سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :1

سنڌي غزل جي اوسر

(ڀاڱو پهريون)

اياز قادري

ناشر طرفان

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي شروع کان وٺي هڪ اهم ترين مقصد رهيو آهي ته سنڌ جي تاريخ، ادب، فن ۽ ٻين پهلوئن تي جيڪا  ريسرچ ٿي رهي آهي، ان ريسرچ جي سڏ ۾ نه رڳو  مدد ڪرڻ، پر ان کي عام پڙهندڙن اڳيان پڌرو ڪرڻ آهي. انهيءَ مقصد تحت ئي انسٽيٽيوٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن  ۾ پي ايڇ- ڊيءَ جي انهن ٿيسز کي ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جيڪي ٿيسز سنڌالاجيءَ جي دائري ۾ اچي وڃن ٿيون. هي ٿيسز ”سنڌي غزل جي  اوسر“ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

 

ٿيسز جي لکندڙ محترم اياز قادريءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ ڪنهن کان لڪل نه آهي. هو نه رڳو محقق ۽ لائق استاد آهي، پر سنڌي تخليقي ادب ۾ پڻ سندس نالو اهميت رکي ٿو. سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعاتي اوسر ۾ سندس وڏو هٿ رهيو آهي. ان ڪري اسان سندس هيءَ ٿيسز ڇپائيندي بيحد خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون.

 

هتي اسان اهو به عرض ڪري ڇڏيون ته جيئن ته ٿيسز تمام گهڻن صفحن تي پکڙيل ضخيم ٿي پيو آهي، ان ڪري ان کي مصنف جي مرضيءَ ۽ صلاح سان ٻن  ڀاڱن ۾ ورهايو آهي، ٿيسز جو پهريون ڀاڱو اوهان جي هٿن ۾ آهي، ۽ ٻيو ڀاڱو زير طبع آهي، جيڪو به جلد شايع ڪيو ويندو.

 

اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙ اسان جي هن ڪوشش جو فائدو وٺندا ۽ قدر ڪندا.

مهتاب اڪبر راشدي

 

 

انتساب

پنهنجي ناني سنڌي غزل جي اُستاد،

بابا بزم مشاعره، سنڌي شاعري جي

پهرين رسالي گلدستئه سنڌ جي

ايڊيٽر،  حاجي زوار  حڪيم

فقير ميان علي محمد قادري

جي نالي. جنهن سنڌ ۾

غزل کي مقبول بنائڻ

لاءِ گهڻي ڪوشش

ورتي.

اياز حسين قادري

 

مقدمو

ساري ساراهه ان صاحب کي سونهي جو رب العالمين، ٻاجهه ۽ مهر وارو آهي، هر نعمت ۽ هرچيز جو پيدا ۽ عطا ڪندڙ پاڻ آهي، جنهن اسان ڏانهن اهڙو رسول موڪليو جو سڀني نبين کان بزرگ ۽ رحمت اللعالمين آهي، اهڙي  رسول تي افضل صلوات ۽ ڪامل سلام هجن. تنهن جي آل پاڪ تي هزار هزار سلام ۽ تحيات هجن جي ولايت  جا ماهتاب، هدايت جا ستارا ۽ سڌي راهه ڏيکارڻ وارا آهن.

 

غزل شاعري جي حسين، شوخ ۽  دلفريب صنف آهي. منهنجي اک غزل جي ماحول ۾ کلي. ناناڻي توڙي ڏاڏاڻي طرف غزل جا شاعر  هئا منهنجو پيءُ ميان غلام سرور فقير، منهنجو ڏاڏو ميان غلام محمد گدا، منهنجو نانو ميان علي محمد قادري، منهنجو مامو ميان غلام عباس جوش، غزل جا شاعر هئا. اسان جي اوطاق ۾ 1915ع کان باقاعده بزم مشاعره ٿيندا هئا. جن ۾ جڏهن آئون اٺن ڏهن سالن جو هوندو هوس ته وڃي  ويهندو هوس ۽ استاد شاعرن جا غزل نهايت غور سان ٻڌندو هوس. منهنجي والد هفتيوار الحقيقت ۽ منهنجي ناني ماهوار  گلدسته سنڌ رستي غزل جي مقبوليت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. انهن کان پوءِ منهنجي استاد محترم حاجي محمود خادم، جيڪو سندن ساٿي هو، ماهوار اديب سنڌ رستي ساڳي شمع روشن رکي ۽ منهنجي وڏن جي وفات کانپوءِ بزم مشاعره برقرار رکيا.

 

ميان علي محمد نه صرف بزم مشاعره قائم ڪيو هو پر پهرين مشاعره ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي هئي. مان سورنهن سالن جو هوس جو 1942ع کان لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل ڇهين ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيس ۽ ان کانپوءِ گهڻو ڪري هر ادبي ڪلانفنرس ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهيان ۽ 1954ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪا چوڏهين ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي هئي تنهن جو آئون سيڪريٽري هوس. 1944ع ۾ جڏهن اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچيءَ آيس ته هت به ڪراچيءَ جي سمورن بزم مشاعرن سان تعلق رهيو ۽ جيڪي دوست مليا اهي به غزل جا شاعر هئا.

 

بزم مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ اهڙن بزرگ شاعرن سان ملاقات ٿيندي هئي جي پنهنجي دور جي اڳين دور جي  بزمن ۽ شاعرن جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، جنهن ڪري  منهنجو چاهه ۽ دلچسپي غزل ۽ غزل گو شاعرن سان وڌندي ويندي هئي.

