سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :23

 

رسي عيد شوال يارن مبارڪ
سڀن اهل اسلام وارن مبارڪ.

 

معاون جي اخباري مستشهرين کي
۽ ايجنٽ سڀ اهل ڪارن مبارڪ.
(1)

 

تحفئه احباب

محمد هاشم ’مخلص‘ جولاءِ 1904ع ۾ ماهوار  ”تحفہُ احباب“ رسالو جاري ڪيو. مخلص جي شخصيت سنڌي ادب ۾ ڪافي مشهوري  حاصل ڪري چڪي هئي، تنهن ڪري هن رسالي کي عوام توڻي ادبي حلقن ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. مخلص ”تحفئه احباب“ کي هڪ طرف رنگين، تفريحي، طنزيه ۽ مزاحيه مضمونن سان  سينگاريو ته ٻئي طرف سنڌي غزل جي آبياري ڪئي. هيءُ پهريون رسالو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جنهن ۾ باقاعده مشاعري لاءِ طرحون ڏنيون وينديون هيون، جنهن تي شاعر پنهنجا غزل لکي موڪليندا هئا، جي تحفئه احباب جي ”بزم مشاعره“ جو سينگار ٿيندا هئا. تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته مخلص پهريون شاعر صحافي هو، جنهن باقاعده طرحي اخباري مشاعره جو بنياد وڌو.

 

تحفئه احباب جي جاري ٿيڻ جون پارسيءَ ۾ قطعہ تاريخون درس عبدالڪريم ساڪن ڪراچي لکيون، جن ۾هن ستل سنڌين جي شڪايت ڪندي لکيو آهي ته هنن زبان کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ٻيون قومون عروج تي پهچي ويون آهن. مخلص کي تحفئه احباب جاري ڪرڻ تي مبارڪ ڏيندي چوي ٿو ته هاڻي جهل جو منهن ڪارو ٿي ويندو. ڪجهه شعر ملاحظ ڪريو:

 

اي بغفلت خفتگان اي سنديان
اي زبان را کرد برباد و تباه.

 

در ترقي ديگران را سر به اوج
در تنزل قوم ما را سر بچاه.

 

اي به بيداريست يارب با خواب
تحفئه الاحباب راب ينم چون ماه.

 

مخلصِ ما کرد کارِ کردگي
جهل را خواهد شدن بس روسياه.

 

درس تاريخِ اشاعت خوش بخواند
تحفه الاحباب مخلص واه واه.

 

 

دگر

 

نوشت چون مخلص قديم
رسالہء خوشنما و رنگين.

 

بطبع نيکوش خواندم از دل
هزار بار آفرين  و تحسين.

 

کلامِ او بود چونکه شيرين
ز سکه  قندِ مکرر آئين.

 

ز بهرِ سالش بگفت هاتف
کلام شيرين کلام شيرين.
(1)

 

تحفئه   احباب جي ڪن مشاعرن جو طرحون هي هيون:

عجب احوال ٿيو گل بيرهن جي ياد ۾ دل جو  (آگسٽ 1604ع

ٿي ڏسي مدت کان تنهنجو عارضِ پرنور شمع     (سيپٽمبر 1904ع

گوش دل جي ساڻ ٻڌ تون داستانِ اهلِ درد      (آڪٽوبر 1904ع

 

تحفئه احباب جي مشاعرن ۾ حصو وٺندڙن ڪن شاعرن جا نالا هي آهن. خليفو فتح محمد سيوهاڻي ’صغير‘، محمد شاهه، ’مصطفائي‘ عامري، سيد محمد حسن علي شاهه، ’مجتبائي‘ عامري، پير محمد دراني گوسرجي سکر، ميان غلام سرور فقير قادري ’حنيف‘ لاڙڪاڻو، مولوي محمد عاقل ’عاقل‘، محمد عثمان صاحب ’قراني‘، فقير محمد ’عاجز‘ ۽ محمد هاشم ’مخلص‘:

 

ماهه سيپٽمبر 1904 جي مشاعري جو اختصار پيش آهي جنهن جي مطالعي مان ان رسالي جي شاعري جي طبع جي لاڙي، فني مهارت ۽ بلند خياليءَ جو پتو پوي ٿو. مشاعري جي طرح جو رديف ”شمع“ آهي، تنهن ڪري شاعرن شمع بابت ڪيترا وڻندڙ خيال بيان ڪيا آهن:

 

فتح محمد ’صغير‘  سيوهاڻي:

 

سر ۾ آتش، يا بگل، قائم بپا، عاشق بدل
ٿي گذاري هر طرح، هر حال هن دستور شمع.

