مي پيئڻ جو مزو موسم، بهار ۾ آهي. بادل هجن ۽ بوند هجي، زمين تي
سبزه جو مخمل هجي، چؤطرف رنگ برنگي گل ٽڙيل هجن،
هوا ۾ محبوب جي زلفن جهڙي گلن جي خوشبو سمايل هجي،
مرغانِ چمن پنهنجي خوش الحان سان مي نوشن کي دعوتِ
مي نوشي ڏيندا هجن. مطلب ته موسم عاشقانه هجي ۽ مي
محبوبانه هجي. اهڙي رت ۾ پارسي شاعر هن ريت مي جي
طلب ڪن ٿا:
ساغرِ مي بر رخِ گلزار مي بايد کشيد
ابر بسيار است مي بسيار مي بايد کشيد.
(مغل شهنشاهه جهانگير(
(1)
ساقي بيا که شد قدحِ لاله پر زمي
طامات تا بچند و خرافات تا به کي. (حافظ)
ديده ام شاخِ گلي به خويش مي پيچم که کاش
مي توانستم بيک دست اين قدر ساغر گرفت.
(دانش مشهدي)
(1)
عيد است و موسمِ گل ساقي بيار باده
هنگامه گل که ديده است بي مي قدح نهاده. (حافظ)
موسم گل، باد بهاري، بود ۽ بادلن ۾ سنڌ جي غزل گو شاعرن به مي
پيئڻ لاءِ وڏا وس ڪيا آهن:
ڪالهه مي خاني جي در تي هيئن چيو ٿي مي فروش
هو ڪڪر آيو چڙهي رندو اُٿو ٿئي نا ونوش.
(امام بخش خادم)
(2)
ساقي پيار ساغرِ صبهائي لاله گون
فصلِ بهار ۾ ٿو ٿئي جوش ۾ جنون. (گدا)
آئي مستي سندي موسم ٿو ڪري جوش و خروش
خم جدا، خمر جدا، خانہء خمار جدا. (قليچ)
رنج فرقت جو وڃي ڏي ساقيا جامِ شراب
موسمِ گل، گل شگفته، مست نرگس نيم خواب. (قادري)
ابر ڇايا چؤطرف کان جوش مستي آهه اڃ
ساقيا ڏي جام وقتِ مي پرستي آهه اڄ. (ليکراج عزيز)
موسم گل ۽ باده خواري جو مزو ٻيڻو ٿيو وڃي مگر ساز ۽ سرود، چنگ،
رباب ۽ دف جا سريلا ساز به هجن ته پوءِ مي نوشن جو
جام وٺي پنهنجي جامي ۾ رهڻ مشڪل آهي.
حافظ ٿو چوي:
ما مي به بانگ چنگ نه امروز مي خوريم
بس دير مشد که گنبذِ چرخ اين صدا شنيد. (حافظ)
سنڌ جي شاعر کي جڏهن مي نوشي جو شوق دامنگير ٿئي ٿو ته هو به
مطرب کي ياد ڪري چنگ و رباب ۽ دف جي آواز تي پرجام
پيئڻ ٿو چاهي:
ساقيءَ کي چوان ته ڏي، سرڪ سري سندي سڏي
مطرب مٺيءَ طرح ڳاءِ وڄاءِ چور چنگ. (قاسم)
ساقي آورده باده مطرب و چنگ
چنگ لايو عجب طرح جو رنگ. (مخلص)
مي آهي ۽ مطرب ۽ چنگ و دف آهي.
باقي آهي مطلوب سندم يار وضعدار. (سانگي)
مي نوش ڪڏهن شراب پيئڻ کان توبهه ڪري ٿو ڇڏي مگر جڏهن موسمِ
بهار اچي ٿي تڏهن سندس اها توبهه قائم نٿي رهي.
