سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :35

 

انتخاب مشاعره (2)

غلام احمد ’نظامي‘:

 

تون اي غافل سنڀالي هل، جيئڻ آزار ٿي ويندو
بپا محشر کان اڳ محشر يقين يڪبار ٿي ويندو.

 

نظارو بي بقا هي سڀ نظر کان ڌار ٿي ويندو
ڪڏهن دم ۾ هي پڻ ويران گل و گلزار ٿي ويندو.

 

’حافظ‘ محمد حيات شاهه:

 

سدائين ڪين رهندي خزان آخر بهار ايندو
وري اقبال ٿيندو بخت ياور يار ٿي ويندو.

 

هميشہ ڪين رهندي رات جي ظلمات اي حافظ
سگهو خورشيد خاور مطلع الانوار ٿي ويندو.

 

محمد بخش ’واصف‘:

 

نه رسندي خواهش درمان نه ڪا منت ڪشي ٿيندي
جي لذت بخش الفت جو غم آزار ٿي ويندو.

 

نظر پر ڪيف ڦيرائي جي ساقي بزم ساريءَ ۾
ته هر هڪ جام دل جو ساغرِ سرشار ٿي ويندو.

 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘:

 

اگر فرقت ۾ داغن جي رهي اهڙي فراواني
ته منهنجو غنچئهِ دل ڀي ٽڙي گلزار ٿي ويندو.

 

اڃا پردو کڄيو مس هو ته بيهوشي وٺي ويئي
تو ڇا سمجهو هو اي موسيٰ ائين ديدار ٿي ويندو.

 

پر سرام ’ضياءُ‘:

 

جي پنهنجي ملڪ جي گلشن کي ملندو خون جو پاڻي
مون کي پڪ آ وطن جو خار ڀي گلزار ٿي ويندو.

 

ضيا جيسين نه سکندين تون مرڻ پنهنجي وطن خاطر
ته تنهنجو اي جيئڻ وارا جيئڻ بيڪار ٿي ويندو.

 

حافظ عبدالله ’بسمل‘:

 

جو آهي فردِ ملت سو ته اڄ بيدار ٿي ويندو
اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو.

 

مير گل محمد ’زيب‘:

 

تهي آ جام پر  اميد آ سرشار ٿي ويندو
دوا سان ۽ دعا سان دفع هي آزار ٿي ويندو.

 

لنگهي ويندي اها بيخوابي ۽ شبهائي مايوسي
اسان جو بخت خوابيده  وري بيدار ٿي ويندو.

 

عطا محمد ’خامي‘:

 

خزان آئي ته خود بلبل چمن کان ڌار ٿي ويندي
 جڏهن هر هڪ گل و گلزار سارو خار ٿي ويندو.

 

ڪڏهن ’حامي‘ هي سارو دور ٿي، دور خزان ويندو
بهارِ بي خزان کان هي چمن بي خار ٿي ويندو.

 

قلب علي خواجه:

 

بنائي موت کي ساحل هلائي ڪشتي همت جي
يقينا تنهنجو ٻيڙو بحر غم مان پار ٿي ويندو.

 

نه آهي موج سا گلشن اندر ساڳي  رهي اڄ ڪجهه
هي اجڙيل باغ محنت سان وري گلزار ٿي ويندو.

 

جمع خان ’غريب‘:

 

سياري جي سوڙ جي پاڻ ڏي سڀڪوئي سيريندو
ته هر ڪو پاڻ کان بيزار ٿيندو، ڌار ٿي ويندو.

 

جا آهي ماءُ ڪوشش ڪاميابيءَ جي سا هٿ آڻيو
ته پوءِ معشوق بختاور سندو ديدار ٿي ويندو.

 

ستين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(لاڙڪاڻو)

ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، سنڌي سڌار سوسائٽي جي سهاري هيٺ مدرسہ هاءِ اسڪول ۾ ويهين اپريل 1946ع تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي وئي.

 

ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين ميان غلام عباس قادري ۽ سيڪريٽري عبدالفتاح ميمڻ (وڪيل) هو.