 

جڏهن پي-ايڇ- ڊي لاءِ مضمون تي ويچار ڪيم ته غزل پنهنجين سمورين رعنائين سان منهنجي اڳيان اچي بيٺو،  مون سوچيو جيڪي بزم مشاعره مون ڏٺا، وڏن جي لائبريريءَ ۾ پراڻيون اخبارون ۽ رسالا پڙهيا، ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ تمام گهڻن شاعرن سان ملاقاتون ڪيون آهن انهن سڀني جي اها تقاضا آهي ته مون کي سنڌي  غزل ۽ ان جي تاريخ تي ئي ٿيسز لکڻ گهرجي. جڏهن پنهنجي مضمون جو ذڪر پنهنجي مهربان بزرگ مولوي غلام مصطفيٰ قاسميءَ سان  ڪيم، هن کي ڏاڍي سرهائي ٿي ۽ اصرار ڪيائون ته مان ان ئي موضوع تي پي- ايڇ- ڊي ڪريان. سندن خواهش مطابق مون پنهنجي مضمون جو عنوان ”سنڌي غزل جي اوسر“ چونڊيو.

 

سنڌي غزل جي اوسر شروع کان وٺي هن وقت تائين، اٿاهه ڪم هو، پر مولوي قاسميءَ جي همٿ افزائي، رهنمائي ۽ صلاح مشوره جي ترهي تي ان گهيڙ ۾ گهڙي پيس. جيڪي ڪجهه ڪٺو ڪيو اٿم اهو اوهان جي اڳيان آهي.

 

ڪايو ڪمايوم، موتي مون نه وڻجئا

سيهي جو سيد چي، وکر وهايوم

ههڙو حال سندوم، توهه تهجي اُبهان.

ان کان اڳ جو ٿيسز جو مواد بابت ڪجهه لکان ايترو عرض ڪندس ته منهنجي هيءَ ٿيسز عيبن ۽ اوڻاين سان ڀريل آهي، جيڪي خاص طرح  انهن کي جي ٻين جي عيبن ۽ اوڻاين جي نووس نوس ڪندا وتن ٿا، تن کي وڌيڪ چٽا ڏسڻ ۾ ايندا، مون کي جيڪي مواد هٿ آيو آهي، تنهن کي سميٽي، سهيڙي، سوڌي ۽ سنواري سنڌي غزل جي تاريخ جي عمارت  تيار ڪئي اٿم، اميد ته مون کان پوءِ ضرور اهڙا محقق پيدا ٿيندا جيڪي نه صرف مون واري تعمير ڪيل عمارت جا نقص دور ڪندا پر وڌيڪ محنت ۽ تحقيق ڪري ان جا خال به ڀريندا ۽ ان ۾ اضافا به ڪندا.

 

هن ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ جا وڏي تڪليف درپيش آئي سا هئي، شاعرن جو ڪلام هٿ ڪرڻ. فوت ٿيل شاعرن جي ڪلام جي ذخيري جو پتو نٿي پيو ۽ سندن اولاد کان ڪيترن شاعرن جو ڪلام هيٺ مٿي ٿي ويو هو. هڪڙو مرزا عباس علي بيگ اهڙو سڄڻ مليو، جنهن نه صرف پنهجن وڏن پر ٻين بزرگن جو قلمي ذخيرو به ساهه سان سانڍي رکيو آهي، هن پنهنجا وڏا وَڙ ڪري پنهنجي ميڙي چونڊي نه صرف منهنجي آڏو آڻي رکي پر ان مان چونڊ ڪرائڻ ۾ پڻ ڀال ڀلايائين. وڏي جاکوڙ سان فوت ٿيل ۽ حيات شاعرن جا قلمي ڪتاب، ذخيرا، ديوان، بياض، ڪليات وغيره هٿ ڪري ان مان چونڊ مواد ڪتب آندو اٿم.

 

ٻي وڏي  تڪليف هئي پراڻن ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جي، جس آهي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا کي، جنهن  خبر نه آهي ته ڪيئن ۽ ڪٿان ايڏو وڏو خزانو ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جو سنڌالاجيءَ ۾ آڻي ڪٺو ڪيو آهي. سندس قرب، چاهه ۽ چانهه نه صرف پنهنجي ڪم لاءِ سرگرم ڪيو پر آساني به پيدا ڪئي جو گهڻا ڇاپيل ۽ قلمي ڪتاب هڪ هنڌ ويهي مطالعو ڪري سگهيس.

 

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي لائبريري به ڀلون ڀل آهي. سڄي عمر ڪتاب ڪٺا ڪندو رهيو آهي. هن پنهنجي ڪتابن جي ڪٻٽن جا ڪلف لاهي وڏي پاٻوهه مان چيو ته کڻ جيڪي کڻڻو اٿئي، ايڏي ڇوٽ ڏسي مون به کڻي ڀريون ٻڌيون.

 

جيئن هن ٿيسز ۾ مون کي غزل جي تاريخ بيان ڪرڻي هئي تنهن ڪري سنڌ جي انهن اخبارن، رسالن، بزم مشاعرن، محفلن ۽ ادبي ڪانفرنسن جو ذڪر شروع ۾ ڪيو اٿم جن سنڌي غزل کي مقبول بنائڻ ۽ ترقي وٺائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي.