شاعرن مي نوشي کان توبهه ڪري وري توبهه کي ٽوڙڻ جو
بيان نهايت دلفريب نموني ڪيو آهي. مولوي جامي بهار
جي آمد تي توبهه ٽوڙڻ جي آرزو جو اظهار ڪندي چوي
ٿو:
توبهه زمي کردم و آمد بهار
ساقي توبه شکنم آروز است. (جامي)
۽ ظهير فاريابي چوي ٿو:
در موسمِ گل توبه ظهير از مي گلگلون
چون صبرِ بتان بر دل عشاق گران است. (ظهير فاريابي)
۽ حافظ شيرازي چوي ٿو:
من ترکِ عشق بازي و ساغر نمي کنم
صد بار تو به کردم ديگر نمي کنم. (حافظ)
ليکراج عزيز ساقي جي مست اکين ۾ شراب جو رنگ ڏسي
توبهه جو خون ڪرڻ ٿو چاهي.
توبهه جو خون ڪريان يا پنهنجو خون ڪريان
هي چشمِ مست ساقي تنهن ۾ شراب جو رنگ. (ليکراج عزيز)
ڪلهه جو زاهد سان ڪيو مون وعده ترڪِ شراب
اڄ پيشماني اٿم، ڪجهه توبه استغفار ڪجهه. (واصف)
ساقي مست چشم هو، مدهوش ٿي ويس
ويٺس وساري توبهه، نشي ۾ پي ويس. (ڪاظم)
پير مغان:
مي ۽ مي نوشي جو ذڪر کان سواءِ اڻ پورو آهي. ايران جي شاعرن
پير مغان جي شخصيت نهايت محترم ۽ متبرڪ بيان ڪئي
آهي. ميخاني جا سمورا مي نوش پاڻ کي پير مغان جا
ٻانها ٿا سمجهن ۽ سندس هر امر جي پوئواري ۾ پنهنجي
سعادت ٿا ڄاڻن. پير مغان گاهي گاهي پنهنجي فرمودن
سان مي نوشن کي نوازي ٿو سندس فرمودا نصيحت جا
اهڙا موتي آهن. جن کي ميڪده وارا سيني سان سانڍين
ٿا. هيٺين شعرن ۾ پارسي شاعرن پير مغان جي تصوير
کي مختلف زاوين کان پيش ڪيو آهي، پير مغان سان
باده خوارن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
حلقئه پير مغانم ز ازل در گوش است
ما همانيم که بوديم و همان خواهد بود. (حافظ)
دوش از مسجد سوي خانه آمد پيرِ ما
جيست ياران طريقت بعد ازين تدبير، ما. (حافظ)
به پير ميڪدهه گفتم که چيست راه نجات
بخواست جامِ مي وگفت عيب پوشيدن. (حافظ)
من خرا باتيم و باده پرست
در خراباتٍ مغان عاشق و مست.
مي کشدم جو سبو دوش به دوش
مي برندم چو قدح دست بدست. (سلمان ساوجي)
(1)
سنڌ جي شاعرن به پير مغان جو ڪردار هوبهو اهڙو چٽيو آهي جهڙو
فارسي شاعرن. هو به پير مغان جي اڳيان سر جهڪايو،
هٿ ٻڌيو بيٺا آهن ۽ سندس فيض جا طالب آهن، امان
بخش شاهه فدوي چوي ٿو:
پرت ۾ پير مغان جي پرخماري باده خوار
در مٿي ميخانه جي سڀ محومستان صف به صف. فدوي)
هيٺين شعرن ۾ باده خوار پير مغان کان مي جا طلبگار آهن.
پيرِ مغان جي خدمتِ اقدس ۾ آهي عرض
آيو بهار ڪي مي گلگون پيارجي. (سانگي)
ڪئي مون کي لبالب جام ڏيئي جام اڄ مي جا
ڇڏيندس ڪين دامن تنهنجي اي پيرِ مغان هر گز. (مخلص)
وڻي پيرِ مغان نت ميڪشن کي
شراب و شيشئه و ميناءِ قلقل (مخلص)
مطلب ته پير مغان جي شخصيت جو تصور سنڌي شاعريءَ ۾ پارسي شاعري
جو مرهونِ منت آهي. سنڌ جي شاعرن پير مغان جي
شخصيت کي اهڙو ئي شفيق، پيارو ۽ مهربان پيش ڪيو
آهي. جهڙو ايراني شاعرن، سندس صبحت دنيا و مافيها
جي ڀلائيءَ جو باعث آهي. باده خوار سندس اڳيان هر
هر مي جي صدا پيا ڪن ۽ هو نهايت قرب مان سندن سوال
کي پورو ڪندو ٿو رهي.
