سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :31

 

 

بزم خليل حيدرآباد

1948ع ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل پنهنجي دوستن جي گروهه سان گڏجي حيدرآباد ۾ مشاعرن جو سلسلو شروع ڪيو جيڪو اڳتي هلي ”بزم خليل“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن مشاعري جلد ئي حيدرآباد جي ادبي حلقن ۾ مقبوليت حاصل ڪري ورتي ۽ حيدرآباد جي شاعرن جي شعر و سخن جو مرڪز بنجي پيو. هن مشاعري طرفان سنڌي ۽ اردو ٻنهي زبانن ۾ طرحون ڏنيون وينديون هيون. جنهن ڪري ٻنهي زبانن جا شاعر هن مشاعري ۾ وڏي چاهه سان شريڪ ٿيندا هئا. سنڌي شاعرن مان منظور نقوي، مظفر حسين جوش، رشيد لاشاري، محمد عرس (عبدالقيوم) صائب، عبدالله خواب ۽ ٻيا حصو وٺندا هئا. هن مشاعري جو صدر ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل ۽ سيڪريٽري مظهر حسين جوش هو.

 

”بزم خليل“ طرفان 23 مارچ 1952ع تي جمعيت الشعراءِ سنڌ جي ته ماهي ميٽنگ جي موقعي تي هڪ وڏو مشاعرو منعقد ٿيو هو. جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترا شاعر شريڪ ٿيا هئا، مشاعره جو انتخاب پيش ڪجي ٿو. طرح هئي:

 

”منهنجي وطن کي يا رب تسڪينِ جاودان ڏي“

 

انتخاب مشاعره (1)

شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘:

 

سينگار تون گلن سان يا رنگ آشيان ڏي
آهي قفس قفس ئي ڌوڪو نه باغبان ڏي.

 

 

 

ڳالهوين نه ڪر اجايون، ميدان ۾ لهي اچ
زنده جي تو کي رهڻو آهي ته امتحان ڏي.

 

محمد رمضان ’دل‘ ڪراچي (نوآباد):

 

انداز نو سان جنهن ۾ دنيا نئين وسايون
اهڙي زمين عطا ڪر ۽ اهڙو آسمان ڏي.

 

خارن کي گل بنائي، ذرن کي ماه پارا
خاڪ وطن کي يا رب اهڙو ڪو باغبان ڏي.

 

الله بخش عقيلي ’سرشار‘:

 

جو خاڪ جي ذري کي ٿو ڪيميا بنائي
سو گوشئه نظر تون هڪ وار ڪر اسان ڏي.

 

پيدا ڪئي سجاڳي هر ملڪ ۾ جوانن
اڄ سنڌ پڻ ڏسي ٿي سرشار نوجوان ڏي.

 

سرور علي ’سرور‘ سلاوٽه حيدرآباد:

 

هي روشني قمر جي هيءُ گل جي مسڪراهٽ
حسن و شباب تون کڻ، مون کي غمِ جهان ڏي.

 

خوابيده آهه بلبل، خاموش آهي گلشن
اي غمزده جا سرور بهر خدا اذان ڏي.

 

رشيد احمد لاشاري ’رشيد‘:

 

جو دم ڪڍين ٿو ٻاهر، سو وي وري نه ايندو
موٽي مزار جا گل، ايندا نه گلستان ڏي.

 

اي آسمان، هٿن جي توسان ڪجي صفائي
ڀل منهنجو امتحان وٺ، يا پنهنجو امتحان ڏي.

 

لطف علي شاهه ’منظور‘:

 

نظرن جو امتحان وٺ، جلون جو امتحان ڏي
تو ڏي جهان ڏسي ٿو، تون ڪجهه ته ڏس اسان ڏي.

 

جيئن جيئن ڏنا ٿي صدما، منظور کي زماني
تئن تئن ٿي ڪيئين تقاضا، آهي ته ڪجهه اڃا ڏي.

 

محمد بخش ’واصف‘:

شاهين  ٿي رهيو مان، ڪنج قفس ۾ آهيان
لاهوت جي پکي کي پروازِ لامڪان ڏي.

 

صحن چمن تي آهيان مان بار ٿي پيو بس
هڪ مرغِ بي نوا کي، بلبل جان آشيان ڏي.

 

اوستو غلام حسين ’حسين‘:

 

تاثيرِ جذبئه دل، ڪجهه رنگ نيٺ لاتو
تعظيم لئه وڃي ٿي خودگرد ڪاروان ڏي.