 

پارسي شاعري جو سنڌي غزل تي وڏو اثر رهيو آهي ان جو نهايت تفصيل سان جائزو ورتو اٿم، جيئن پڙهندڙن کي اهو چڱي طرح معلوم ٿي وڃي ته سنڌي غزل پارسي غزل کان ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي. هن باب لاءِ ڪيترن پارسي ۽ سنڌي شاعرن جو گهرو مطالعو ڪرڻو پيو جيئن  مثالن سان هر دعويٰ ثابت ڪري سگهجي.

 

سنڌي غزل جا مختلف دور مقرر ڪيا اٿم ۽ انهن دورن کي ان بزرگ شاعرن جي نالي پٺيان منسوب ڪيو اٿم، جنهن کي ان دور جي شاعرن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هئي. دورن جو وقت ۽ سن مقرر ڪرڻ محال هو ڇاڪاڻ ته اهي شاعر جن کي مختلف دورن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هئي. اهي ساڳي وقت ۾ به زندهه هئا مثلاً گل جي دور ۾ قاسم هو، قاسم جي دور ۾ سانگي هو ۽ سانگيءَ جي دور ۾ قادري  هو جو لڳ ڀڳ عمر ۾ سانگي جيترو هو. شاعرن کي عمر جي لحاظ کان نه پر لاڳاپي جي لحاظ کان ڪنهن دور سان وابسته ڪيو ويو آهي. فضل محمد ماتم، امام بخش شاهه فدوي، غلام محمد شاهه گدا، سانگي کان وڏا هئا پر هنن جو واسطو  خليفي قاسم کان زياده سانگيءَ سان هو، تنهن ڪري هنن کي سانگيءَ جي دور ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مولوي عاقل جي عمر سانگيءَ جي دور جي شاعرن برابر هئي پر ان کي قادريءَ جي دور ۽ عبدالڪريم گدائي کي آزاديءَ کان پوءِ واري دور ۾ آندو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي شهرت ۽ لاڳاپي جو واسطو ان دور سان هو.

 

هن ٿيسز ۾ هر ڪنهن دؤر سان وابسته هڪ سو ٽيهن کان مٿي نمائنده شاعرن جي حياتيءَ جو احوال، چونڊ ڪلام، سندن ڇاپيل ۽ اڻ ڇاپيل ڪتاب ۽ سندن ڪلام تي مختصر تبصرو ڏنو ويو آهي. ڪو به دور پنهنجي دور جي اهڙي احوال ۽ ذڪر کانسواءِ سڃو ۽ سکڻو هجي ها. هن قسم جي ذڪر سان پڙهندڙ کي پتو پوندو ته مختلف دورن ۾ ڪهڙن ڪهڙن شاعرن غزل جي گلستان جي آبياري ڪئي آهي ۽ غزل جي گلن ۾ ڪهڙا رنگ ڀريا آهن. گهڻن شاعرن جي احوال ۾ سندن وفات بابت ٻين شاعرن جون لکيل قطعه تاريخون ڏنيون ويون آهن ۽ اها ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ پهرين ڪوشش آهي.

 

هر دور جي شروع ۾ ان دور  جي سياسي، علمي، ادبي پس منظر بيان ڪري، سنڌي غزل تي انهن جي اثر جو بيان ڪري، ان دور جي غزل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. جئين پتو پوي ته ان دور جي غزل ۾ ڪهڙا خيال ۽ مضمون سمايل آهن ۽ غزل اسان جي سماج مان ڪيترو ساٿ ڏنو آهي.

 

هن ٿيسز لکندي ڀارت جي سنڌي غزل گو شاعرن  کي به پاڻ سان گڏ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارت ۾ مقيم سنڌي به سنڌي زبان جا اهڙا ئي عاشق آهن جهڙا سنڌ وارا، هنن پنهنجي زبان کي محفوظ رکڻ ۽ ترقي وٺائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا آهن، جن جو مختصر ذڪر هن ٿيسز ۾ ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ ڀارت جي برک غزل گو شاعرن ۽ سندن ڪلام کي متعارف ڪرايو ويو آهي، جيئن سنڌ ۾ رهندڙ عوام کي ڀارت جي شاعرن بابت معلومات حاصل ٿي سگهي.

 

مان سمجهان ٿو ته ڪي سڄڻ منهنجي  ٿيسز جي ڊگهائي کي پسند نه ڪندا. غزل جي اوسر جي سلسلي ۾ پهرين ڪوشش هئي تنهن ڪري جي اختصار کان ڪم وٺجي ها ته اهم حقيقتون، احوال ۽ ڪلام رهجي وڃي ها، اڳتي هلي ان جو به اختصار به ڪري سگهجي ٿو.

 

آخر ۾ وري به آءٌ پنهنجي مشفق مهربان نگران پروفيسر مولوي غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو ٿورو ادا  ٿو ڪريان جنهن جي  هر قدم تي مدد، رهنمائي، صلاح ۽ مشوري سان هي ڪم مڪمل ٿي سگهيو آهي.