 

گرچه پرواني جا پر ساڙيا شمع شوخي سان پر
داغداري کان جهان ۾ ٿي گهڻو مشهور شمع.

 

ناهه وس آشفقه حالي ۾ دلِ مجروح جو
اي صغير آهي انهي باعث ڪري مجبور شمع.

 


 

سيد محمد شاهه ’مصطفائي‘ عامري:

 

شمع رو جي همسري جو هو ٻيو ڪو پور شمع
سر برهنه نت سڙي ٿي سر بسر محسور شمع.

 

پنهنجي سر کي ڏک ڏيڻ ۽ ٻي جي سک گهورو ٿيڻ
جا بجا ان خاصيت ۾ خاص  تر مشهور شمع.

 

سيد محسن علي شاهه ’مجتبائي‘ عامري:

 

جي ڏسي يڪبارگي او عارضِ تابانِ يار
هوند پروانو ڪري هر گز نه پوءِ منظور شمع.

 

پرتوِ نورِ جمالِ يار شايد پيو مٿس
سوز جنهن جي ۾ سڙي ٿي  همچو ڪوهِ طور شمع.

 

مثل پروانه جي آهيان ان تي عاشق جان نثار
مجتبائي جنهن جي جلوه کان ٿي چڪناچور شمع.

 


 

ميان غلام سرور قادري ’حنيف‘ (فقير):

 

چنڊ چوڏس يار جو چهرو ڪ آ پُرنور شمع
حسن جو جلوه چوان هي ياڪ تجلو طور شمع.

 

جنهن مهل محفل ۾ مهرو شمع جي ٿيو روبرو
رنگ رونق روشني يڪدم ٿي ويئي ڪافور شمع.

 

عاشقِ دلگير کي در کان ڪيو دلدار دور
پتنگ کان پاسي رهڻ آهي ڪٿي دستور شمع.

 

پير محمد دراني گوسرجي (سکر):

 

رات جو محفل ۾ ايندو جيڪڏهن او شمع رو
روشنائي جي روش اُت اُت آهه نامنظور شمع.

 

عارضِ جانان قمر ئيو يا ڪ آهي آفتاب
جنهن کنيو آهي سراسر ناز سان سڀ نور شمع.

 

ڇو نه پرواني جا ساڙي پر جلائي پرت ۾
اي دراني آهه از بس عشق کان مجبور شمع.

 

محمد هاشم ’مخلص‘:

 

پاڪبزان محبت هر تعلق کان ٿيا پاڪ
بعد مردن بي ڪفن پروانو ۽ بي گور شمع.

 

رات ساري ٿي جلي، پر ڪنهن نه پڇيس دل جو حال
وئي وٺي مجلس مان تنهنجي دل ۾ هي ناسور شمع.

 

ايترو نڪتس نه منهن مان ڇو جلائين ٿو مون کي
اهڙي ٿي تنهنجي اڳيان اي جان من مجبور شمع

 

زيرِ مدفن روشني اعمال جي مخلص ٿي بس
آرزو خورشيد جي مون کي نه ٿي منظور شمع.
(1)

 

تحفہء احباب جي مشاعرن ۾ حصو وٺندڙن شاعرن جا غزل طويل هوندا  هئا، تنهن ڪري مخلص کي اعلان ڪرڻو پيو ته؛ ”خدا جي فضل سان  تحفہء احباب جي شاعرن جون طبعون به نهايت عميق آهن، جنهن ڪري غزل جي پايان کي پهچڻ نهايت مشڪل ٿو ٿئي، تنهن ڪري التماس آهي ته نون شعرن کان مٿي جيڪڏهن ڪو غزل هوندو ته انتخاب ڪري پوءِ درج ڪبو، تنهن ڪري پهرين اهو خيال رکڻ گهرجي.

