انتخاب مشاعره
لعل چند مجروح:
اي ضيائي شمس رو، هي خانه دل روشن ڪندس
مورتي تنهنجي کي مان من مندر ۾ استاپن ڪندس.
هي هو يار مون سان، ڀل هجن ڪيئي رقيب
راه جانان ۾ ڪڏهن پرواه نا دشمن ڪندس.
(2)
قادري بخش حقير (بشير):
مورتي تنهنجي کي مان من مندر ۾ اسٿاپن ڪندس
جوت تنهنجيءَ مان ڏيو دل جو پيو روشن ڪندس
جن شين ۾ جنگ جهيڙو تن کان پڻ پاسو ڪندس
ڪين دلبر دل سندو مان زن زمين وڌن ڪندس
(3)
هري درياني دلگير:
پنهنجي جوشيلي تمنا جي تکي طوفان سان
چڻنگ آزاديءَ کي ڦوڪيندي ڀڀڙاٽين ڪندس.
اي پوتر ڀون، مٽي تنهنجي، مستڪ تي ڌريان
تنهنجي هر ذره کي سمجهي ديوتا، ڀوڄن ڪندس.(4)
ڄاڃي مل طائر:
چندر ۽ سوريه ستارن جي ڦريل ڦلوڙ مان
ٺاهي ور مالها تو کي پنهنجو سهتو ساجن ڪندس.
تنهنجي پارس جي اڳيان آ ماهه منهنجو لوهي سمان
پريت پارس کي ڀڳائي لوهه مان ڪنچن ڪندس
(5)
پنجين سنڌ ادبي ڪانفرنس
لاڙڪاڻو
پنجين سنڌ ادبي ڪانفرنس بزمِ مشاعره لاڙڪاڻو، جنهن جو الحاق
سنڌي سڌار سوسائٽيءَ سان ٿي ويو هو، جي سهاري 9-
اپريل 1944ع مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جي احاطي
اندر ڪوٺائي وئي هئي.
هن ڪانفرنس جي مرحبا ڪميٽيءَ جو چيئرمين جناب عبدالوهاب ’ناظم‘،
سيڪريٽري ميان غلام عباس قادري ’جوش‘ هو.
جيتوڻيڪ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جا روح روان ۽ بنياد وجهندڙ ميان
غلام سرور ’فقير‘ ۽ ميان علي محمد ’قادري‘ فوت ٿي
چڪا هئا مگر سندن روشن ڪيل شمع جي آب و تاب ۾ ڪا
ڪمي نه ٿي هئي. انهيءَ خاندان مان ميان غلام عباس
جوش ۽ بزم مشاعره جو پراڻو خادم حاجي محمود ’خادم‘
بزم مشاعره جي سرگرمين کي قائم رکيو ٿي آيا ۽ هن
ادبي ڪانفرنس کي ڪوٺائڻ ۽ ڪامياب بنائڻ ۾ انهن سان
بزم جي جمله ميمبرن خاص طرح عبدالوهاب ناظم جو ساٿ
هو.
ڪانفرنس جي پهرين نشت صبح جو 9 بجي شروع ٿي. ڪانفرنس جي صدارت
محمد صديق ميمڻ پرنسپال ٽريننگ ڪاليج فارمين کي
ڪرڻي هئي مگر هن جي بيماري سبب نه شريڪ ٿيڻ ڪري
ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ کي ڪانفرنس جو صدر
چونڊيو ويو.
هن ڪانفرنس ۾ جن شاعرن، عالمن ۽ اديبن شرڪت ڪئي، تن جا نالا هي
آهن:
حيدرآباد مان ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، مرزا افضل بيگ، مرزا
اجمل بيگ، محمد بخش واصف، محمد خان غني، گل محمد
’آزاد‘، ڪراچيءَ مان غلام احمد نظامي ۽ امير علي
شاهه سوز (فاني)، نوابشاهه مان پرسرام ضيا،
شڪارپور مان مولوي فقير دوست محمد، خان صاحب غلام
حيدر، جيڪب آباد مان اوستو غلام حسين رفيع، قادر
بخش ’بشير‘. دادوءَ مان حافظ محمد ’احسن‘، عطا
محمد ’عطا‘، حيدر علي ’حيدري‘، جمع خان غريب،
ليلارام شاعر، رسول بخش دوست، غلام محمد ’گرامي‘،
احمد خان ’آصف‘، سکر مان غلام حسين جعفري (ڊاڪٽر)
ڊپٽي ملا اسڪولس، سلطان ڪوٽ مان آغا گل حسن ’گل‘،
ماستر وڌيارام، غلام سرور ’سرور‘ ۽ سردار مير احمد
خان جمالي، انهن کانسواءِ لاڙڪاڻي شهر جا ڪيترا
اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا. جن مان ڪن جا نالا هي آهن:
حاجي محمود ’خادم‘، ميان غلام عباس ’جوش‘، عبدالوهاب ’ناظم‘،
نواز علي ’نياز‘، عبدالفتاح ’عبد‘، ڪشنچند ’بيوس‘،
رام پنجواڻي، غلام علي مسرور، عبدالله ’اثر‘،
مولوي ثناءُ الله ’ثنائي‘ ثناءُ الله ’نثار‘ جمال
الدين جماڻي، قلندر بخش ’خادم‘، عبدالعزيز ’عزيز‘
واحد بخش ’عاشق‘، حڪيم محمد ڇتل ’فدا‘، غلام علي
بدوي، نظام الدين ’نظام‘.