 

اياز حسين قادري

 

*****

 

ٿورا

منهنجي هن ڪم ۾ جن ساٿ ڏنو ۽ ڀال ڀلايا آهن تن سڀني جو آءٌ دل سان ٿورائتو آهيان، جنهن به سڄڻ کي مان ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ گذارش ڪئي ته هن منهنجي ڪم کي پنهنجو ڪم سمجهي قرب جو هٿ وڌايو ۽ دل کولي مدد ڪئي، جيڪي ڪجهه وٽن هو پوءِ اهي اخبارون، رسالا، ڇاپيل يا قلمي ڪتاب هئا، منهنجي آڏو رکيائون. موجوده دور جي گهڻن شاعرن پنهنجي ڪلام جا بياض انتخاب لاءِ عطا ڪيا جنهن ڪري منهنجي ڪم ۾ سولائي پيدا ٿي. ڪيترن دوستن مفيد مشورن سان نوازيو جنهن ڪري ڪيترا باب لکڻ ۾ آساني ٿي.

 

سڀ کان پهريائين آءٌ علم جي ڀنڊار، عالم ۽ محقق مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي جو شڪر گذار آهيان جنهن جي علم پرور پارس جهڙي نگاهه منهنجي هن ناچيز ڪم کي مٿانهون مقام بخشيو. ان کانپوءِ آءٌ هنن دوستن جو شڪر گذار آهيان.جن جي مدد کانسواءِ هي ڪم منهنجي دل وٽان مڪمل ٿي نه سگهي ها.

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا جنهن پنهنجي دل ۽ سنڌالاجي جا دروازا منهنجي لاءِ هميشہ کليا رکيا. پڻ پنهنجي سر هلي ڪتاب ڪڍي ۽ سنڌالاجي ۾ ويهي ڪم ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ سهوليت پيدا ڪري ڏنائين.

 

مرزا عباس علي بيگ جنهن پنهنجن بزرگن ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن جو قلمي مواد فراخدليءَ سان مون کي ڏنو.

 

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جنهن پنهنجي سموري لائبريري منهنجي حوالي ڪئي ۽ ڪم ترت مڪمل ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪندو رهيو.

 

سنڌي ادبي بورڊ جي اڳئين سيڪريٽري ظفر حسن ۽ موجوده سيڪريٽري غلام رباني جنهن بورڊ جي لائبريري جي ڪتابن جي معائني جي سهوليت پيدا ڪئي.

 

شيخ عبدالحليم جوش، حافظ محمد احسن، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر محمود شاهه، پروفيسر غلام رسول بلوچ ۽ سندس وڏي ڀاءُ محرم خان بلوچ، عبدالقيوم صاحب، صوفي دوست محمد ساجد سرشاري، نظام صحرائي، اختر مرزا، سوڀو گيانچنداڻي، ماسٽر مهر علي چنا، جن پنهنجا ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا منهنجي حوالي ڪيا يا  هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. خاص طرح سيد محمد تقي شاهه حنيفي جيڪو مون کي پاڻ سان گڏ ڪيترن هنڌ قلمي ذخيرا ڏسڻ لاءِ وٺي هليو ۽ لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعي جي مشاعرن جو اکين ڏٺو احوال ٻڌايائين. سيد فيض محمد شاهه جيڪو مون سان گڏ حيدرآباد جي مختلف بزرگن وٽ قلمي ڪتاب ڏسڻ لاءِ هليو منتخب مواد نقل ڪرڻ ۽ ٿيسز جي ببليو گرافي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. جناب عبدالرحمان چنا جنهن جي همت، محنت  ۽ اورچائي سان ٿيسز جو هر هڪ باب ترتيب ڏنو ويو ۽  ببليو گرافي ٿيار ٿي. سليم ميمڻ جيڪو منهنجي ڪم ۾ هر وقت دلچسپي وٺندو رهيو ۽ سندس ڪوشش سان ٿيسز جي نمبرنگ ۽ بائيڊنگ  جو ڪم خوش اسلوبي سان مڪمل ٿيو. منهنجي عزيز دوست بلاول نظاماڻي جنهن ٿيسز جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ تاهوت ٻاري ڏني بلڪ منهنجو آرام ڦٽائي ڇڏيو.

 

مان ڀارت جي انهن سڀني اديبن، شاعرن، صحافين جو نهايت شڪر گذار آهيان جن ”ڀارت ۾ سنڌي غزل“ بابت مواد موڪلڻ ۾ منهنجي وڏي مدد ڪئي آهي ۽ مون اهو محسوس ٿي ڪيو ته ائين ڪندي کين خوشي پئي ٿي، خاص طرح موهن ڪلپنا جنهن نه صرف گهڻو مواد موڪليو پر ڀارت ۾ سنڌي ادب جي ترقي وارو مواد نظر مان ڪڍيو، هري دلگير، موتي پرڪاش، ايم- ڪمل واسديو نرمل. پرڀو وفا ۽ اتم جيڪي وقت به وقت ڀارت ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب ۽ رسالا موڪليندا رهيا.

 

سنڌالاجي جي لائبريرين گل شير بلوچ جنهن سنڌالاجي مان ڇاپيل ۽ قلمي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن ڳولي ڪڍي ڏيڻ ۾ دل سان مدد ڪئي ۽ ٿيسز جا ٽي چيپٽر ٽائيپ ڪري ڏنا.

 

ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي ٽائپسٽ ”نياز سنڌي“ جو، جنهن نهايت شوق ۽ چاهه سان منهنجي ٿيسز ٽائيپ ڪئي.

 

پنهنجي استاد سائين پير سعيد حسن جنهن جي صحبت مان مون کي سرهاڻ ملي آهي ۽ جنهن جون دعائون هر وقت مون سان گڏ رهيون آهن.

