روح ادب
1954ع ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾
هڪ ادبي ادارو”اداره روحِ ادب سنڌ“ جي نالي سان
قائم ڪيو ويو، جنهن جو ڪم هو سنڌي علم ادب جي
اشاعت. انهيءَ ڪم کي پايئه تڪميل تائين پهچائڻ
لاءِ اداره روحِ ادب جي ماتحت ٽي شعبا قائم ڪيا
ويا:
دارالمصنفين، 2- بزم مشاعره، -3- راڳ سڀا.
اداره روحِ ادب سنڌ جي طرفان ساڳئي سال آڪٽوبر مهيني ۾ حيدرآباد
مان ”روحِ ادب“ نالي سان ماهوار رسالو شروع ڪيو
ويو. جنهن جو سرپرست مخدوم محمد زمان ۽ ايڊيٽر
محمد خان غني هو.جيئن ته اداره روح ادب جي بنيادي
شعبن مان بزم مشاعره پڻ هو، تنهن ڪري روحِ ادب نه
صرف غزل جي سرپرستي ڪئي پر اخباري مشاعره جي روايت
کي به قائم رکيو. روحِ ادب جي پهرين پرچي ۾ مشاعره
روحِ ادب جو اعلان هنن لفظن ۾ ڪيو ويو. ”هر مهيني
روحِ ادب جي طرفان هڪ مصرح طرح ڏني ويندي، جنهن تي
آيل نظمن جو اختصار روح ادب ۾ ڏنو ويندو. هن دفعي
لاءِ مصرح طرح آهي
(2):
”پڇ پرين کان سي ڪڏهن ڪا منهنجي پوئواري ڪندا.“
انتخاب مشاعره (1)
طالب الموليٰ:
ڪين لاهيندا ڪڏهن مون تان سڄڻ هٿ ٻاجهه جو
عيبدارن سان غمن ۾ ڪا ته غمخواري ڪندا.
ڪن اميدن تي اڃا ويٺي نهاريان واٽڙيون
نيٺ نرمل تنهن نڌر جي ڪا نظرداري ڪندا.
محمد خان ’غني‘
سور سهه، ڪر ڪانه ڪا پر تون طبيبن جي طلب
درد جن دل کي ڏنو سي دوست دلداري ڪندا.
ڪهه ڪٺيءَ جو ڪانگلا ڪجهه تون حبيبن ساڻ حال
پڇ پرين کان هو ڪڏهن ڪا منهنجي پوئواري ڪندا.
نواز علي ’نياز‘ جعفري:
منهنجا مارو غمزديءَ سان نيٺ غمخواري ڪندا
درد ۾ دلگير جي هيڪر ته دلداري ڪندا.
بي قصور آهيان تڏهن ڀي بدگمانيءَ کان غلط
ڪا نه ڪا تهمت رکي ڪوڙي مونکي ڪاري ڪندا.
اسد الله غني ٽکڙائي (اسد الله شاهه):
ڪيئن هلي حجت حبيبا تو اڳيان هيڻي سندي
در سندءِ تي دمبدم ويا نياز نيزاري ڪندا.
جان بلب آهي ’اسد‘ اڄ يا سڀان ويندو هليو
هن مريضِ عشق سان ڪا دوست دلداري ڪندا.
خالد ٺٽوي:
ڏير ڏاڍائي ڪري جي ڏک ڏکيءَ کي ڏيئي ويا
غمزده غمگين جي سي ڪهڙي غمخواري ڪندا.
ترس جي تر جيترو کائي، نه کائيءَ تي سگهيا
سي وري سردار ڪيئن سورن ۾ سرداري ڪندا.
حافظ احمد لاکو(ميرپور بٺورو):
مير مرسل جي مهابي بخش بدڪاري ڪندا
ڏيئي دلاسا، دل ڏکويل ساڻ دلداري ڪندا.
مولوي محمد نورنگ زاده:
پڇ پرين کان هو ڪڏهن ڪا منهنجي غمخواري ڪندا
يا مبادا هيءَ مٺي مرڳو، ڌڪي ڌاري ڪندا.
وڃ نه ويڄن وٽ وري ۽ ٿي طبيبن تات ڪين
چاڪ چچريل کي وجهي حيران هيڪاري ڪندا.
