ايراني شاعرن ڪڏهن ڪڏهن برف ۽ بجلي جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي
مسڪين بلبل جي آشباني جلائڻ لاءِ منتظر آهن.
سنڌ جي غزل گو شاعرن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ه هنن
فرمانبدار شاگردن وانگر ايراني شاعرن جي نقشِ قدم
تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهن جي ٻڌيل پيچري کان
هڪ پير به هيڏي هوڏي نه ڪيو آهي.
پارسي شاعرن گل ۽ بلبل جي محبت جي رشتي کي هن انداز ۾ بيان ڪيو
آهي.
غني ڪشميري چوي ٿو:
هر رگِ گ رشته با شد به پائي عندليب
دامِ ديگر نيست حاجت از برائي عندليب. (غني
(1)
۽ ظهير فاريابي چوي ٿو:
تاريست محبت نشد از حادثہ گل
محکم شده از دؤرِ ازل بر رگِ بلبل. (ظهير فاريابي)
۽ سنڌ جي شاعرن به گل ۽ بلبل جي محبت کي ساڳئي انداز ۾ بيان ڪيو
آهي. ميان غلام سرور ’فقير‘ چوي ٿو:
اسير گل جي محبت ڪيو چيو بلبل
وگرنه دام ڪٿي، مان ڪٿي ڪٿي ضياد (فقير)
بلبل گل جي عشق ۾ گرفتار آهي، شاعر پنهنجي محبوب جي محبت ۾ قيد
آهي. محبوبن جو ڪم جور و جفا ۽ عاشقن جو ڪم روڄ ۽
راڙو شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي پنهنجي همنوا بلبل کي
سڏي گڏجي آه و زاري ڪرڻ لاءِ هيئن دعوت ڏين ٿا:
اي بلبل اگر نالي، من با نو هم اوازم
تو عشق گل داري، من عشقِ گل اندامي. (سعدي)
۽ حافظ شيرازي چوي ٿو-
بنال اي بلبل اگر منت سرِ يار است
که ما دو عاشقِ زاريم و کارِ ما زاري. (حافظ)
سنڌ جي غزل گو شاعرن به بلبل سان گڏجي آه و فغان ڪئي آهي.
ميان غلام سرور ’فقير‘ چوي ٿو:
گل کان گلا آ توکي مون رشڪِ گل کان آهه
گلشن ۾ ويهه گڏجي پٽيون بلبلا نصيب. (فقير)
مرزا عدد علي بيگ ساڳئي ماجرا هيئن بيان ٿو ڪري:
مون کي ٿيو عشق رشڪِ گل ۽ هن کي دردِ گل آهي
جي ڪجهه آهي ته بلبل آهي يار همنوا منهنجي.
(مرزا مدد)
گدا پاڻ کي بلبل سان ڀيٽ ڏئي چوي ٿو:
بلبل جي صفت باغ ۾ آءُ آهيان فغاني
فرياد سڻي، اي گلِ پر خار رحم ڪر. (گدا)
۽ مير عبدالحسين سانگي به بلبل کي نالان ڏسي ان سان گڏ آه و
فغان ڪرڻ شروع ٿو ڪري:
مون به ٻڌندي ساڻ، سي آغاز ڪيا آه و فغان
دل اٿي وئي منهنجي ٻڌندي ساڻ تانِ عندليب. (سانگي)
۽ وري چوي ٿو:
هم صفيرانِ چمن اڳ ڪيترا هوندا ها. هاڻ
هڪڙو بس سانگي ٿو ڏسجي همز بانِ عندليب. (سانگي)
پارسي شاعرن گل کي ٻن خاص صفتن سان نوازيو آهي. هڪ پنهنجي حسن
تي نازان رهڻ ۽ ٻيو عاشقن جي حال کان ڪڏهن بي خبر
رهڻ ۽ ڪڏهن ان تي جور و جفا ڪرڻ. امير خسرو گل جي
انهن صفتن جو بيان ڪندي چوي ٿو:
گل چه داند که دردِ بلبل چيست
او همين کارِ رنگ و بو داند. (خسرو)
حافظ شيرازي چوي ٿو:
ذکرِ بلبل همه آنست که گل شد يارش
گل در انديشه که چون عشوه کند کارش. (حافظ)
عماد فقيهه گل جي بلبل سان وفا جي اميد ۽ بلبل جي لاپرواهيءَ ۽
بيوفائيءَ جو نقشو هيئن چٽيو آهي ته گل ڇاڪاڻ ته
بازاري سهڻو آهي تنهن ڪري وفا نٿو ڪري:
اميد بلبلِ بيدل از گل وفادار نيست
ولي وفا نه کند شاهدي که بازاريست.