 

محمد حسين ’آتش‘ ڪراچي:

 

خاڪِ وطن جو ذره توڏي ٿو اڄ نهاري
تون ڀي وطن ڏي پنهنجي ڪجهه ڌيان نوجوان ڏي.

 

مرزا اسد بيگ ’اسد‘ حيدرآباد:

 

حب الوطن اسان کي موجوده  هر زمان ڏي
رک راهه حق تي قائم باطل کان الامان ڏي.

 

امير بخش ’امير‘:

جنت مثال رهندو، لاشڪ چمن اسان جو
گل مٿان چمن ۾، جي جان باغبان ڏي.

 

عبدالله ’خواب‘ حيدرآباد:

 

بيتاب ڇو رهان مان، مستور ڇو رهين تون
ڪر بي نياز مون کي يا ذوق بي ڪران ڏي.

 

محمد يوسف ’شاڪر‘ ڪراچي:

 

دشمن به مهربان ٿي، انداز گفتگو سان
اي مهربان موليٰ اهڙي مٺي زبان ڏي.

 

محمد عرس  (عبدالقيوم) ’صائب‘:

 

يا رب مصيبتن کان تون امن ڏي امان ڏي
بجلي جو رخ ٿو ڏسجي اڄ منهنجي آشيان ڏي.

 

شاهنواز ’عارف‘ ڊٺڙو:

 

ڏيکار عشق  جي ڪٿ منزل ۽ ڪٿ مڪان آ
اڄ پنهنجي رهبري جو او خضر امتحان ڏي.

 

واحد بخش ’عاشق‘ لاڙڪاڻو:

 

گهر ڪو الاٽ ڪونهي، آهي رلهي ڪلهي تي
اي لامڪان وارا، مون کي به ڪو مڪان ڏي.

 

محمد ڇتل ’فدا‘ شهدادڪوٽ:

 

تو کي نٿا ٺهن پيا عيش و طرب جا نغما
ڪر گوش هاڻي سارو ماضي جي قصه خوان ڏي.

 

غلام حيدر شاهه ’ڪوثڙي‘ ٺٽو:

 

جورو جفا جو چنگل، ڌرتي کي ويو وڪوڙي
گلشن بنائي ڌرتي، اهڙو ڪو باغبان ڏي.

 

محمد جمن ’هالو‘ ڪراچي:

 

گلشن ۾ منهنجي آئي، آهي وري بهاري
منهنجي چمن کي يارب هاڻي نه تون خزان ڏي.

 

بزم خليل جي ڪن ٻين مشاعرن جون هيٺيون طرهون هيون:

 

اڄ ياري رهي نه يارن ۾               (27 مارچ 1954ع

 سڪونِ زندگي حاصل نه آهي        (18 جون 1955ع)

محفلِ احباب ڪراچي

 

آڪٽوبر 1950ع ۾ غلام احمد نظامي، الله بخش عقيلي ’سر شار‘، امير بخش قريشي ’امير‘ ۽ ڪن ٻين شعر و شاعري سان دلچسپي رکندڙ احبابن ”محفلِ احباب“ قائم ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي جون علمي ۽ ادبي سرگرميون ڪافي سرد ٿي ويون هيون. هن محفل انهن سرگرمين ۾ ڪافي گرمي پيدا ڪئي. خاص طرح مقامي شاعرن جو وڏو مرڪز بڻجي پئي ۽ هن محفل جي ڪري ڪراچي جي ڪيترن نوجوان شاعرن کي اڀرڻ ۽ اسرڻ جو موقعو مليو. محفلِ احباب جي دؤر جي پيداوار شاعرن مان عبدالعزيز بيدل ساز  نوآبادي، شاڪر، صابر، مجروح، ساجد  سرشاري، مسڪين سرشاري، جوهر سرشاري، شرر، سارنگ، محمد حسين عادل ۽ شاد سرشاري شامل آهن. (1)

 

محفلِ احباب جا مشاعرا امير بخش قريشي جي اوطاق تي سراز ڪالوني، موسيٰ لين ۾ ٿيندا هئا. محفلِ احباب جو صدر الهه بخش عقيلي سرشار هو ۽ سيڪريٽري مختلف وقتن تي امير بخش قريشي، عبدالعزيز بيدل، علي محمد مجروح رهيا.