آصف خان مصراڻي ’آصف‘:
مون نه ڄاتو ڪيچ وارا ڪاڪ هيئن ڪاري ڪندا
پاڻ سان نيندا پنهل ۽ مون کان بيزاري ڪندا.
جي ورن جي ووڙ ڪئي تن ساڻ ور ٿيا واهرو
ڇو نه آصف مهل اوکيءَ ۾ مددگاري ڪندا.
”روحِ ادب“ نه صرف پنهنجا اخباري مشاعرا شروع ڪيا پر ان ٻين بزم
مشاعرن جي سرپرستي پڻ ڪئي. ان جي ڊسمبر ۽ جنوري
واري پرچي ۾ بزم محرابِ ادب ڪراچي جو هڪ مشاعرو
جنهن جي طرح هئي: ”ڪو جلائي ويو عروس لاله جي
معصوم دل“ شايع ٿيل نظر اچي ٿو:
روحِ ادب جي آمد ڪري ڪيترين اديبن ۽ شاعرن ۾ سرهائي پيدا ٿي
هئي، جن مان ڪن ان جا مرحبائي نغما لکيا، راز
بلڙائي ان جي آجيان ڪندي چوي ٿو:
روحِ ادب رهي شل هر زمن ۾
مقبول آهي بيشڪ پنهنجي سو ٿيو وطن ۾.
دامن ۾ پنهنجي کڻندي علم و ادب جا گوهر
پهچي ٿو هي سفينو هر گوشئه وطن ۾.
سنڌي زبان ۾ هي روشن چراغ آهي
ٿي صوف شان ويو هي هر بزم و انجمن ۾.
روحِ ادب ۾ نه صرف سنڌ جي نون ۽ پراڻن شاعرن جا غزل شايع ڪيا
ويندا هئا، پر مبتدي غزل گو شاعرن کي عروض کان
واقف ڪرڻ لاءِ ”شاعري جا سبق“ جي عنوان سان هڪڙو
سبقن جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، جيئن نو آموز
شاعر پنهنجون فني غلطيون دور ڪري سگهن ۽ علم معافي
۽ بديع جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. افسوس جو هي رسالو
به مان مشڪلاتن سبب ڪجهه اشاعتن کانپوءِ بند ٿي
ويو.
***
ڀاڱو
ڇهون
بزم مشاعره
بزم مشاعره
*
بزم مشاعره
مير علي شير قانع وارو مشاعرو
قاضي امام علي وارو مشاعرو
سانگي جا مشاعرا
بزم نشاط ٺٽو
بزم مشاعره لاڙڪاڻو
مير علي نواز جا مشاعرا
سنڌي ساهت سميلن (بزم مشاعرا) شڪارپور
واڍن جي پڙ وارا مشاعرا
بزم مشاعرا ميرپور ٺل
بزم ادب ڪراچي
بزم مشاعره ناري
بزم صوفي
بزم بلبل
بزم مشاعره ڊي- جي- سنڌ ڪاليج ڪراچي
پوئٽري سوسائٽي
بزم ادب حيدرآباد
بزم مشاعره سکر
سنڌ مسلم ادب سوسائٽي حيدراباد جا مشاعرا |
بزم مشاعره جيڪب آباد
سنڌ سڌار سوسائٽي ڪراچي
مجلس مشاعره (نو آباد ڪراچي)
انجمن اردو ترقي ڪراچي جا مشاعرا
انجمن شعراءِ هالا
انجمن آفتاب ادب دادو
بزم ادب نواب شاهه
جميعت الشعراءِ سنڌ
بزم نظامي ڪراچي
بزم ناز خيرپور
بزم خليل حيدرآباد
محفلِ احباب ڪراچي
بزم احباب خيرپور ناٿن شاهه
بزم نظامي ڪراچي
بزم تارڪ گهوتڪي
بزم بسمل ٽنڊو محمد خان
بزم طالب الموليٰ سنڌ
انجمن جان ادب جيڪب آباد
بزم سرشار ڪراچي
بزم اظهر گهوٽڪي
بزم ادب نئون امروٽ |
*
بزم مشاعره
سنڌي غزل جي اوسر ۾ سڀ کان گهڻو ڪم بزم مشاعرن ڪيو آهي. اهي بزم
مشاعره ئي هئا جن سنڌ جي شاعرن جو توجهه شاعريءَ
جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل ڏانهن وڌيڪ ڇڪايو يا
ائين کڻي چئجي ته کين عزل جو شيدائي ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ شاعري جي ٻي ڪا به اهڙي صنف نه ملندي جنهن جي ترويج ۽
ترقي لاءِ اهڙي طرح منظم ڪم ڪيو ويو هجي، جهڙي طرح
غزل لاءِ. بزم مشاعره، غزل جا منظم ادارا هئا، جن
۾ ماهوار يا ٿوري وقت جي وٿيءَ کانپوءِ ڪنهن مقرر
طرح تي مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ مختلف هنڌن جا شاعر
پنهنجا رنگين غزل لکي اچي شريڪ ٿيندا هئا. جن تي
سامعين جتي تحسين ۽ آفرين جا گل گهوريندا هئا،
اتي ڪڏهن ڪڏهن تنقيد جا تيز ڪنڊا به ڇپائيندا هئا.