محتسب، زاهد ۽ ناصح.
جتي مي ۽ مينا، جام ۽ سبو، باده خوار ۽ پيرِ مغان جو ذڪر هجي،
اتي محتسب، شيخ، زاهد ۽ ناصح جو ذڪر به ضروري آهي.
محتسب اهو شخص آهي جنهن جو ڪم آهي مينوشن ۽
ميخوارن تي چوڪسي ڪرڻ. باده خوارن کي مي نوشي کان
منع ڪرڻ ۽ سختيءَ کان ڪم وٺي مينوشن جو احتساب ڪرڻ
۽ کين سزا ڏيڻ. شيخ ۽ زاهد کي پنهنجي زهد ۽ عبادت
تي ناز آهي. مسجد ۽ خانقاهه سندن وجود سان آباد
آهي. سندن ڪم آهي مي نوش کي پند و عظ ڪرڻ، کين زهد
۽ تقويٰ جي هدايت ڪرڻ ۽ ترڪِ مي نوشي جي تلقين
ڪرڻ. شيخ ۽ زاهد گهڻو ڪري وڏا رياڪار آهن. ٻاهر هڪ
ٿا چون اندر ٻي ٿا ڪن. سندن زبان تي هڪ آهي ته
سندن عمل ٻيو آهي. سندن وعظن ۽ باده خوارن جون
ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو
هن کي پاڻ سان وٺي مي خاني جو سير ڪرائين ٿا ۽ کين
رياڪاري ڇڏي ڏيڻ جي گذارش ڪن ٿا. شاعرن مينوشن ۽
شيخ ۽ زاهد جي جهڳڙي کي نهايت لطيف انداز ۾ بيان
ڪيو آهي. مي نوشن جي طرفان زاهد ۽ شيخ جي ڪردار تي
جيڪا طنز ڪئي وئي آهي ۽ ساڻس جيڪا خوشدلي ڪئي آهي
سان نه رڳو پر لطف آهي بلڪه سوچ ۽ ويچار لائق پڻ
آهي.
انهن ٽن بزرگن کان پوءِ چوٿون ڪردار ناصح جو آهي. جنهن جو واسطو
نه صرف مي خوارن سان بلڪه عاشقن سان به آهي. ناصح
هڪ عام آدميءَ جو ڪردار آهي. جيڪو ميڪشن کي ميڪشي
کان روڪي ۽ عاشقن کي عشق بازي کان منع ٿو ڪري. هي
هڪ اهڙو ڪردار آهي جو پنهنجي ليکي مي نوشن ۽ عاشقن
جو ڀلو گهرندڙ آهي مگر باده خوارن ۽ عاشق ڪنهن جي
ڪن ڪٿي ٿا ڪن پنهنجو ڀلو ۽ برو پاڻ ٿا ڄاڻن. ڪڏهن
ڪڏهن شاعرن مي پرستن ۽ عاشقن جي ناصحن سان ڏي وٺ
جو بيان نهايت مزيدار پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي. هڪ
طرف ناصح آهي جو نصيحت جا واهه وهائي ٿو ۽ ٻئي طرف
رند ۽ عاشق آهن جي سندس سڻي اڻ سڻي ٿا ڪري ڇڏين،
بلڪه ڪنهن وقت کيس ست سريون پڻ ٻڌائي ڇڏين.
محتسب، شيخ، زاهد ۽ ناصح جا چار اهڙا ڪردار آهن جي پارسي
شاعريءَ ۾ جابجا نمايان نظر اچن ٿا. پارسي جو ڪو
به اهڙو شاعر نه آهي جنهن جي ڪلام ۾ سندن بيان نه
هجي. ساڳيو حال اسان جي غزل گو شاعرن جو آهي جن
انهن چئني ڪردارن کي پنهنجي شعرن ۾ جاءِ ڏني آهي،
سندن بيان ۾ نه صرف سندن منهن مهانڊا ساڳيا پارسي
شاعريءَ وارا رکيا آهن بلڪه قول ۽ فعل به ساڳيا
برقرار رکيا آهن. پارسي شاعرن ۽ سنڌي شعرن جي
مثالن مان انهيءَ حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي.