 

بهارِ اخلاق

 

محمد هاشم ’مخلص‘ جي قلم جي ڌار نهايت تيز هئي جڏهن سندس قلم وهڻ لڳندو هو ته تکي تلوار ٿي پوندو هو، سندس قلم جي تيزيءَ کيس قانون جي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن ڪري هو سنڌ ڇڏي روپوش ٿي جوڌپور، ناگپور ۽ بيڪانير گهمندو رهيو ۽ پنهنجو نالو ناصر علي ظاهر ڪيائين. ٿوري عرصي کانپوءِ هو روپوشي جي حالت ۾ وطن واپس آيو. جيئن ته هن کي صحافت ۽ شعر و شاعري سان عشق هو، تنهن ڪري هن 1906ع ۾ ”بهارِ اخلاق“ جي نالي رسالو جاري ڪيو. جئين ئي هو ان رسالي جو ايڊيٽر پاڻ ٿي نه ٿي سگهيو، تنهن ڪري ان جو ايڊيٽر اسد الله شاهه ’فدا‘ ٿيو. مخلص، ناصر علي جي نالي سان ان ۾ پاڻ به لکندو رهندو هو.

 

محمد هاشم مخلص  ۽ اسد الله شاهه فدا ٻئي اهلِ سخن هئا، تنهن ڪري هن بهارِ اخلاق کي گستانِ شعر و شاعري بنائي ڇڏيو. بهارِ اخلاق ۾ ان وقت جي مشهور اديبن ۽ شاعرن جا املهه مضمون ۽ بي بها غزل شايع ٿيندا هئا، مصرع طرح به ڏني ويندي هئي، جنهن تي آيل ڪلام وري ايندڙ پرچي ۾ شايع ٿيندو هو. (1)

 

بهار ِ اخلاق جي هڪ مشاعري ۾ امام بخش خادم جي موڪليل غزل جو ذڪر لطف الله بدويءَ ڪليات خادم ۾ ڪيو آهي. جنهن جا ڪجهه شعر هي آهن.

 

شڪر لک رب جا، جو طالعم بيدار آهه
گنج دل ۾ نقد عشقِ سيد الابرار آهه.

 

آءُ تونگر آهيان، منعم بنعمت شوق شاهه
مون کي دنيا جي حڪومت ڪين ڪي درڪار آهه:

 

هن غمن ڳڻتين جهان کان آهه ڪيو آجو خدا
مون سندو مونس سدا، سرور سندو ازڪار آهه.

 

حب وٺ حضرت سندي ۽ تعلق ٻيا ’امام‘
دين دنيا ۾ عجب تو لاءِ هي واپار آهه.
(2)

 

هڪڙي ٻئي طرحي مشاعري جو ذڪر ”ميان علي نواز علوي ۽ سندس ڪلام“ ۾ ملي ٿو جو هن ريت آهي، ”ان زماني ۾ هڪ رسالو ”بهارِ اخلاق“ نڪرندو هو، جنهن جو ايڊيٽر اسد الله شاهه ’فدا‘ هو. هي رسالو ماهوار هو، هر مهيني طرح ڏني ويندي هئي، هڪ اشاعت 1906ع ۾ رسالي ”بهارِ اخلاق“ ۾ طرح ڏني وئي هئي، جنهن تي مير صاحب  طبع آزمائي ڪئي آهي. (1)

 

مصرع طرح- ”هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آ ڪيو“.

مير علي نواز علوي:

هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آ ڪيو
درد دوري جي نهايت سخت حيران آ ڪيو.

 

درد تنهنجي تان ڪيان قربان دنيا جون خوشيون
درد هن دارين جي دردن جو درمان آ ڪيو.

 

رنج سو بهتر جنهن سان گنج راحت جو ملي
ڏک اوهان جي سک جو سڀ موجود سامان آ ڪيو.

