي. مولوي جامي پنهنجي مثنوي يوسف زليخا ۾ جيڪا يوسف ۽ زليخا جي حسن جي تعريف ڪئي آهي تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. مگر هن پنهنجي هڪ غزل ۾ به جيڪا محبوب جي سراپا بيان ڪئي آهي، سا پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايراني شاعرن محبوب جي هر عضوي کي ڪيئن ساراهيو آهي:

 

عارض است اين يا قمر يا لالئه حمراست اين

يا شعاعِ شمس يا آئينئه دلهاست اين.

 

2-  قيامت ست اين يا الف يا سرو يا نخلِ مراد

يا مگر گلدستئه باغِ جنان آراست اين.


(1)  ”شعر العجم“- حصو ٻيو-مطبع معارف اعظم ڳڙهه، 1947ع، ص 25.

(1)  ”ديوان احسن“-حافظ محمد احسن ڇاپايل ويڙهو مل کٽڻ مل، لاڙڪاڻه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org