محتسب:
محتسب در قفاي رندان است
غافل از صوفيانِ شاهد باز. (سعدي)
اي محتسب از جوان چه پرسي
من توبهه نمي کنم که پيرم. (سعدي)
باده با محتسبِ شهر نه نوشي زنهار
که خوردبا تومي و سنگ به جام اندازد. (حافظ)
شکر چشمِ تو کند محتسبِ شهر
هرکجا ميکده هست، خراب افتاده است. (ايم طالب ڪيلم)
(1)
پارسي شاعرن کانپوءِ ڏسو سنڌي شاعرن محتسب کي ڪئين بيان ڪيو
آهي:
مانع ٿو محتسب ٿئي ميخوار جو ادا
آدم جو آهي دشمن شيطان دلفريب. (مرتضائي)
جي پئي ساقي هٿان، هڪ جام مي جو محتسب
زهد تقويٰ کي ڇڏي، مي نوش مستانو رهي. (قادري)
محتسب اڄ ڏي اجازت، جيئن فراغت سان پيئون
مينهن جي ڪڻ ڪڻ ۾ ساقي مست آ، مينا به دوش. (امام بخش خادم)
محتسب کي آڻي، ساقي محفل افروزي ڪبي
غيرتِ مسجد ڪنداسين، پنهنجو هي خم خانه اڄ. (واصف)
شيخ ۽ زاهد:
ڪافر تر است زاهد از برهمن، و ليکناو را اورا بت است در سر، در
آستين ندارد. (عرفي)
(1)
حور و جنت جلوه بر زاهد دهد در راهه دوست
اندک اندک عشق بر راه آورد بيگانه را.
(نظيري نيشا پوري)
(2)
گر بر واعظِ شهر اين سخن آسان نه شود
تا ريا ورزد و سالوس، مسلمان نه شود. (حافظ)
مي خورکه شيخ و حافظ و قاضي و محتسب
چون نيڪ بنگري همه تزوير مي کنند. (حافظ)
سنڌي شاعرن به شيخ ۽ زاهد کي انهيءَ نير ۾ رنڱيو آهي جنهن ۾
پارسي شاعرن رنڱيو آهي، هنن به سندس جلوو اهو
ڏيکاريو آهي ته هو مي کان منع ٿا ڪن ۽ رياڪاري کان
ڪم ٿا وٺن. سندن وعظ هڪڙو آهي عمل ٻيو آهي.
زاهد کي فخر طاعت و تقويٰ تي ٿو رهي
رندن جي سر رحمتِ پروردگار آهه. (قادري)
زاهد نه جهڪ، نه نرڙ گسائج، ريا نه ڪر
ڇڏ ٺاهه هي فريب ٺڳي ترڪ تال جا. (فقير)
سرڪ ساقي ڏنس ڪا صهبا جي
شيخ پيو وجد ۾ ٿيو رقاص. (گدا)
شيخ ڪاڏي معرفت جي مي ڪندو
جنهن کي گهرجي حور و غلمان هر طرح. (نياز جعفري)
جبئه و دستار جو جي خير گهرڻو اٿئي
ڀڄ تون پري اي زاهد، ٿو اچي مستن کي جوش. (مخلص)
زاهد اسان کي ٿو در جانان ئي هڪ کپي
مطلب نه ڪفر سان نه اسلام سان غرض.
(ليکراج عزيز)
ناصح:
حضرت ناصح ۽ سندس نصيحت ۽ هدايت جو بيان پارسي شاعرن ڪجهه هيٺين
ريت بيان ڪيو آهي:
مقصودِ ما شنيدنِ نامِ تو بوده است
گاهي ز ناصح ار سخني گوش کرده ام. (حافظ
نيست ناصح عاشقان را از جفاي دوست باک
الله الله اين چه گفت و گوست ما دانيم و دوست.