بلبل جي مظلوم حالت ۽ رسوائي جو سب محمد هاشم مخلص گل کي ٺهرائي
چوي ٿو:
ڪيئن نالئه بلبل ٿيو عبث خلق ۾ بدنام
اي يار پڇو گل کان سبب جامه داري جو. (مخلص)
گل پنهنجي ناز و ادا ۾ مشغول، پنهنجي عاشق جي حال کان بي خبر
پنهنجي مستيءَ ۾ مست آهي. شمس الدين ’بلبل‘ بلبل
جو حال راز ڏسي گل کي سمجهائيندي چوي ٿو:
پنهنجي عاشق جي عيادت ڪر ته ڪڏهن اي عجيب
فاتحہ گل ڀي پڙهن ٿا بلبلِ بيمار تي. (بلبل)
مير عبدالحسين سانگي کي باغ ۾ بلبل جو لاش نظر ٿو اچي تڏهن
سندس وات مان بلبل جي وفا تي شاباس نڪري وڃي ٿي ۽
چوي ٿو ته هي انهن وفادارن مان آهي جيڪي مرڻ
کانپوءِ به وفادار رهن ٿا.
باغ ۾ لاشئه بلبل کي ڏسي، شاباس چيم
بعد مردن به هي قربانِ گلستان آهي. (سانگي)
جتي محبوب آهي اُتي رقيب آهي ۽ جتي گل آهي اتي خار آهي، گل خار
سان خوش آهي، بلبل کي انهيءَ جو ڏاڍو ڏک آهي. عاشق
جي دل اهو ڪٿي چاهيندي ته سندس محبوب جي پهلو ۾ هن
کانسواءِ ڪو ٻيو هجي. انهيءَ معاملي کي ظهير
فاريابي نهايت عمدي نموني بيان ڪيو آهي:
خار خارِ حسرت ديگر بود بر بلبلي
هر سرِ خاريکه مي بيند بپائي هر گلي. (ظهير فاريابي)
(1)
شيخ سعدي خار کي رقيب سان ۽ پنهنجي محبوب کي گل سان ڀيٽ ڏئي خار
سان بلبل جي رقابت جي قصي کي واضع نموني بيان ڪيو
آهي:
صبر بر جورِ رقيب چه کنم گر نه کند
همہ دانند که در صحبتِ گل خاري لبيت. (بلبل)
انهيءَ ساڳي حقيقت جو اظهار ميان غلام سرور’ فقير‘ هيئن ٿو ڪري
رهي گل خار سان خوش ۽ پٽي بلبل مٿو پنهنجو
ڏٺا مون حسن وارا جڳ جا ڪل بي امتيازيءَ ۾،
ميان علي محمد قادري خار کي گل جي پهلو ۾ ڏسي بلبل جي جذبن جي
ترجماني ڪندي چوي ٿو:
خار بلبل کي لکن ۾ ٿو ڪري گل پيدا
هاءِ پهلو ۾ ڪيو پنهنجي گل خار پسند. (قادري)
شمس الدين بلبل انهيءَ معاملي کي وري نئين انداز ۾ پيش ٿو ڪري
بلبل باغبان کان انهيءَ جو تعبير ٿي پڇي ته خار گل
جو همنشين ڇا جي ڪري آهي.