جي شاعرن جي ڪلام جي حسن، خوبصورتي، انداز بيان ۽
خيالن جي فڪر جي نزاڪت ۽ بلندي جي مدح ڪئي ويندي
هئي ته ان جي عيبن ۽ اوڻاين ڏانهن انهن جو ڌيان
نهايت سليقي ۽ تهذيب سان ڇڪايو ويندو هو، جيئن
شاعر جي گهٽتائي ۽ دل شڪني به نه ٿئي ـ ۽ ان کي
پنهنجي ڪلام جي عيبن جو پتو به پوي، جيئن آئنده هو
ساڳين غلطين ڪرڻ کان پاسو ڪري سگهي. مشاعرن ۾
اهڙيءَ ريت فن ۽ فڪر جي اصلاح ٿيندي رهندي هئي.
مشاعرن ۾ علم عروض مطابق بحر ۽ وزن جي ڄاڻ ۽ ٻولي ۽ لفظن جي
استعمال ۽ صحت تي وڏو ڌيان ڏنو هو، جيڪڏهن ڪنهن به
شاعر کان ڪا عروضي يا لفظ جي درست استعمال ۾ سهو
ٿي ته ان تي يڪدم گرفت ڪئي ويندي هئي، جنهن جي
تصديق شيخ عبدالله ’عبد‘ جي بيان ڪيل هن واقعي مان
ٿئي ٿي.
نظامي صاحب واري هڪ مشاعره (بزمِ ادب) ۾ ’ڪاظم‘ به موجود هو،
نوآباد جي مجلس جا راڪين به موجود هئا. مولوي
عبدالغفور سيتائي به اسان سان گڏجي هليو. مشاعري ۾
منهنجو نالو صدارت لاءِ پيش ٿيو. انهيءَ مشاعري ۾
ٻين سڀني دوستن سان گڏ ڪاظم مرحوم به پنهنجو شعر
پڙهيو. ڪاظم جي لفظن ۾ هڪ ترصع ۽ ترنم هو . مشاعره
ختم ٿيڻ کان اڳ مون پنهنجن گذارشن ۾ شاعرن جي نالن
وٺڻ کان سواءِ ڪن لفظن تي اعتراض پيش ڪيا. انهن
اعتراضن ۾ ”شتربان“ جي لفظ تي به اعتراض ڪيو ويو،
جو شاعر غلط بندش سان يعني ت جي سڪون سان ڪم آندو
هو. مرحوم ڪاظم انهيءَ اعتراض لاءِ سند گهري، جنهن
تي ڪي پارسي شاعرن جا شعر پيش ڪيا ويا، پر ڪاظم جي
تسلي نه ٿي. ٻئي ڏينهن ڪاظم مرحوم مون سان ملڻ آيو
۽ چيائين ته اوهان جو اعتراض صحيح آهي ۽ لغت ڏسڻ
کان پوءِ هاڻي مون کان انڪار جي گنجائش ڪانهي ۽
پنهنجو شعر درست ڪيائين.
(1)
بزم مشاعره هڪ اهڙو مرڪز هئو جتي شاعرن جي هڪ ٻئي سان ڏيٺ ويٺ ۽
تعارف ٿيندو هو ۽ هڪ ٻئي سان لاڳاپا وڌندا هئا ۽
شاعريءَ بابت هڪ ٻئي جي خيالن کان واقف ٿي گهڻو
ڪجهه واپرائيندا هئا، خاص طرح نو آموز شاعرن کي
استاد شاعرن جي صحبت مان گهڻو ڪجهه حاصل ٿيندو هو.