(نعمت خان عالي)
مکن ملامتِ رندان دگر بدنامي
که هرچه پيش تو ننگ است نزد ما نام است. (خواجو)
(1)
گرچه بدنامي است نزد عاقلان
ما نمي خواهيم ننگ و نام را. (حافظ)
سنڌ جي شاعرن پارسي شاعرن وانگر حضرت ناصح ۽ سندس نصيحت کي ڪيئن
بيان ڪيو آهي ۽ ساڻس ڪهڙي روح رهاڻ ڪئي اٿائون ان
جو اندازو هيٺين شعرن مان لڳائي سگهجي ٿو:
ايتري تاڪيد هوندي ويو وڌي شوقِ شراب
ڄاڻجي ٿو رهجي وئي ناصح جي سڀ تدبير اڄ. (نياز جعفري)
نه ڪر ناصح نصيحت مي خوريءَ کان
شرابِ عشق آهي ناروا ڇا. (قادري)
ناصحا ٻيو ڪجهه نه چئو تون، مي ۽ مينا جي خلاف
مون گهڻو آهي رکيو، اڄ تنهنجي عزت جو خيال.
(نياز جعفري)
ناصحا تنهن جي نصيحت ڪارگر ٿي ڇو نه پر
ميڪشن کان ترڪ مي ممڪن نه آ برسات ۾.
(محمود خادم)
پارسي ۽ سنڌي شاعريءَ جي مطالعي مان اها ڳالهه بلڪل عيان آهي ته
سنڌي شاعرن محتسب، شيخ، زاهد ۽ ناصح کي سندن جمله
وصفن سان پارسي شاعريءَ مان ورتو آهي ۽ انهن کي
اهڙيءَ ريت بيان ڪيو آهي جهڙيءَ ريت پارسي شاعرن.
شخصيتون:
پارسي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ وقت به وقت مختلف شخصيتن جو ذڪر ڪيو
آهي، ڪڏهن هنن پنهجي وطن جي شاهن ۽ شهنشاهن جهڙوڪ
فريدون، جميشيد، ڪائوس ڪي وغيره جي شاهي شان ۽
دٻدٻي جون حڪايتون بيان ڪيون آهن ۽ ڪڏهن شاهن جي
مرڻ کان پوءِ واري حالت جو نظارو بيان ڪري دنيا
وارن کي عبرت ۽ حيرت جا سبق ڏنا آهن. ڪڏهن هنن
ايران جي پهلوان رستم و سهراب، گيو ۽ تهمتن
افراسياب جي پهلواني ۽ بهادري جو ذڪر ڪيو آهي ۽
ڪڏهن هنن ماني (چين جو نقاش) ۽ بهزاد جي پنهنجي
وقت جا عظيم نقاش ٿي گذريا آهن تن جي تصويرن ۽
ڪارنامن کي ورجايو آهي، ڪڌهن هنن پنهنجي وطن جي
عشقي داستانن جهڙوڪ شيرين فرهاد، وامق وعذرا،
محمود و اياز ۽ ڪڏهن عربستان جي ليليٰ مجنون ۽
مصر جي يوسف زليخا جي داستانن مان تلميحون بيان
ڪيون آهن. اسان جي سنڌ جا غزل گو شاعر انهن کان
ايترو ته متاثر ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جو پنهنجي وطن
جي رومانوي داستانن جهڙوڪ عمر مارئي، سسئي پنهون،
مومل راڻو، ليلان چنيسر، سهڻي ميهار ۽ وطن جي ٻين
شخصيتن بجاءِ انهن شخصيتن کي پنهنجي غزلن ۾ وڌيڪ
جاءِ ڏني آهي جن کي ايران جي شاعرن ڳايو آهي. هن
حقيقت کي آشڪار ڪرڻ لاءِ ڪجهه مثال پارسي شاعرن جا
بيان ڪرڻ کانپوءِ سنڌي غزلن مان تصديق طور شعر پيش
ڪجن ٿا.