اهو ته بلبل کي باغبان ڏسج تعبير
هاءِ پهلو ۾ ڪيو پنهنجي جو گل خار پسند. (بلبل)
صياد بلبل جو ازل کان ويري، هٿ ۾ قفس کنيون ڦرندو ٿو وتي. بلبل
گل جي عشق ۾ مست، سندس حسن جي مدح سرائي ۾ مگن،
دنيا و ما فيها کان بي خبر آهي.صياد کيس پڪڙي قفس
۾ وجهي ٿو. قفس ۾ قيد ٿيڻ وارا ماجرا کي شاعرن
هزارن نمونن سان بيان ڪيو آهي. بلبل جي گل کان دور
قفس ۾ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ صياد جي ظلمن جو بيان
ظهير فاريابي هيئن ڪيو آهي:
بي پري دارد اسير بيکسي هجران من
ميکشم از دستِ صياد ابن ستمها در قفس. (ظهير فاريابي)
(1)
اسان جي غزل گو شاعرن به بلبل سان صياد جي دشمني ۽ قفس ۾ بلبل
جي حالت جو نظارو نهايت درد انگيز نموني ۾ چٽيو
آهي. شمس الدين ’بلبل‘ عشق جي ماريل بلبل کي
سمجهائيندي چوي ٿو:
گهر بنائج نه باغ ۾ بلبل
باغبان پنهنجو يار آهي ڪٿ. (بلبل)
۽ ميان غلام سرور ’فقير‘ کيس ٻڌائي ٿو:
تاڙ ۾ صياد تنهنجي آهه هٿ ۾ دام سان
ٺاهيو ويٺو تنهنجي لئه آهي قفس اي عندليب. (فقير)
محمد بخش ’واصف‘ گل جي بيوفائي، خار صياد ۽ باغبان جي ايذاءَ ۽
ستم جو نقشو هيئن چٽيو آهي:
خار جو ايذا، ستم صياد جو، گل بيوفا
باغبان پڻ ٿيو نه ڪڏهين غمگسار عندليب. (واصف)
بلبل جي قفس ۾ بند ٿيڻ کانپوءِ بلبل جي مختلف جذبن جي تصوير
شاعرن نهايت پرسوز ۽ وقت انگيز لفظن ۾ بيان ڪئي
آهي، ڪڏهن گل جي هجر جون ڳالهيون، ڪڏهن بهار جي
آمد جون ڳالهيون، ڪڏهن قسمت جي شڪايت ۽ ڪڏهن
پنهنجي مجبوريءَ جو ذڪر، مطلب ته بلبل جي لفظن ۾
شاعرن پنهنجي دل ڪڍي ٻاهر رکي آهي.
محمد بخش ’واصف‘ قسمت جي شڪايت ڪندي چوي ٿو:
قسمت جي قيد آهي جيئري وڌي قفس ۾
نه ته ڪين هئي ڇڏڻ جي بس بوستان بلبل. (واصف)
شمس الدين ’بلبل‘ وري چوي ٿو:
قسمت جي قفس هن ۾ پابند ڏسي مون کي
گلرخ ٿي چيو بلبلِ بي پر جو خدا حافظ. (بلبل)
گلشن ۽ بهار جي آمد آهي، چؤطرف گل ٽريا بيٺا آهن، بلبل قفس ۾
قيد آهي، اتي ويٺي آه و فغان ڪري. اتان ويٺي گلشن
جو نظارو ڏسي. اها حالت ظهير فاريابي هيئن ٿو بيان
ڪري:
بلبلم اما زچاکِ سينہُ صد چاڪ خويش
ميکنم گاهي گلستان را تماشا در قفس. (ظهير فاريابي)
ليکراج ’عزيز‘ بلبل کي نصيحت ڪندي چوي ٿو ته تون گلشن جو خيال
نه ڇڏ ته تو وٽ هر وقت بهار هوندو.
بلبلِ ناشاد ٿي ڪنجِ قفس ۾ ڀي بهار
دست حسرت مان خيالِ دامنِ گلشن نه ڇڏ. (ليکراج عزيز)
چمن ۾ بهار آيو آهي، گلشن ۾ هزارين گل ٽڙيا آهن، بلبل قفس جي
قيد ۾ بند آهي. هن جي دل چاهي ٿي وڃي آزاد ٿي گلشن
تي نغمه سرائي ڪريان. ان ڪري صياد کي ميان علي
محمد قادري جي لفظن ۾ ٻاڏائيندي چوي ٿي:
بهار آيو، کليا گل هزار گلشن ۾
قفس جي قيد مان ڪڍ عندليب اي صياد. (قادري)
حاجي محمود ’خادم‘ اسيرِ قفس بندياڻي بلبل جي لاءِ ٻڌائي ٿو ته
بهاري، ابر ۽ بادل جڏهن بلبلِ بيمار ڏسي ٿي تڏهن
کيس گلستان ياد ٿو اچي ۽ گلستان جي ياد ايندي ئي
بلبل جو دم لبن تائين پهچي ٿو وڃي.