 

ڪانفرنس جي پهرين نشست صبح جو اٺين بجي ڊاڪٽر دائود پوٽه جي صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ سان شروع ٿي. پهريائين حافظ محمد حيات شاهه تلاوت قرآن شريف ڪئي. جنهن کانپوءِ عاشق واحد بخش نعتِ رسول ۽ غلام حسين جعفريءَ قومي گيت چيو. حڪيم وڌيارام ۽ غلام حسين پنهنجي نظم ۽ راڳ سان مجلس کي وندرايو، جنهن کانپوءِ ميان غلام عباس قادري چيئرمين استقباليه ڪميٽي پنهنجو خطبو پڙهيو، جنهن ۾ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سنڌي شاعريءَ جي ترقيءَ لاءِ اهم مشوره ڏنل هئا. بعد ۾ پروفيسر رام پنجواڻي ادبي تنقيد جي موضوع تي تقرير ڪئي ۽ وڻندڙ آواز ۾ پنهنجو ڪلام ٻڌايو. سندس تقرير کانسواءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي جنهن ۾ ادب ۽ وقت  جي ضرورت بابت خيالن جو اظهار ڪيو.

 

صدر جي تقرير کانپوءِ ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ سنڌ ۾ قائم ٿيل سڀني بزم مشاعرن ۽ شاعريءَ جي جماعت کي هڪ نڙهه ۾ پوئي جمعيت الشعراءِ قائم ڪرڻ بابت خيالن جو اظهار ڪيو. جنهن جي تائيد ۾ غلام احمد نظامي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. جنهن کانپوءِ ويچار لاءِ ڏنل ٻن موضوعن (1) سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جا اسباب (2) سنڌي زبان کي ڌارين ٻولين سڌاريو آهي يا بگاڙيو بابت رشيد احمد لاشاري، محمد خان جتوئي ۽ احسان احمد بدوي تقريرون ڪيون ۽ محمد بخش واصف شعر و شاعريءَ تي تقرير ڪئي. ڊاڪٽر دائود پوٽي به انهن موضوعن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

 

آخر ۾ غلام احمد نظامي ۽ قادر بخش بشير سنڌي زبان تي نظم پڙهيا،محمد عرس گويي، سيد موٽڻ شاهه ۽ سندس پارٽي پنهنجي راڳ جو مظاهرو ڪيو. جنهن بعد سبجيڪٽ ڪميٽي جي چونڊ سان پهرين نشست ختم ٿي.

 

شام جو پنجين بجي نشست شاعري جي نشست هئي جا رات جو نائين بجي کان رات جو هڪ بجي تائين هلي.

 

مشاعره لاءِ عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي جي طرح هئي:

’ڪو زمانو هو جو مونتي ناز هو تلوار کي‘

هن ڪانفرنس ۽ مشاعره ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شموليت ڪئي تن مان ڪن جا نالا هي آهن:

 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، محمد بخش واصف، سيد لطف علي، ’منظور‘ علي شاهه صاحب ’حافظ‘، مسٽر ’انيس‘، صاحب زادو صيفل صاحب حيدرآباد محمد خان مجيدي (ٺٽو)، غلام احمد نظامي، عبدالغني، محمد اسماعيل (ڪراچي) پير شاهنواز ’عارف‘، لطف الله (نوابشاهه) حاجي حقيرا بن مڱڻ (حيدرآباد)، محمد خان جتوئي، (نوابشاهه) ماستر ڌڻي بخش ’مشتاق‘، عطا محمد ’حامي‘، رشيد احمد لاشاري، وڏيرو جان محمد، محمد هاشم، عزيز الله ’عزيز‘(خيرپور رياست) سيد امير علي شاهه (جامي)، حيدر بخش، محمد هاشم ’صوفي‘ (سکر)، عبدالوهاب ’ناظم‘، ڪريم بخش ميمڻ، احسان احمد بدوي (شڪارپور)، آغا گل حسن ’گل‘، حڪيم وڌيارام ’وڌيل‘، خانچند آهوجا ’پاسبان‘، حيدربخش، گل محمد شاهه، قادر بخش بشير (جيڪب آباد)، رئيس صويا خان عاصي (بلوچستان)، رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘، عبدالله ’اثر‘، عبدالله ’آسي‘، ڀڄن لال، مولا بخش سانگي، ’ساغر‘، سيد امير علي شاهه ’امير‘، عبدالستار ’ڪيف‘، سيد موٽڻ شاهه، محمد ’عرس‘ (لاڙڪاڻو ضلعو)، حاجي محمود ’خادم‘، ميان غلام عباس ’جوش‘ واحد بخش ’عاشق‘، عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي، پرووفيسر رام پنجواڻي، زيب عاقلي، سرور عاقلي ۾ اياز حسين قادري، هري درياني دلگير، لاڙڪاڻو شهر (1)

