(3)
جلوه نما ٿيو سنڌ ۾ شاهدِ حورِ مثال
جنهن جو جمال باڪمال جنهن جو ڪمال باجمال.
علم ادب جو آفتاب شعر وسخن جو آئنو
يعني اديب سنڌ ۽ شاعرِ شيرين مقال.
ڳولي سنين عيسوي، هاتفِ غيبي چيو
”آهي اديب بي نظير مثل عندليب“ سال.
(1)
1941
حافظ محمد احسن” اديب سنڌ“ جي اشاعت جو نهايت خنده پيشانيءَ سان
خير مقدم ڪندي جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، تنهن
مان پتو ٿو پوي ته ان وقت جي شاعرن کي اديب سنڌ ۾
ڪهڙيون اميدون هيون، ان ۾ شڪ ڪونهي ته اديب سنڌ
سندن اهي اميدون گهڻي حد تائين پوريون ڪيون.
خير مقدم اديبِ سنڌ
فضلِ خدا سان آهه ٿيو اظهر اديبِ سنڌ
رنگين نظم نثر سان بهتر اديبِ سنڌ
2- اهلِ سخن جي لاءِ هي رنگين ارمغان
۽ مبتدين جي لاءِ ته رهبر اديبِ سنڌ.
3- هر علم دوست لاءِ هي تحفو عجيب آهه
گوهر شناس لاءِ آ گوهر اديبِ سنڌ.
4- سنڌي سڌار، مصلحِ علم و ادب به آهه
علمِ عروض جو ٿيو ٽيچر اديبِ سنڌ.
5- ناقد ۽ نڪتہ چين ۽ نڪته شناس ڀي
دلڪش ۽ دلفريب ۽ دلبر اديبِ سنڌ.
6- تفريح طبح لاءِ هي نسخو به ڪارگر
طبعِ روان لئه تحفہء نادر اديبِ سنڌ.
7- علمِ ادب کي اوج رسائيندو باليقين
سنڌي زبان ۾ ٿيو برتر اديبِ سنڌ.
8- اهلِ وطن به هن جو ڪندا قدر هر طرح
ڏسبو هي عام خاص جي گهر گهر اديبِ سنڌ.
9- تا دير شل رهي هي سلامت ته سنڌ ۾
احسن ٿئي وطن ۾ نشان بر اديبِ سنڌ.
اديبِ سنڌ ۾ پهرين صفحن تي ”قند پارس“ ۽ ”اردو معليٰ“ جي
عنوانن سان فارسي ۽ اردو جي استاد شاعرن جا چونڊ
غزل شايع ڪيا وندا هئا جيئن سنڌي شاعر انهن نادرات
مان خيالن ۽ خوبين جا موتي حاصل ڪري سگهن.
اديبِ سنڌ ۾ ٻيا جيڪي مستقل عنوان هئا تن ۾ 1- بزمِ مشاعره 2-
بغير رو رعايت ۽ 3- معيارِ سخن جو خاص طرح شاعري
مان واسطو هو.
هي رسالو ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي جو نمائندو هيو، تنهن ڪري ان ۾
سڀ کان زياده اهميت بزم مشاعري کي ئي هئي. بزم
مشاعره ۾ ايندڙ شاعري لاءِ مصرع طرح ۽ گذريل
مشاعره ۾ پيش ٿيل غزلن جو انتخاب ڏنو ويندو هو.
”بزم مشاعره“ هر شاعر جو پسنديده موضوع هو جنهن ۾
هو پنهنجي غزل سان ٻين شاعرن جي غزلن جو تقابلي
جائزو وٺي سگهندو هو. پنهنجي ڪلام کي بلند بنائڻ
جي ڪوشش ڪندو هو ۽ اديبِ سنڌ ۾ شايع ٿيل مشاعرن
مان هڪڙي مشاعري جي اختصار جي مطالعي مان معلوم
ٿيندو ته 1940ع ۾ غزل ۾ ڪهڙيون تبديلون اچي ويون
هيون.
مصرع طرح: ”صحرا به بڻيو غيرتِ گلزار ڏسي وڃ“
اختصار
(1)
حافظ محمد احسن:
جو تير مڙيہ تنهنجي مٺا زخم رسايو
سو سيني مٿان زخم نمودار ڏسي وڃ.
رخ زرد ۽ تر چشم، بدن زار ونزار آهه
پنهنجي تون اچي عشق جا آزار ڏسي وڃ.