مشاعرن ۾ ساڳئي طرح تي ساڳئي بحر وزن ۽ ساڳئي رديف ۽ قافيي تي
غزل لکڻ وقت شاعرن جي ذهنن ۾ مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙ
ٻين شاعرن کان سبقت حاصل ڪرڻ جو خيال سمايل هوندو
هو، تنهن ڪري هر شاعر جي اها ڪوشش هوندي هئي ته هو
پنهنجي غزل ۾ هڪ هڪ قافيي کي بهترين نموني ادا
ڪري. مضمون آفريني ۾ اهڙا موتي پيش ڪري مون جن جي
روشنيءَ اڳيان ٻين جا شعر بيهي نه سگهن ۽ تخيل جي
ايڏي بلنديءَ تي پرواز ڪري جتي ٻين شاعرن جي پهچ
ٿي نه سگهي. مقابلي جي انهيءَ خواهش ۽ ٻين کان اڳ
ڪڍڻ جي تمنا هر شاعر کي پنهجي طبعي جوهر ڏيکارڻ تي
آماده ڪندي هئي.
ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته ”بزم مشاعره“ سنڌي غزل جا مڪتب
هئا، جتي شاعرعروض، علم بديع، لفظن ۽ ٻولي جي صحيح
استعمال شعر جي حسن ۽ قبح، خيالن جي بلند پروازي،
نفاست ۽ نزاڪت جا سبق حاصل ڪري ڀڙ ٿي نڪرندا هئا.
پروفيسر رام پنجواڻي مشاعرن بابت چوي ٿو، ”پنهنجي سر مون هنن
مشاعرن مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي. لفظ ڪيئن پوري
معنيٰ سان آڻجن، لفظن جو صحيح استعمال ڪيئن ڪجي،
بحر وزن تي پورو شعر چوڻ ڪيئن سکجي، غلط شعر جي
اصلاح ڪيئن ڪجي، صرف و نحو تي ڪيئن ڌيان ڏجي، پاڻ
تي تنقيد ڪيئن فراخدلي سان ٻڌجي، تهذيب اندر ان جي
ڪيئن موٽ ڏجي ۽ ٻين جون خاميون ڪيئن فضيلت سان
کولي ظاهر ڪجن. اهي سڀ ڳالهيون مون مشاعره ۾ سکيون
آهن ۽ اهي ڳالهيون مون جهڙن شاعرن لاءِ اهم ضروري
آهن. “
(1)
بزم مشاعرن جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته جڏهن کان سنڌ
۾ اهي وجود ۾ آيا آهن انهيءَ وقت کان وٺي انهن
غزلن جي سرپرستي ڪئي آهي. ايتري قدر جو مشاعره جي
معنيٰ ئي ”غزل جا مشاعره“ ورتي وڃي ٿي.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ وقت جي تقاضائن نثر ۽ نظم جي گڏيل
نشستتن ۽ مجلسن کي وجود ۾ آندو آهي جيڪي پڻ بزم
مشاعرن جو ئي ٻيو روپ آهن. بزم مشاعرن جي تبديل
ٿيل يا ارتقا ڪيل صورت، ادبي ڪچهريون مجلسون ۽
ادبي سنگت جا ميڙ آهن جن ۾ نه صرف نظم بلڪ نثر جا
شہ پارا پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن تي تنقيد ۽ تبصرو
ڪيو وڃي ٿو.
مير علي شير قانع وارو مشاعرو
سنڌ ۾ شاعري جو رواج ڪڏهن کان شروع ٿيو، ان بابت ڪا آخري راءِ
قائم ڪري نه ٿي سگهجي، پر اهو يقين سان چئي سگهجي
ٿو ته ڪلهوڙن جي زماني ۾ مشاعرن جو رواج هو. ڪيترا
شاعر ساڳئي طرح تي طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي
کي غزل ٻڌائي داد وصول ڪندا هئا، هن دؤر ۾ مقامي
ماڻهن ۾ پارسي شاعري لاءِ ايترو ته چاهه وڌي ويو
هو جو مشاعرا ٿيڻ لڳا هئا.