هن ڪانفرنس ۾ جمعيت الشعراءِ سنڌ جو بنياد وڌو ويو جنهن اڳتي هلي عروضي شاعري خاص طرح غزل کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ شهرن ۾ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون.

 

انتخاب مشاعره

حافظ محمد عبدالله ’بسمل‘:

 

گردش گردون جي تو سان برسرِ پيڪار آهه
رام ڪر حسنِ عمل سان چرخ ڪج رفتار کي.

 

ختم ٿيون ٿي قيصرو ڪسريٰ جون ان کان گردنون
ڪو زمانو هو جو مون تي ناز هو تلوار کي
(2)

 

هري درياني ’دلگير‘:

 

دل ڏئي مون درد ورتو، دل سان دلبر مليو
منهنجو سودو شہ ڏئي ويو عام جي واپار کي.

 

ڪئن چوان اي جلوه گرڪر پنهنجي پردي کي پري
اک ڪٿي آهي سهي جا حسن جلوه دار کي.
(1)

 

عبدالفتاح ’عبد‘:

 

اي مسيحا ڪوٺجڻ وارئو  ڇڏي گينوار کي
پاڻ ٿي بيدار ڳوليو طالعِ بيدار کي.
ڇا اڃا تو ۾ اها ٿي ڪهني بيماري ٺهي
کوه هت چاهِ ذقن جي الفتِ ديدار کي.
(2)

 

احمد خان’آصف‘ مصراڻي:

ڪو زمانو هو جو مونتي ناز هو تلوار کي
مون ڪيو ٿي قتل ڪنهن سرڪش کي ۽ ڪفار کي
جنهن گهريو ٿي امن هٿ لاتم نه ان جي وار کي.
(3)

 

عطا محمد ’حامي‘:

لذتِ سوزِ محبت پڇ نه ڪنهن بيدرد کان
سون خالص جي ڀلا ڪهڙي خبر لوهار کي.

 

غير ممڪن ترڪِ شوق ۽ سخت مشڪل وصلِ يار
ڪهڙي آفت ۾ وڌو مون پنهنجن جانِ راز کي.
(4)

 

محمد جمن ’هالو‘:

 

ذات تي ڪا ڏات ناهي جن نميو تن آ کٽيو
قوم ڪيئن ڀلجي سگهي ٿي قوم جي معمار کي.

 

قوم ڪنهن جي ذات سان ئي ڪين ڪو مطلب رکي
قوم هر دم ٿي ڏسي اڳواڻ جي ايثار کي.
(5)

 

’حافظ‘ حيات شاهه.

 

هجر ۾ بيوس مري ٿو، مل سگهو مشفق مٺا
واسطي رب جي چوي ڪو عرض منهنجي يار کي.

 

يار پرکڻ لاءِ ٿيو حافظ چريو ڪجهه وقت لاءِ
جلد تنهنجي عقل جي پوندي خبر سنسار کي.

 

اٺين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(نوابشاهه)

 

اٺين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جمعيت الشعراءِ جي سهاري ۽ بزم ادب نوابشاهه جي انتظام هيٺ پرسرام ’ضيا‘ جي همٿ ۽ ڪوشش سان پنجين اپريل 1947ع تي نوابشاهه ۾ ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس جو صدر ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو هو. استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي ۽ سيڪريٽري پرسرام ضيا هو. ڪانفرنس جو انتظام لوڪل بورڊ هال ۾ ڪيو ويو هو.