 

 

ڀاڱو پهريون

 

غزل

      عنوان

 

غزل  جي ابتدا

غزل جي تشريح

غزل جا اُصول

غزل جي پيدائش

غزل جا موضوع

غنائي خاصيت

مقامي اثر

غزل تي اعتراض

سنڌي غزل تي اعتراض

 

غزل

عشق ۽ محبت، انسان جي خمير ۾ سمايل آهي. جتي به انسان آهي،  پوءِ اُهو بر هجي يا بجر، گلستان هجي يا بيابان، آبادي هجي يا ويراني، اُتي عشق پنهنجي ڪرشمه سازي ڏيکاري ٿو. جيئن ته دنيا جي ڪا به قوم ۽ ملڪ شاعريءَ کان خالي نه آهي ۽ عشق شاعريءَ جو وڏو محرڪ آهي، تنهن ڪري ڪا به قوم ۽ ملڪ عشقي شاعريءَ کان به خالي نه آهي.

 

سنڌ عشقي رومانن جو اهو ديس آهي جتي سسئي پنهون، سهڻي ميهار، مومل راڻو، ليلا چنيسر ۽ عمر مارئيءَ جي داستانن جنم ورتو ۽ پنهنجي عشق ۽ محبت جي ڪارنامن سان متاثر ڪيو. هن عشق  ۽ محبت جي سر زمين تي جڏهن غزل ايران مان ڪهي اچي قدم رکيو ته هن ڌرتيءَ جي حساس شاعرن ان جو کليءَ دل سان  استقبال ڪيو. شروع ۾ فارسي دان شاعرن ان ۾ نغمه سرائي ڪئي، پر وقت گذرڻ سان ان فارسي جامو مٽائي سنڌي  ٻوليءَ  جو لباس زيب تن ڪيو. هن وقت غزل پنهنجي موسيقي ۽ ترنم، مزي ۽ ميٺاج، نازڪ ۽ بلند خياليءَ سبب سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ مضبوط ۽ بلند مقام حاصل ڪري چڪو آهي. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته غزل سنڌ جي مقبول ترين مقامي صنفن، ڪافي ۽ بيت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو بيٺو آهي.

غزل جي ابتدا:

توريت جي انبيا واري صحيفي ۾ حضرت دائود ۽ حضرت سليمان جو صحيفو زبور آهي، جنهن جي مضمونن کي ”غزل الغزليات“ ڪوٺيو ويو آهي. پنهنجي اصلي زبان ۾ اُهي سڀ موزون غزل آهن جن کي اهي پيغمبر پهاڙن تي ويهي آلاپيندا هئا، جو انسان، جن پکي ۽ جانور سڀ وجد ۾ اچي ويندا هئا. آسماني صحيفي جي انهن آيتن يا ٻين لفظن ۾ انهن غزلن ۾ هو پنهنجي جذبي وچان ايتري قدر چئي ويا آهن ته، ”اي منهنجا محبوب! جيڪڏهن تون مون وٽ پير ڀري اچين ته مان (جيتوڻيڪ انهيءَ لائق نه آهيان) گرم پاڻيءَ سان تنهنجي پيرن جي مٽي ڌوئان، تنهنجي وارن ۾ تيل مليان ۽ تنهنجي لاءِ نرم هنڌ وڇايان- وغيره وغيره“ (1)

 

زبور جي انهن آيتن تي ويچار ڪرڻ  کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته غزل جو ڪم ازل کان وٺي حسن پرستي مقرر ڪيو ويو هو ۽ هيءَ شاعريءَ جي وصف عاشقانه مزاج سان هن دنيا ۾ آئي هئي.

 

غزل جي تشريح:

عام طرح ائين سمجهيو ويندو آهي ته غزل جي معنيٰ آهي عورتن سان عشق ۽ محبت جون ڳالهيون ڪرڻ. ڪيتريون لغتون پڻ ان خيال جي تائيد ڪن ٿيون.

 

عربي لغت جو امام مجد الدين محمد فيروز آبادي پنهنجي جڳ مشهور لغت ”القاموس المحيط“ ۾ فرمائي ٿو، ”مغازلہ النساد محاد ثنهن ولاسم الغزل محرڪہ“ مطلب ته مغازلہ جي معنيٰ آهي عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ. هن مان اسم غزل ٽنهين حرفن جي حرڪت سان آهي (2)

 

غياث اللغات جو مؤلف لکي ٿو، ”غزل بفتحتين بازي کردن (با محبوب). و حڪايت کردن ازجواني و حديث و عشق زنان“ (3)

 

فرهنگ آنند راج ۾ آيو آهي”غزل به فتحتين حديث زنان و حديث عشق ايشان کردن وسخن در وصف زنان به عشق ايشان گفته آيد. در عرف شعرا چند بيت مقرري که پيش قدما زياده از دوازده نيست و متاخران منحصر دران نه دانند“(4)

 

خواجہ الطاف حسين حالي غزل جي تشريح هنن لفظن ۾ ڪئي آهي، ”غزل جي معنى لغت ۾، عشق بازي ڪرڻ ۽ عورتن سان مخاطب ٿيڻ آهي. عربي ۾ چوندا آهن ”زيد اغزل من عمرو“ يعني زيد عشق جا مضمون عمرو کان وڌيڪ بيان ڪري ٿو يا زيد، عمرو کان وڌيڪ عشقباز آهي“.(1)

 