 

ڪجهه عرصي کانپوءِ محفلِ احباب کي الله بخش عقيلي سرشار جي نالي پٺيان بزمِ سرشار ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ڪيترا شاعر پاڻ کي سرشاري ڪوٺائڻ لڳا. محفلِ احباب جي ڪن مشاعرن جون طرحون هي هيون:

نمائش جي ٿيو قابل سڄڻ سينگار جي باعث

قاتل جي در تي يا درِ قاتل جي آسپاس

وڌو دلربا دل تي دام محبت (جنوري 1951ع).

هڪ گهڙي پل لاءِ حاصل چين اي دلدار ڪٿ (مارچ 1951ع).

حيف اهڙي زندگيءَ تي مان ڪٿي ۽ يار ڪٿ.

ملهايو جشن آزادي عقيدت سان.

 

تاريخ 1 ڊسمبر 1954ع تي محفل احباب جو مشاعرو زير صدارت محمد خان غني جي ٿيو هو مصرع هئي:

 

ڪو جلائي ويو عروسِ لالا جي معصوم دل.

انتخاب مشاعره (2)

الله بخش عقيلي سرشار:

ان جي بدبختي تي ان جي دل ٿي خود ماتم ڪري
عشق جي لذت کان جنهنجي ٿي وئي محروم دل.

 

دولت شعر و سخن سرشار مون تقسيم ڪئي
ٿي رقيبِ روسيه جي شوم قسمت شوم دل.

 

دوست محمد ساجد:

 

يار کي احوالِ غم هر گز نه ٿئي معلوم دل
غمزده جي جو ٻڌي تنهن جي ٿي ٿئي مغموم دل.

 

عرض سائل جو اگهائي حسن جي خيرات ڏي
منهنجا سهڻا، ڪين سهڻن کي سهين ٿي شوم دل.

 

علي محمد اسير:

 

هاءِ گلشن جي تباهي جو ٻڌائي حال زار
ڪو جلائي ويو عروسِ  لالا جي  معصوم دل.

 

بي وفا دنيا جا ۽ ظلمِ فلڪ جا اي اسير
ڪيترا  ظلم و ستم سهندي رهي مظلوم دل.

 

امير  بخش امير:

 

زندگي زندهه دلي، ٿي زنده تون ڀي  جهوم دل
پاڻ کي زنده سڏايان، ڪيئن؟ رکي مرحوم دل.

 

آزمائن ٿا ازل کان آسمان و روزگار
پر اڃا مٽجي نٿي ڪنهن ظلم کان مظلوم دل.

 

محمد خان غني:

 

هن مٿي ارمان ڪهڙو هي ازل جو فيصلو
درد ۽ انسان آهن لازم  و ملزوم دل.

 

جا وڃي ٿي ڪنهن نگاهِ شوخ جو هڪدم شڪار
هاءِ سا  مرحوم دل، مرحوم دل، مرحوم دل.

 

علي محمد خالدي ٺٽوي:

 

ڇا زمين ڇا آسمان، ڇا عرش سڀئي ٿا ڏڪن
آه جنهن دم ٿي ڪٿي مظلوم جي مظلوم دل.

 

عندليبن جي تڙپ مون کي ٻڌائي ٿي ته آه
ڪو جلائي ويو عروسِ لالا جي معصوم دل.

 

طفيل احمد عقيلي ٺٽوي:

ملڪ جي آزاد آهي، تون به آسوده رهين
۽ غلاميءَ کان وطن جي ٿي ٿئي محڪوم دل.

 

محمد دائود ’تاج‘ بن غني:

 

حسرتا! واحسرتا!! آيو اڃا مس مس شباب
ڪو جلائي ويو عروسِ لالا جي معصوم دل.

 

بزم احباب خيرپور ناٿن شاهه

خيرپور ناٿن شاهه ۽ آس پاس رهندڙ ڪجهه علم دوستن 1950ع ۾ بزم احباب خيرپور ناٿن شاهه ۾ قائم ڪئي. هن بزم جو ناتو بزم مشاعره لاڙڪاڻو سان گهرو رهيو. هيءَ بزم ڪافي عرصي تائين ماهوار مشاعرا منعقد ڪندي رهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو خيرپور ناٿن شاهه ۽ ڪڪڙ جهڙن ڳوٺن ۾ ڪيترا سٺا شاعر پيدا ٿي پيا. هن بزم جا هيٺيان عهديدار هئا:

 

1- سيد حاجي غلام شاهه راشدي

2- چوڌري ڪريم بخش خاور

3- حڪيم محمد صادق طالب

4- محمد رمضان ميمڻ ’آزاد‘

صدر

نائب صدر

جنرل سيڪريٽري

خزانچي

 

هن بزم جو روح روان حڪيم محمد صادق ’طالب‘ هو، جنهن جي ڪوشش سان هيءَ بزم قائم ٿي ۽ وڌي هئي.