شهنشاهه:
به جاه و مال فرومايه، دل نه بايد بست
کجا است دولتِ جمشيد و نامه اسڪندر. (عرفي)
گدا را کند درم سبم سير
فريدون به ملکِ عجم نيم سير. (سعدي)
پرده داري مي کند بر قصرِ کسريٰ عنکبوت
چند نوبت مي زند پر گنبذِ افراسياب. (حافظ)
کمندِ صيد بهرامي بيفگن جامِ مي بردار
که من پيموده ام اين صحرا نه بهرام است ني گورش. (حافظ)
هاڻي ڏسو سنڌ جي شاعرن ايران جي شهنشاهن ۽ بهادرن
جو ڪيئن بيان ڪيو آهي:
فريدون، جمشيد، ڪائوس ڪي جا
هماکي مليا استخوان ڪهڙا ڪهڙا. (سانگي)
قبه تي ڪيقباد جي آيو مڪين چغد
حسنِ حيات دارِ فنا تي نظر نه رک. (مرتضائي)
جڏ ڪين رهيو خسرو، دارا ۽ سڪندر
تڏ ڪهڙي ڪجي افسر سلطان جي خواهش. (نجفي)
گسائج يار جي چانئٺ تي پيشاني کي تون هردم
جو دارا، خسرو ۽ جمشيد هن جي در جو خادم ٿيو.
(محمود خادم)
بهزاد ۽ ماني:
اگرچه کشور چين پر زنقشِ ماني بود
خراب گشت نه صورت بجا است نه ماني. (عرفي)
سنڌ جي شاعرن ماني ۽ بهزاد کي هيئن ياد ڪيو آهي:
جڏهن تصوير ۾ نڪتو ته پريزاد جو ناز
اُٿي بيوس چيو بهزاد ته ماني افسوس. (بلبل)
تنهنجي صورت آهه اهڙي دلفريب و دلربا
عڪس جنهن جو ٿئي نه هر گز ماني ويهزاد کان. (مخلص)
عشقي داستان واريون شخصيتون:
پارسي شاعرن پنهنجي دل جي ڪيفيتن ۽ عشق جي مختلف وارداتن کي
مختلف عشقي داستانن مان تلميحون ۽ اشارا وٺي بيان
ڪيو آهي.جن مان يوسف زليخا، ليليٰ مجنون، شيرين
فرهاد، وامق عذرا ۽ محمود اياز جي عشق جا داستان
انهن وٽ وڌيڪ مقبول آهن.
به برقع مہ کنعان که بود حسن آباد
به حجله گاهِ زليخا که بود يوسف زار. (عرفي)
غنج و افسونِ زليخا کار در يوسف نه کرد
هرکه دل درباخت دل بردن نميداند که چيست. (نظيري نيشاپوري)
يادگارِ جگر سوختہء مجنون ست
لالہء چند که از دامنِ صحرا برخواست. (صائب)
در رهِ منزلِ ليليٰ که خطرهاست به جان
شرط اول قدم آن است که مجنون باشي. (حافظ)
گاهِ مردن شنيده ام محمود
گفت رويم سوئي اياز کنيد. (خسرو)
نه برخيره بدو دل داد محمود
دلِ محمود را بازي مپندار. (فرخي)
(1)
اسان جي سنڌ جي شاعرن جي دل ۽ دماع تي اهي پارسي شاعرن جا ڳايل
قصا ۽ داستان پوري طرح ڇانيل ڏسڻ ۾ اچن جو هنن
انهن عاشقن ۽ معشوقن جو ذڪر بار بار ڪيو آهي.
سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته مولوي جامي ۽ نظامي جي
مثنوين، جن ۾ ليليٰ مجون، شيرين خسرو، يوسف زليخا
۽ وامق عذرا جهڙا داستان بيان ڪيا ويا آهن، تن
پنهنجو ڀرپور اثر اسان جي شاعرن جي خيالن تي ڪيو
آهي، جو غزل ۽ عشق جا افسانا بيان ڪندي انهن کي هر
هر ياد ڪيو اٿن.
شيرين فرهاد:
اي پري رو تون غيرتِ شيرين
شوق تنهنجي ۾ فدوي فرهاد. (فدوي)
مون چيو شيرين ادا، شيرين لقا، شيرين دهن
ان چيو تازو وري قصہُ فرهاد نه ڪر. (محمدو خادم)
فرهاد لاءِ تنهنجو هو شيرين ذهن لذيذ
ان کي لڳو ٿي ان ڪري تنهنجو سخن لذيذ (نياز)
وامق عذرا:
اچي ڪر سهڻا عاشقن تي تجلي روءِ زيبا جي
نه وامق کانسواءِ قيمت ڪٿي ڪنهن حسن عذرا جي.