ڪانفرنس ۾ شهر جا معزز پڻ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، جن ۾ ڪريم بخش
شيخ (ائڊمنسٽريٽو آفيسر)، نوابزاده علي گوهر خان
لاهوري، نواب حاجي امير علي لاهوري، خانبهادر محمد
ايوب کهڙو (روينيو منسٽر) ۽ محمد هاشم رضا ڪليڪٽر
لاڙڪاڻو جا نالا قابل ذڪر آهن. ڪانفرنس جي پهرين
نشست 9 تاريخ صبح جو شروع ٿي.
پهريائين عبدالوهاب ناظم چيئرمين استقباليه ڪميٽي پنهنجي تقرير
۾ ٻاهران آيل مهمانن جو خير مقدم ڪيو ۽ گذريل
ڪانفرنس تي روشني وڌي. ان کانپوءِ ڪانفرنس جي صدر
ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل شعر جي اهميت، ضرورت ۽
حقيقت بابت تقرير ڪئي ۽ سنڌ سڌار سوسائٽيءَ جي
ڪارڪنن ۽ اديب سنڌ رسالي بابت قصيدو پڙهيو. جنهن
جا ڪجهه شعر هي آهن.
ساقي پيار جام مئي خوشگوار اڄ
لاهي جو ڪلفتن جو بدن تان بخار اڄ.
لاهي خزان جو خرخسو بادِ صبا ڇڏيو
صد شڪر آيو باغ ۾ فصلِ بهار جو
يارن کي هوس ته ڪريون سير باغ جو
مون کي اديب سنڌ جو پر انتظار اڄ.
شامل مشاعري ۾ جي سڀ اهل فن ٿيا
سڀني کي ٿو نياز چوان بار بار اڄ.
حق ۾ اوهان جي آهه دعاگو سدا خليل
ڪوشش ۾ پنهنجي شال ٿيو ڪامگار اڄ.
ان کانپوءِ ڪشنچند بيوس سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙي زبان استعمال ڪرڻ
گهرجي، بابت تقرير ڪئي. هن چيو، ”مون خيال ڪيو ته
نج سنڌي جي شعر ۾ ڪهڙي جاءِ هئڻ گهرجي، تنهن بابت
ٿورا ويچار پيش ڪريان “.
(1)
ڪشنچند بيوس پنهنجي تقرير ۾ عربي ۽ فارسي جي اڻانگن لفظن جي
استعمال تي سخت تنقيد ڪئي ۽ صاف سولي ۽ سلوڻي سنڌي
جي استعمال جي تلقين ڪئي. ان کان سواءِ شعر ۾ زير
اضافت، واءُ عطف ۽ اعرابن جي خلاف پڻ ڳالهايو. هي
پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن ڪانفرنس ۾ ان قسم جو آواز
بلند ڪيو ويو هو. اهڙي آواز ڪانفرنس ۾ ککر ۾ کڙي
وارو ڪم ڪيو. سندس تقرير جي جواب ۾ ڊاڪٽر محمد
ابراهيم خليل تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن ڌارين ٻولين جي
لفظن ۽ اعرابن جي استعمال بابت پنهنجي خيالن جو
اظهار ڪيو.
ان کان پوءِ پروفيسر رام پنجواڻي تقرير ڪئي. هن عشقيه شاعريءَ
بجاءِ ترقي پسند ۽ انقلاب پسند شعر چوڻ تي زور
ڏنو. هن چيو، خاص ڪري نوجوانن کي مخاطب ٿي چوان ٿو
ته اڳيون جهونيون عادتون ڇڏيو. توهان نوجوان آهيو
۽ نوجوان هميشہ ترقي پسند ۽ انقلاب پسند ٿيندا
آهن.“
(2)
ان کان پوءِ هن به اعرابن جي خلاف پنهنجن خيالن جو
اظهار ڪيو.
