غزل
ڏسي وصال تنهنجو ديدار عيش عامہ
اِني راَيت دهراَ من هجرڪ القيامہ
گريو سدا اکين مان جاري رکان جگر کان
ليست دهوع عيني هذا لناالعمہ
تانسي تون مرتضائي حافظ مثل اُڄيو رهه
حتيٰ يذوق منها کاساً من الڪرامہ.
غزل
نه پڇ مون کان تون حرف نا اميدي
ڪندو شيشو سندم لبريز مي سان
گناهن کان نه ٿي نوميد عاصي
علي حبہ، حبہ مدامي
ڀنگا جي ڀينگ ڀانيان ري عجيبن |
اٿم محبوب جي آ در ۾ اُميد
مون کي ساقيءَ ڪوثر ۾ اُميد
سدا رک شافعِ محشر ۾ اُميد
پڙهي رک خواجئه قنبر ۾ اُميد
ڪندو آباد سي حيدر ۾ اُميد |
اٿم اي مرتضائي دل جو دورو
سدا مُند خالقِ اڪبر ۾ اميد.(2)
معاون جي شاعرن ۾ مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته
جڏهن عيد جو موقعو اچي ٿو ته مرتضائي معاون اخبار
جي بانين ڏانهن مبارڪ موڪلي ٿو:
3- چشم تو يا دوست يا آهوست يا صيادِ خلق
باد و بادام سيہ يا نرگسِ شهلاست اين.
4- زلفِ تو زنجير يا قلاب يا مشکِ ختن
سنبل تو يا سمن يا عنبر سارا ست اين.
5- يا رب اين طاق ست يا محراب يا قوسِ قزح
يا هلالِ عيد يا ابروي يارِ ماست اين.
6- يا رب ابن خورشيد تابان ست يا ماهِ تمام
يا فرشته يا پري يا شوخ بي پرواست اين.
7- حقئه لعل ست يا سرچشمئه آب- حيات
يا دهن يا ميم يا طوطي شڪر خاست اين.
8- کوي تو کعبه ست يا خلدِ برين يا بوستان
يا گلستانِ ارم يا جنت الماواست اين.
9- قمري باغِ جنان يا بلبلِ بي خانمان
طوطي شکر زبان يا جامي شيداست اين.
مولوي جامي جي سراپا کان پوءِ حضرت سانگي جي سنڌيءَ ۾ بيان ڪيل
سراپا ملاحظه ڪريو:
گل سان بلبل جو عشق ڇا آهي
اوءَ نه مون جهڙي با وفا آهي.
2- يار جهڙو ڪو گل ۾ اي يارو
غمزه و ناز ۽ ادا آهي.
3- لطف گل ۾ بجز تبسم ناهه
زلف سنبل صفت رسا آهي.
4- چشم دلبر چون نرگسِ بيمار
سر و قدِ يار خوشنما آهي.
5- سرخ رخسار يار چون گلنار
سبزه خط ته دل فزا آهي.
6- آهي سهڻو سندم سو غنچه دهن
حسن جنهن کي ڏنو خدا آهي.
7- داغ لاله کي جنهن جي رشڪ ڪيو
خال مشڪين سو بي بها آهي.
8- صاف سهڻو سندم سمن بر آهه
جنهن تي تڪمه سد فدا آهي.
9- نسترن ۽ نه ياسمن ۾ بوءِ
عرقِ گلبدن ۾ جا آهي.
10- سرو ۾ ناهي ناز جي رفتار
گل ز گفتار نا رسا آهي.
11- جعد سنيل نه آهي اهڙي دراز
زلفِ دلبر ته ازدها آهي.
12- خطِ طغرا ۾ ڪاتبِ قدرت
درج ڪيو زلف کي دوتا آهي.
13- اکيون ڦاٽوڙيون آهن نرگس جون
چشم دلبر ته سرمہ سا آهي.
14- آهي گل انار سرخ، پر سرخي
رخِ دلدار جي جدا آهي.
15- سيب غبغب سنگهان ته ٿيان سرهو
منهنجي سودا جي سا دوا آهي.
16- قدِ بالاي بار ياد اٿم
منهنجي پيري جي سا عصا آهي.
17- حب سانگي کي گهرجي حيدر جي
شان ۾ جنهن جي لا فتا آهي.