ڊاڪٽر يوسف حسين خان صدر شعبہ تاريخ جامعه عثمانيه (حيدرآباد دکن) پنهنجي ڪتاب ”اردو غزل“ ۾ غزل جي تشريح ٿورن مگر  جامع لفظن ۾ هيئن ٿو ڪري، ”غزل محبوب سان ۽ محبت جي گفتگو آهي“.(2)

 

ڊاڪٽر عبادت بريلوي ”غزل ۽ مطالعه غزل“ ۾ غزل بابت چوي ٿو، ”غزل جي صنف جو بنيادي موضوع عشق جي معاملن جي مختلف ڪيفيتن جي ترجماني آهي. خود غزل يا تغزل جي لغوي معنيٰ خاص طرح عورتن سان يا عورتن بابت ڳالهيون ڪرڻ بيان ڪئي ويندي آهي ۽ اها ڳالهه گهڻي قدر درست آهي. مگر غزل جي اها تشريح مڪمل ۽ همه گير نه آهي، انهيءَ ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي“.(3)

 

علامه شبلي نعماني ”شعر العجم“ ۾ ايران جي عشقيه شاعريءَ تي بحث ڪندي غزل بابت فرمائي ٿو، ”قصيدي ۾ ممدوح جي تعريف ٿيندي آهي، غزل ۾ معشوق جي.....۽ غزل ۾ محبوب جي حسن ۽ جمال، ناز و ادا ۽ جور و جفا جو بيان ٿيندو هو“.(4)

علامه آءِ آءِ قاضي لنڊن مان شاعريءَ بابت شايع ٿيندڙ مخزن ”poetry Review“ ۾ ”Oriental forms of Poetry“ جي عنوان هيٺ پنهنجي لکيل مضمون The Gazal ۾ غزل جي سمجهاڻي هيٺين لفظن ۾ ڏئي ٿو:

The word `Ghazal, is of Arabic origin, and means, as “Taghazalu” talking of love, especially to the fair. But there is another word very nearly, pronounced the same way, viz: “Ghazala” which means to spin or to twist (spinning or twisting a yarn). There is no doubt in my mind that word “Taghazal” originally was derived from this “Ghazala”, spinning as a yarn or twisiting a rope has suggested the idea of the latter use of the word. There is another word, “Ghizal”, known to Europe as gazalle, to which some people attribute its origin. But if it is not derived from it(as it is most probably not), the leaps of a gazelle have much in common with the poetic flights of the “Ghazal” writer.(1)

”غزل“ لفظ عربيءَ مان نڪتل آهي ۽ ”تغزل“ جي معنيٰ آهي، عشق جون ڳالهيون ڪرڻ، خاص طرح،  سهڻن سان. پر هڪڙو ٻيو لفظ آهي جنهن ۾ تلفظ ۽ تقريباً ساڳيو ڪيو ويندو آهي جيڪو آهي ”غزالا“  جنهن جي معنيٰ آهي ڪتڻ يا وٽڻ (ڌاڳي کي ڪتڻ يا وٽڻ) مون کي پڪ آهي ته ”تغزل“ جو لفظ اصل ۾ انهيءَ ”غزالا“ لفظ مان ورتو ويو آهي. ڌاڳو ڪتڻ يا نوڙي وٽڻ واري معنيٰ ان پوءِ اختيار ڪئي آهي. هڪ ٻيو لفظ ”غزال“ آهي، جنهن جو اُچار يورپ وارا ”غزيل“ ڪندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ”غزل“ ان لفظ مان نڪتو آهي، پر جيڪڏهن ان مان نڪتو آهي (يقيناً ان مان نه نڪتو آهي) تنهن هوندي به هرڻي (غزاله) جي اڇانگ ۽ غزل گو شاعر جي خيالن جي پرواز ۾ ڪافي مناسبت آهي.

 

بيان ڪيل غزل جي تشريحن تي غور ڪرڻ سان هي ڳالهه بلڪل واضع ٿي وڃي ٿي ته غزل جي معنيٰ آهي محبوب سان يا محبوب بابت محبت جون ڳالهيون ڪرڻ، ۽ غزل جي صنف جو بنيادي موضوع آهي عشق ۽ ان جي معاملن جي مختلف ڪيفيتن جي ترجماني ڪرڻ ڇاڪاڻ ته انسان جي زندگيءَ ۽ عشق ۽ محبت جي جذبن کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اهي اسان جي زندگيءَ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. انهن جذبن کي اڀارڻ ۾ حسن ۽ جمال جادوءَ جو ڪم ڪري ٿو. انهيءَ ڪري اهو سمجهيو ويندو آهي ته غزل شاعريءَ جي اها صنف آهي جنهن ۾ عشق ۽ محبت جي ڪري اسان جي دل ۾ جيڪي اُڌما ۽ جذبا ۽ ذهن ۾ جيڪي مختلف ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون تن جي ترجماني هوندي آهي. عشق ۽ محبت جي جذبن جو سلسلو ازل کان وٺي جاري آهي ۽ ابد تائين جاري رهندو. آدم جو اولاد سدائين انهن جذبن سان سرشار رهندو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي. ته غزل عشق جي جذبن جي نهايت عمدي ترجماني ڪري ٿو ۽ غزل عشق ۽ محبت  جي سمورين وارداتن ۽ ڪيفيتن ۽ سمورن اسرارن ۽ رمزن کي پنهنجي دامن ۾ سميٽي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سخت دل کان سخت دل انسان ڀي بي اختيار غزل ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو.