بهاري، ابر ۽ بادل ڏسي يادِ گلستان ۾
اسيرانِ قفس جو دم لبِ منقار تي پهتو. (محمود- خادم)
بهار کانپوءِ خزان جو ذڪر به شاعرن دل کولي ڪيو آهي، جنهن ۾ گل
ڪوماڻل ۽ گلستان اجڙيل ۽ بلبل نوحه خوان بيان ڪئي
اٿائون. ظهير فاريابي گلستان ۾ خزان جي آمد جو
نظارو ڪڍندي چوي ٿو ته خزان گلن کي ڇاڻي گندي ميري
مٽيءَ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو؛ خزان کي گلن جي قيمت جو
ڪهڙو پتو! (يعني گلن جو قدر ته صرف بلبل ئي ڄاڻي
ٿي).
بخاکِ تيره فگندش ز باد رستي خويش
خزان بهائي گلِ بوستان چه ميداند. (ظهير فاريابي)
ليکراج عزيز خزان جي آمد جو نقشو نهايت سادن لفظن ۾ ڪڍيو آهي،
خزان جي آمد سان بلبل باغ کان موڪلاڻي ڪندي چوي
ٿي:
روئي بلبل چوي ٿي وقتِ خزان
هاڻ بادِ صبا خدا حافظ. (ليکراج عزيز)
خزان اچي وئي آهي، پر بلبل اڃا قفس ۾ آهي. گلچين بلبل جي ويجهو
ويهي بهار جون ڳالهوين ٿو ڪري، بلبل جي دل جا زخم
کلي ٿا پون ۽ بلبل گلچين کي بهار جي ذڪر کان منع
ڪندي چوي ٿي:
ڏکوئين ڪيئن ٿو دل بلبل جي گلچين نه فصلِ گل جون ڳالهيون ڪر
خزان ۾. (مخلص)
مير عبدالحسين سانگي بلبل جي زندگي جو نقشو ٻن سٽن ۾ بيان
ڪندي چوي ٿو ته بلبل جي زندگيءَ ۾ هن وٽ جيڪڏهن
ڪجهه هيو ته ياس و حرمان هيو ۽ جڏهن (خزان جي موسم
۾) چمن سان گل موڪلاڻي ڪئي ته بلبل جو روح به
پرواز ڪري ويو.
ياس و حرمان کانسواءِ ٻيو ڪين ڪي تنهن وٽ رهيو
گل سان گڏ نڪري ويو، روح روانِ عندليب. (سانگي)
مٿي بيان ڪيل ٿورن پارسي ۽ سنڌي شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ
جي غزل گو شاعرن گل و بلبل سان وابسته اهو ساڳيو
ئي ماحول قائم رکيو آهي جيڪو ايران جي شاعرن بيان
ڪيو آهي.
شمع ۽ پروانو:
پارسي شاعرن گل و بلبل جي محبت کان پوءِ شمع ۽ پرواني جي محبت
کي زياده ڳايو آهي. شاعرن شمع ۽ پرواني جي زندگيءَ
مان عجيب عجيب عشق ۽ اخلاق جا زاويا پيدا ڪيا آهن.
شام ٿئي ٿي شمع جلڻ شروع ٿي ڪري، پاڻ سڙي ٿي محفل
کي روشن ٿي ڪري. شمع جي فروزان ٿيڻ سان محبت جو
ماريل پروانو ڊوڙندو اچي شمع جي چوگرد طواف ڪري ۽
پاڻ کي شمع جي مٿان قربان ڪري ٿو ڇڏي. پرواني جو
لاش شمع جي قدمن ۾ پيو آهي. شمع پرواني جو هي حال
ڏسي روئندي ٿي رهي، روئندي روئندي سندس حياتي جي
رات وهامي ٿي وڃي، صبح ٿيڻ سان نه شمع آهي نه
پروانو.