حسن جي مدح سرائي جي تفصيلي جائزي وٺڻ کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي
پهچجي ٿو ته سنڌ جي غزل گو شاعرن جڏهن پنهنجي
محبوب جي حسن جي تعريف ڪئي آهي ته هنن پنهنجي آس
پاس جي مشاهدي وٺڻ بجاءِ پنهنجي پارسي شاعريءَ جي
مطالعي کان ڪم ورتو آهي ۽ گهڻو ڪري اهي ئي تشبيهون
۽ استعارا استعمال ڪيا اٿائون جي ايران جي شاعرن
استعمال ڪيا آهن ۽ جن جو واسطو ايران جي ماحول سان
زياده آهي.
عشق:
جهڙي طرح سج جي روشني جتي به پوي ٿي اتي سهڻا گل ٽڙن ٿا تهڙي
طرح جتي به حسن موجود آهي. اتي عشق پيدا ٿو ٿئي.
تنهن ڪري جهڙي طرح حسن هر هنڌ موجود آهي، اهڙي طرح
عشق به هر هنڌ موجود آهي. مگر عشق جي جذبن جو
اظهار هر ڪنهن قوم ۽ ملڪ جي شاعرن پنهنجي ملڪي
حالتن، روايتن ۽ ڪردار جي ريتن رسمن مطابق ئي ڪيو
آهي. ايران ۽ سنڌ جي شاعرن ڪيترن عشق ۽ محبت جي
جذبن کي پنهنجي انداز سان بيان ڪيو آهي. انهيءَ
هوندي به سنڌ جا غزل گو شاعر پنهنجن غزلن ۾ هجر ۽
وصول جهڙن نازڪ جذبن جي بيان ۾ به ايراني شاعرن
کان متاثر ٿا ڏسجن. هجر ۽ وصل جي واردات بيان ڪندي
اهڙي نموني خيالن جو اظهار پيا ڪن ڄڻ مولوي جامي
جا عشق زده ڪردار. عشق و محبت جي مختلف جذبن کان
ڪناره ڪشي ڪندي هت ڪن خاص ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ ضروري
ٿو ڏسجي ڇاڪاڻ ته انهن جو اسان جي سنڌي شاعري ۾
نشان ئي ڪو نه هو پر پارسي شاعري جي اثر هيٺ انهن
اسان جي شاعري ۾ خاص طرح غزل ۾ هڪ پڪي جاءِ حاصل
ڪري ورتي آهي. انهن مان ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن.
جيڪي سنڌي ڪردار سان ٺهڪندڙ نه آهن.
دشنام دلبر:
سنڌ جو رهاڪو عشق ۾ ڪيترو به مبتلا ڇو نه هجي پر اهو ايترو
خبردار ضرور آهي جو هو ڪنهن جي به واتان چاهي اهو
محبوب ڇو نه هجي گهٽ وڌ لفظ ڪو نه ٻڌي سگهندو. ان
جي ڀيٽ ۾ ايران جا وڏي ۾ وڏا شاعر بلڪ بزرگ جن
جي لاءِ اهلِ ايران ڇا ساري دنيا کي عزت ۽ احترام
آهي، جڏهن پنهنجي محبوب جي واتان گاريون ٻڌن ٿا ته
خوش ٿا ٿين، ڪپڙن ۾ نٿا ماپن ۽ محبوب جي اهڙين
گارين جي تعريف ڪرڻ ٿا لڳن. جي اعتراض به ڪن ٿا ته
اهڙي انداز ۾ جيئن ٻه ٽي ڪڙيون گاريون محبوب جي
سٺن چپن مان کين حاصل ٿين. سنڌ جو غزل گو شاعر هن
معاملي ۾ پارسي شاعرن کان ڀلا ڪٿي ٿو پٺتي پوي، سو
هن به ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي معشوق کان گارين
کائڻ جي سڌ پوري ڪئي آهي. ڏسو ايران جو شاعر
گاريون ٻڌي ڇا ٿو فرمائي:
دشنام دهي و بر لبِ تو
روح القدس آفرين فوسيد. (حافظ)
حافظ شيرازي چوي ٿو ته تون جڏهن گاريون ٿو ڏين ته جبريل تنهنجي
انهن گارين کي بد اعمال نه پر آفرين پيو لکي ۽ ٻئي
شعر ۾ هو گارين تي ڪهڙي نموني اعتراض ٿو ڪري:
قند آميدخته با گل علاجِ دلِ ما نيست
بوسہُ چند پياميز به دشنامي چند. (حافظ)
(يعني گاريون جيتريون وڻئي اوتريون ڏي پر انهن سان گڏ ڪجهه
چميون به ڏي.)