(فقير محمد عاجز)
بعد مجنون، وامق و فرهاد جي آهي ادا
مون ڪيو آباد ويران عشق جي جاگير کي، (ليکراج عزيز)
يوسف زليخا:
زليخا جيئن، ڏٺو جنهن حسن مصري مام ڪنعان ۾
سندس دل، عشق کان ٿي مبتلا زلف پريشان ۾. (قليچ)
قصئه يوسف ته اڄڪلهه سڀ کؤن وسري آهه ويو
ساري عالم ڪن رکيو تنهنجي حڪايت جي طرف. (نجفي)
ليليٰ مجنون:
ڏسان ديدار ٿو مان يار جو سهڻن جي چشمن ۾
ڏٺو ليليٰ جو جلوو قيس ٿي چشم- غزالان ۾. (قادري)
دست- ليليٰ کان ملي غير کي خيرات جهجهي
قيس جو جام ٿيو چور خدا جي قدرت. (فقير)
محمود و اياز:
ڪارخانو آهه عشق جو اُلٽو ۽ عجيب
ات اياز آهي به محمود ۽ محمود اياز. (قليچ)
محمود ڇا خطا ڪئي، بندي جي بندگي ڪئي
بت پرست نڪتو هو بت شڪن جي عيوض. (ليکراج عزيز)
عشقيه شاعري:
عشق ۽ محبت جو جذبو انسان جي فطرت ۾ سمايل آهي. اهڙو ڪو انسان
مشڪل ملندو جنهن ڪڏهن ڪنهن سان ٿوري يا گهڻي محبت
نه ڪئي هجي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي هر ملڪ ۾
عشقي شاعري عام ۽ ٻين شاعري جي قسمن کان تمام گهڻي
آهي. ساڳئي طرح ايران ۽ سنڌ جي شاعري جا دفتر
جاچبا ته انهن ٻنهي ملڪن ۾ به عشقي شاعري جا ڪيترا
خزانا نظر ايندا. ايران ۾ عشق ۽ محبت جي جذبن کي
وڌيڪ ڀڙڪائڻ لاءِ آب و هوا، آبِ روان، لاله و گل،
بلبل و قمري هر وقت دل ۽ دماغ تي اثر انداز رهيا
آهن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ نه اهڙا دلفريب سبزه زار
هئا ۽ نه لاله و گل ۽ نه بلبلو قمري ئي هئا، پر
جيئن ته عشق هڪ اهڙي طاقت آهي جنهن جو واسطو دلين
سان آهي، تنهن ڪري هن ملڪ جا ماڻهو به عشق ۽ محبت
جي جذبن سان اوترائي سرشار هئا جيترا ايران وارا.
سنڌ جي شاعرن ايران جي شاعرن وانگر عشق ۽ محبت جي
جذبن، ڪيفيتن ۽ وارداتن کي نه فقط تفصيل سان پر
نهايت پُر اثر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هنن هڪ طرف
محبوب جي حسن، ناز و ادا، جفا ۽ ڪج اداين جو بيان
ڪيو آهي، ٻئي طرف عاشقِ زار جي مختلف حالتن جي
تصوير ڪشي ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي عشقي
شاعري (غزل) ۾ اوترو ئي زور آهي جيترو ايران جي
عشقي شاعريءَ ۾.
محبوب جو تصور:
انساني فطرت مطابق مرد عاشق ۽ عورت معشوق آهي، مگر سنڌ جي
ڪلاسيڪي شاعري ۾ مرد کي محبوب ۽ عورت کي عاشق جو
درجو ڏنو ويو آهي. جيئن پنهون محبوب ۽ سسئي عاشق
آهي، راڻو محبوب ۽ مومل عاشق آهي. ساڳئي طرح سهڻي
ميهار، ليلان چنيسر، عمر مارئي ۽ سورٺ راءِ ڏياچ
جو معاملو آهي. پر ايران جي شاعري ۾ عاشق ۽ معشوق
جو تصور ئي علحدو آهي. اتي عاشق به مرد ۽ معشوق به
مرد آهي، ايران جي تاريخ جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته
جڏهن ايران ۾ اسلام پکڙيو ۽ مسلمانن جي فتحن جو
سيلاب چؤطرف وڌڻ لڳو ته ڪيترا نوجوان نينگر غلام
بڻجي هنن جي دسترس هيٺ آيا. جيڪي جلوت ۽ خلوت ۾ هر
وقت هنن سان گڏ رهڻ لڳا ۽ اهڙي طرح هنن ۾ امرد
پرستي ۽ شاهد بازي جو شوق پيدا ٿيو.
