بزمِ طالب الموليٰ سنڌ
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شخصيت هڪ پير، زميندار،
سياستدان، موسيقي جي فن جي ڄاڻو، شاعر ۽ سنڌي ادب
نواز جي حيثيت سان مشهور آهي.هن جي وابستگي نه صرف
هالن پر سنڌ جي ڪيترن شعر و شاعريءَ جي ادارن خاص
طرح جمعيت الشعراءِ سان رهي آهي. هن جي سهائتا سان
ٻه ڀيرا جمعيت الشعراءِ سنڌ حيدرآباد ۾ ڪل سنڌ
ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪيون. سندس تحرڪ سان 1954ع ۾
حيدرآباد ۾ فقير منزل عامل ڪالوني ۾ ”بزم طالب
الموليٰ“ جو بنياد رکيو ويو. اُن وقت بزم جو
دائرو صرف حيدرآباد تائين محدود هو. ان بزم جو
سرپرست مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، صدر الله
بخش عقيلي ۽ سيڪريٽري عبداللطيف راز بلڙائي کي
منتخب ڪيو ويو.
(1)
1955ع ۾ ميرپور بٺوري ۾ حضرت ميهر شاهه جي ميلي جي موقعي تي بزم
جي هڪ نئين شاخ ”بزمِ طالب الموليٰ“ ميرپور بٺورو
جو بنياد رکيو ويو.
1956ع ۾ بزمِ طالب الموليٰ جي حيدرآباد واري شاخ هڪڙو غير طرحي
مشاعرو ڪوٺايو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن شاعرن شرڪت
ڪئي. ان موقعي تي ماستر جمع خان ”غريب“، بزم طالب
الموليٰ کي ڪل سنڌ بزم بنائڻ جي رٿ ڏني. ان ڪري
عارضي طرح مرڪزي بزمِ طالب الموليٰ حيدرآباد ۾
قائم ڪئي وئي. جنهن جو تاحيات سرپرست مخدوم صاحب
کي چونڊيو ويو. مرڪزي بزم سرگرمي سان ڪم شروع ڪيو
جنهن ڪري سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ بزمِ طالب الموليٰ
جون شاخون قائم ٿي ويون. جن ۾ هالا، خيرپور ناٿن
شاهه، روهڙي، پراڻو سکر،گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪراچي،
لاڙڪاڻو، سيتا روڊ جون شاخون چڱو ڪم ڪنديون رهيون.
1959ع ۾ اسد الله شاهه حسيني جي ڪوشش سان لنڊن ۾ بزمِ طالب
الموليٰ جي شاخ کولي وئي
(2)،
جنهن جو صدر صوفي عزيز بلوچ ۽ سيڪريٽري اسد الله
شاهه هو.
بزم طالب الموليٰ سنڌ جتي بزم مشاعرن رستي سنڌي غزل جي اويسر ۾
اهم ڪم ڪيو آهي. اتي ان وائي، ڪافي ۽ سنڌي موسيقي
لاءِ به گهڻو ڪم ڪيو آهي.
بزمِ طالب الموليٰ ڪراچي جي صدر محمد جمن هالي ۽ سيڪريٽري دوست
محمد صوفي جي ڪوشش سان جيڪي مشاعرا منعقد ٿيا تن
مان ڪن جون طرحون هي هيون.