حضرت امير خسرو محبوب جي واتان گاريون ٻڌي ڇا ٿو چوي:
تلخ مي گوئي وگوئي و من بينت از دور بس
زهر کي آيد فورد از بنگرم ترياک را. (خسرو)
(يعني تون گاريون پيو ڏين ۽ مان اهو پيو ڏسان ته
ترياڪ مان زهر ڪيئن پيو نڪري).
هاڻي ڏسو اسان جا غزل گو شاعر پارسي شاعرن وانگر گاريون ٻڌي
ڪيئن پيا ٽڙن. سنڌ جو پهريون صاحبِ ديوان شاعر
خليفو گل محبوب جون گاريون ٻڌي چوي ٿو:
ويڻ تنهنجو مون کي دلبر ٿيو مٺو ما کي جي ميٺ
ٻين جي شاباس کان تنهنجي وڻي مون هيٺ ڦيٺ
تنهنجي لبِ شيرين کان ٻڌي تلخيءَ گفتار
ڄاتم ته مٺائي آهي پر زهر ملايل. (سانگي)
شهد کان شيرين زياده، جا دشنام سخت
با سخن سمجهان بجا، تنهنجي سخن بيجا کي آءُ. گدا)
مون کي تفريح ۽ دلبر کي تڪريهه
دعا هڪڙيءَ پٺيان گاريون ويهه.. (قليچ)
وصل جو پيغام ڄاڻان تنهنجي ڪاوڙ جو ڪلام
شهد کان شيرين ڀانيان ٿو سندءِ دشنام تلخ. (مخلص)
تو ڏنيون گاريون اگر بوسي جي بدران ته به چڱو
ڪجهه نه ڪجهه في الحال خوش اڄ دل سوالي ٿي وئي.
(مخدوم خادم)
رقيب:
عشق جي معاملن ۾ محبوب جي ڪج ادا ۽ جورو جفا شاعرن جو سڀ کان
وڌيڪ موضوع رهيو آهي، انهيءَ جو وڏو سبب هي آهي جو
عشق جي دل ۾ پنهنجي محبوب جي لاءِ هزارين خواهشون
پيدا ٿين ٿيون ۽ عاشق جي دل ۾ اها تمنا ٿي ٿئي ته
سندس هر خواهش سندس مرضي ۽ مطلب مطابق پوري ٿئي،
پر ڇاڪاڻ ته ائين نٿو ٿئي، تنهن ڪري عاشق پنهنجي
محبوب تي سنگدل، بي وفا ۽ پُرجفا جا سخت الزام
لڳائي هن جي ڪج اداين بي وفائين ۽ جفائن جا داستان
وڌائي بيان ڪري ٿو.
انهن بيوفائين ۽ جفائن مان هڪ محبوب جي رقيب سان رغبت آهي. عشاق
ان معاملي ۾ ايترو ته حساس آهي جو محبوب جو رقيب
سان ملڻ، کلڻ، ڳالهائڻ ته ڇا بر ان ڏانهن ڏسڻ به
هن کي پسند نه آهي، هو ان کي پنهنجي لاءِ قيامت
ٿو سمجهي. محبوب جي هر ظلم، فريب، نموني بازي،
ڪوڙ، بي رحمي، دل آزاري جو سبب رقيب کي ٿو سمجهي.
هن کي اهو يقين آهي ته محبوب کي انهيءَ روش تي
هلائڻ جو سبب رقيب فتنه باز ۽ فتنه ساز آهي، جيڪو
هر وقت محبوب کي هن کان برغلائيندو ٿو رهي ۽ محبوب
کي اهڙي پر جفا راهه اختيار ڪرڻ تي آماده ٿو ڪري،
ان ڪري عاشق جي زبان مان رقيب لاءِ روسيہ، مڪار،
شيطان ۽ ابليس وغيره جهڙن لقبن کان گهٽ لفظ نٿو
نڪري، هو رقيب جي فتنه انگريزين جو بيان ذري پرزي
بيان ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن معشوق عاشق ٿي ڀُلي ڀُلائي
مهربان ٿئي ٿو ته رقيب کي جيڪي خار لڳن ٿا ۽ هو
حسد جي جنهن باهه ۾ سڙي ٿو تنهن جو بيان به لاهي
چاڙهي ڪري ٿو.