عبدالغني ’احسان‘ ابن جوڳي (احسان بدوي شڪارپوري):
ڀانيم ٿي محبت ڀي ڪ آ سيج گلن جي
افسوس هي اڄ حالتِ لاچار ڏسي وڃ.
ڇو ڪعبي ۽ بت خاني ۾ انڌو ٿي ٿو ڳولين
جي ڏسڻو اٿئي دل ۾ سو دلدار ڏسي وڃ.
احمد خان نظاماڻي ’احمد‘ ٽنڊو قيصر:
هي دل ٿي ڪري دانهن جو فرقت ۾ رهي ٿي
سودا ۾ ستايل کي ته سردار ڏسي وڃ.
محمد رمضان ’ثاقب‘:
مون سج ٿي تريءَ هيٺ لڪايو نه لڪيو پر
اي شمس نڌر پنهنجو نروار ڏسي وڃ.
ميان غلام عباس قادري ’جوش‘:
ماري ٿو جو عاشق ۽ ڪري قيد ٿو جو دام
سو دامِ بلا زلف جو تون مار ڏسي وڃ.
سر ڌڙ کان ڪيو ڌار جنهين ڌار اي عاشق
ابرن جي تون شمشير جي سا ڌار ڏسي وڃ.
قادر بخش ’حقير‘ (بشير):
هر وقت پرين ڪهڙا پيو ڪانگ اڏايان
بهتر ته اچي پاڻ هي لاچار ڏسي وڃ.
پو ڪهڙا قبا قبر تي دلدار اڏيندين
هيڻي جو اچي حال ته هڪوار ڏسي وڃ.
فتح الدين شاهه ’حسيني‘:
مدهوشي ۾ ميخوار هوندو توکان به هوشيار
مدهوش هي ميخوار اي هوشيار ڏسي وڃ.
حاجي حقير ابن مڱڻ ٽنڊو قيصر:
اپرل ۾ تون لاڙ کي، يڪبار ڏسي وڃ
صحرا به بڻيو غيرتِ گلزار ڏسي وڃ.
علي حيدر ’حيدري‘ دادو:
سو نانگ ڪري سانگ ڏٺا هوندا تو جوڳي
پر يار سندو زلف سيہ مار ڏسي وڃ.
غلام سرور عاقلي ’سرور:
قاصد کي ٻڌائڻ به شڪايت ٿو مان سمجهان
تون پاڻ اچي پنهنجو هي بيمار ڏسي وڃ.
مولوي محمد عظيم ’شيدا‘:
شيدا سان جنهين رڻ ۾ مليو روح جي راحت
صحرا سو بڻيو غيرتِ گلزار ڏسي وڃ.
عطا محمد ’عطا‘ دادو:
ڳوڙهن جي پيل تار سدا منهنجي ڳچي ۾
ٿيو عشق ۾ تنهنجي هي عطا هار ڏسي وڃ.
ملا محمد عاقل ’عاقل‘:
ابرو ئي بتان ترڪ ڪماندار ڏسي وڃ
مرﱞگان به سندن خبجرِ خونخوار ڏسي وڃ.
آهن ته لبِ لعل مٺا تنهنجا و ٺيڪن
عاقل جا به هي شعر شڪر بار ڏسي وڃ.
ليلا رام ’لائق‘ سيتا روڊ:
هر زخم سندم آهه ٿيو گل ته گلابي
صحرا به بڻيو غيرتِ گلزار ڏسي وڃ.
نظام الدين’نظام‘ گوپانگ:
ڪو سر ٿو ڏئي، ساهه ڪوئي حسن جو صدقو
بازار محبت ۾، خريدار ڏسي وڃ.
مرجان کي مليو مان سندس سرخيءَ لب کان
دندان صنم جا درِ شهوار ڏسي وڃ.
نثار احمد ’نثار‘:
جيئري ته ملئين پنهنجي سڪايل سان پيارا
اچ قبر تي هن حال ته يڪبار ڏسي وڃ.
عبدالوهاب ’ناظم‘:
بيدرد رکين درد نه تون قوم جو ڇا کان
ڪمزور پيل قوم ۽ لاچار ڏسي وڃ.
نواز علي ’نيازا‘ جعفري:
هر دانئه تسبيح جي دل ۾ وڃي پهتي
زاهد کي چيم رتبئه زنار ڏسي وڃ.
هر اشڪ مان ساقي تنهنجي تصوير ٿي ڏسجي
اک منهنجي بڻي خانئه خمار ڏسي وڃ.