1- ڪو ته دنيا ۾ انقلاب اچي
2- نه محفل ۾ هئي رونق سڄڻ تنهنجي اچڻ کان اڳ
3- زماني ۾ ٿئي پيئي وفا ڪنهن کان جفا ڪنهن کان
4- آهي ڀلا جهان ۾ ڪوئي غمن کان فارغ
5- ڪين دنيا ۾ ڏٺم دلدار دلبر کان وڌيڪ
6- نه ڪنهن جي آرزو آهي نه ڪنهن جي جستجو آهي
7- ڪو ته منهنجو به رازدار هجي |
(6 آڪٽوبر 1956ع)
(5 جنوري 1957ع)
(16 مارچ 1957ع)
(8 جون 1957ع)
(4 سيپٽمبر 1957ع)
(1 مارچ 1958ع)
(7 فيبروري 1959ع) |
بزمِ طالب الموليٰ ڪراچي جو هڪ ماهيانو طرحي مشاعرو 9 آگسٽ
1958ع تي امير قريشي جي صدارت هيٺ محمد جمن هالي
جي جاءِ تي بغداديءَ ۾ منعقد ٿيو هو. ان جو اختصار
پيش آهي
(1):
مصرع طرح:
”ڪهڙي ٻڌايو خامي منهنجي زبان ۾ آهي“
سيد نياز علي شاهه ’محسن‘ ڪڪڙائي:
فصلِ بهار پنهان فصلِ خزان ۾ آهي
پوشيده چين دل جو سوزِ دل نهان ۾ آهي.
هر شي جهان جي اڄڪلهه در اضطراب آهي
شايد عظيم ڦيرو اچڻو جهان ۾ آهي.
محمد جمن ’هالو‘:
پردن تي چاڙهي پردا، پردي ۾ رهه ڀلي پر
ظاهر جمال تنهنجو ساري جهان ۾ آهي.
محفل سڄي کي شڪوه گفتار تي ڇو منهنجي
ڪهڙي ٻڌايو خامي منهنجي زبان ۾ آهي.
عبدالله ’شرر‘ ڪراچي:
دل جي رهي هميشہ دلِ ناتوان ۾ آهي
دل جي سڄي حقيقت اٽڪيل زبان ۾ آهي.
سهڻا سوين پون ٿا صدما قدم قدم تي
ڪهڙي خوشي ميسر عمرِ روان ۾ آهي.
شير محمد ’آتش! ڪراچي:
اڄ انقلاب آيو اهڙو جهان ۾ آهي
جو بدگمان نه آهي سوڀي گمان ۾ آهي.
اي برق تنهنجون نظرون آهن اڃا به مون تي
ظالم ڇڏيو ئي تو ڇا هن آشيان ۾ آهي.
’تاج‘ بلوچ ڪراچي:
پيئي جڏهن کان سستي هن باغبان ۾ آهي
سائي رهي نه مکڙي ڪا گلستان ۾ آهي.
مون کي نظر اچي ٿو شيشي ۾ عڪس تنهنجو
منهنجو انهيءَ لئه ساغر ساٿي جهان ۾ آهي.
محمد علي ’ظفر‘ هالائي:
زندهه رهڻ ٿيو مشڪل يارب جهان ۾ آهي
رشوت، فريب، چوري دور زمان ۾ آهي.
محمد يوسف عباسي ’خاموش‘ ٺٽو:
’خاموش‘ خواه مخواه تون ويٺين زبان وڃائي
ورنه اثر بلا جو تنهنجي زبان ۾ آهي.
شير محمد ’زخمي‘ سلطانپوري روهڙي:
منهنجي وطن جو نغمو منهنجي زبان ۾ آهي.
آواز جنهن جو پکڙيل ساري جهان ۾ آهي.
محمد هاشم ’لهر‘ ڪيٽوي:
شيرين گفتو ۾، صورتخطي ۾ سولي
ڪهڙي ٻڌايو خامي منهنجي زبان ۾ آهي.
الحاج شفيع محمد ’مومن‘ مليرائي:
منهنجو وطن پيارو آ شان مان وارو
منهنجو وطن ڀلارو ساري جهان ۾ آهي.
مولوي نبي بخش ’نحيف‘ زرداري دادو:
گردش خلاف منهنجي دؤر زمان ۾ آهي
هر وار وار منهنجو جنهن کان فغان ۾ آهي.
رحيم بخش ’رجائي‘ رڪ:
بي عيب آهي بيشڪ سنڌي زبان سڳوري
ڪهڙي ٻڌايو خامي منهنجي زبان ۾ آهي.