غزل جا اصول:

پروفيسر سيد عابد علي چوي ٿو ته غزل جي بيان ڪيل لغوي مفهوم کي ڌيان ۾ رکي عام طرح غزل چوڻ لاءِ هي اصول مقرر ڪيا ويا آهن.

1- غزل کي ناز ۽ نياز جي ڪيفيتن ۽ حسن ۽ عشق جي وارداتن سان سينگاريل هئڻ گهرجي.

 

2- ٻولي جيتري قدر ٿي سگهي نرم ۽ شيرين ۽ بيان دلڪش ۽ دلپذير هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سخن جي پردي ۾ صنف نازڪ سان گفتگو ڪرڻي آهي.

 

3- غزل کي ابتذال ۽ هلڪڙائپ کان پاڪ هئڻ گهرجي.

 

4- محبوب سان خطاب جو انداز ۽ اسلوب نيازمندانه هئڻ گهرجي. غزل چوندڙ کي فخر ۽ تڪبر جو اظهار ممنوع آهي (شاعرانه تعلي ان کان آزاد آهي).

5- جيتري قدر ٿي  سگهي، ڪلام کي صنعتن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيئن خيال پيچدار نه ٿئي ۽ ڌيان اصل مقصد کان پري ٿي صنايع ۽ بدايع لفظي ۽ معنوي ڏانهن ڇڪجي نه وڃي.(1)

 

غزل جي پيدائش

عربن جي شاعري جا ورق ورائڻ سان پتو پوي ٿو ته عربن جي شاعري مدح وارن قصيدن تائين محدود هئي. عربي ادب جو عالم- نڪلسن- عربن جي شاعري جي قاعدن تي بحث ڪندي قصيدي بابت ٻڌائي ٿو ته قصيدو ئي شاعري جو هڪ اهڙو فارم هو يا شاعري جو مڪمل قسم جو جيڪو عربن جي ڪلاسيڪل دؤر ۾ موجود هو. ان جي شعرن جي تعداد ۾ جي فرق هوندو آهي، پر اهي ڪڏهن به پنجويهن کان گهٽ ۽ سئو کان مٿي نه هوندا آهن.

“This fashion centres in Qasida, the only  form, or rather finshed type of poetry, that eisted in what, for want of better word, may be called the classical period of Arabic literature.”

هو قصيدي جي لفظ جي معنيٰ تي روشني وجهندي چوي ٿو ته عرب جا لغتدان قصيدي جي تشريح ڪندي چون ٿا ته ان جي معنيٰ اهڙو شعر آهي جنهن جو مقصد فنڪارانه آهي، پر انهن جو ”مقصد“ جي مفهوم تي هڪ ٻئي سان اختلاف آهي“. جيڪب جو چوڻ آهي ته انهن شعرن جو خاص مقصد تعريف ۽ خوشامد ڪري وڏا انعام حاصل ڪرڻ آهي ۽ الوارث چوي ٿو ته اهو “قصدا“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ يا ڀڃڻ، ڇاڪاڻ ته ان جو هر شعر ٻن اڌن ۾ ورهايل هوندو آهي. شيخ محمد ابراهيم خليل پنهنجي ڪتاب ”رهنمائي شاعري“ ۾ قصيدي جي معنيٰ هن ريت بيان ڪري ٿو ”قصيدو لفظ قصد مان نڪتل آهي. قصد جي لغوي معنيٰ آهي ڪنهن طرف يا ڪنهن شيءِ ڏانهن متوجہ ٿيڻ. جڏهن ته شاعر جو  مقصد قصيدو هو تنهن ڪري اهو نالو پئجي ويو، لغت ۾ قصد ڪيل يا ارادي ڪيل شيءِ کي چئبو آهي. ٻي معنيٰ گهاٽي مغز جي به آهي. پر اصطلاح ۾ انهن شعرن کي چئبو آهي، جن ۾ ڪنهن جي هجو يا مدح ذڪر ڪيل هجي يا وعظ يا نصيحت يا بهار جي تعريف يا زماني جي شڪايت وغيره جا مضمون ڏاڍي ڌام ڌوم سان بيان ڪيل هجن، جن مان شاعر جي طبيعت جو زور معلوم ٿئي. (1)

هنن بيان ڪيل قصيدي جي تشريحن مان ٻه ڳالهيون خاص نمايان نظر اچن ٿيون، هڪ ته قصيدو مدحيه شاعري جو قسم آهي جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي تعريف ڪيل هوندي ۽ شاعري جو مقصد انهيءَ مدح ڪرڻ مان ڪو انعام يا فائدو حاصل ڪرڻ هوندو آهي، عرب جيڪي مدح ۽ تعريف وارا قصيدا چوندا هئا، انهن قصيدن جي چوڻ جو خاص طريقو هوندو هو، هو قصيدي جي تمهيد يا شروعات عشقيه شعرن سان ڪندا هئا جن کي تشبيب يا نسيب سڏيو ويندو هو. ان کانپوءِ  هو اهڙي نموني پنهنجي ممدوح جو ذڪر ڪندا هئا ڄڻ اهو خود بخود اچي ويو آهي. ان کي اصطلاح ۾ تخلص يا گريز چوندا هئا. ان کانپوءِ مدح شروع ٿيندي هئي. آخر ۾ شاعر دعا تي قصيدي کي ختم ڪندو هو.

قصيدو جڏهن عرب مان هلي ايران پهتو ته فارسي شاعري به عربن جي هوبهو تقليد ڪئي ۽ تشبيب يا نسيب، تخلص يا گريز، مدح ۽ مقطع يعني خاتمي کي قصيدي جا اهم حصا سمجهيو.