محمد صديق ’وفا‘ دادو:
تنهنجي ئي محبت ته ڪيو مون کي آ شاعر
پنهنجو سو وفا صاحبِ اشعار ڏسي وڃ.
هر’هنٽر‘ صاحب:
هن وقت جي سهڻن سندو سينگار ڏسي وڃ
اچ سيگهه ۾، ڪر دير نه يڪبار ڏسي وڃ.
قرضي ڪري مردن کي ڇڏيو آهه انهن اڄ
هنٽر نه ٿجئين تن جو طلبگار ڏسي وڃ.
اديب سنڌ طرفان اها به ڪوشش ڪئي وئي هئي ته بزم مشاعره جون
طرحون اهڙي نموني الف- ب وار ڏنيون وڃن، جيئن شاعر
مشاعرن دلچسپي وڌيڪ وٺن ۽ ٻي طرف سندن ديوان پڻ
مڪمل ٿي وڃن. ان ڪري اديب سنڌ جي ڊسمبر 1944ع
واري پرچي ۾ نئين ديوان جي سلسلي شروع ڪرڻ جو
اعلان ڪيو ويو ۽ غلام علي جعفري جي مشاعره لاءِ
طرح ڏني وئي.
(1)
”ڪشتئي بحرِ الم ۾ ناخدا منهنجو خدا“
نئين سال جي پهرين پرچي جنوري 1948ع کان ”تحفئه سنڌ“ نالي سان
نئين ديوان ۽ نون مشاعرن جي ابتدا ڪئي وئي. ديوان
جي پيش لفظ ۽ ديوان بابت هنن خيالن جو اظهار ڪيو
ويو:
”روشن هجي ته ڪيترن ورهين کان وٺي اهو خيال ڪيو ٿي ويو ته سنڌي
الف- ب موجب سنڌي شاعرن جو اهڙو ڪو ديوان تيار
ڪرائجي جو بلند معيار جو هجي. ان لاءِ پهرين ڪوشش
1923ع ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي زير نگراني ڪئي
وئي، مگر ڪامياب نه ٿي. ان کانپوءِ 1927ع ۾ ۽ ان
کان پوءِ 1940ع ۾ سنڌي سڌار سوسائٽيءَ ماتحت ٽيون
دفعو آزمائش ڪئي وئي، مگر اهڙي فتحيابي نه ٿي جهڙي
ضرورت هئي.................. آخر ”اديب سنڌ“ رسالو
جاري ڪيو ويو. ان ذريعي رات ڏينهن محنت ڪرڻي پئي
۽ سنڌي شعر کي اعليٰ منزل تي پهچائڻ لاءِ لڳاتار
پورهيو ڪرڻو پيو. آخر ستن ورهين جي جان فشاني بعد
هاڻي مس مس اهڙي جاءِ تي پهتا آهيون جتي سنڌي
شعر جي ڪن استادن ۽ شاگردن جي شعرن جو گلدستو ٺاهي
”تحفہ سنڌ“ جي نالي سان پيش ڪرڻ جو فخر حاصل
ڪريون“.
(1)
افسوس جو هن ڀيري به نئين ديوان جو سلسلو ڪامياب نه ويو 1948ع
کان پوءِ جلد ئي اهو سلسلو ختم ٿي ويو.
”بغير رو رعايت“ واري عنوان هيٺ شاعري ۾ پيش ڪيل شاعرن جي ڪلام
تي تنقيد ڪئي ويندي هئي. شاعرن جي ڪلام ۾ جيڪي
اوڻايون، نقص ۽ خاميون هونديون هيون، انهن ڏانهن
انهن شاعرن جو ڌيان ڇڪايو ويندو هو. اديب سنڌ جي
پهرين پرچي ۾ ”بغير رو رعايت“ جي عنوان جي وضاحت
ڪندي چيو ويو آهي، ”هن هيڊنگ هيٺ پهتل شعرن تي
تنقيد ڪرڻ ۾ ايندي، گرفت ۽ داد بنسبت معلومات
پهچائي ويندي. ڪنهن به شاعر صاحب جو نالو لکڻ ۾ نه
ايندو. سوسائٽي جي رڪارڊ تي سڀڪو شاعر رجسٽر ٿيل
آهي، انهيءَ رجسٽر جو نمبر ڏيکاريو ويندو.“
هن تنقيد مان مبتدي ۽ نون شاعرن کي گهڻو فائدو ٿيو. ڇاڪاڻ ته ان
تنقيد رستي هو شاعريءَ جي فن جي ڪيترن ڳالهين کان
واقف ٿيندا ٿي رهيا.