انجمن جانِ ادب جيڪب آباد
1955ع ۾ بزمِ ادب جيڪب آباد جي ڪم ڪندڙن ۾ چونڊن ۾ اختلاف ٿي
پيو، جنهن ڪري هن بزم جا سرگرم ڪارڪن ڊاڪٽر الله
ورايو آغا، ارباب علي شاهه ’شاعر‘، دائدو پوٽو
’مجاهد‘ هن بزم کان جدا ٿي ويا
(1).
جلد ئي هننن هڪ نئين بزم مشاعره ”انجمن جانِ ادب“
جي نالي سان قائم ڪئي، جنهن جو صدر شيخ عبدالنبي
وڪيل ۽ سيڪريٽري ارباب علي شاعر چونڊيا ويا. هن
انجمن جا مشاعرا ريجها رام لائبريريءَ ۾ ٿيندا
رهندا هئا.
بزمِ سرشار ڪراچي
محفلِ احباب جي سرگرمين جي سرد ٿيڻ ۽ بزم طالب الموليٰ جي
اراڪين سان اختلاف ٿيڻ سبب الله بخش عقيلي جي
شاگردن، دوستن ۽ عقيدتمندن جي ڪوشش سان جون 1962ع
۾ ”بزمِ سرشار “ڪراچي قائم ٿي. هن بزم ۾ ڪراچيءَ
جا گهڻو ڪري اهي ئي شاعر حصو وٺندا هئا. جي محفلِ
احباب، بزمِ نظامي ۽ بزمِ طالب الموليٰ ڪراچي جي
شاعرن جي محفلن کي پنهنجي شعر و سخن سان گرم رکندا
هئا.
بزم جا عهديدار هن ريت چونڊيا ويا:
سرپرست
نائب صدر
جنرل سيڪريٽري
جوائنٽ سيڪريٽري
سيڪريٽري نشرواشاعت
خزانچي |
الله بخش عقيلي ’سرشار‘
دوست محمد ’ساجد‘ سرشاري
تاج بلوچ
محمد حسين ’آتش‘
فقير قزلباش
الحاج محمد دائود’مسڪين‘
(1) |
هن بزم قائم ٿيڻ کانپوءِ ’سرشار‘ سان عقيدت رکندڙ شاعرن پاڻ کي
سرشاري سڏائڻ شروع ڪيو. بزم سرشار وارن پنهنجي بزم
جو ”سورج مکي“جي گل کي مونو مقرر ڪيو.
ڪجهه سالن تائين بزم سرشار جا مشاعرا هلندا رهيا، 1964ع کانپوءِ
هن بزم جي سرگرمين ۾ سستي پيدا ٿي وئي.
بزمِ اظهر گهوٽڪي
بزمِ تارڪ گهوٽڪي جي بانيڪارن 1964ع ۾ گهوٽڪي جي شاعر سيد اظهر
شاهه گيلاني جي نالي پٺيان ”بزمِ اظهر“ قائم ڪئي
جنهن جو سرپرست پاڻ اظهر شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري
سندس فرزند مرشد گيلاني هو. بزمِ اظهر جا مشاعرا
گهڻو ڪري هر ماهه ٿيندا رهندا هئا، هاڻي البت ڪجهه
ڪجهه وقفي بعد ٿين ٿا. مختلف مشاعرن جون ڪي طرحون
هي آهن:
1- جڳ سڄو نا مهربان، هو مهربان آهي فقط (2 مئي 1965ع)
2- نه رندن سان ٺهي تڪرار و اعظ (2 مئي 1965ع
3- دل کي مون تي ناز هو ۽ مون کي دل تي ناز هو (11 جون 1969ع)
4- مشڪلاتون دور ٿينديون وقت جي رفتار سان (20- اپريل
1969ع)
بزمِ ادب نئون امروٽ
تاريخ 5 فيبروري 1965ع تي ڳوٺ نئين امروٽ، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾
”بزمِ ادب نئون امروٽ“ قائم ڪئي وئي جنهن جو هڪ
مقصد هو ته ”ڳوٺ جي نوجوانن ۾ شعر، ادب، تقرير ۽
تحرير جي ذريعي سجاڳي پيدا ڪرڻ“. بزم جا هيٺيان
عهديدار چونڊيا ويا:
صدر
نائب صدر
جنرل سيڪريٽري
جوائنٽ سيڪريٽري
خزانچي
پبلسٽي سيڪريٽري
انائونسر |
دلدار احمد ’اديب‘
عبدالحي
محمد صالح ’صابر
قادر بخش ’بيدار‘
رڪن الدين ’دل‘
غلام مصطفيٰ ’راز‘
لائق علي ’غم
(1) |
”بزمِ ادب نئون امروٽ“ جن طرحن تي ماهوار مشاعرا ڪيا، تن مان هڪ
هي آهي:
”اڃا تو ڪين ڏٺو آ انقلاب جو رنگ“.