 

ڪانفرنس جي پهرين نشست ۾ چيئرمين استقباليه ڪميٽي پروفيسر نارئڻداس پنهنجي مرحبائي تقرير پڙهي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي صدارتي ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل سنڌي علم ادب تي تقرير ڪئي. جنهن بعد مختلف ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. جن مان هڪ ۾ سڀني شاعرن، اديبن ۽ اخبار نويسن کي گذارش ڪئي وئي هئي ته هو سليس زبان استعمال ڪن ۽ ٻئي ۾ کين گذارش ڪيل هئي ته هو هندن ۽ مسلمانن ۾ ميلاپ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

ڪانفرنس ۾ تمام گهڻا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا هئا. اديب سنڌ ۾ ڪانفرنس بابت شايع ٿيل رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته جيترا شاعر گڏ ٿيا هوا، اوترا اڳي ڪنهن به ڪانفرنس ۾ ڪو نه هوا. بي انداز شاعرن جي شموليت سان گڏ سنڌي جا چونڊ چونڊ اديب پڻ رونق افزا هوا. (1)

 

هن ڪانفرنس ۾ هندو حضرات گهڻي تعداد ۾ شامل ٿيا جن مان ديوان ڀيرو مل، لعل چند جگتياڻي ۽ ليکراج عزيز قابل ذڪر آهن. (2)

 

ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيل ڪن شاعرن جا نالا هي آهن. ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘، محمد بخش ’واصف‘، سرور علي ’سرور‘، محمد خان ’غني‘، سيد منظور نقوي‘ عبدالله ’خواب‘، ’واقف‘ ٺارو شاهي پر سرام ’ضيا‘ ماستر چندر، غلام احمد ’نظامي‘، محمد جمن  ’هالو‘، حبيب، الله ’فڪري‘، محمد حسين  ’آتش‘، امير علي شاهه ’جامي‘، آغا گل حسن ’گل‘ وڏيرو پير بخش ’منظور‘، حاجي محمود ’خادم‘، عبدالفتاح ’عبد‘، عبدالله ’اثر‘، حڪيم محمد ڇتل ’فدا‘، اياز قادري، جمع خان ’غريب‘، اظهر شاهه گيلاني، رئيس ضياءُ الدين ضيا، در محمد ’خاڪ‘، ناظم الدين ’ناظم‘، صوفي شاهه محمد، ميان غلام عباس ’جوش‘، نواز علي جعفري ’نياز‘، نياز همايوني.

 

ڪانفرنس ۾ ماستر چندر پنهنجي ٽولي سان گڏ پنهنجي مڌر راڳ سان ڪانفرنس کي گهڻو وندرايو.

 

مشاعره لاءِ مصرع طرح هئي:

 

’درد پنهنجي ديس جو دل ۾ جوانو ڌارجو‘

صوفي شاهه محمد:

 

غير دل مان جي ڪڍو تان غير ڀي نڪري وڃن
وقت هي اتحاد جو آ وقت نا تڪرار جو.

 

ڄاڻ ٿيو آزاد پيارو هند وارن جو وطن
گرچه ڦريل ٿو ڏسان رخ چرچلي سرڪار جو.
(1)

 

احمد خان مصراڻي ’آصف‘:

 

ڪينڪي عشقِ بتان ۾ جان تن من ڳارجو
درد پنهنجي ديس جو دل ۾ جوانو ڌارجو.

 

يارو آزاديءَ جي شيرين لئه اوهان فرهاد جيان
سڀ غلاميءَ جا جبل ۽ ڪوه ڏونگر ڏارجو.
(2)

 

عزيز الله مجروح:

 

آدهانِ يار تان قربان غنچي جو وجود
برگ گل ٿيندو ڪٿي همسر لبِ دلدار جو.

 

تان شاهي ڇا ڪبو، عڪسِ هما کي ڇا ڪبو
بس فقط مون کي کپي، سايه سندس ديوار جو.
(1)

 

نظام الدين گوپانگ ’نظام‘:

 

موت آهي سا گهڙي جنهن ۾ غلاميءَ جو گذر
پاڻ کي مرائجو يا موت اهڙو مارجو.

 

ڀل گهمو پيرس يا لنڊن توڙي ڪعبه ۾ وڃو
درد پنهنجي ديس جو دل ۾ جوانو ڌارجو.
(2)

 

مولا بخش سانگي ’ساغر‘:

شور ۽ طوفان ۾ همت نه هر گز هارجو
پار پهچڻ لئه قدم قابو ڪري ڏيکارجو.