”معيار سخن“ جي عنوان هيٺ سنڌ جي نون شاعرن جو چونڊڪلام پيش ڪيو
ويندو هو. جيڪو گهڻو ڪري غزل هوندو هو. اهڙيءَ ريت
هنن جي غزل چوڻ لاءِ همت افزائي ڪئي ويندي هئي.
”اديب سنڌ“ پنهنجي علمي خدمتن جي ڪري پنهنجي وقت ۾ شاعرن ۾
ڪيترو مقبول هو، ان جو اندازو انهن شعرن مان لڳائي
سگهجي ٿو. جيڪي شاعرن ان جي مدح ۾ لکيا آهن.
عزيز الله ’مجروح‘:
واه رسالو آ اديب سنڌ بيحد خوبتر
لعل موتين کان گهڻي قيمت لهي هڪ هڪ اکر.
پنهنجو ثاني پاڻ آهي، ڇا سندس ساراه ڪيان
اي ادا مجروح آهي نامور سور سنڌ اندر.
(1)
قاضي عبدالحي’سليم‘ هالائي:
”پهرين سال پوري ٿيڻ تي مبارڪ“
اي اديبِ سنڌ هردم آهه شڪرِ ذوالجلال
خير خوابيءَ ساڻ تنهنجو پهرين ڀيرو ٿيو ته سال.
سنڌ جي گلزار- نظم و نثر ۾ جو چهچٽو
تو ڪيو بڻجي مثال- بلبلِ شيرين مقال.
سنڌ ۾ القصہ پنهنجي مختلف اوصاف کان
اي ”اديبِ سنڌ“ آهين پنهنجو مٽ پنهنجو مثال.
مرحبا جو يادگارِ قادري قائم ڪيو
ڪوششِ، يڪتا، غريب و جوش خوشخصال.
(2)
شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘:
پنجين ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي اديب سنڌ جي شان ۾ پڙهيل
’خليل‘ جي قصيده مداحيه جا ڪجهه شعر ملاحظ ڪريو:
يارن کي هوس ته ڪريون سير باغ جو
مون کي اديب سنڌ جو پر انتظار اڄ
مخزن اسان جي علم ادب جو ۽ شعر جو
سنڌي زبان لاءِ چوان افتخار اڄ.
دل جي ڪليءَ کي کولي عجب باغ ٿو ڪري
آيو رسالو ڄڻ ته ڪو آيو بهار اڄ.
نقطو سندس جي خال ته سٽ زلف مشڪ سا
سمجهن ٿا اهلِ ذوق سڄو گلعذار اڄ.
اي تو کي اڄ چمي ٿو ڏيان جاءِ جان ۾
تون قلبِ بي قرار جو آهين قرار اڄ.
آهين جي علم و ادب جو تون ئي چمن
جنهن جا ته باغبان ٿيا ذي وقار اڄ.
(1)
”اديب سنڌ“ سنڌي غزل، شاعري ۽ ادب جي ٻارهن سال خدمت ڪري
تيرهين سال 1953 ۾ مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي ويو.
نئين زندگي
پاڪستان جي قيام کان پوءِ جن رسالن سنڌي غزل کي نئون موڙ ڏنو ۽
جديد تقاضائن سان آشنا ڪيو ۽ ترقي پسند راهه تي
گامزن ڪيو، انهن مان ”نئين زندگيءَ“ جي نالي کي
اوليت حاصل آهي- 1948ع ڌاران پاڪستان جي مرڪزي
سرڪار پنهنجي ڪارگذارين جي تشهير لاءِ اردو ۽
پاڪستان جي ڪن صوبائي زبانن ۾ هفتيوار اخبار نما
بليٽن جاري ڪيا هئا، جن مان ”نئين زندگي“ هڪ هو.
نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي کي مقرر
ڪيو ويو. هو جامعه ملي دهلي جو تعليم يافته هو ۽
اتي ئي پرائمري اسڪول ۾ استاد هو، جتي هن وڏي چاهه
سان ڪم ڪيو هو ۽ ٻارن لاءِ اردو ۾ ڪهاڻين جا ڪيترا
ڪتاب لکيا هئا جن کي ڪافي شهرت حاصل ٿي هئي.
پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ هو پنهنجي وطن واپس آيو هو.
