گدا- جوابِ غزل:
سي مار وار زلف جا زهري ڪٿي ڪٿي
پلپل پون ٿا پلٽي ۽ پهري ڪٿي ڪٿي.
عاشق جي سر تي سينه تي دل تي ۽ ساهه تي
ور ور ڏيو ور وجهن ٿا سي قهري ڪٿي ڪٿي.
گلشن ۾، بر ۾، بحر ۾ دلدار جي سوا
دلگير دل اسان جي نه ٺهري ڪٿي ڪٿي.
جنهن کي ڏسي ٿي، تنهن کي چوي ٿي ته هي اهو
منهنجي ته دل ادا ٿي اُ ٻهري ڪٿي ڪٿي.
ورق الخيال جا سي ڪريو جام، جام نوش
لافون هڻن نشي ۾ ٿا شهري ڪٿي ڪٿي.
مصرع عجيب حضرتِ ’سانگي‘ پڙهي ’گدا‘
پر ان تي منهنجي طبع جي بحري ڪٿي ڪٿي
(1).
حافظ حامد- جوابِ غزل:
واسينگ زلف وارا زهري ڪٿي ڪٿي
وسيهر وجهن ٿا وات سي پهري ڪٿي ڪٿي.
جوڳي جي جهاڙ جو ۽ متر جو جب نه مپ
ڪاڪل سيہ جر ڪارو قهري ڪٿي ڪٿي.
اقبال چاهه تي ۽ دولت تي، سپاهه تي
پر دل سواءِ حسن نه ٺهري ڪٿي ڪٿي.
نيئي رات ۾ به آئي ڪر هو جو ڪاڪ کان
سو مينڌري جو مشفق مهري ڪٿي ڪٿي.
اعليٰ امير اعظم عبدالحسين خان
اهڙو ته عز اوج سپهري ڪٿي ڪٿي.
حامد، ’گدا‘ چئي ته هي مصرعِ عجب
لافون هڻڻ نشي ۾ ٿا شهري ڪٿي ڪٿي.
ٽنهي شاعرن پنهنجن غزلن جي شروعاتي شعرن ۾ زلفن کي نانگ سان
تشبيهه ڏئي انهن شرارتن جو ذڪر ڪيو آهي جي اهي
محبوب جي جوڀن سان ڪن ٿا. ٽنهي شاعرن طائرِ خيال
کي بلندي تي پهچائي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي.
پنهنجي هڪ غزل ۾ حامد، گدا کي دعوتِ غزل ڏيندي چوي ٿو:
ڇو نه هن نظم تان نثار ڪري
گوهرِ آفرين گدا سڄڻان.
حامدا هي غزل ڏسي پوندو
وجد ۾ يار خود نما سڄڻان.
حافظ حامد، گدا ۽ مرتضائي جي غزلن جا جواب لکيا آهن جن کي بيان
ڪندي چوي ٿو:
1- گدا جيئن ڪر سندي گلرخ مدح حامد تون موچاري
ڪه بر نظمِ تو افشاند ملڪ عقدِ ثريا را.
2- مثالِ مرتضائي در جواب شعر او حامد.
ز باغِ طبع هر دم گل دميدن آرزو دارم.
محمد هاشم مخلص ۽ سندس همعصر شاعر
محمد هاشم ’مخلص‘ حافظ حامد ٽکڙائي جو فرزند ۽ غلام محمد شاهه
گدا جو پيارو شاگرد هو. هن کي پيءُ کان زياده
استاد کان شاعريءَ جو فيض حاصل ٿيو. تنهن ڪري هن
وقت بوقت پنهنجي استاد جي تعريف نهايت ادب ۽ اخلاص
سان ڪئي آهي:
1- اسين گدا شاهه جا آهيون شاگرد
فخرِ شعراء روزگار آهيون.
2- گدا استاد منهنجو بي نظير آهه
سخن ۾، نظم ۾، طرزِ بيان ۾.