(2)
مير علي شير قانع اهڙي هڪڙي مشاعري جو ذڪر ”مقالات الشعراءِ“ جي
خاتمي ۾ ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته ”هڪڙي ڏينهن شيوڪ
رام ’عطارد‘ ۽ محمد اعظم منهنجي گهر ويٺا هئا،
چيائون ته اڄ ڪنهن نئين زمين ۾ طبع آزمائي ڪرڻ
گهرجي، ”در زنجير شد“ رديف مقرر ڪيو ويو ۽ ” خواب“
۽ ”آب“ جو قافيو چونڊو ويو. سڀني طبع آزمائي ڪئي.
(1)
ان کان پوءِ پيش ٿيل غزلن جو انتخاب ڏنو اٿائين.
غلام علي ’مداح:
گر جنون سرمايہ راحت نمي باشد ترا
پاي ما ديوانگان را خواب در زنجير شد.
صحبت ياران بوءِ شد سلوک راهه حق
پاي من از حلقہ احباب در زنجير شد.
شيوڪ رام ’عطارد:
مرد را موج هنر باشد محيط آبرو
تيغ را از جوهر خود، آب در زنجير شد.
محمد پناهه ’رجا‘:
شد اسير دام زلف او دل ديوانه ام
خوب شد، شوريده بيتاب در زنجير شد.
محمد اعظم:
در هو اي جانان بسکه بيخود گشته اند
عاشقانِ پر بلا را خواب در زنجير شد.
علي شير ’قانع‘:
راه رفتن نيست از کوي تو شيدائي قرا
همچو آن پاي که اورا خواب در زنجير شد.
صاحب طبع روان پابند موج غم مباد
کس نديده هيچ گاهي آب در زنجير شد.
پارسي شاعري جو رواج جيڪو ڪلهوڙن جي دؤر کان شروع ٿيو هو سو
انگريزن جي دؤر ۾ به قائم رهيو ۽ سنڌي غزل ۾ چاهه
وڌڻ سان سنڌي مشاعرن پارسي، مشاعرن جي جاءِ
ورتي.
قاضي امام علي وارو مشاعرو
علامه آءِ- آءِ- قاضي جو والد قاضي امام علي جيڪو انگريزن جي
دؤر ۾ مختيارڪار هو سو هڪ سخن فهم ۽ سخن پرور هو.
انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ پارسي ڪلام جا مشاعرا
ڏاڍا چهچٽي وارا ٿيندا هئا.
(1).
ڪن خاص موقعن تي قاضي امام علي وٽ پڻ مشاعرا
ٿيندا هئا، جن مان هڪ ذڪر ”مفرح القلوب“ ۾ آهي،
جيڪو عيد جي ڏينهن ٿيو هو. ان مشاعري ۾ هيٺان شاعر
موجود هئا- آقا سيد محمد تقي شاهه قنڌاري ’تائب‘،
ميرزا عباس ’خورشيد‘، محمد قاسم ’قاسم‘ ۽ سيد محمد
فاضل شاهه ’فاضل‘.
قاضي صاحب چيو، ”اتفاق سان نالي واريا شاعر هت تشريف فرما آهن.
اميد ٿو ڪريان ته في البديہ شعر ٺاهي ڏيکاريندا.
فيصلو اهو ٿيو ته هر هڪ شاعر واري واري سان هڪڙي
مصرع چوندو اچي جيئن سڄو غزل تيار ٿي وڃي. پهريان
سيد تقي شاهه ’تائب‘ هيءَ مصرح چئي:
”چه خوش است به ازينم که جمالِ يار بينم“
(محبوب جي ديدار کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ٻي ڪا به شي ڪانهي)
قاضي صاحب اها مصرع آخوند محمد قاسم کي ڏني. هو خيال ۾ هو ته
ميرزا عباس ’خورشيد‘ ڪاغذ هن جي هٿ مان وٺي هيءَ
مصرع لکي:
زنهال وصل دلبر بمراد ميوه چينم
(محبوب جو وصل پنهنجي دل جي مرضي مطابق حاصل ڪريان)
ان کانپوءِ فاضل شاهه اهو ڪاغذ وٺي هي مصرع لکي:
ساقي بيا که در محفل گل بتان
حڪيم محمد جعفر اها مصرع حاضرينن کي پڙهي ٻڌائي، جنهن تي ٽهڪڙو
مچي ويو.