1956ع ۾ هن جو نالو تبديل ڪري ’بزم طالب الموليٰ‘ رکيو ويو ۽ ان کي مرڪزي بزم طالب الموليٰ حيدرآباد سان ملحق ڪيو ويو. (1) ٿوري عرصي کانپوءِ ان نالي ۾ ترميم ڪري ان کي صرف بزم طالب جي نالي سان سڏيو ويو.

بزمِ نظامي ڪراچي

بزمِ ادب ڪراچي جي باني ۽ روح روان غلام احمد نظامي 22 فيبروري 1951ع  تي وفات ڪئي. مرحوم نظامي جي ادبي خدمتن جي ياد قائم رکڻ لاءِ بزم (ادب) جو نالو ڦيرائي سندس تخلص سان منسوب ڪري بزم نظامي رکيو ويو. (1)بزم نظامي جا مختلف وقتن تي صدر محمد جمن هالو، عبدالرحيم غمگين، حبيب الله فڪري ۽ سيڪريٽري حبيب الله فڪري ۽  محمد حسين آتش رهيا. 1954ع ۾ بزم نظامي جي ڪوششن سان چوڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي  وئي جنهن جي استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ سيڪريٽري اياز قادري  هئا. ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جي وڏي وزير پيرزاده عبدالستار ڪيو.

بزمِ نظامي جي ڪن سرگرم ڪارڪنن جي وفات کانپوءِ بزمِ نظامي جو علمي ادبي پروگرام ختم ٿي ويو ۽ مشاعرن جي شمع گل ٿي وئي.

بزمِ تارڪ گهوٽڪي

سيد انور علي شاهه اظهر، فقير هدايت علي تارڪ نجفي جي معتقدن مان آهي. فقير هدايت علي جي وفات کانپوءِ هن فقير هدايت علي جي ياد قائم رکڻ لاءِ 1952ع ۾ بزمِ تارڪ گهوٽڪي ۾ قائم ڪئي ۽ ان جي طرفان ماهوار مشاعرن جو سلسلو شروع ڪيو. هن بزم جي طرفان هر سال فقير هدايت علي نجفي جي ڳوٺ لالو راونڪ واره ضلعو لاڙڪاڻي ۾ ادبي جلسي جو انتظام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ نجفي (تارڪ) جي حياتي ۽ شعر و ادب تي مقالا پڙهيا ويندا آهن ۽ وڏي مشاعري جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جنهن لاءِ طرح نجفي جي ديوان مان ڏني ويندي آهي.

 

1963ع ۾ اهڙي مشاعري لاءِ مصرح طرح هئي:

 

رهي ڇو نه دنيا کان بيزار تارڪ

هن بزم جي ماهوار مشاعرن جون ڪي مصرع طرحون هي آهن:

دردمندن لاءِ آهي داستانِ دل لذيذ (1 سيپٽمبر 1963ع).

 رهِ الفت ۾ لازم آ وفا ڪر (5 آڪٽوبر 1963ع ).

بزمِ تارڪ جي مشاعرن جون ڪارروايون هفتيوار ’ذوالفقار‘ گهوٽڪي ۾ ڇپيون  وينديون آهن. جنهن ڪري هن بزم ۾ ڪيترا ٻاهريان شاعر به چاهه وٺندا آهن.

 

انتخاب مشاعره (1)

مصع طرح: نٿو سمجهان الائي ڇو رهي ٿي يار جي ڪاوڙ

 

سيد انور علي شاهه اظهر گيلاني:

 

ٿو هر سو جلوو ڏيکاري فقط محروم مان آهيان
نٿو سمجهان الائي ڇو رهي ٿي يار جي ڪاوڙ.

 

شڪسته دل جي نغمن جو اهو ’اظهر‘ اثر آهي
ڍري ٿي ويندي آ جن جي ٻڌڻ سان يار جي ڪاوڙ

 

اميد علي خير پوري اميد:

رهي هر وقت تي مون تي ائين منٺار جي ڪاوڙ
جيئن مجرم تي رهندي آه ٿاڻيدار جي ڪاوڙ.