********
ڀاڱو
ستون
ڪلب سنڌ ادبي ڪانفرنسون
ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنسون
1- ڪانفرنسون ۽ سنڌي غزل
2-
3-
4-
5-
6-
7-
8-
9-
10-
11-
12-
13-
14-
15-
16-
17-
18-
19-
20-
21-
22-
23-
24- |
پهرين ڪانفرنس
ٻي ڪانفرنس
ٽين ڪانفرنس
چوٿين ڪانفرنس
پنجين ڪانفرنس
ڇهين ڪانفرنس
ستين ڪانفرنس
اٺين ڪانفرنس
نائين ڪانفرنس
ڏهين ڪانفرنس
يارهين ڪانفرنس
ٻارهين ڪانفرنس
تيرهين ڪانفرنس
چوڏهين ڪانفرنس
پنڌرهين ڪانفرنس
سورهين ڪانفرنس
سترهين ڪانفرنس
ارڙهين ڪانفرنس
اڻويهين ڪانفرنس
ويهين ڪانفرنس
ايڪويهين ڪانفرنس
ٻاويهين ڪانفرنس
ٽيويهين ڪانفرنس |
لاڙڪاڻو
حيدرآباد
شڪارپور
ڪراچي
لاڙڪاڻو
دادو
لاڙڪاڻو
نوابشاهه
ميهڙ
لاڙڪاڻو
حيدرآباد
دادو
جيڪب آباد
ڪراچي
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
خيرپور
حيدرآباد
ميرپور بٺورو
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو |
1921ع
1924ع
1932ع
1941ع
1944ع
1944ع
1946ع
1947ع
1948ع
1949ع
1950ع
1151ع
1952ع
1954ع
1955
1956ع
1957ع
1960ع
1958ع
1960ع
1962ع
1964ع
1966ع
1973ع |
*
سنڌ ادبي ڪانفرنسون
سنڌي غزل جي اوسر ۽ ان کي مقبول بنائڻ ۾ بزم مشاعرن ۽ اخباري
شاعرن سان گڏ، ڪيل سنڌ ادبي ڪانفرنسن به وڏو ڪم
ڪيو آهي. سنڌ ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نه
صرف سون جي تعداد ۾ شاعر پر سنڌي زبان جا وڏا
ڄاڻو، عالم ۽ اديب به اچي شريڪ ٿيندا هئا.
ادبي ڪانفرنسن ۾ مشاعرن جو خاص اهتمام ڪيو ويندو هو يا ائين کڻي
چئجي ته اهي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ئي مشاعرن
لاءِ وينديون هيون. اهو ئي سبب آهي جو پهرين ادبي
ڪانفرنسن کي مشاعره ڪانفرنسن ڪوٺيو ويندو هو.
مشاعرن لاءِ خاص مصرع طرح ڏني ويندي هئي جنهن تي
سنڌ جا شاعر طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ ڪانفرنسن ۾
پنهنجو ڪلام ٻڌائي دادل حاصل ڪندا هئا. مقرر مصرح
سبب شاعر گهڻو ڪري غزل ئي چوندا هئا. پهرين ادبي
ڪانفرنسن جي ڪارروائي مان معلوم ٿو ٿئي ته جيڪي
شاعر انهن ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيا هئا، تن سڀني غزل
پڙهيا هئا. ان کانپوءِ ڪانفرنسن ۾ غزل پڙهڻ جو
رواج پئجي ويو ۽ سڀني ڪانفرنسن جي مشاعرن جي
ڪارروائين کي مطالع ڪرڻ سان اها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾
اچي ٿي ته آخري ڪانفرنسن تائين غزل کي وڌيڪ
مقبوليت حاصل رهي آهي ۽ زياده تر شاعرن ڪانفرنسن ۾
غزل پڙهيا آهن.