پارسي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ رقيب کي وڏي اهميت ڏني آهي ۽ انهن
سمورين ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي، جن جو بيان مٿي ڪيو
ويو آهي. سنڌ جي قديم شاعريءَ ۾ رقيب جو خير ڪو
ذڪر هو، مگر سنڌ جي غزل گو شاعرن پارسي شاعريءَ
کان متاثر ٿي رقيب جي ڪردار کي پنهجي غزل ۾ اهم
مقام ڏنو ۽ ان کان نه صرف انهن ساڳين وصفن سان
نوازيو جيڪي وصفون پارسي شاعرن هن کي عطا ڪيون
هيون۔ بلڪه دشنام طرازيءَ ۾ پارسي شاعرن کان ٻه
قدم اڳتي وڌي ويا.
پارسي شاعرن ۾ ظهير فاريابي پنهنجي قسمت جي شڪايت ڪندي چوي ٿو
ته جتي به محبوب کي ڳولي لهان ٿو، اتي رقيب به
موجود آهي، اهڙي طرح گلستان ۾ جيڪو به گل ٽڙي ٿو
ان سان خار پڻ ڪٺو آهي.
بتي هر جا که پيدا مي کنم، اغيار هم دارد
گلي مي دمد در اين گلستان خار هم دارد. (ظهير فاريابي)
۽ رقيب کي اهرمن (شيطان) جي لقب سان هيئن ٿو ياد ڪري:
ز رقيب اهر من خود به دعائي صبح گاهي
چه عجب ظهير اگر او ز خدنگِ ما بيفتد.
عاشق جي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته رقيب جيڪي ستم ڪري رهيو آهي،
اهي پاڻ به محبوب جي چوڻ تي ڪري رهيو آهي، تڏهن
کيس چوي ٿو ته مان تنهنجي ظلم کان رنج نٿو ٿيان،
ڇاڪاڻ جو تون ائين ٻئي ڪنهن جي چوڻ تي ڪري رهيو
آهين:
صدر جور مي کني و نمي رنجم اي رقيب
چون آگهم که اين فرموده مي کني. (نامعلوم)
هاڻي اچو ته ڏسون ته سنڌ جا شاعر پنهنجي رقيب کي ڪهڙن لقين سان
ٿا نوازين. رقيب، محبوب ۽ پنهنجي معاملن جو بيان
ڪهڙي انداز سان ٿا ڪن.
مرتضائي يار سان اغيار کي ڏسندي کيس ابليس ٿو ڪوٺي
مرتضائي يار سان اغيار گڏ ڏسندي چيو
آهه هو آدم ۽ هو مڪري وٽس ابليس ڏس. (مرتضائي)
۽ غلام محمد ’گدا‘ رقيب کي منافق ۽ مدعي سڏيندي چوي ٿو:
جو منافق سو مدعي منهنجو
رب رلايو رقيب سو رهزن. (گدا)
۽ ٻئي شعر ۾ رقيب کي خبيث ڪوٺيندي کيس هيئن بددعا ٿو ڏئي:
مون سان کونسي ٿو رقيب خبيث
لال شهباز ڪو وجهيس چٽي. (گدا)
خليفو قاسم رقيب تي پنهنجي دل جي باهه هن پاراتي سان پوري ٿو
ڪري:
جي رعونت کان رکن مون سان رقيب
شوم شر شل ترت سي ٿيندا تباهه.
جڏهن محبوب عاشق تي مهربان ٿي ڪرم جي نظر ڪري هن وٽ پيري ڀري
وڃي ٿو ته رقيب جو ڪهڙو حال ٿئي ٿو. ان جو ذڪر
سنڌي غزل گو شاعرن هيئن ڪيو آهي:
تون ٿي آئين پٽيون رقيبن ٿي
دل گهريا يار سا دعا ٿي پئي. (سانگي)
مثل بلبل ڏسي گلرو سان محبت منهنجي
خار حسرت جا ڇپيا سينئه اغيار ۾. (قادري)
يار جي لاشڪ آهي اڄ پاڻ ڏي تشريف جو
گهر رقيبن جي ۾ ماتم روڄ راڙا ٿي ويا. (فقير)
مجلسي مون سان جڏهن گلبدن گلفام ٿيو
تڏهن رقيبِ سگ صفت کي سور ۽ سرسام ٿيو. (مخلص)
سنڌي غزل جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي شاعرن رقيب کي
پنهجي ڪلام ۾ ساڳي اهم جاءِ ڏني آهي جيڪا پارسي
شاعرن ۽ ان جي هر فتني کي ذري پرزي اهڙي ريت بيان
ڪيو آهي جهڙيءَ ريت پارسي شاعرن.