ايران ۾ شاعري جي اوسر جو اهو ئي زمانو هو، تنهن ڪري ايراني
شاعريءَ تي ان جو اثر پوڻ لازمي هو. ان زماني ۾ هر
گهر ۾ ترڪ غلام هوندا هئا، جي گهڻو ڪري سهڻا ۽
خوبصورت هئا. عيش و نشاط جي محفلن ۾ خدمت ۽ ساقي
گري جو ڪم سندن حوالي هوندو هو. اهڙيءَ ريت رفته
رفته اهي غلام ۽ خادم جي بجاءِ محبوب بنجي ويا
(1)
۽ پارسي شاعريءَ اهڙي ريت هڪ مرد کي محبوب ۽ ٻئي
مرد کي عاشق تسليم ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي غزل گو شاعرن تي جيئن ته پارسي شاعري جو گهرو اثر هو
تنهن ڪري انهن پنهنجن غزلن ۾ پنهنجي ڪلاسيڪي محبوب
۽ عاشق واري تصور کي ڇڏي ساڳيو پارسي شاعري وارو
امرد پرستي ۽ شاهد بازي وارو تصور اختيار ڪيو. سڀ
کان وڏو اثر جو سنڌي غزل تي پارسي شاعريءَ جو پيو
آهي، اهو اهو ئي آهي جو ان انسان جي فطري لاڙي،
عورت سان محبت بجاءِ امرد پرستي وارو تصور قبول
ڪري ورتو.
پارسي شاعرن هڪ طرف ترڪ ۽ ترسا کي محبوب جو درجو ڏئي پنهجي محبت
۽ عشق جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻئي طرف پنهنجي
محبوب کي صنم ۽ بت ڪوٺي ڪڏهن ان جي حسن جي تعريف
ڪئي آهي ۽ ڪڏهن ظلم و جفا جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جي
غزل گو شاعرن به انهن چئني- صنم، بت، ترڪ ۽ ترسا-
کي پنهنجو محبوب بڻائي عشق و محبت جي جذبن کي بيان
ڪيو آهي.
صنم:
صنم لفظ جي معنيٰ بت آهي، ايران ۾ قديم زماني ۾ جيڪي بت گهڙيا
ويندا هئا تن کي نهايت خوبصورت شڪل ۾ صورت ڏني
ويندي هئي ۽ انهن جي پرستش ڪئي ويندي هئي، انهيءَ
ڪري ايران جي شاعرن محبوب کي صنم ۽ بت ڪوٺيو،
ڇاڪاڻ ته محبوب پنهنجي سونهن جي سبب عاشقن جي دل
کي ڇڪيو وٺن ۽ عاشق انهن کي پرستش ڪرڻ لڳن.
شمس تبريز صنم لاءِ چوي ٿو:
چمني کہ تا قيامت گلِ او پيار بادا
صنمي کہ برجمالش دوجهان نثار بادا. (شمس تبريز)
(1)
حافظ شيرازي چوي ٿو:
صنما غمِ عشق تو چه تدبير کنم
تابکي در غمِ تو نانئه شبگير کنم. (حافظ شيرازي)
سنڌي شاعرن به صنم سان پنهنجي محبت جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو
آهي:
ڪعبه پرست اٽلندو آيو صنم پرست
آهي ڏٺو جنهن بيت المعمور بيخودي. (مرتضائي)
آهي ڪافي عاشقن جي قتل لاءِ
تنهنجي ابرو جي صنم صمصام بس. (بلبل)
سمجهه يقين تون اي صنم، سانگي تڏهن ٿي با طرب
تو سان جڏهن ٿئي دمبدم، سينه بسينه لب به لب. (سانگي
محفل جنت ۾ پڻ يا رب هجي مون سان صنم
ورنه سوداخيز سارو آهه سامانِ بهشت. (واصف)
|