ڪل سنڌ ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي مختلف حصن جي شاعرن کي هڪ ٻئي سان
ملڻ، هڪ ٻئي جي خيال کان واقف ٿيڻ، هڪ ٻئي جي شعر
ٻڌڻ، شعر تي داد ڏيڻ ۽ تبصرو ڪرڻ جو موقعو ملندو
هو. تنهن ڪري ڪيترا مبتدي شاعر استاد شاعرن جي
صحبت ۽ ارشادات کان فيضور ٿيندا هئا. ڪلام ۾ عروض
جي سختيءَ سان پابندي، لفظن جو صحيح استعمال،
مختلف صنعتن جي اهميت ۽ خيالن جي بلندي ۽ انداز
بيان جون هدايتون حاصل ڪندا هئا. جيئن ته سنڌ جا
استاد شاعر غزل گو شاعر هوندا هئا تنهن ڪري اهي
مبتدي شاعرن کي به غزل جي گس تي گامزن ڪندا هئا.
هنن ڪانفرنسن ۾ جيڪي تقريرون ۽ مقالا پڙهيا ويندا هئا، اُنهن جا
خاص موضوع شاعري، غزل يا غزل گو شاعر هوندا هئا.
اِهيءَ ڪري ڪانفرنسن ۾ شريڪ شاعرن کي شاعريءَ جي
باريڪن جي واقفيت، غزل جي نزاڪتن جي ڄاڻ ۽ مختلف
اُستاد شاعرن جي ڪلام جي خوبين جي معلومات حاصل
ٿيندي هئي ۽ هو پنهنجي غزلن کي انهن خوبين سان
سينگارڻ لڳندا هئا.
ڪانفرنس ۾ وقت بوقت شعر ۽ ٻولي ۽ لفظن جي استعمال تي به بحث
مباحثا ٿيندا هئا، جيئن پنجين ادبي ڪانفرنس
لاڙڪاڻو (1944ع) جي ڪارروائي مان معلوم ٿو ٿئي. ان
ڪانفرنسن ۾ پهريون ڀيرو شعر ۾ صاف سنڌي زبان
استعمال ڪرڻ جو آواز اُٿيو، جنهن جو اثر موجوده
شاعري ۽ غزل تي نمايان نظر اچي ٿو.
ادبي ڪانفرنسن جي مشاعرن جي طرحن مان هڪ ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي
ته شروع وارين ڪانفرنسن ۾ جي طرحون ڏنيون ويون
هيون، تن تي مجاز جو رنگ غالب هو، مگر جلد ئي هن
ملڪ جي شاعرن ۾ سماجي ۽ سياسي شعور بيدار ٿيو ۽
هنن عشق جي راهه ڇڏي، ماڻهن ۾ سياسي بيداري پيدا
ڪرڻ لاءِ طرحون به اهڙيون ڏيڻ شروع ڪيون. نوابشاهه
ادبي ڪانفرنس (1947ع) جي طرح:
”درد پنهنجي ديس جو دل ۾ جوانو ڌار جو“
قومپرستي جو پهريون آواز هو جو سنڌ جي شاعرن سنڌ جي عام ماڻهن
تائين پهچايو.