 

در اوهان جي گدائي، بادشاهي کان ڀلي
بادشاهن سر اوهان جي زير فرمان آ ڪيو.

 

اڄ نه ڪل علوي اوهان جي عشق ۾ ٿيو مبتلا
هن ازل کان سر اوهان جي سڪ ۾ قربان آ ڪيو.

 

بهارِ اخلاق جيترو وقت قائم رهيو اوترو وقت مخلص جي تحفه احباب وانگر غزل جي پرورش ڪندو رهيو.

 

الحقيقت

1922ع ۾ ميان غلام سرور ”فقير“ قادري لاڙڪاڻي مان الحقيقت هفتيوار جاري ڪئي. جيتوڻيڪ هيءَ اخبار بنيادي طرح  سياسي  اخبار هئي ۽ ان جو مقصد هو سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ مگر هن اخبار جي شايع ٿيڻ سان سنڌي مسلمانن ۾ هڪ طرف علمي ادبي حلقن ۾ ٻئي طرف سياسي ماڻهن ۾ واڌايون وري ويون. سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان جي وڏي آجيان ڪئي. ان جو سبب اهو هو ته جتي ميان غلام سرور بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي بانين، سنڌ جي بزرگ شاعرن مان هڪ هو اتي هو سنڌ جي انهن ڄاتل سڃاتل شخصيتن مان هو جن جي دلين ۾ قومي درد ۽ محبت هئي.

الحقيقت جي استقبال لاءِ ڪيترن شاعرن شعر لکيا ۽ ڪيترن قطعه تاريخون چيون، انهن قطعه تاريخن  مان الحقيقت ۽ ان جي باني جي عظمت جو پتو پوي ٿو:

 مرزا قليچ بيگ:

پارسي

در سند همين سال به آوانِ خجسته
اخبار مسميٰ به حقيقت شده شايع.

 

سنگين بعبارت شده رنگين بمضامين
آورده بهم از همه جا چيده وقايع.

 

با شعر و سخن معدنِ هر علم هنر شد
مغزن شهد از بهر ضايع و بدايع.

 

در مايه گران گشت به قيمت شده ارزان
خواندش چوکسي وقت نگويد شده ضايع.

 

چون جست دلمه مادهء تاريخ شروعش
 از غيب ندا آمده ”مرغوب طبايع“
(1)
                                 1340هه

 

سنڌي

الحقيقت جاري ٿي اخبار واهه
لاڙڪاڻي مان ۽ سڀ ڪنهن سا پڙهي

 

ملڪ جو احوال سڀ معلوم ٿيو
سنڌ ۾ هر طرح علميت وڌي.

 

مهتمم ان جو مقرر ٿيو ”فقير“
 آهه جو مشهور شاعر قادري.

 

عالم ۽ فاضل وڏو ٿيو سو جڏهن
”فاضل اعظم“ تڏهن تاريخ ٿي
(2)
  1922ع

 

رئيس نجم الدين’نجم‘ نوشهرو فيروز:

هي اخبار بيشڪ آهي قابلِ عزت
آئي سنڌ جي لاءِ ٿي ابر رحمت.

 

رکي قوم جو  درد ٿي آهه ظاهر
ڪندي جان دل سان سدا قومي خدمت.

 

نه آهي وٽس ڪو ريا يا خوشامد
آهي راست گوئي منجهس در حقيقت.

 

اچن شعر مضمون رنگين ٿا هن ۾
ملاقات هن جي آهي دم غنيمت.

 

ٻڌايو سندس ’نجم‘ کي سال هانف
”رهي زندهه شل هي سدا الحقيقت “
(1)
                 1340هه

غلام علي ’جعفري‘:

 

هن جو قائم نالو ڪر اي ڪار ساز
هن جا ٿين مضمون سڀئي دلگداز.

 

ملڪ ملت واسطي ٿئي ڪارگر
هن جو ٿئي آواز دلڪش دلنواز.

 

هن جي همعصرن ۾ دائم رک خدا
الحقيقت جو وقار ۽ امتياز.

 

چشمه بد کون دور رک ان کي سدا
لاڙڪاڻي جو هي آهي فخر و ناز.