آخر ۾ محمد بخش ’واصف‘ تقرير ڪئي، جيڪا هڪ قسم جو بيوس جي تقرير
جو جواب هئي ۽ اعرابن جي استعمال جي فائدي ۾ هئي
هن چيو، ”حقيقت هي آهي ته هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ زير،
زبر ۽ پيش جو هئڻ بلڪل ضروري آهي ۽ اهي شيون هن
مقصد تي مقرر ڪيون ويون آهن ته لفظ جي معنيٰ ۾ ڦير
نه اچي.“
(3)
ڪانفرنس جي ٻي نشست شام جو چئين بجي شروع ٿي. هن نشست ۾ سنڌي ۽
زبان جي تحفظ، ترقي ۽ واڌاري لاءِ مختلف ٺهراءَ
پاس ڪيا ويا.
ڪانفرنس جي ٽين نشست مشاعره جي نشست هئي. مشاعري جي طرح هئي:
”منهنجي دنيا هن لٽي پئي مان مگر خاموش هوس.“
هيءَ نشست رات جو نائين بجي شروع ٿي ۽ اڍائي بجي ختم ٿي. ”اديب
سنڌ“ ۾ شايع ٿيل مشاعري ۾ 53 شاعرن جوو ڪلام ڏنل
آهي، جن ۾ نظام الدين گوپانگ جي شعر کان سواءِ
باقي 52 غزل آهن، جنهن مان غزل جي مقبوليت جو پتو
پوي ٿو.
انتخاب مشاعره
(1)
عبدالله ’اثر‘ چانڊيو:
راه الفت ۾ ڪٽائڻ سر جو مون کي شوق هو
مان تڏهن آزمائش ۾ ڪفن بردوش هوس.
اڄ نگاهِ رعب پرور سان حسين ڇا ڇا نه ڪيو
منهنجي دنيا هن لٽي ٿي مان مگر خاموش هوس.
حافظ محمد ’احسن‘ چنا:
ياد آيو اڄ زمانو پنهنجي سابق شان جو
ڪيئن نه هر ڪنهن قوم کان ذي علم ۽ ذي هوش هوس.
جذبئه ايمان منهنجو قابلِ تحسين هو
عشق اسلامي ۾ هر دم مست ۽ مدهوش هوس.
ڪشنچند ’بيوس‘:
منهنجي دنيا هن لٽي پئي مان مگر خاموش هوس
دل جي دولت کان به غافل برهه ۾ بيهوش هوس.
سر بلنديءَ تي رکڻ جي ٿي نه مينا کي مجال
ساقيا! محفل ۾ تنهنجي مان جڏهن مينوش هوس.
ميان غلام عباس قادري ’جوش‘:
هن جي جلوي جي پسڻ ۾ اهڙو مان مدهوش هوس
ڪنهن چيو ديوانو آءِ ڪنهن چيو مي نوش هوس.
رند مان آهيان گهڻو جهونو اي ساقي ياد ڪر
خلد ۾ ڀي ڪيترائي سال مان مي نوش هوس.
ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘:
حال منهجو ڇا ٿيو هو عشق ۾ تنهنجي نه پڇ
تون جي آئين هوش هو، جي تون وئين بيهوش هوس.
دل، جگر، عقل و خرد جيڪي هو سو نظرن کسيو
منهنجي دنيا هن لٽي پئي مان مگر خاموش هوس.
پروفيسر رام پنجواڻي ’رام‘:
عمر ڀي ايڏي ڪرين ها جيڏي مئي موجود هئي
جام ڀي ايڏو هجي ها جيڏو مان مي نوش هوس
رام هن جي راهه ۾ ڪهڙو لباسن جو ضرور
دل ڏسي دلبر نوازيو توڙي ٿڳڙي پوش هوس.
پر سرام ’ضيا:
هن جي ۽ منهنجي اکين جو ڏوهه هو، ڏوهي اهي
هو به هڪ نردوش هو ۽ مان به هڪ نردوش هوس.
الله الله چشمِ ساقي جو عجب اعجاز هو
هڪ نظر سان هوش ۾ ٻيءَ سان ٿيو بيهوش هوس.
واحد بخش ’عاشق‘:
دل جهلي ديدار لئه در تي وڃي وهلو وريس
هو ستمگر خشمگين ۽ دست پاپوش هوس.
نور جان مون ٿي نهاريو پاٽڙن ڏي پيار سان
ڀائرن ٿي ڀت کاڌو مان کڙو خاموش هوس.