مرزا عباس ’خورشيد‘ ڪاغذ وٺي هي شعر لکيو:
بحضور اصل، محفل چه بلند تر نشينم
که نه علم و فضل دارم بجز اينکه خوشه چيم
(محفل ۾ مٿين مقام تي ڪئين ويهان جو نه علم اٿم نه فضيلت، سواءِ
انهيءَ جي جو ٻين جي بچيل ٽڪرن تي گذر ڪندو
آهيان.)
ان کان پوءِ آخوند محمد قاسم هي شعر لکيو:
خورشيد روءِ جانان ديدم چون ذره زانرو
بي تاب و بي قرارم آواره و حزينم.
(محبوب جو سج جهڙو چهرو ڏٺو اٿم، ان ڪري بيتاب، بيقرار ۽ آواره
آهيان.)
سيد تقي شاهه ان جي هيٺان هي مصر لکي:
بصباح عيد قربان بنگر به روءِ جانان
(قرباني واري عيد ڏينهن محبوب جي منهن ڏانهن ڏس)
ان جي هيٺان مرزا خورشيد هي مصرع لکي:
مي ناب ڪن مهيا که خوش آمده همينم
(عمدو شراب تيار ڪر جو اها ئي ڳالهه منهنجي لاءِ سٺي آهي.)
سيد تقي شاهه ان جي هيٺان هي مصرع لکي:
ز طواف ڪعبہ حاجي تو ٻيا به ڪوءِ دلبر
(حاجي، ڪعبہ جي طواف کان محبوب جي گهٽيءَ ۾ اچ)
مرزا خورشيد ان تي هيٺيون مصرع تضمين ڪري غزل پورو ڪيو:
که بحڪم عقل بهتر ز تو نيست جا نشينم
(1)
(عقل جي حساب سان منهنجو جانشين تو کان وڌيڪ ٻيو ڪو به نٿو ٿي سگهي.)
سانگيءَ جا مشاعرا
سنڌي مشاعرن جي شروع ڪرڻ جو سهرو مير عبدالحسين سانگيءَ جي سر
تي آهي مير صاحب سخن سنج، سخن فهم ۽ سخن شناس هو.
بلند عزت ۽ رتبي هوندي به فقير طبع هو. هن وٽ
شاعرن جو وڏو قدر هو. هو انهن جي وڏي عزت ڪندو هو
۽ وقت بوقت سندن مالي مدد ڪندو هو. جنهن جو ذڪر ان
دؤر جي اڪثر شاعرن جي غزلن ۾ ملي ٿو. هن ۾ ڪو به
وڏ ننڍائي جو مونجهارو نه هو، تنهن ڪري پنهنجي
غزلن ۾ پنهنجي هم عصر ۽ هم صحبت شاعرن جو ذڪر
نهايت عزت ۽ احترام ۽ خوشدليءَ سان ڪري ٿو. جيڪڏهن
کيس ڪنهن جو ڪو غزل پسند ايندو هو ته يڪدم انهيءَ
غزل تي غزل چئي ان شاعر جي واکاڻ ڪندو هو، ۽ وقت
تي ٻين شاعرن کي پنهنجي غزل تي شعر چوڻ جي دعوت
ڏيندو هو. اهو سبب آهي جو ان دؤر جا گهڻا شاعر
سانگيءَ ڏانهن ڇڪجي ويا ۽ سانگيءَ جي مشاعرن ۾
شرڪت ڪرڻ لڳا. مرزا گل حسن ڪربلائي سانگيءَ جي
مشاعرن جو احوال هن ريت بيان ڪيو آهي،” هر ڪنهن
اتوار تي مشاعرو ٿيندو هو، ڪچهري واري جاءِ ۾ گلم
وڇايل هوندا هئا جن تي وهاڻا رکيل هئا، جتي هر ڪو
تونگر توڙي غريب اچي ويهندو هو. سانگي هڪ پاسي ئي
ويهندو هو. هر ڪو ملاقاتي سڄي کٻي ۽ سامهون اچي
ويهندو هو. مير مشاعره هميشه پاڻ ٿينبدو هو. شاعر
جيڪي ايندا هئا، سي سانگيءَ جي سڄي ۽ کٻي پاسي اچي
ويهندا هئا. هر ڪو پنهنجو شعر جتي ويٺل هوندو هو
اتي پڙهندو هو. مشاعره ۾ جيڪي شاعر اچي شريڪ ٿيندا
هئا سي سڀ منتخب رزوگار، سربرآورده، صاحبِ قلم،
سخن سنج ۽ سخن فهم هوندا هئا.