 

مڇ سمندر جا ڪندا ديوار حائل راه ۾
مارجو هر گز نه ڇڏبو مڇ مڙيئي مارجو.
(3)

 

نائين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(ميهڙ)

 

نائين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري هيٺ بزم بلبل ميهڙ جي انتظام ۽ رئيس ضياءُ الدين بلبل جي دعوت تي تاريخ ڇويهين ۽ ستاويهين مارچ 1948ع تي ميهڙ ۾ سڏائي وئي.

 

ڪانفرنس جي صدارت ان وقت جي وزير تعليم پير الاهي بخش ڪئي. استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين رئيس ضياءُ الدين هو جنهن ڪانفرنس جو سمورو خرچ پاڻ ڪيو. سيڪريٽري حاجي محمود خادم هو.

 

ڪانفرنس ۾ شهر جي معزز شخصن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مقامي ۽ ٻاهران آيل ڪن معززن، اديبن ۽ شاعرن جا نالا هي آهن:

 

پير الاهي بخش وزير تعليم، سيد علي اڪبر شاهه (ايم ايل اي)، آغا محمد يعقوب (ڪليڪٽر دادو)، شيخ عنايت الله (ڊپٽي ڪليڪٽر ميهڙ)، مولوي عبدالڪريم چشتي، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، غلام احمد نظامي، محمد بخش واصف، نور احمد تنوير، نواز علي جعفري، ’نياز‘، غلام محمد گرامي، مهر الله شيخ، آغا گل حسن گل، عبدالڪريم شاد، عبدالله خواب، قادر بخش بشير، سيد منظور نقوي، وڏيرو پير بخش، منظور، عبدالعزيز (ڏوڪري)، اياز قادري، مولوي در محمد خاڪ، علي محمد خالدي، محمد خان ’مجيدي‘، عبدالله ’شائق‘، محمد علي ’جوهر‘، توقير، سرور علي سرور (حيدرآبادي)، وصي، شاهه محمد ’صوفي‘، رئيس مرزا خان، ماستر الاهي بخش، مولوي جان محمد، مولوي شفيع محمد، عبدالقادر ميمڻ، ماستر محمد رمضان، ’ثاقب‘، راءِ صاحب منگهر مل ۽ واحد بخش ’عاشق‘.

 

ڪانفرنس جي پهرين نشت 26 تاريخ صبح جو ڏهين بجي شروع ٿي. تلاوت  قرآن شريف کان پوءِ واحد بخش’عاشق‘ غلام محمد نظامي جي نعمت خوش آواز سان پڙهي. جنهن کانپوءِ سيد علي اڪبر شاهه ڪانفنس جو افتتاح ڪيو. هن پنهنجي تقرير ۾ ان موضوع تي ڳالهايو ته اهڙن جلسن جو مقصد ڇا هئڻ گهرجي ۽ اڄڪلهه قوم کي ڇا جي ضرورت آهي. (1)

 

شاهه صاحب جي تقرير کانپوءِ رئيس ضياءُ الدين پنهنجي مرحبائي تقرير پڙهي، جنهن ۾ هن سنڌي زبان جي ترقي لاءِ مفيد مشورا ڏنا. پير صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾ سنڌي زبان جي تحفظ ۽ بقا لاءِ عملي قدن کڻڻ تي زور ڏنو ۽ شاعرن کي وقت جي تقاضائن مطابق شعر چوڻ جو مشورو ڏنو.

 

ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن کي شمس الدين بلبل ڏينهن ڪري ملهايو ويو جنهن ۾ بلبل جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ تي تقريرون مقالا ۽ شعر پڙهيا ويا. ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل نظم ۽ بلبل جي شعر شاعري ۽ مزاح بابت تقرير ڪئي.

 

ان کانپوءِ پهرين نشست پوري ٿي. ڪانفرنس ۾ شريڪ احبابن مرحوم بلبل جي مزار تي وڃي دعا گهري.