عبدالواحد سنڌي پرعزم، پر جوش، ڪم جو ڪوڏيو ۽ تڪليفون برداشت ڪڻ
وارو ۽ محنت ڪندڙ شخصيت جو مالڪ هو. هن کي جڏهن
نئين زندگي جي ايڊيٽري ملي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ته
هاڻي هو هن رسالي معرفت پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ
جي خدمت ڪري سگهندو.
جلد ئي پاڪستان سرڪار محسوس ڪيو ته سند خبرن وارن بيلٽن ۾ عوام
جي ڪا به دلچسپي ڪا نه هئي، تنهن ڪري هن پنهنجن
سمورن بليٽن کي ادبي رسالن جي صورت ۾ تبديل ڪري
ڇڏيو، جنهن ۾ سرڪاري ڪار گذارين جو پڻ حصو هو.
انهن ۾ نئين زندگي به هئي. نئين زندگيءَ کي نئون
روپ فيبروري 1950ع کان مليو. عبدلواحد سنڌي هن
موقعي جو فائدو وٺي سنڌي علم و ادب، شعر و شاعري،
تاريخ و تمدن وغيره جي عظيم خدمت ڪئي.
پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ادبي دنيا ۾ اوندهه ڇانئجي وئي
هئي، ان زماني ۾ ”نئين زندگيءَ“ نئين لاٽ ٿي
اڀريو، جنهن تي سنڌ جا اديب پراڻا چاهي نوان پتنگن
جيان اچي ڪٺا ٿيا. نئين زندگيءَ کي اهو فخر حاصل
آهي ته ان سون نون اديبن کي پيدا ڪيو، انهن جي
تربيت ڪئي ۽ انهن کي اوج تي پهچايو.
نئين زندگيءَ جتي ادب ۽ شعر و شاعري جي مختلف صنفن جي سرپرستي
ڪئي، اتي غزل جي مٿان به هٿ رکيو. حقيقت هيءَ آهي
ته جديد غزل جي اوسر ۾ نئين زندگيءَ جو وڏو هٿ
آهي. ترقي پسند ادب جي اوسر ۾ وقت جي اهم تقاضائن
۽ نئين روشني رکندڙ نقادن جي سخت تنقيدن نئين
زندگي جي شاعرن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته هو
غزل جا پراڻا پنڌ ۽ پيچرا ڇڏي نئين راهه اختيار
ڪن. نئين زندگي ۾ شايع ٿيل ڪي غزل مثال طور پيش
ڪجن ٿا جن جي مطالع مان معلوم ٿيندو ته نئين زندگي
سنڌي غزل کي ڪهڙو موڙ ڏنو.
درد کي دوا ڪري ته ڏسان
عشق جي انتها ڪري ته ڏسان.
ڇو هلان رهنما جي مرضي تي
پاڻ کي رهنما ڪري ته ڏسان.
تنهنجي بخشش جي سون ٻڌي تعريف
مان به ڪائي خطا ڪري ته ڏسان.
زندگي ۾ سڪون جي ڳولا
تجربو ٿيندو، ها ڪري ته ڏسان.
منهنجا ساٿي سمهي پيا شايد
ڪا نوا ڪا صدا ڪري ته ڏسان.
ميڪدي ۾ يا دير ۾ هوندو
جوش جي ڪا پڇا ڪري ته ڏسان.
(1)
(شيخ عبدالحليم جوش)
اڄ سرِ دار چهچٽو ٿيندو
درد مندن جو فيصلو ٿيندو.
فصلِ گل تنهنجا گل اکين تي پر
نيٺ رخصت هي قافلو ٿيندو.
هاڻ آهُن جو وقت ناهي پر
داغِ دل سان ته سوجهرو ٿيندو.
يا دلاسن تي دل کي پرچايان
ڪير پنهنجو هتي ٿيو ٿيندو.
مون کان پنهنجن به اڄ ڪيو پاسو
تنهنجو اي بيڪس ڀلو ٿيندو.