عبدالفتاح عاقلي ’عبد‘:
ڪئين چوان مان ڀي ڪڏهن ڪنهن ساڻ هم آغوش هوس
هوش آيو هجر ۾ پر وصل ۾ بي هوش هوس.
حشر ۾ هر هڪ گنهه منهنجو هو صد رشڪ ثواب
رحمتِ ٻاري جي لائق مان ئي هڪ مي نوش هوس.
عطا محمد سوهو ’حامي‘:
وعدهِ فردا به معنيٰ وعدهِ محشر هيو
مان اجايو منتظر هس ۽ همه تن گوش هوس.
شمع سامهون، شمعرو سان مان جو هم آغوش هوس
رشڪ کان تڏهين رني ٿي رات ساري جوش هوس.
محمد خان ’غني‘:
يا ته ساقي جون نگاهون منڍ ۾ مون ڏانهن اٿيون
يا ته ڪنهن کي ياد ناهي مان به ڪو مينوش هوس.
هنجي دزديده نگاهن دين ۽ ايمان لٽيو
منهنجي دنيا هن لٽي پئي مان مگر خاموش هوس.
محمد بخش ’واصف‘:
منهنجي مدهوشي به هشياري کان گهٽ هر گز نه هئي
بي خبر اغيار کان ۽ يار سان باهوش هوس.
قلقلِ مينا جو ڪهڙو مون تي هو تاثير ٿيو
هت معافي جو بيان، هت مان همه تن گوش هوس.
ڇهين سنڌ ادبي ڪانفرنس
(دادو)
ڇهين ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنس، انجمن آفتاب ادب دادو جي ڪوششن سان
تاريخ 7 ڊسمبر 1944ع
(1)
تي دادو جي لوڪل بورڊ هال ۾ ڪوٺائي وئي هئي. هن
ڪانفرنس جو صدر رئيس ضياءُ الدين ابن شمس الدين
بلبل هو. استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين جمع خان
غريب، سيڪريٽري حافظ محمد احسن چنا ۽ اسسٽنٽ
سيڪريٽري ماستر علي حيدر ملڪاڻي ’حيدري‘ هئا.
ڪانفرنس جي ڪارروائي صبح ساڍي ڏهين بجي کان شروع ٿي جنهن ۾ جمع
خان غريب جي استقباليه تقرير ۽ رئيس ضياءُ الدين
جي صدارتي خطبي کانسواءِ مختلف موضوعن تي تقريرون
ٿيون.
ٻي نشست شام جو چئين بجي شروع ٿي جنهن ۾ مختلف ٺهراءَ پاس ڪيا
ويا. ٽين نشست رات جو اٺين بجي شروع ٿي ۽ ساڍي
ٻارهين بجي ختم ٿي. هيءَ نشست مشاعره هئي مصرع طرح
هئي:
’اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو‘
هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اطراف سنڌ کان قريبا هڪ سو شاعر آيل
هئا
(1)
جن مان ڊاڪٽر خليل، غلام احمد نظامي، ’واصف‘،
محمد خان غني، غلام محمد گرامي، عبدالفتاح عبد،
نظام الدين گوپانگ، آغا گل حسن، حافظ ضياءُ الحق
’اسلم‘ ۽ غلام علي مسرور جا نالا قابل ذڪر آهن.
انجمن مشاعره جي ڪلام کانسواءِ هيٺين شاعرن جو
ڪانفرنس ۾ پڙهيل ڪلام ڪانفرنس جي قلمي ڪارروائي ۾
محفوظ آهي:
عقيلي علي بخش نثار، حافظ عبدالله بسمل، خليفو محمد عمر،
عبدالله خواب، خواجه قلب علي، حافظ اسلم مهيسر،
ڌڻي بخش مشتاق، عزيز الله مجروح، چوهڙ مل، عطا
محمد حامي، رشيد احمد لاشاري، امام الدين ضامن،
عبدالمنان، عابد عطا محمد بلوچ عطا، دادن فقير،
محمد صابر سمون، شاد، غلام سرور، عاقلي، نبي بخش
زرداري، سليم هالائي، نجم الدين عباسي، مسلم، حاجي
فقير مهيسر، امير علي شاهه معصوصي، حڪيم وڌيارام،
محمد عثمان جمالي، عباس علي بلوچ، الله بخش انيس،
علي محمد خالدي، نانمه مسز نانڪي، احمد خان آصف،
بدر الدين ابڙو، جمع خان غريب، ضياءِ الدين ضيا،
جمع خان غريب، حڪيم محمد ڇتل، مولوي محمد عظيم
شيدا، گل محمد زيب، عبدالحي جهانگي، حافظ محمد
حيات شاهه، عزيز الله مجروح ۽ پرسرام ضيا.
|