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هتان جي ماڻهن کي جلد ئي احساس پيدا ٿيو
ته سنڌي ٻولي لاءِ خطرو پيدا ٿي ويو آهي ته
لاڙڪاڻو ادبي ڪانفرنسن 1949ع لاءِ طرح ڏني وئي:
”قوم سان زنده رهي جنهن جي زبان زنده رهي“
دادو ڪانفرنس 1951ع لاءِ طرح ڏني وئي:
”وطن سان گڏ سلامت شل رهي سنڌي زبان پنهنجي“
هن طرح مان وطن ۽ زبان سان محبت جو سبق ملي ٿو. ساڳي طرح
لاڙڪاڻو ڪانفرنس 1962ع جي طرح هئي:
”ڪندس جان قربان وطن تان، زبان تان.“
انهيءَ کانسواءِ ڪيترين ڪانفرنسن ۾ طرحن ۾ پنهنجي ماحول ۽ ملڪ
جي حالتن جو عڪس سمايل هو جيئن:
بهار آه چمن کي نه سازگار اڃا (ڪراچي 1954ع).
چمن جو رنگ ڏسو موسمِ بهار ڏسو (لاڙڪاڻو 1964ع).
خزان کٽي ته بهارن جو اهتمام ٿئي (لاڙڪاڻو 1966ع)
ڪانفرنسن جي طرح کي ويچار ۾ رکي ائين چئي سگهجي ٿو ته ادبي
ڪانفرنسن شاعرن ۾ پنهنجي زبان ۽ وطن سان محبت ۽
سياسي شعور پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي.
ٽيويهين ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو 1973ع جي ڪارروائي مان معلوم ٿئي
ٿو ته موجوده دور جي شاعرن طرحي مشاعرن جي پابندي
کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري غزل کي آزاد فضا ۾
وڌڻ جو وڌيڪ موقعو مليو آهي ۽ غزل جي سونهن ۾ وڌيڪ
دلڪشي پيدا ٿي وئي آهي.
ادبي ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ جمعيت الشعراءِ سنڌ جي ڪوششن کي وسري
نٿو سگهجي جنهن جي ڪوششن سان تمام گهڻيون ادبي
ڪانفرنسون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪوٺايون ويون آهن.
پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو
بزم مشاعره لاڙڪاڻي جنهن جو غزل کي مقبول بنائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾
وڏو حصو آهي جلد ئي سڄي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪري
ورتي هئي ۽ هيءَ بزم سڄي سنڌ جي توجهه جو مرڪز
بنجي پيئي هئي. سنڌ جو ڪو به اهڙو شاعر نه هو جيڪو
پنهنجي سر هلي اچي هن بزم مشاعره ۾ شريڪ نه ٿيو
هو يا پنهنجو ڪنهن طرح تي غزل موڪلي غير حاضر
هوندي به شريڪ ٿيڻ جو شوق نه حاصل ڪيو هو. بزم
مشاعره سان سنڌ جي شاعرن جي ايتري دلچسپي ڏسي بزم
مشاعره جي صدر ميان حاجي علي محمد قادري ۽ ٻين
سرگرم ڪارڪنن جهڙوڪ ميان غلام سرور ’فقير‘، ڊاڪٽر
عبدالمجيد صديقي، نواز علي جعفري ’نياز‘، حاجي
محمود ’خادم‘ ۽ امير الدين همدم کي سڄي سنڌ جي
شاعرن کي هڪ هنڌ ڪٺي ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. جڏهن
سنڌ ۾ سنڌي شاعرن جوو انداز چڱو ٿي ويو تڏهن ضرورت
محسوس ڪئي مون ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ آل سنڌ ادبي
ڪانفرنس ڪوٺائجي.
(1).
هيءَ ڪانفرنس سال 1921ع ۾ تاريخ 25 ۽ 26 ڊسمبر تي
لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي وئي.
هن پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس يا آل سنڌ مشاعره ڪانفرنس جو صدر
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هو ۽ استقباليه ڪميٽي
جو چيئرمين ميان علي محمد قادري ۽ سيڪريٽري جنرل
مسٽر احمد علي ’ڪامران‘ هيڊ ماستر مدرسہ هاءِ
اسڪول لاڙڪاڻو
(2)
۽ حاجي محمود خادم جوائنٽ سيڪريٽري هو.
مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڊائري ۾ ان ڪانفرنس جو ٿورو احوال بيان
ڪيو آهي.
|