3- ڪو نه ڪنهن کي ٿو ڏسان مثلِ گدا اهلِ سخن
جي ڏٺا ڳولي جهان ۾ مون سخنور سوهزار.
4- سخنور تون به مخلص آهين ليڪن
گدا سر حلقئه اهلِ سخن آهه.
جڏهن مخلص شاعري شروع ڪئي تڏهن سندس نوجواني هئي. سانگي ۽ گدا
جي جواني جا ڏينهن لڙي چڪا هئا مگر سندن شاعريءَ
جو شمس عروج تي هو. مخلص وقت به وقت سندن صحبتن
مان فيض ور ٿيندو هو.
1- خدا ڪري ته ڏسان شال حضرت ’سانگي‘
اهو ٿو ’مخلص‘ خاطر ۾ انتظار رهي.
2- ويئي گذري انتظار ۾ مدت مريد
’مخلص‘ نه موڪليو ڪو ’گدا‘ يا علي مدد.
محمد هاشم مخلص پنهنجي استاد ’گدا‘ ۽ ’سانگي‘ جنهن سان هن کي
عقيدت هئي، جي فرمائش تي ۽ پنهنجي پسند تي ڪيترا
غزل سندن غزلن تي چئي کانئن داد حاصل ڪرڻ جو چاهه
ڏيکاريو آهي:
1- ڏسي هي شعر منهنجو با بلاغت
گدا چيو توکي مخلص آفرين آهه.
2- حضرت مير گدا رنگين غزل منهنجو ڏسي
ٿي چيو وهه واهه مخلص خوب خوش تقرير آهه.
3- مخلص ڇوڪرين بند زبان شعر سخن کان
جڏهن حضرتِ سانگي ٿيو قدر دان سخن جو.
هڪڙو غزل جيڪو مخلص گدا جي غزل تي لکيو آهي. ان جي مقطع ۾ چوي
ٿو:
چيو گدا شاهه جوڙ ههڙو عزل
مخلصا خوب خوش بياني ڪر.
استاد ۽ شاگرد جي غزلن جي مطالع مان پتو پوي ٿو ته استاد شاگرد
کي غزل جي شوخيي ۽ نزاڪتن جي آسمان تي پهچائڻ لاءِ
پنهنجي غزل جو گس ڏيکاري پرواز جي دعوت ڏئي ٿو.
گدا:
دلبري منهنجي يار جاني ڪر
ايتري مون ٿي مهرباني ڪر.
چاهه مان چاشني چپن جي چکاءِ
ڪا نه ٻي منهنجي مهماني ڪر.
شاهه تون، تنهنجا سڀ حسين سپاه
حسن وارن تي حڪمراني ڪر.
منهنجو سر، منهنجو ساه تو تي فدا
مهرباني ته جاوداني ڪر.
آئي پيري ته تو مون ڇا ٿيندو
عشق ۾ تون بسر جواني ڪر.
ڪر مطالع، ته درد جو ديوان
ڪا نه ڪا ٻي تون قصه خواني ڪر.
هي غزل بي بدل گدا جو پڙهي
مير صاحب تون قدرداني ڪر.
مخلص:
مون تي جورو جفا نه جاني ڪر
ماهرو يار مهرباني ڪر.
پنهنجي عاشق ڪنان ٻڌي ارني
يڪ قلم ترڪ لن تراني ڪر.
حسين جو چار ڏينهن ٿيو چٽڪو
ڀروسو ڪيم بر جواني ڪر.
خاص تنهنجي رکان محبت ٿو
مون ۾ دلبر نه بدگماني ڪر.
دلربائي جي تخت تي ويهي
منهنجا محبوب حڪمراني ڪر.
ڄاڻ ويئي جا دل ڪيئه قابو
ان جي پيارل تون پاسباني ڪر.
چيو گدا شاهه جوڙ ههڙو غزل
مخلصا خوب خوش بياني ڪر.