جيڪو مجروح کي سڏي غافل
اهڙو ديوانو ڪو ٻيو ٿيندو.(1)
(علي محمد مجروح)
1959ع ۾ رشيد لاشاري ”نئين زندگي“ سان وابسته ٿي ويو. هو سنڌي
غزل جو استاد شاعر هو. جيترو وقت هو نئين زندگيءَ
۾ ڪم ڪندو رهيو اوترو وقت غزل جي آبياري به ڪندو
رهيو. سال 1960ع ۾ هن جي ترغيب سان ”نئين زندگيءَ“
۾ پراڻو اخباري مشاعرن وارو سلسلو نئين سر شروع
ڪيو ويو. شاعري لاءِ طرح جي اعلان ۽ آيل غزلن جي
انتخاب کي نئين زندگيءَ جي صفحن جي زينت بنايو
ويو. هن مشاعري جي خاص ڳالهه اها هئي ته شاعري کي
سنڌ جي ڪنهن اديب، شاعر يا بزرگ جي نالي منسوب ڪيو
ويو. جيئن مشاعره خادم (حاجي محمود)، مشاعره
’نياز‘ (نواز علي جعفري)، مشاعره قليچ وغيره.
نئين زندگي جي ڪن مشاعرن جون مصرح طرحون هيون:
”باغ سان گڏ باغبان جو ذڪر لازم ٿو ٿئي“ (سيپٽمبر 1960ع)
”مبارڪ اي وطن وارا وطن ۾ انقلاب آيو“ (آڪٽوبر 1960)
”نئين زندگي ۾ ٿي چڪي تخفيف هڪڙي سال جي“ (ڊسمبر 1960ع)
”نئين زندگي“ جي مشاعرن جو هي سلسلو هڪ سال کان وڌيڪ عرصو هلي
نه سگهيو ۽ ڊسمبر 1960ع کانپوءِ ان سلسلي کي ختم
ڪيو ويو.
عبدلواحد ’سنڌي‘ جي رٽائر ٿي وڃڻ کانپوءِ نئين زندگي جو ايڊيٽر
شمشير الحيدري، اسسٽنٽ ايڊيٽر شعبان ’بخت‘ مقرر
ٿيو. هنن ٻنهي شاعرن جتي نئين زندگي کي واڌئڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي اُتي سنڌي غزل سان به نينهن نڀايو
آهي.
فردوس
1950ع ۾ هالن جي ڪجهه نوجوان اديبن ۽ شاعرن ”فردوس“ نالي علمي،
ادبي ۽ فلمي رسالو ڪڍيو. هن رسالي جو ايڊيٽر حاجي
عبدالرحمان ’انجم‘ هو. محمد شفيع ’انور‘ ۽ قاضي
عبدالحي ’سليم‘ فردوس کي ترقي وٺرائڻ ۽ مقبول
بنائڻ ۾ سندس خاص ساٿي هئا. هنن ٽنهي صاحب جي
ڪوششن سان ”فردوس“ سنڌ جي نوجوان طبقي ۾ مقبوليت
حاصل ڪري ورتي. جئين ته’انجم‘، ’انور‘ ۽ ’سليم‘
ٽيئي غزل جا شاعر هئا، تنهن ڪري هنن فردوس جي
گلگشت ۾ غزل کي خاص جاءِ ڏني، نه صرف ايترو پر
رسالي جي ٽئين سال جي شروعات يعني جنوري 1952ع ۾
”بزم فردوس “ هالا جي نالي سان اخباري مشاعره جو
بنياد وڌو، جنهن جا عهديدار هيٺين ريت چونڊيا ويا:
سرپرست:
صدر:
نائب صدر:
سيڪريٽري:
جوائنٽ سيڪريٽري: |
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
’انجم‘ هالائي.
محمد عمر ’اختر‘.
انور هالائي.
غلام ابڙو |
بزم فردوس طرفان ”فردوس“ رسالي ۾ طرح ڏني ويندي هئي، جنهن تي
پهتل شعر خاص مشاعرو ڪري پڙهيا ويندا هئا ۽ انهن
جي انتخاب کي ”فردوس“ ۾ شايع ڪيو ويندو هو.
”فردوس“ سنڌ جي شاعرن ۾ ڪيترو مقبول هو، ان جو اندازو ”فردوس“
جي مدح ۾ چيل شعرن مان لڳائي سگهجي ٿو.
مون پڇان ٿو اصل دانش کان پڙهي فردوس کي
آ مزو فردوس ۾ يا جنت الفردوس ۾.