ڪوچئه يار:
سنڌ جي غزل گو شاعرن ڪوچئه محبوب، ڪوي دوست يا دلدار جي گهٽي جو
تصور به پارسي شاعري مان ورتو آهي. پارسي شاعرن
محبوب جي گهٽيءَ سان پنهنجي دلبستگيءَ جو ذڪر
هزارين نمونن سان ادا ڪيو آهي. ائين ڪندي هنن لطيف
۽ باريڪ خيال بيان ڪيا آهن. هنن جي نظر ۾ محبوب جي
گهٽي:
فردوسِ. برين گر روئي زمين است
همين است و همين است وهمين است.
اهڙي جنت ۾ هو جيئري ڇا پر مئي کانپوءِ به جاءِ حاصل ڪرڻ جا
خواهان آهن ۽ سندن دل جيڪڏهن ڪٿي گم ٿي وئي آهي ته
اها جاءِ ڪري دوست ئي آهي. امير خسرو چوي ٿو:
دلِ من دور نه رفت است نکو مي داند
باز جوئيد همين جاءِ که درکوي کسي است.
۽ نظيري نيشاپوري چوي ٿو هيءَ گهٽي ڪنهن جو جلوه گاه آهي جو
هتان هڪ وک اڳتي نٿي هلي.
پايم به پيش از اين کو نمي رد
ياران خبر دهيد که اين جلوه گاه کيست.
ظهير فاريابي پنهنجي محبوب جي گهٽي ڏانهن نه وڃڻ تي پنهنجي
قسمت جي شڪايت ڪندي چوي ٿو:
بلبل ورد بگلشن و پروانه نزدِ شمع
در کوي تو چرا من شيدا نمي رود.
مولوي جامي محبوب جي گهٽيءَ کي هنن نالن سان ياد ٿو ڪري:
کوي تو کعبہ است، يا خلدِ برين، يا بوستان
يا گلستانِ ارم يا جنت الماويٰ است اين.
سنڌ جي غزل گو شاعرن به محبوب جي گهٽي کي هن زمين جي جنت بنائي
پيش ڪيو آهي.
محمد هاشم مخصل زاهد کي سمجهائيندي چوي ٿو:
باغِ رضوان تون چوين ٿو جنهن کي زاهد بي خبر
او يقين هوندو نه هر گز ڪوئي جانان جي طرح. (مخلص)
۽ ليکراج عزيز چوي ٿو:
تنهنجي ڪوچي جي سرزمين آسمان آهه
گهٽي تنهنجي ٿي جنت پيارا. (ليکراج عزيز)
غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي جنت جي بجاءِ ڪوءِ يار جو طلبگار آهي:
چون مون کي ٿيءُ جنت ۾ جائگير
چوان تن کي گهرجيم ٿي ڪوي يار. (مرتضائي)
ميان علي محمد قادري ڪوئي يار کي سجده گاه سڏيندي پنهنجي جذبن
جو اظهار هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:
چاهه مان سجدو جي سڀ عيد گاه ۾ ٿا ڏين
عاشقن سجدو ڏنو منجهه سجده گاهِ ڪوئي يار (قادري)
نظير نيشا پوري محبوب جي گهٽيءَ لاءِ چوي ٿو ته هيءُ اهو هنڌ
آهي جتي شڪسته دل کي اهڙي طرح ٺاهي ٺيڪ ڪيو ٿو
وڃي، جو پتو ئي نٿو پوي ته اها ڪٿان ٽٽل هئي، يعني
محبوب جي گهٽيءَ ۾ وڃڻ سان محبوب جي اهڙي نظرِ
نوازش حاصل ٿئي ٿي جو سڀ رنج و غم دور ٿي وڃن.