(1)
مخلص گدا جي ٻين غزلن تي به غزل لکيا آهن جنهن جو بيان ڪندي
چوي ٿو:
هي گدا جي ٿي وڻي مصرع مون کي
غرق ٿيس تنهنجو ڏسي چاه زنخدان آئون.
عجب مصرع گدا جي آهه مخلص
خدا جي گج جو گوهر ﷴ.
استاد گدا سچ چيو اي مخلص آهي
اشراف جو مٽ ڪين ڪڏهن ٿيندو ازادل.
سانگي پنهنجي هڪڙي غزل ۾ جنهن جا ڪجهه شعر هي آهن، پنهنجي محبوب
جي حسن جي تعريف ڪئي آهي.
نه دل کي خواهشِ سير چمن آهه
اڳوڻو ڪين لذت ۾ وطن آهه.
اسان جي بخت جان دائم چڪر ۾
گدا آهي ۽ ٻيو چرخِ ڪهن آهه.
معطر منهنجو پيارو گلبدن آهه
نه مٽ نڪهت ۾ جنهن سان نسترن آهه.
ڏنگن مان وئي آهي نڪري ڏنگائي
مگر آهي ته زلفِ پرشڪن آهه.
گلن سان تنهن کي تشبيهه ڪهڙي
نزاڪت ۾ زياده گلبدن آهه.
سخن سنجي ڪيان ٿو ڪا نه تنهن ۾
سڄڻ سهڻو سڄو ئي سيم تن آهه.
گلِ خندان جڏهن ٿيندو ته ٿيندو
معطر تر اڃا غنچه دهن آهه.
مٺن ماڻهن جي ابروءَ جو اشارو
سو سانگي لاءِ سرڪاري سمن آهه.(1)
سانگي جي هن محبوب جي واکاڻ واري غزل جي جواب ۾ ’گدا‘ به ساڳيو
محبوب جي سراپا ۽ مدح واري رنگ ۾ جوابي غزل لکيو:
سندم دل اهڙي دلبر تي ڇڪن آهه
سمن رخسار جو گل پيرهين آهه.
نثارِ عارضِ زيبائي جانان
گل و لالئه و نسرين و سمن آهه.
سڄڻ جا زلف مشڪين عنبر افشان
خطا ٿي جي چوان مشڪِ ختن آهه.
چوان بادام چشمِ دلربا کي
علاجِ ضعفِ دل سيبِ ذقن آهه.
قدِ دلبر سهي کان آهه سوڌو
خجل جنهن کان ٿيو سروِ چمن آهه.
درِ دندانِ دلبر جهڙو موتي
ڏٺو مون ڪين در ملڪِ عدن آهه.
پڙهي جيڪو ٿئي سو شڪر افشان
ز بس شيرين سندم سهڻو سخن آهه.
’گدا‘ خسخانه پنهنجي ۾ ئي هر ڪو
نظام الملڪ نوابِ دکن آهه.
(1)
گدا جي غزل جي شوخي، رنگيني ۽ رواني ڏسي سندس محبوب شاگرد مخلص
جي دل ۾ به استاد جي غزل تي غزل چوڻ جي خواهش پيدا
ٿي ۽ هڪ جوابي غزل لکي استاد جي خدمت ۾ پيش
ڪيائين:
مخلص:
سندم او نازنين نازڪ بدن آهه
سمن بر سيم تن، سيمين ذقن آهه.
ز قد و عارضِ گلرنگ جانان
پريشان باغ ۾ سرو و سمن آهه.
آهيان مداح ان جي لعل لب جو
ازان در ملڪِ من ملڪِ عدن آهه.
معنبر زلف دلبر جا ڏسي اڄ
چيو گل بيقدر مشڪِ ختن آهه.
محبت جي شهيدن کي نه هر گز
ضرورت غسل، پروائي ڪفن آهه.
ڪٿي ليليٰ، ڪٿي شيرين آهي
ڪٿي ٿيو قيس، ڪٿ ڪوهڪن آهه
جتي هئي بلبن جي نغمه سنجي
اُتي اڄ خانئه زاغ و زغن آهه.