(1)
بزم فردوس جا جيڪي مشاعرا فردوس ۾ شايع ٿيل آهن انهن مان ڪن جون
طرحون هي آهن:
1-” گلستانِ جهان ۾ ڪر جمالِ رنگ وبو پيدا“ (مي 1952ع)
(هي بزم فردوس جو پهريون مشاعرو هو)
”خدا ڄاڻي ته ڇو اڄ دل ۾ دلبر ياد آيو آهه“ (آگسٽ 1952ع)
”تون راهِ وفا ۾ جفا کان نه ڊڄ“ (اپريل 1953)
بزم فردوس ۾ جن شاعرن جا غزل شايع ٿيل آهن، تن مان ڪن جا نالا
هي آهن:
طالب الموليٰ، عارف الموليٰ، انجم هالائي، انور هالائي، سليم
هالائي، محمد عمر، ذوالفقار راشدي، الله بخش
عقيلي سرشار، امير قريشي، رند ميرانپوري،
عبدالڪريم پلي.
بزم فردوس جي آگسٽ 952ع واري مشاعري ۾49 شاعرن جا غزل شايع ٿيل
آهن ان مان غزل سان شاعرن جي دلچسپي جو اندازو
لڳائي سگهجي ٿو. مشاعري جو انتخاب ملاحظه ڪريو:
’انجم‘ هالائي:
چڱائي مون ڪئي جنهن سان اهو ٿيو دشمنِ قاتل
قتل گهه ۾ کڻي تلوار هو جلاد آيو آهه.
’اختر‘خليفو محمد عمر هالائي:
نه ڏي اي نامه پر، قاتل جي طرفان قتل جون ڌمڪيون
اسان جي لئه ته پيغامِ مبارڪ باد آيو آهه.
’انور‘ محمد شفيع هالائي:
نزع جو وقت آهي، چوطرف هنگامہ مايوسي
خدا ڄاڻي ته اڄ ڇو دل ۾ دلبر ياد آيو آهه.
عبدالڪريم پلي:
خدا ڄاڻي ته ڇو اڄ دل ۾ دلبر ياد آيو آهه
الاجي اوچتو ڪيئن باغ ۾ صياد آيو آهه.
’سليم ڳاڙهوي:
سموري شب ستارا ٿا ڀرن سڏڪا ’سليم‘ اڪثر
انهن کي ڀي دکيءَ دل جو دلبر ياد آيو آهه.
’نياز‘ نياز محمد پنهور دادو:
لبن تي آ لڳل سرخي، چشمه آهوءَ مثل جنهن جا
اهو غنچه دهن مون کي وري اڄ ياد آيو آهه.
’خانم‘ عبدالنبي روهڙي:
ٻڌايان ڇا زمانو برسرِ بيداد آيو آهه
سهڻ سورن جي لئه آدم سنڌو اولاد آيو آهه.
’اشڪ‘ گل محمد گلالائي بلڙي:
شڪايت ظلم جي ڏڪندي صنم جي پيش آندم پر
نه سمجهيو هن سندم عاشق کڻي فرياد آيو آهه.
مهراڻ
مهراڻ (ٽماهي) رسالي سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي، سنڌي
ادب ۽ شاعريءَ کي اڳتي وٺي وڃڻ، نين راهن تي
هلائڻ، ادب ۾ رجعت پسند ٻنڌڻن کي ٽوڙڻ ۽ سنڌي ادب
جي وقت جي جديد ۽ ترقي پسند رجحانن سان آشنائي ڪرڻ
۾ هن رسالي جي قابل ايڊيٽرن جي ڪوشش جو وڏو هٿ
آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي سهاري هيٺ شايع ٿيندڙ ”مهراڻ“ زندگيءَ جا ٻه
دؤر ڏٺا آهن. پهريون دؤر مارچ 1949ع کان جون 1948ع
تائين ۽ ٻيو 1955ع کان موجوده وقت تائين. پهرين
دؤر جي ايڊيٽوريل بورڊ جو چيف ايڊيٽر مولوي دين
محمد وفائي هو. ٻئي دؤر جي ايڊيٽرن ۾ محمد ابراهيم
جويو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، پير حسام
الدين راشدي ۽ غلام محمد گرامي جا نالا قابلِ ذڪر
آهن.
سنڌي زبان جو هي پهريون رسالو آهي جيڪو نهايت ضخيم ۽ گهڻن صفحن
تي مشتمل آهي ان ڪري هن رسالي ۾ نثر توڙي نظم جون
گهڻو ڪري سڀني صنفون شايع ٿينديون رهيون آهن. انهن
صنفن ۾ غزل کي پڻ جدا جاءِ ڏني وئي آهي، جنهن ۾
سنڌ جي قديم توڙي جديد شاعرن جا غزل نهايت اهتمام
سان شايع ڪيا ويندا آهن.