(1)
سانگيءَ جي مشاعرن ۾ نه صرف حيدرآباد بلڪ سنڌ جي ٻين شهرن جا
شاعر به وقت بوقت شريڪ ٿيندا هئا. سنڌي شاعرن سان
گڏ پارسي گو شاعر به هوندا هئا، جنهن مان اندازو
لڳايو ٿو وڃي ته پارسي شاعريءَ جو به دؤر هلندو
هوندو.
سانگيءَ جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪجهه شاعرن جا نالا هي آهن:
مير محمد حسين شيرازي ’ناخدا‘، ميرزا سيد تقي ’تائب‘ قنڌاري لس
ٻيلو، مولوي ابوالحسن مهدي الحسن ’حسن‘، حاجي سيد
ڪريم شاهه شيرازي ٺٽوي، سيد حيدرشاهه (تاجر ڪنب)،
غلام محمد شاهه ’گدا‘، سيد محمد فاضل شاهه ’فاضل‘،
سيد صاحب ڏنو شاهه بلڙي وارو، محمد ابراهيم
نقشبندي ٺٽوي، ميان احمد خان ’احمدي، خليفو
درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي، آخوند احمد ’احمد‘
هالائي، آخوند اميد علي ’سها‘ آخوند محمد قاسم
هالائي، آخوند غلام حيدر حيدرآباد، آخوند لطف الله
شيراڻي حيدرآباد، آخوند فقير محمد ’عاجز‘
حيدرآباد، مير گل حسن خيرپوري، ميرا مير علي خان
خيرپوري، ميان وڏل حيدري سعيد پوري، حافظ حاجي
حامد، محمد يوسف مسڪين، فضل محمد ’ماتم‘، رسول بخش
رهي، ميان امداد علي بليدي، امداد حيدرآباد، سرائي
امام علي خان حيدرآباد، ميرزا محمد مشتري مالڪ
مفرح القلوب، ميرزا احمد علي سالٽ انسپيڪٽر ضلعي
ڪراچي، ميرزا دوست محمد دوست حيدرآباد ميرزا قليچ
بيگ، محمد هاشم مخلص، سيد امام بخش شاهه فدوي
ٺٽوي، غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي، محمد شاهه
مجتبائي، آمري وغيره.(1)
سانگي پنهنجن دوست شاعرن کي غزلن ۾ اڪثر ياد ڪيو آهي پنهنجي
هڪڙي غزل ۾ انهن مان ڪن کي هيئن ٿو ياد ڪري.
مطرب خوشخوارن کي گهرجي ساز ۾ آڻڻ سرود
سر ڪري تنبورو مرڌنگ ودف و چنگ و ساز.
۽ ڪري محفل ۾ ويهي صيت موزون دلنواز
چئي غزل تصنيف طبع شاعران هوشيار.
ڪي غزل پهرين گدا جهڙي سخنور جا چئي
بي مثل جو آهي اقليم سخن جو شهسوار.
شاعر عالي دماغ آهي اهو مرزا قليچ
سر زمين شعر ۾ جنهن کي ٿيو ڪلي اختيار.
حيدري جنهن نظم کي پو چؤ به آواز بلند
شاعر نازڪ خيال ۽ آه جو يارن جو يار.
’قادري‘ و علوي، ٿيو وڏو نالو سندس
نظم جنهن جا دلنواز ۽ آهي سو صوفي سچار.
تنهن کان پوءِ چئجن وري حامد سندا اشعار خاص
جي آهن تسبيح جيئن پوتل چون در شاهوار.
آهي با فضل محمد شعر ماتم جو مٺو
دل سندس آهي غمِ آلِ عبا ۾ داغدار
ٻيا آهن ڪيترا استاد شاعر سنڌ ۾
باقصاحت ڇاپجن جن جون ٿيون تصنيفون هزار.
تو وسايا آهن هي مضمون موزون جا تگرگ
طبع تنهنجي آه سانگي يا آهي ابر بهار.
ساڳئي طرح تي سانگي، گدا ۽ قليچ جي طبع آزمائي ڪيل غزلن مان
ڪجهه منتخب شعر پيش ڪجن ٿا جي ڄڻ هڪ مشاعري جو حصو
آهن.
|