شمع ۽ پرواني جي اها واحد تميثل آهي جنهن ۾ جيتوڻيڪ شمع کي
معشوق وارو اهڃاڻ يا سمبل (Symbol)
حاصل آهي مگر شاعر معشوق جي محبت کان ايترو ته
متاثر ٿيا آهن جو ان کي عاشق جو درجو ڏئي پاڻ کي
ان سان ڀيٽ ڏني اٿائون. خاص طرح انتظار جي ڪيفيت ۾
محبوب لاءِ پاڻ ڳارڻ واري احوال کي بيان ڪرڻ لاءِ
هنن شمع جي مثال جو سهارو ورتو آهي. انهن کان
سواءِ هنن شمع ۽ پرواني جي مثال مان ڪيترا اخلاقي
۽ تصوف جا نڪتا پڻ بيان ڪيا آهن.
سنڌ جي عوامي شاعرن پتنگ ۽ مچ جي پيار کي پڏايو آهي مگر اسان جي
غزل گو شاعر پارسي شاعرن جي بيان ڪيل شمع ۽ پرواني
جي داستانِ عشق کي ئي پنهنجي آڏو رکيو آهي ۽ ان کي
پنهنجي غزلن ۾ ساڳين روايتن ۽ ماحول سان بيان ڪيو
آهي جيئن پارسي شاعرن ڪيو آهي. پارسي جو مشهور
شاعر ’بيدل‘ شمع ۽ پرواني ٻنهي لاءِ چوي ٿو ته
جهڙي طرح بيقراري، سوز، جلڻ ۽ سڙڻ پرواني کي آهي،
اهڙي طرح اهي سڀئي ڳالهيون شمع وٽ به آهن، يعني
ٻنهي جو حال عشق ۾ هڪ جهڙو آهي.
اضطراب و طپش و سوختن و داغ شدن
آنچه دارد پرِ پروانه همان شمع داد. (بيدل)
(1)
محمد هاشم ’مخلص‘شمع ۽ پرواني کي پاڪبازانِ محبت ڪوٺي ٿو.
ڏيکاري ٿو ته جيئري ته ٻنهي جي حالت هڪ جهڙي هئي
پر مئي کانپوءِ به ٻنهي جي حالت هڪ جهڙي آهي.
پاڪبازانِ محبت هر تعلق کان ٿيا پاڪ
بعد مردن بي ڪفن پروانو ۽ بي گور شمع. (مخلص)
شمع ۽ پرواني جي عشق ۾ جلي مرڻ جي احوال کي حافظ شمع کي هيئن
ٿو سمجهائي”اي شمع پرواني جي وصل کي غنيمت ڪري
ڄاڻ ڇاڪاڻ ته صبح تائين اهو معاملو باقي نه
رهندو، يعني ٻئي سڙي فنا ٿي ويندا.“
غنيمتي شمر اي شمع وصلِ پروانه
که اين معامله تاصبحدم نه خواهد ماند. (حافظ)
پارسي شاعرن ڪڏهن پرواني کي عاشق بيان ڪيو آهي ۽ ڪڏهن شمع کي.
هيٺين پارسي شعرن ۾ پرواني کي عاشق بيان ڪيو ويو
آهي.
آتش آن نيست که از شعله آن خندد شمع
آتش آنست که در خرمنِ پروانه زدند. (حافظ
آتش رخسارِ گل خرمنِ بلبل بسرخت
چهرهء خندانِ شمع آفتِ پروانه شد. (حافظ)
نيم بلبل که از هر گلِ خلد درسينه ام خاري
نيم پروانه تا سوزم زهر شمع شبستاني. (ظهير فاريابي)
از غمِ شمع تو پروانه پرسوخته را
گلشنِ عشق پي بلبلِ بي آزاري. (ظهير فاريابي)
ساڳئي طرح اسان جي سنڌي شاعرن ڪڏهن پرواني کي ۽ ڪڏهن شمع کي
عاشق ڪري بيان ڪيو آهي. هيٺين شعرن ۾ پرواني کي
پارسي شاعرن وانگر عاشق بيان ڪيو ويو آهي.