دل شکسته دران کوي مي کنند درست
چنان چه خود نشناسي که ازکجا بشکست.
نظيري نيشا پوري جي ابتڙ اسان جو سنڌي شاعر ميان غلام سرور فقير
محبوب جي گهٽيءَ کي اهڙو هنڌ ٿو ڪوٺي جتي محبوب جي
ظلم ۽ ستم سبب چؤطرف عاشقن جا مڙهه ٽڙيا پکڙيا پيا
آهن، جن کي ڏسي هو پنهنجي محبوب کان پڇڻ لڳي ٿو ته
هيءُ هنڌ به ڪوچئه ڪربلا آهي ڇا؟
رلن ٿا مڙهه گهٽيءَ تنهنجيءَ ۾ دلبر
گهٽي تنهنجي به آهي ڪربلا ڇا؟
مطلب ته محبوب جي گهٽي جو تصور سنڌ جي شاعرن ايران جي شاعرن کان
ورتو آهي، مگر ان ۾ هنن نوان نوان خيال ۽ نيون
نيون رنگينون بيان ڪري سنڌي غزل ۾ نئون رنگ ڀريو
آهي.
تربت عاشق:
عشق ۽ محبت جو سلسلو ڪيستائين قائم رهي ٿو؟ زندگيءَ تائين يا
مرڻ کانپوءِ به؟ انهن سوالن جو جواب شاعرن پنهنجي
ڪلام ۾ هيئن ڏنو آهي ته ”جاڳندي جيئي“ ستي پڻ
سيئي“، يعني محبت جو رشتو اهڙو مضبوط رشتو آهي
جيڪو ڪڏهن به ٽٽي نٿو سگهي، موت، جدائي ته پيدا
ڪري سگهي ٿو مگر محبت جي جذبي کي فنا نٿو ڪري
سگهي.
پارسي شاعرن ۽ انهن کان متاثر ٿي سنڌي شاعرن پنهنجي غزل ۾ هڪ
عنوان تربت، گور يا مرقد جي نالي سان قائم ڪيو
آهي، جنهن ۾ هنن پنهنجي انهن حسرتن يا ارمانن جو
ذڪر ڪيو آهي جيڪي سندن زندگيءَ ۾ پوريون نه ٿي
سگهيون يا انهن جذبن جو اظهار ڪيو آهي جيڪي مرڻ
کان پوءِ هنن جي دلين ۾ پيدا ٿي سگهن ٿا.
حافظ پنهنجي دوست کي ٻڌائي ٿو ته ”اي دوست تون جڏهن منهنجي تربت
وٽان لنگهندين ته ڏسندي ته اها هن جهان جي رندن جي
زيارت گاه هوندي:
بر سرِ تربتِ ما چون گذري همت خواه
که زيارت گہِ رندانِ جهان خواهد شد.
۽ هڪ ٻئي شعر ۾ پنهنجي محبوب جي لاءِ چوي ٿو ته هو جڏهن منهنجي
ويران تربت تي ايندو ته ڏسندو (هن جي جدائي ۾)
منهنجو پيمانو جگر جي خون سان ڀريل هوندو:
گر بيايد به سرِ تربتِ ويرانہُ من
بيند از خونِ جگر پُر شده پيمانہء من.
فيضي هندستان جو مشهور پارسي شاعر پنهنجي تربت بابت هڪ نازڪ
خيال پيش ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته خاڪ ٿيڻ کان پوءِ
منهنجي تربت جي بوءِ مان اهو پتو پوندو ته منهنجي
خاڪ مان مرو (جا گل) پيدا ٿي رهيا آهن:
شديم خاک و ليکن ببوي تربتِ ما
توان شناخت گزين خاک مرو مي ريزد.
سنڌ جي غزل گو شاعرن به تربت، گور ۽ مرقد جي عنوان هيٺ گوناگون
خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جيڪي نه صرف رنگين آهن پر
دلپذير به آهن. خاص طرح انهيءَ ڪري جو موت جي سخت
صدمي کان پوءِ شاعر جي دل جا جذبا فنا نٿا ٿين، پر
اهي اهڙي طرح پر جوش ۽ زنده آهن جهڙيءَ طرح سندس
هن حياتيءَ ۾ هئا. خاص طرح مرڻ کان پوءِ پنهنجي
محبوب سان پنهنجي محبت جو اظهار جنهن انداز ۾ هنن
ڪيو آهي سو نهايت پرُ اثر آهي. غلام محمد شاهه،
’گدا‘ پنهنجي تربت تي پنهنجي محبوب جي آمد تي
پنهنجن جذبن جو اظهار هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:
بعد مُردن جي ٿئي جلوه نما يار ڪڏهن
قبر مان منهنجي صدا ايندي ته جاني جاني.