 

ڪانفرنس جي ٻي نشست رات جي اٺين بجي شروع ٿي، جنهن ۾ غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، بلبل تي تقريرون ڪيون. ڊاڪٽر صديقي پارسي ۾ نظم پڙهيو ۽ غريب، توقير ۽ صوفيءَ سنڌيءَ ۾ نظم پڙهيا جنهن کان پوءِ مشاعرو شروع ٿيو.

مشاعري لاءِ مصرع طرح هئي:

 

’هوا بدلجي وئي آهه اڄ زماني جي‘

ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن 27 تاريخ سبجيڪٽ ڪميٽي جي ميٽنگ صبح جو اٺين بجي سيد علي اڪبر شاهه جي صدارت هيٺ ٿي.

 

ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن جي پهرين نشست به سيد علي اڪبر شاهه جي صدارت هيٺ ٿي. هن ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘، عيوبِ شاعري ۽ مولوي عبدالڪريم چشتيءَ، شاعرن جو مقصدِ زندگي، جي موضوعن تي تقريرون ڪيون. مولوي حڪيم محمد صادق (خيرپور ناٿن شاهه) سنڌي زبان تي مقالو پڙهيو. جنهن بعد ٺهراءَ پاس ڪيا ويا ۽ جمعيت  الشعراءِ سنڌ جون چونڊون ڪيون ويون.

 

ٻي نشست مشاعره ٿي جنهن جي صدارت مولوي عبدالڪريم چشتيءَ ڪئي. مشاعره رات جو ٻين بجي ختم ٿيو جنهن سان ڪانفرنس جي ڪارروائي پوري ٿي.

 

هن ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو ٺهراءَ پاس ڪري ڪن شاعرن کي خطاب ڏنا ويا. نواز علي ’نياز‘، کي عمدت الشعراءِ، محمد بخش ’واصف‘، کي فخر الشعراءِ ۽ حاجي محمود ’خادم‘، کي مخدوم الشعراءِ جا خطاب ڏنا ويا.(1)

حاجي محمود ’خادم‘ ساڳي سال آگسٽ مهيني ۾ جمعيت الشعراءِ سنڌ جي صدر کي پنهنجو خطاب هنن لفظن سان واپس ڪيو، ’ڪنهن به سچي ڪم ڪندڙ لاءِ خطاب ڪا به چيز نه آهي.هن جون خدمتون ئي هن جي لاءِ سچو اجورو ۽ بقادار يادگار آهن.‘ (2)


 


(2)  ڇهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس- مشاعره (قلمي) ملڪيت جمع خان غريب ڳوٺ مريد لاکو دادو.

(1)  اديب سنڌ اپريل 1946ع ص 41- 42

(2)  اديب سنڌ ماهه مئي 1948ع ص 20

(1)  اديب سنڌ ماهه مئي 1948ع، ص 24.

(2)  ڪليات عبد (قلمي) ملڪيت عبدالحق سومرو لاڙڪاڻو.

(3)  ڪليات آصف (قلمي) ملڪيت آصف مصراڻي.

(4) بياض حامي (قلمي) ملڪيت  محمد علي حداد خيرپور ميرس.

(5)  سوز عشق- وفائي پرنٽنگ پريس 1964ع، ص 126.

(1)  اديب سنڌ ماهه اپريل 1947ع.

(2)  عبدالمنان قاضي خطبه استقباليه (ڏهين ادبي ڪانفرنس) تحفئه لاڙڪاڻو سال 1950ع انصاف پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو، ص 15.

(1)  قلمي بياض صوفي شاهه محمد- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

(2)  ڪليات آصف (قلمي) ملڪيت آصف مصراڻي دادو.

(1)  نالهاعه دل (ديوان مجروح) حبيب پبليڪشن سکر 1955ع، ص 89.

(2)  نظام الدين نظام ’بياض‘ (قلمي) ملڪيت نظام الدين گوپانگ ميرو خان لاڙڪاڻو.

(3)  مولا بخش سانگي- ’دور ساغر‘، ص 45.

(1)  اديب سنڌ ماه مارچ 1948ع، ص 11.

(1)  اديب سنڌ، مئي 1948ع، ص17

(2)  اديب سنڌ، آگسٽ 1948ع، ص 18.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org