پروانه هو ضعيف مگر زور عشق کان
پروا نه ڪيائين ٿي ويو آخر نثار عشق. (سانگي)
شمع رو جي آهين تون، تا پڻ آهيان پروانو آءُ
پنهنجي محفل ۾ جلاين کي جلائڻ ڏي ذرو. (قليچ)
هن شمع رو جي عشق ۾ اهڙو ٿيس جو نت
پروانو ٿي مان ويٺو چوان هاءِ هاءِ شمع. (محمود خادم)
شمعِ ڪافور ڏسي منهنجي شمع رو کي ڀي
پنهنجي پرواني جلائڻ جو فڪر آهه يا نه. (فقير)
هيٺين شعرن ۾ ايران جي شاعرن شمع کي، جيڪا پاڻ محبوب آهي، عاشق
بنائي پيش ڪيو آهي.
من آنيم که کنم سرڪشي ز تيغِ جفا
چو شمع زنده سرِ خويش ديده ام برپا.
(ابوطالب کليم)
(1)
جز سوز عشق نيست سراسر بيانِ ما
چو شمع، يک سخن گزرد بر زبانِ ما (ابوطالب کيلم)
(2)
هر چه در دل گذرد وقفِ زبان دارد شمع
سوختن نيست خيالي که نهان دارد شمع. (بيدل)
سنڌي شاعرن به شمع کي اهي ساڳيون عاشقانه وصفون عطا ڪيون آهن جن
سان پارسي جي شاعرن ان کي بيان ڪيو آهي. اهڙي طرح
هنن به کيس عاشق دل سوخته بيان ڪيو آهي. حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي چوي ٿو:
پنهنجي معشوقي وڃائي عاشقِ جانانه ٿي
چوٽ چٽڪي عشق جي کان آهه چڪنا چور شمع. (صغير)
رات ساري ٿي سڙي پر ڪنهن نه پڇيس دل جو حال
وئي وٺي مجلس مان پنهنجي دل ۾ اي ناسور شمع. (مخلص)
خاموش مثل شمع نه ڪوئي جلي سگهيو
پروانو بنجي سڀني لڳايو سراغ شمع. (ليکراج عزيز)
سر ٿي جلائي سوز ۾ رهندي صبور ۾ شمع
ڪنهن سان سلي ٿي ڪين اندر جو ڪو سور شمع. (نجفي)
پنهنجي اندر ۾ پاڻ ڳري ٿي انهيءَ سبب
ظاهر ڪري ٿي ڪين ڪنهين ساڻ راز شمع. (بلبل)
ايران جي شاعرن ڪڏهن پاڻ کي ۽ ڪڏهن محبوب کي شمع سان تشبيهه ڏني
آهي. محبوب جي حسن جي تعريف، بيوفائي يا عاشق کي
جلائڻ، ساڙڻ جو جڏهن بيان ڪيو اٿائون ته اتي شمع
کي مثال ڪري پيش ڪيو اٿائون ۽ ڪڏهن پاڻ کي شمع
بنائي پنهنجن سورن ۽ ڏکن جو اظهار ڪيو اٿائون.
هيٺين شعرن ۾ هنن محبوب کي شمع سان تشبيهه ڏني
آهي.
بازم به کلبه کيست نه شمع نه آفتاب
بام و درم زدره و پروانه پرشده است.
(نظيري نيشا پوري)
(1)
عبدالقادر بيدل محبوب جي حسن جي شمع سان جيڪا ڀيٽ ڪئي سا نهايت
لطيف آهي.
پرتوِ حسنِ تو هر جا شد نقاب افگن در آب
گشت از هر موج شمع حيرتي روشن در آب. (بيدل)
اسان جي سنڌي شاعرن پنهنجي محبوب کي شمع سان ڀيٽ ڏني آهي ۽ اهڙي
بيان ڪرڻ ۾ تخيل ۽ بيان جي رنگيني کان ڪم ورتو
اٿائون. نواز علي نياز هن طرح محبوب جي شمع سان
ڀيٽ ڏئي ٿو:
ڳوڙها جو شمع رو جي ڪريا منهن تي جاڳي پيو
پاڻيءَ سان هوند ٻيو ڪو هن پر جڳائي شمع.
(نياز جعفري)
اي: شمع رو تنهنجي ڏسي حسن جو لقا.