 

سنڌ ۾ ٿي في الحقيقت آ خوشي
ٿو وڄي وهه واهه اڄ شادي جو ساز.

 

جعفري سالِ اشاعت ڪر رقم
”حق رسالي في الحقيقت في المجاز“
(2)
                    1340 هه

 

جمع خان ’غريب‘:

اي ڪوائف دهرِ هستي سائل
از رسائل مخبراني قائل.

 

الحقيقت راستي راشد قرين
آنکہ بيخِ کذب راشد زائل.

 

باز سالِ او بداني از غريب
زه حقيقت بالصداقت مائل.
(1)
                        1340هه

 

”الحقيقت“ اخبار جو ايڊيٽر ميان غلام عباس قادري کي بنايو ويو هو، جيئن ته هو اڃا ننڍو هو،  تنهن ڪري ايڊيٽري جا فرائض ميان غلام سرور سرانجام ڏيندو هو. محمد علي شاهه راشدي چوي ٿو، ”بطور ايڊيٽر جو نالو ڪنهن جو به هو مگر اخبار جو ايڊيٽوريل هميشه مرحوم غلام سرور صاحب قادري لکندو هو.  پاڻ سرڪاري ملازمت ۾ هوندو هو، جنهن ڪري پنهنجي نالي ۾ مضمون ڪو نه لکي ٿي سگهيو. مضمون پختا هوندا هئا. مگر طويل، زبان شاعرانه، بلڪ عاشقانه، اشارا ڪنايه خفيف، نوڪ جهوڪ ۾  ’علم مجلسي‘ مان ڪڍيل اردو، پارسي مثالي بيت“. (2)

 

الحقيقت جي شايع ٿيڻ سان سڀ کان زياده خوشي بزم مشاعره لاڙڪاڻي  جي بانين ۽ ان جي بزم سان واسطو رکندڙ شاعرن کي ٿي، ڇاڪاڻ ته هاڻي بزم مشاعره لاڙڪاڻي کي  پنهنجو آواز ملي ويو.

 

الحقيقت اخبار جي پهرين صفحي تي اهم خبرن سان گڏ گهڻو ڪري استاد شاعر جو چونڊ  ڪلام شايع ڪيو ويندو هو جو گهڻو ڪري غزل هوندو هو. اندرين صفحن ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي ڪارروائي ۽ مشاعري جو انتخاب ۽ ايندڙ مشاعري جي طرح ڏنل  هوندي هئي. هن اخبار جي شايع ٿيڻ سان بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي مشهوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙجي وئي. جنهن ڪري سنڌ جي سمورن شاعرن جي وابستگي بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان ٿي وئي ۽ لاڙڪاڻو سنڌ جو مرڪزي مشاعرو ٿي پيو.

 

ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته الحقيقت سنڌ جي ٻين سمورن اخبارن ۽ رسالن کان وڌيڪ سنڌي غزل کي مقبول بنائڻ ۽  ان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سرگرم رهي، هن اخبار جي ڪري سنڌ ۾ سوين غزل گو شاعر پيدا ٿيا، جن سنڌي عزل کي معراج تي پهچايو.

 

الحقيقت ۾ جتي استاد شاعرن جا غزل ۽ مشاعره ۾ پيش ٿيل غزل پيش ٿيندا هئا، اتي انهن تي تنقيدون، تبصرا، عروضي، بحث، مشاعري جي خامين ۽ خوبين ۽ لفظن جي صحيح استعمال بابت مضمون به شايع ٿيندا هئا. جنهن ڪري شاعرن کي شعر جي پختگي، حسن ۽ قبح بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ٿي ويندي هئي.

 

الحقيقت 1922ع کان وٺي 1966ع تائين چوئيتاليهه سال پنهنجي علمي ۽ ادبي روايتن کي قائم رکيو آئي، تنهن کانپوءِ اها اخبار ڪن مجبورين سبب بند ٿي وئي. ان اخبار جو ميان غلام عباس جي 1962ع ۾ وفات کانپوءِ آخري ايڊيٽر اياز حسين قادري هو.