نواز علي ’نياز‘ کي تربت جي اونداهي ان وقت ٿي محسوس ٿئي جڏهن
هن جو محبوب هن جي تربت تي نٿو اچي. چوي ٿو:
مون کي چوڌاري اچي سخت ٿي اونداهي نظر
قبر تي آيو نه هو رشڪِ قمر ڇا باعث.
مگر محمد هاشم مخلص ”ظلمتِ گور“ کي ٻئي انداز سان بيان ڪيو آهي.
چوي ٿو ته مرڻ کانپوءِ هميشه محبوب جي گيسوئن جو
تصور دل ۾ رهي ٿو، ان ڪري قبر جي اونداهي سنبل جي
سائي مثل ٿي پئي آهي.
ظلمتِ گور به ٿيو سايئه سنبل مون کي
ٿا اچن ياد پس از مرگ سراسر گيسو.
حاجي محمود ’خادم‘ جڏهن ڪنهن قبر تي نرگس کي ٽڙندو ڏسي ٿو ته جن
کي محسوس ٿو ٿئي ته عاشق کي محبوب جي ديدار جي سڪ
لڳي آهي:
ٽڙي نرگس جي مکڙي آهه اڄ گورِ غريبان تي
ٿي آ ديدار جي عاشق کي سڪ شايد.
ميان محمد علي ’قادري‘ کي ڪنهن تربت تي لاله جو گل ڏسڻ ۾ ٿو
اچي، جنهن مان هو سمجهي ٿو ته ڪنهن اکين جي ڪٺل جي
قبر آهي.
لاله ڏٺم جو قبر تي نڪتل ته دل چيو
هي ڪهن شهيدِ ناز جي ويران مزار آهه.
ميان غلام سرور ’فقير‘ جا گورِ غريب بابت هيٺيان شعر نه صرف دل
۾ ڇپيندڙ آهن، پر انهن ۾ غريبن جي تربتن جي تصوير
ڪشي پڻ ڪئي وئي آهي.
امرا جي قبر تي ٻريا جهاڙ ته ڇا ٿيو
بيڪس جي گور تي آ قمر بس بجائي شمع
رحمت خدا جي ٿي وسي تربت غريب تي
گل ۽ ڏئي سوا ٿي ٺهي هي مزار خوب.
سوال ۽ جواب:
عاشق جي دل ۾ محبوب جي جوڀن، عشق جي مختلف معاملن ۽ دنيا جي ٻين
ڪيترن ڳالهين بابت ڪيترا اهڙا خيال پيدا ٿا ٿين.
جيڪي جواب طلب آهن. هو اهي مسئلا کڻي پنهنجي محبوب
وٽ وڃي ٿو، ۽ وڃي ان کان انهن بابت سوال ڪري ٿو.
محبوب انهن جا دلپذير جواب ڏئي ٿو. شاعرن اهڙن
سوالن ۽ جوابن کي مڪمل صورت ڏئي سوال ۽ جواب جي
صنعت قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪيترن ايراني شاعرن ان
صنعت ۾ غزلن جا غزل لکيا آهن ۽ ڪيترن شاعرن قصيدن
جا قصيدا لکيا اهن. سوال و جواب جي صنعت پارسي
شاعرن جي محبوب صنعت رهي آهي، جنهن ۾ هڪ طرف عاشقن
کان اڻانگا سوال ڪرايا اٿائون. ٻئي طرف محبوبن کان
انهن جا دلفريب جواب ڏياريا اٿائون. سلطان محمود
غزنوي جي دربار جي هڪ وڏي شاعر عنصري هڪ قصيدي ۾
عاشق ۽ معشوق جو مناظرو هيئن بيان ڪيو آهي. هو
چوي ٿو:
1- هر سوالي کزان گلِ سيراب
دوش کردم مرا بداد جواب.
2- گفت آتش بران رخت که فروخت
گفت ان که دلِ توکرد کباب.