پروانو هوند ڪين ڪري سر فداءِ شمع. (مرتضائي)
ڇا شمع ڇا تنهنجو رخ، رخ سان چه جائي شمع
رخ تنهنجي تان ڇڏيان مان گهوري گهمائي شمع. (فقير)
جو شمع مان ڪري ٿو ڦلو مان صحيح ڪيو
سجدو ڪري ٿي توکي ائين سر نوائي شمع. (فقير
ٿي ڏسي مدت کان تنهنجو عارضِ پرنور شمع
هاڻي ٿيندي ڪين پنهنجي حسن تي مغرور شمع. (مخلص)
شمع جو ڪم آهي سڙڻ، سڙي سڙي گهڙيون گهارڻ، شاعر شمع جي اهڙي
غمزده زندگيءَ کان متاثر ٿي پاڻ کي شمع سان تشبيهه
ڏئي پنهنجن سورن کي بيان ڪيو آهي.
خواهي که روشنت شود احوالِ سر عشق
از شمع پرس قصہ ز بادِ صبا ميرس. (حافظ)
خواهي که روشنت شود احوالِ سرِ عشق
در گير شمع را و ز سرتا بپا بپرس.
(سلطان ساوجي)
(1)
سنڌ جي غزل گو شاعرن پڻ پاڻ کي شمع سان ڀيٽ ڏئي پنهنجي سورن جو
احوال بيان ڪيو آهي:
سينو جلي ٿو منهنجو سراپا بسانِ شمع
نڪري ٿي آهه صورتِ سوزِ نهانِ شمع. (واصف)
شاعرن شمع جي پرگذار حالتن جو نقشو به نهايت دلسوز لفظن ۾ چٽيو
آهي، جنهن ۾ هن جي محبت ۾ جلڻ جون مختلف تصويرون
پيش ڪيون اٿائون، هيٺين ٻن شعرن ۾ ظهير فاريابي
پنهنجي هجر جي حالت شمع جي سوز ۽ گداز واري حالت
سان ڀيٽ ڏئي پيش ڪئي آهي.
قدرِ هجران کس نمي داند بغير از من مدام
زانکه احيا کرده شبهاي درازم همچو شمع.
2- شکوه شبهائي هجران آفتِ من شد ظهير
از زبانِ خويش دائم درگذارم همچو شمع. (ظهير فاريابي)
سنڌ جي شاعرن به شمع جي سوز و گداز جي حالت نهايت پُر اثر
انداز ۾ بيان ڪئي آهي:
’گل‘ به تنهنجي شوق ۾ تيئن ٿو ڳري
جئن ڳري ٿي تنهنجي سڪ ۾ يار شمع. (گل)
هر هر ڏٺو ٿي حالِ دلِ بيقرار شمع
هئي شام کان تا به سحر اشڪبار شمع. (سانگي)
ٿيو بيشڪ پروانن جي کامڻ جو ڪڻس غم
وگرنه بي سبب هرگز نه گريو شمع محفل جو. (مخلص
گريه وزاري ۽ سوزِ دل شمع ٿيو نصيب
عاشقو آهي حقيقت جي ڪري معذور شمع.
(فتح محمد سيوهاڻي)
(1)
شمع ۽ پروانو جهڙو اڳ تهڙو اڄ سنڌي غزل جو سنيگار آهي، محمد بخش
واصف ٿو چوي:
سو عشق جو بيان ئي واصف نه ڪٿ ڏٺم
پروانه جو نه جنهن ۾ قصو داستانِ شمع. (واصف)
سنڌ جي غزل گو شاعرن شمع ۽ پرواني جي داستانِ گداز کي جمله
پارسي ماحول ۽ روايتن سان قبول ڪيو آهي ۽ ايراني
شاعرن جي انداز ۾ ئي ڳايو آهي.