 

ڪري آزيون نيزاريون ٿو ڪران دلبر جي قدمن ٿي
لهي پئي من ڪڏهن اميد تان دلدار جي ڪاوڙ.

 

ماستر پيرل سومرو پيرل قنبر:

 

وڻي ٿي ساه کي جا ساه جي سينگار جي ڪاوڙ
خدا ڄاڻي اکين تي آ، اکين جي ٺار جي ڪاوڙ.

 

اهو معصوم آ، ان جي ڪئي ڪاوڙ ته ڇا ٿي پيو
نه دل ۾ آڻبي آهي ڪڏهن ڀي ٻار جي ڪاوڙ.

 

عبدالرحيم مڱريو عبد:

 

اسان کي ڪهڙي طاقت جو ڪيون ڪا برڪشي توسان
ڀلا زردار سان ڪيئن ٿي ٺهي نادار جي ڪاوڙ.

 

ڪڏهن ڀي وجهه نه غصي جو ڏنم ان کي حياتيءَ ۾
نٿو سمجهان الائي ڇو رهي ٿي يار جي ڪاوڙ.

 

علام فرفر ڏونگري:

 

ويو سر، پر نه ويئي ابروي خمدار جي ڪاوڙ
اڃا پٺتي پئي آ يار سان گڏ دار جي ڪاوڙ.

 

مڇون ڏاڙهي حجم کي  ڏيئي بنيو بازار جي زينت
انهيءَ هوندي به نر تان ناه لهندي نار جي ڪاوڙ.

 

گل حسن گوپانگ ميرو خاني:

 

هزارن مشڪلاتن کي هڪل هڪ سان هٽايان ٿو
مگر متيون منجهائي ٿي ڇڏي منٺار جي ڪاوڙ.

 

سفارش تي ته آڻي ٿو تپش ويتر طبيعت ۾
تعجب خير آ گوپانگ جي غمخوار جي ڪاوڙ.

 

سيد ناز علي شاهه مرشد گيلاني:

 

انا الحق جو مسلسل ٿو اچي آواز عالم مان
مئو منصور، ڪٿ ٿي سرد آهي دار جي ڪاوڙ.

 

ادا تنهنجيءَ ۾ هڪڙي نئين ادا پنهان رکيل آهي
ڏسان اقرار جي پردي ۾ ٿو انڪار جي ڪاوڙ.

 

احمد خان سومرو مدهوش جوهي:

ڪرائي ميڪدو خالي، ڇڏائي مي پرستي ٿو
اڃا بي پير واغط تي نه ٿئي ميخوار جي ڪاوڙ.

 

بوقت مي پرستي ناصحو هڪدم ٽري وڃجو
مبادا جوش ۾ ايندي هجي سرشار جي ڪاوڙ.

 

غلام قادر مظطر روهڙي:

 

خدا ڄاڻي عنايت  جي نظر ڪهڙي طرح هوندي
ڏٺي مون باعثِ رحمت مٺي منٺار جي ڪاوڙ.

 

شڪايت بزرگان آڻج هر گز هيئن چئي ’مظطر‘
نٿو ڄاڻان الائي ڇو رهي ٿي يار جي ڪاوڙ.

 

سيد نور شاهه گيلاني نور قادرپوري:

 

مزو ڪاوڙ به ڏيندي آ، جي آهي يار جي ڪاوڙ
هجي اقرار جي پردي ۾ ڀل انڪار جي ڪاوڙ.

 

نزاڪت ناز جي آ، يا نتيجو بي وفائيءَ جو
نٿو سمجهان الائي ڇو رسي ٿي يار جي ڪاوڙ.

 

ماستر محمد عالم سومرو (هوش) خانپوري:

مري ويا موران جاين تي ڪارا ڪنگ ٿا ڏسجن
اڃا انسانيت تي ٿي رهي سنسار جي ڪاوڙ.

 

مٽيو گلفام آ  هڪڙو ته سارو باغ ٿيو باغي
ائين سمجهان ٿو ڄڻ آهي سڄي گلزار جي ڪاوڙ.