هن رسالي جي طرفان شروع کان وٺي اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌي غزل
کي ڌارين روايتن کان آجو ڪري ان جي پرورش سنڌي
ماحول ۾ ڪئي وڃي، جيڪا ايڊيٽر جي هنن لفظن مان
معلوم ٿئي ٿي. ”انهن جذبي جي ترجماني سنڌي ماحول
اندر ئي ٺهي ٿي، اهو ماحول ڪو ايراني يا لکنوي
ماحول کان گهٽ ميٺاج وارو ۽ گهٽ سهڻو نه آهي“.
(1)
سنڌي غزل جي جديد رنگ روپ ۾ مهراڻ جي ڪوششن کي وساري نٿو
سگهجي.جتي مهراڻ سنڌي شاعري جي ٻين صنفن ۾ جدت
پيدا ڪئي آهي، اتي سنڌي غزل ۾ به نئون رنگ ۽ روپ
ڀريو آهي. جنهن جا ٿورا مثال پيش آهن:
تو جيان ٿيو بي نشان ۽ تو جيان بي نام ٿيو
ٿيو جو گم تنهنجي خيالن ۾ خيالِ خام ٿيو.
هر پکي کي پنهنجي پنهنجي ريت پنهنجي نيت آ
تنهنجي لئه جو آهي داڻو، منهنجي لئه سو دام ٿيو.
جي اکيون ٻوٽيو ته اونداهه ۽ جي کوليو روشني
هر ڪنهن جو پنهنجي ظرف آهر ئي صبح و شام ٿيو.
جيڪي قاتل ها انهن تي ڪو نڪو آيو حرف
دار تي جنهن سر ڏنو سو موردِ الزام ٿيو.
ذهن جي اڀ تي ٿي تنهنجي ياد اڀري ۽ لٿي
دور ٿي تو کان ائين ئي منهنجو صبح و شام ٿيو.
(1)
(تنوير عباسي)
اوندهه جو ڪليجو چير ڪري، چانڊاڻ کڻي آيو آهيان
هن جڳ جي لئه مان نور نرالو ساڻ کڻي آيو آهيان.
پيشاني لهوءَ ۾ لال اٿم، سينو به ڦٽيل ۽ جسم ڌڪيل
غاصب کان پلئه جيڪي به پيم، تو ڪاڻ کڻي آيو آهيان.
مقتل ڏي هلو، پٺتي نه ڏسو، هي رسم ادا هر بار ڪيو
”دودي“ جي ڏسيا، ”دريا“ جي ڏنا، اهڃاڻ کڻي آيو
آهيان.
سرمست هئا، سرويچ هئا، رت ريج ڏنو جن ڌرتيءَ کي
ان پاڪ مٽيءَ مان مٺ ڀري ڳاڙهاڻ کڻي آيو آهيان.
وارن کي ڇنڊي، خوشبو کي پکيڙي، تاج ڀلي محبوب نه ڪو
پورهيت جي پسيني مان جا ملي، سرهاڻ کڻي آيو آهيان.
(تاج بلوچ)
وقت ڪهڙي تي بهار آيو هلي ڏس ته سهي
بند بلبل ٿي، ويس گهر به جلي ڏس ته سهي.
هر جڳهه قيد، هر موڙ تي ڦاسي ٿو پسان
ڇا انهيءَ کي ٿا سڏن تنهنجي ڳلي ڏس ته سهي.
گل ٽُڪي چهنب سان بلبل ٿي رڙي ”هاءِ ڙي گل“
حسن سان عشق عجب چال چلي ڏس ته سهي.
زندگي سڀ کان نئين سڀ کان پراڻي آهي
پر پرولي نه سندس ڪنهن به سلي ڏس ته سهي.
رات پرڀات هٿان توئي ٿي پيغام مڪا
روبرو هاڻ وڃين ڪيئن ٿو الي ڏس ته سهي.
جام کان پڇ ته شراب آيو چپن تائين ڪيئن
مون جهليو مانس، مگر مي نه جهلي ڏس ته سهي.
واٽ تنهنجي ٿو تڪيان ٻاري ڏيا اکڙين ۾
ختم ٿي عمر، نه مون آس پلي، ڏس ته سهي.
شرم کان هيٺ اکين کي تو جهاڪيو ڇا لاءِ
نيڻ کڻ، مون سان نه ڳالهاءِ ڏس ته سهي.
تنهنجو ’دلگير‘ غريب آيو تڇ تحفو
هار لڙڪن جو قبولج نه ڀلي ڏس ته سهي.
(1)
(هري درياني دلگير)
|