3- گفتم اندر عذابِ عشق تو ام
گفت عاشق نکو بود به عذاب.
4- گفتم از چيست روي راحتِ من
گفت هردم ، ز وري خسرو شاب.
مٿين شعرن پڙهڻ سان جهڙي طرح عاشق طرفان پڇيل سوال عجيب آهن
اهڙي طرح انهن جا جواب دلڪش آهن. حافظ شيرازي جو
ان فن ۾ غزل ملاحظ ڪريو:
1- گفتم کيم دهان ولبت کامران کنند
گفتا بچشم هرچه تو گوئي چنان کنند.
2- گفتم خراجِ مصر طلب مي کنند لبت
گفتا درين معامله کمتر زيان کنند.
3- گفتم بنقطہُ دهنت خود که برده راه
گفت اين حکايتيست که با نکته دان کنند.
4- گفتم هواي ميکده غم مي برد ز دل
گفتا خوش آن کسان که دلي شادمان کنند.
5- گفت شراب وخرقه نه آئين مذهب هست.
گفت اين عمل به مذهبِ پيرِ مغان کنند.
6- گفتم ز لعل نوش لبان پير را چه سود
گفتا به بوسئه شکرينش جوان کنند.
7- گفتم دعاي دولت تو ورد حافظ است
گفت اين دعا ملائکِ هفت آسمان کنند.
(1)
سوال ۽ جواب واري صنعت سنڌ جي غزل گو شاعرن تي به نهايت گهڻو
اثر انداز رهي آهي. گهڻو ڪري سنڌ جي مشهور سمورن
غزل گو شاعرن هن صنعت سان پنهنجي غزلن کي سينگاريو
آهي. سندن ديوان ۾ ڪيترا شعر بلڪه غزلن جا غزل هن
صنعت ۾ ملن ٿا. هت صرف سنڌ جي ٻن شاعرن نواز علي،
نياز جعفري ۽ ليکراج ڪشنچند عزيز جي غزلن جا مثال
پيش ڪجن ٿا:
نواز علي ’نياز‘ سان سندس محبوب هيئن همڪلام ٿئي ٿو:
1- اڄ ڏسي دلبر چيو توکي اڳي هي غم نه هو
مون چيو، هو غم مگر هي عشق جو ماتم نه هو.
2- ڪيئن نه هو ماتم؟ پيچ هو پاتل جڏهن
مون چيو، هو پيچ هر هي زلف جو خم خم نه هو.
3- ناز سان مرڪي چيائين، زلف جو خم خم ته هو
مون چيو، خم خم جي هو ته به ناز هي دم دم نه هو
4- پوءِ محبت ڏئي وجهي ڳل ٻانهن هوريان هيئن چئين
ڪيئن نه هوندو ناز، ان ڌاران ته منهنجو ڪم نه
هو.
5- مون چيو، دلدار دلبر کي ڪري آزي نياز
ناز گهايو ٿي محبت جو مگر مرهم نه هو.
ليکراج ’عزيز‘ پنهنجي محبوب کان ڪهڙا عجيب سوال ڪري ٿو ۽ ان کي
ڪهڙا عجيب جواب ملن ٿا. سي ملاحظ ڪريو:
1- چيم، سڄڻ چاشني چپن جي چکاءِ بيمار کي خدارا
چيائين، نقصان ڪري مٺائي مريض کي سدا پيارا
2- چيم، ڇو تنهنجا هي وار اهڙا، ٿي يار ڪارا پيا ڀونئر جهڙا
چيائين، سج کي رهن جي نيڙا، مهانڊي جا سي ٿا ٿين
ڪارا.
3- چيم، اي نازڪ بدن ٿا ڇا کون ٿيو اوهين سنگدل سليو مون
چيائين، وچ ۾ ڪپهه جي ڏس تون ٿين ٿا ڪڪڙا مثال
خارا.
4- چيم، تو دل ۾ رهي اي دلبر ڪئي سا هٿ ڪيئن هلائي منتر
چيائين، جيئن آرسيءَ جي اندر جهلي جهليندڙ پسي
نظارا.
5- چيم، مون کان پوءِ ڪنهن سان ماڻا ڪندين تون ايڏا
چيائين، در تي وتن وڪاڻا ’عزيز‘ جهڙا ڪيئن
ويچارا.
**********
|