مي و ميخانه:
پارسي شاعر جنهن ماحول ۾ اک کولي آهي، ان ۾ گل و گلزار، گل و
بلبل ۽ شمع ۽ پرواني کان سواءِ مي ۽ ميخانه به
موجود آهي. پارسي شاعرن مي ۽ ميخانه جي ماحول کي
تفصيل سان پنهنجي شعرن ۾ بيان ڪيو آهي. ميخاني جي
هر شئي اهڙي دلفريب انداز سان بيان ڪئي اٿائون جو
ميڪشي جو سمورو سمو اکين آڏو اچي بيهي. هڪ طرف
ساقي پنهنجي نرگسي نيڻن ۽ مخمور اکين سان هڪ هٿ ۾
صراحي يا مينا ۽ ٻي هٿ ۾ جام جهليو بيٺو آهي، مي
نوشن جي آڻ آڻ لڳي پئي آهي. ڪي آهن جي چڪي چاڙهڻ
سان پنهنجا هوش ۽ حواس ٿا ويهن ٻيا خم خالي ڪريو
ڇڏين. هڪ طرف پيرِ مغان ويٺو آهي، ميڪده جو هر
مينوش سندس معتقد آهي. سندس هر حڪم جي تعميل عين
سعادت سمجهي ٿي وڃي. ميخوارن جي لب تي ڪڏهن ساقي
جي قرب جا قصيدا آهن ۽ ڪڏهن بي رخيءَ جو شڪوه ۽
شڪايت آهي. پارسي شاعرن مي ۽ ميخانه کي ڪڏهن مجازي
رنگ ۾ پيش ڪيو آهي ۽ ڪڏهن ان مان تصوف جا باريڪ
نڪتا بيان ڪيا آهن. جنهن به رنگ ۾ هنن مي ۽ ميخانه
جو ذڪر ڪيو آهي. اهو نشو ڏيندڙ آهي. سنڌ جي شاعرن
پنهنجي غزلن ۾ ميخاني جي هرهڪ روايت کي مقدس سمجهي
نهايت احترام ۽ ادب سان بيان ڪيو آهي.
پارسي شاعرن مي، جام ۽ مينا جو ذڪر نهايت اشتياق سان ڪيو آهي.
فيضي مي جي تعريف ڪندي چوي ٿو هي ڪهڙي مي هئي جيڪا
ساقي پيالي ۾ وڌي جو مسيح ۽ خضر ان جي حاصل ڪرڻ
لاءِ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ ٿا چاهين:
اين چه مي بود که ساقي بقدح ربخت فرو
که مسيح و خضر از رشک کشا کش کردند. (فيضي)
امير خسرو مي جي لاءِ چوي ٿو ڄڻ پاڻيءَ ۾ باهه
مليل آهي:
مي ميانِ شيشئه ساقي نگر
آتشي گويا به آب آلوده اند. (خسرو)
حافظ شيرازي وري مي ۽ جام جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته جڏهن اهو پتو
نه آهي ته انجام ڇا ٿيندو ته پوءِ مي ۽ جام جي فڪر
کان وڌيڪ سٺي ڳالهه ڪهڙي آهي:
خوشتر از فڪرِ مي جامه چه خواهد بود
چون خبر نيست که انعام چه خواهد بود. (حافظ)
پارسي شاعرن ساقي جو ذڪر به نهايت دلفريب نموني ڪيو آهي:
امشب از ساقي بس گرم است محفل، ميتوان
شمع گر خاموش باشد، آتش از مينا گرفت. (صائب)
در مجلس صبوحي، داني؟ چه خوش نمايد
عڪسِ عذارِ ساقي بر جامِ مي فتاده. (حافظ)
سنڌ جي غزل گو شاعرن به مي ۽ مينا سان گڏ ساقيءَ کي ساڳئي عزت،
احترام، سڪ ۽ پيار سان ياد ڪيو آهي. جنهن سان
پارسي شاعرن هن کان مي ۽ مينا جي طلب ڪئي آهي ۽
ساقيءَ جي سونهن جون اهي ئي ساکون ڀريون آهن، جيڪي
پارسي شاعرن هن جي حسن جي مدح سرائي ڪندي بيان
ڪيون آهن:
رخِ پرنور ساقي تي پوي ٿو عڪس تڏ ٿو ٿئي
قدح آتش سبو آتش شرابِ ارغوان آتش. (نجفي)
پيالو ڏي ڀري ساقي، غمن تي خاڪ جا ٻڪ وجهه
محبت جي ونڊج ميي حياتي بي بقا آهي (فقير)
مست ساقيءَ ڪيو اڄ ڪيفِ نظر سان اهڙو
مي جي ساغر کي نه پئي مي کي نه مينا جي خبر. (ليکراج عزيز)
ساقي بعيد شرطِ مروت کان آهي هي
اغيار کي پيارجي مي، يار ٽارجي. (سانگي)
|