سخنور تون به مخلص آهين ليڪن
گدا سر حلقئه اهلِ سخن آهه.
(1)
پنهنجي پياري شاگرد جو جوابي غزل ۽ ان ۾ پنهنجي تعريف ٻڌي ’گدا‘
خوش ٿي مخلص جي غزل جي جواب ۾ غزل لکيو، جيڪو ڄڻ
مخلص جي ئي سراپا هو. هن غزل ۾ گدا سانگي جي جواب
۾ چيل غزل کان به وڌيڪ جولان ڏيکاريا آهن. جنهن
ڪري سندس غزل ۾ نهايت شوخي پيدا ٿي وئي آهي.
گدا:
سندم سهڻو سڄڻ رشڪِ چمن آهه
گل اندام آهي ۽ گل پيرهن آهه.
سراپا منهنجو دلبر خرمنِ گل
صنوبر قامت ۽ گلگون بدن آهه.
زبان، برگِ گل ِ احمد سان همرنگ
برنگ غنچه دلبر جو دهن آهه.
تصدق يار جي لب تان سمر قند
نثارِ زلفِ مشڪين خود ختم آهه.
پرين وانگر پري هڪ پل نٿو ٿئي
سندم دل جو درد گويا وطن آهه.
وساري ٿي ڇڏي خلدِ برين کي
عجيبن جي عجائب انجمن آهه.
نڪو جهڙس ٻيو زهرِ هلاهل
فراقِ يار ڄڻ دارا شڪن آهه.
غزل منهنجو سڻي چيو منهنجي دلبر
’گدا‘ سر حلقئه اهلِ سخن آهه.
(1)
هڪڙي ڀيري محمد هاشم مخلص وٽ سندس مهربان استاد غلام محمد شاهه
’گدا‘ قدم رنج فرمائي آيو. پنهنجي استاد جي آمد
تي مخلص جي دل ٽڙي پئي، هن سندس آجيان ۾ هڪ غزل
لکي استاد جي خدمت ۾ پيش ڪيو. جنهن ۾ سندس آمد تي
مخلص جي سرهائي ڀريل جذبن جو اظهار هو.
مخلص:
منهنجو محبوب جانِ جان آيو
گلبدن رشڪِ بوستان آيو.
دوست دلدار دلستان آ:و
يا چوان زينتِ بتان آ:و.
نازنين يار ناز مان آيو
يار سو يوسف زمان آيو.
ماهرو منجهه بغل ڏٺم ۽ چيم
بر زمين مہ ز آسمان آيو.
پر ز شهد و شڪر دهن گرديد
نام دلبر جو بر زبان آيو.
غنچئه بخت من چون گل بشگفت
مهربان منهنجو مهربان آيو.
اڄ گدا شاهه رونق افزا ٿيو
منهنجو استاد قدردان آيو.
جت وڃي ٿو اُتي چوي هر ڪو
هي اجهو خوب خوش بيان آيو.
شڪر ڪر شڪر مخلصا هاڻ
يار سو نازڪِ ميان آيو.
(1)
پنهنجي پياري شاگرد جو مرحبائي غزل ٻڌي گدا جي طبع ۾ ايتري
رواني پيدا ٿي وئي جو جواب ۾ ساڳئي مرحبائي انداز
۾ غزل لکيائين. استاد گدا جي غزلن مان مرحبائي جو
انتخاب ملاحظه ڪريو:
گدا:
باغ ۾ رشڪِ چمن يا سرو خرامان آيو
باغبان چيو ته اجهو غيرتِ بستان آيو.
بخت پنهنجي جي ڀلا ڇو ڀلائي ڀانيان
اڄ اڱڻ منهنجي ڀلائي ڪري جانان آيو.
هن کان واڌو ته ادا مون کي ٻيو ڇا گهرجي
جامِ مي برسرِ ڪف يار غزل خوان آيو.