 

الحقيقت پنهنجي وقت ۾ مشاعرن ۾ ڪيترو مقبول هئي، تنهن جو اندازو حاجي محمود خادم جي هن شعر مان لڳائي سگهجي ٿو:

 

الحقيت لاڙڪاڻه اڄ پڙهي پرسن ٿيس
پرچو اخباري نه آ ڄڻ عشق جو پيغام آ.

 

مون به هڪ آني عوض اڄ چار آنا ڏئي ورتي
ڇو ته شعرن جي پڙهڻ جو مون وڏو سر سام آ.
(1)

 

بزم مشاعره لاڙڪاڻو سنڌ

سال 1932ع جي مشاعره سيزن جو اجلاس نمبر 6 تاريخ  12 آگسٽ 1932ع آچر 9 بجي کان 12 بجي تائين بصدارت علي گوهر خان (لاهوري) صاحب جي هيٺين طرح تي ٿي گذريو.

 

”دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.“

 

مشاعري ۾ پيش ٿيل شعرن جو انتخاب هيٺين موجب آهي (1):

 

غلام احمد نظامي:

 

ﷴ مصطفيٰ صل عليٰ محبوب سبحان جو
وڃي  غم ۾ خوشي جو ٿي سبب هن بلبلِ جان جو،

 

ٿيو بيهوش موسيٰ طور تي هڪڙي تجلي سان
سوا پردي ڏسڻ مشڪل آهي ديدار جانان جو.

 

غلام سرور ’فقير‘:

 

ڪيو تو خون ناحق پر خدا جي روبرو قاتل
ٻڌائيندو حقيقت خون جي هي خون دامان جو.

 

الاهي خير! طوفان نوح جو ٻيهر اچي ويندو
جو آهي جوشِ تغيانيءَ ۾ دريا چشم گريان جو.

 

جمع خان ’غريب‘:

 

ازل کان عاشقِ صادق مان آهيان شاهه خوبان جو
ابد تائين مان هوندس مثل تابع ان جي فرمان جو.

 

علي محمد عباسي (وليد- لاڙڪاڻو):

 

ڇڏي هي خيال دل سارو دنيا جي رنج و ارمان جو
هلي وٺ عشق جو پاسو ڪري مشڪل ٿو آسان جو.


(1)  ”ديوان مرتضائي“ (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ- ص 197.

(1)  درس عبدالڪريم- ماهوار ”تحفہء احباب“- ماه سپيٽمبر 1904ع- حيدرآباد- ص-2

(1)  محمد هاشم مخلص ”تحفہ احباب“- سيپٽمبر 1904ع- حيدرآباد- 2 24.

(1)  اسد الله شاهه ’فدا‘ ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“- سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع- ص 76.

(2)  لطف الله بدوي- ”ڪليات خادم-“ سنڌي ادبي بورڊ- 1959ع- ص 120.

(1)  عبدالخالق بن محمد  حسن سومرو” ميان علي نواز علوي ۽ سندس ڪلام“ (قلمي)- سنڌالاجي- (پي- ايڇ- ڊي ٿيسز)- ص 585.

(1)  قلمي مسودات مرزا قليچ بيگ ملڪيت مرزا اسد بيگ حيدرآباد.

(2)  ساڳيو

(1)  نجم الدين رئيس ’نجم‘ قلمي ذخيرو ملڪيت اياز حسين قادري لاڙڪاڻو

(2)  غلام علي جعفري قلمي ذخيرو ملڪيت اياز حسين قادري لاڙڪاڻو.

(1)  جمع خان غريب قلمي ذخيرو- ملڪيت اياز حسين قادري.

(2)  علي محمد راشدي پير  ”اهي  ڏينهن اهي شينهن”- سنڌي ادبي بورڊ 1966ع ص 481.

(1)  محمود  ’خادم‘ حاجي ”ڪليات خادم“ (قلمي) ملڪيت محمد علي قريشي لاڙڪاڻو.

(1)  ”الحقيقت، هفتيوار لاڙڪاڻو- تاريخ 20 آگسٽ 1932ع- ص 3- 5.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org