 

بزمِ ادب جيڪب آباد

جيڪب آباد جي شعر و شاعري سان دلچسپي رکندڙ نوجوانن جهڙوڪ محمد بخش قريشي ’جوش‘، ماستر ڪالو خان اياز ۽ اوستو غلام حسين ’حسين‘ جي ڪوشش سان 20 اپريل 1952 تي بزم ادب جيڪب آباد قائم ڪئي وئي. (1) صدر اوستو غلام حسين ۽ سيڪريٽري محمد بخش قريشي ’جوش‘ کي منتخب ڪيو ويو. هن بزم جلد ئي ڪافي مقبوليت حاصل ڪري ورتي جنهن جي مشاعرن ۾ مقامي ۽ ٻاهريان شاعر وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا. جلد ئي بزم ادب جو الحاق جمعيت الشعراءِ سنڌ سان ڪيو ويو.

 

بزم ادب جو اهم ڪارنامو 1952ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڪل سنڌ تيرهين ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ آهي. هن ڪانفرنس جي صدارت عثمان علي انصاري ڪئي.

بزم ادب جيڪب آباد جي سيڪريٽري جي عهدي تي محمد بخش قريشي کانپوءِ غلام حيدر شيخ (ايڊيٽر آواز) ۽ 1954ع ۾ عبدالڪريم گدائي رهيا.

 

بزمِ بسمل ٽنڊو محمد خان

1952ع ۾ عبداللطيف راز بلڙائيءَ ۾ ٽنڊي محمد خان جي ٻين شاعرن جي ڪوشش سان ٽنڊي محمد خان ۾، ٽکڙ جي مشهور شاعر حافظ محمد عبدالله ’بسمل‘ جي نالي پٺيان بزمِ بسمل قائم ڪئي. هن بزم جو جنرل سيڪريٽري عبداللطيف راز پاڻ هو. سندس ڪوشش سان ٽنڊي محمد خان ۾ شاعريءَ جو چڱو چهچٽو لڳي ويو. بزمِ بسمل طرفان ماهوار مشاعرا ٿيندا هئا پر اهي پوءِ جلد ئي ختم ٿي ويا. بزم بسمل جو هڪ مشاعرو 20 آگسٽ 1952ع تي ٿيو هو مصرع طرح هئي:

 

الاهي تنهنجي دنيا ۾ هي ڪهڙو انقلاب آيو.

 

انتخاب مشاعره

گل محمد ڏيپلائي ’اشڪ‘:

 

پرين آيو هلي مون وٽ وجهي منهن تي نقاب آيو
چيو مون اڄ خدا منهنجا هي ڪهڙو انقلاب آيو.

 

’راز‘ بلڙائي:

 

اجهو سرمايداري جو ڀڃي بت هي ڪندو پرزا
غريب و بي نوا آخر وٺڻ پنهنجو  حساب آيو.

 

الله بخش عقيلي ’سرشار‘:

 

سياست ۾ به زلفِ يار وانگر پيچ و تاب آيو
الاهي تنهنجي دنيا ۾ هي ڪهڙو انقلاب آيو.

 

زيارت خواب ۾ ٿي پر اها ڪهڙي؟ پس پرده
سڄڻ آيو مگر هئي هئي وجهي رخ تي نقاب آيو.

 

محمد خان بلوچ ’صابر‘ مٽياري:

 

ٿيو راشن هتي هن سال جاري سنڌ ۾ ’صابر‘
قيامت جي علامت ٿي ظهورِ انقلاب آيو.

 

حاجي خان ’ڪيف‘ جتوئي:

 

رهيو نا خوف خالق جو ويو انسان ٿي حيوان
زماني ۾ ڏسان پيو مان سمو ڪهڙو خراب آيو.
 


(1)  اديب سنڌ- ص 21-8.

(1)  عبدالعزيز ’بيدل‘ سرشاري، ”ڪراچي جي سنڌي ادبي سرگرمين جو ماضي ۽ حال“- آزاد (هفتيوار) ڪراچي تاريخ 2 فيبروري 1964ع،  ص 5.

(2)  روحِ ادب (ماهنامه) حيدرآباد مان ڊسمبر جنوري 1954ع ص 46- 48.

(1)  محمد صادق حڪيم- ’تحفئه خيرپور ناٿن شاهه‘- قاضي اليڪٽرڪ پريس دادو 1959ع،  ص 18.

(1)  حبيب الله  فڪري- تحفه ڪراچي- الوحيد پرنٽنگ پريس ڪراچي 1955ع ص8.

(1)  ذوالفقار (هفتيوار) گهوٽڪي 11 نومبر 1963ع- ص 3- 4.

(1)  اوستو غلام حسين- ’خطبئه استقباليه گلدسته ادب.، 13، ادبي ڪانفرنس، الحجاز پرنٽنگ  پريس سکر، ص 6.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org