رات ياقوتِ لبِ يار چيم مون کي چيئين
تنهنجي قبضي ۾ سڄُو ملڪ بدخشان آيو.
منهنجي دلدار جا رخسار ڏسي حسرت مان
گلِ صد برگ جو صد چاڪ گريبان آيو.
جلوهء عارض جان جو ڏسي، ٿي بيتاب
سايئه ابر ۾ خورشيدِ درخشان آيو.
ڪئن نه ٿئي منهنجو تڏهن حال پريشان پڌرو
پر سرِ جور جڏهن زلف پريشان آيو.
اي گدا يار جي مجلس ۾ جڏهن داخل ٿيس
دوست دشمن ٿي چيو شاهه سخندان آيو.
(2)
جڏهن استاد ۽ شاگرد جا مرحبائي غزل سانگيءَ ٻڌا تڏهن هن کان به
رهيو نه ٿيو، ٻنهي غزلن جي جواب ۾ هڪ پنهنجو جوابي
مرحبائي غزل تيار ڪيائين.
سانگي:
دل گهريو يار دلستان آيو
من موهن منهنجو مهربان آيو.
آيو مهرو مٺو اڱڻ منهنجي قرب
مان يار قدر دان آيو
چاهه مان مون ڪيو چميءَ جو سوال
دل اقدس تي سو گران آيو.
دانئه خال کي ڏٺم ٿي اڃا
دام زلف سيہ مٿان آيو.
دل کي ۽ جگر کي ٿي راحت
نام جي تنهنجو بر زبان آيو.
هڪ چري ۽ ٻيا پيا اٿس گهنگرو
آهي پيغام يار کان آيو.
مون کي ايندو ڏسي چيو مهرو
منهنجو هي مست مدح خوان آيو.
جنهن ري ساعت سري نٿي سانگي
سو سڄڻ يار سيگهه مان آيو.(1)
مخلص سنڌ جي ٻين ڪيترن شاعرن کي دعوتِ غزل ڏئي غزل لکرايا آهن ۽
پاڻ انهن جي غزلن تي غزل لکيا، جيئن سندس هيٺين
شعرن مان معلوم ٿئي ٿو:
مرتضائي جواب جوڙيندو
مخلصا ائين اميدوار آهيان.
مخلصا اڄ مرتضائي هي غزل منهنجو ڏسي
لاشڪ و لاريب خوش ۽ شادمان ٿيندو ادا.
بارڪ الله مخلصا هيءَ خوب چئي مصرع صغير
ٿيندو خود عرش الاهي سائبانِ اهلِ درد
مفت وهبيءَ اچي آهه وهائي ورتو
نه تري ڄاڻي، ته تارن سان تري، سو ڇالاءِ.
سندم همراز همدم مجتبائي
شہ فرخنده خو عالي نسب آهه.
فقير محمد ’عاجز‘سانگيءِ ۽ گدا جو همعصر شاعر هو جنهن کي مخلص
جي هڪ غزل جهن جو مطلع ۽ مقطع آهي:
نه دوا جي مون کي حاجت نه دعا جي خواهش
منهنجي مرضي ٿي اها جيڪا خدا جي خواهش
ان حسينن سان رهيو ڪو نه تعلق مخلص
ناهه اميد ڪرم جي نه جفا جي خواهش.(1)
جي هڪ مصرع پسند اچي وئي ۽ هڪ جوابي غزل لکي پنهنجي ديوان ۾
داخل ڪري ڇڏيائين. سندس غزل جا ڪجهه شعر آهن:
جو رهيو تنهنجي گهٽيءَ ۾ ز ازل تا به ابد
تنهن کي عقبيٰ جي نه حاجت نه دنيا جي خواهش.
ڪو چوي مون کي ديوانو ڪو سياڻو مون ڇا
نه گلا جي مون کي حاجت نه ثنا جي خواهش.
اصل مصرع هو مخلص جو وري چؤ عاجز
نه دعا جي مون کي حاجت نه دوا جي خواهش.
(2)
|