تشبيب بابت چيو ويو آهي ته اهو قصيدي جو اهو حصو آهي جنهن ۾  شاعر عشق ۽ محبت جو بيان ڪندا آهن. مثلاً عرب جي شاعرن مان”ڪثير“، ”قيس ذريح“ ۽ ”مجنون بني عامر“ جي شعرن کي ڏسبو ته اهي عشق ۽ محبت جي وارداتن سان ڀريل آهن؛ انهن ۾ جدائي جي مجبوري جو ذڪر محبوب جي اقامت گاه ۽ منزل جي منظر نگاري ۽ جانب جي جمال جو بيان آهي. رشيد وطواط پنهنجي ڪتاب ”حدائق السحر في دقائق الشعر“ ۾  تشبيب جو بيان ڪندي چوي ٿو، ”او گفتن باشد اين را تشبيب و ”غزل“ نيز خوانند اما مشهور مستعمل آن است که درميان مردم صفت هرچه کنند در اول شعر هر حالي را که شرح دهند الا مدح ممدوح را ” تشبيب خوانند“.(1)

يعني تشبيب محبوب جي حال ۽ ان جي عشق ۾ پنهنجي حال بيان ڪرڻ کي ڪوٺيو ويندو آهي ۽ ان جي نسيب يا غزل پڻ سڏيو ويندو آهي پر مستعمل ائين آهي ته ممدوح جي مدح ۾ جيڪي پهريان شعر چيا ويندا آهن ان کي پڻ تشبيب چيو ويندو آهي.

رشيد وطواط جي بيان مان صاف ظاهر آهي ته غزل ڪا ٻي شيءِ ڪا نه آهي پر قصيدي جو اهو پهريون حصو آهي، جنهن ۾ عشق ۽ محبت جي مختلف ڪيفيتن جو بيان هوندو آهي ۽ جنهن کي تشبيب ڪوٺيو ويندو آهي. وقت گذرڻ سان قصيدي جي تشبيب يا ابتدائي حصي ۾ تبديلي اچڻ لڳي. خاص طرح جڏهن قصيدو عرب کان ايران ۾ آيو ته تشبيب جي صورت ۾ بتدريج ڦيرو ايندو ويو.(1)

 

عربستان  ۾ شاعر جڏهن قصيدو چوڻ شروع ڪندو هو ته تشبيب ۾ رسمي طور عشق جون ارڏايون بيان ڪندو هو يا پنهنجي زندگيءَ جي انهن واقعن کي بيان ڪندو هو جيڪي مٿس ٿي گذريا هئا. واريءَ جي انهن دڙن جي ويجهو ويهي ڳوڙها ڳاڙيندو هو، جتي هن جي محبوب جي قبيلي منزل ڪئي هئي، جنهن جا باقي بچيل نشان عاشق کي سندس محبوب جي ياد ڏياريندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڪن قدرتي منظرن کي به بيان ڪندو هو، جن ۾ کجين جي وڻن ۽ پاڻيءَ جي  چشمن کان اڳتي  وکه نه وڌائيندو هو. شروع ۾ نه صرف قصيدي بلڪ عربن جي سموري شاعري ۾ بدوي زندگيءَ جي عڪاسي هئي، قصيدو جڏهن ايران آيو ته ان وقت ايران وارن جي زندگي بدون ۽  عربن  جي زندگيءَ کان مختلف هئي. ايران ۾ قدم قدم تي باغ ۽ بستان، گل ۽ گلزار هئا، هر طرف رنگينيون ۽ بهار هو. ملڪ جي تهذيب ۽ تمدن نهايت قديم هو، ماڻهن کي پنهنجا قديم داستان ۽  روماني قصا ورد، زبان هئا، فلسفي ۽ حڪمت جو ذڪر گهر گهر ۾ هو. ان ڪري ايران وارن تشبيب جي مضمونن ۾ وڌيڪ ڪشادگي پيدا ڪئي، نه صرف ايترو بلڪه تشبيب کي قصيدي کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ ان کي غزل ڪوٺڻ لڳا. عربن جي قصيدن جو تشبيب ايران جو غزل ٿي پيو. ايران جي شاعرن فڪر ۽ فن جي خيال کان غزل کي بلندي بخشي ۽ هنن هن نئين صنف کي زمين تان کڻي آسمان تي پهچايو. ايتري قدر جو فارسي غزل جي سرهاڻ هڪ طرف ترڪي ۽ ٻئي طرف سنڌ ۽ هند کي واسي ڇڏيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چوي ٿو ”فارسي شاعريءَ ۾ عشق ۽ حسن واري روماني ماحول کي خاص طرح چمڪايو ويو“.(2)


(1) ڊاڪٽر عبدالواحد خان ”خليل“ : ”اردو غزل کي پچاس سال“، مکتبہ کليان بثيرت گنج لکنو، 1961ع، ص 17-18.

(2)  فيروز آبادي- ”القاموس المحيط“ 47 ڇاپو مصطفيٰ بابي مصر.

(3)  غياث الدين  مولوي، مطبع منشي نو لڪشور، ڪانپور، 1880ع ص 310.

(4)  آنند راج ”فرهنگ آنند راج“، مطبع منشي نولڪ شور ڪانپور.

(1)  الطاف حسين حالي خواجه: ”مقدمه شعر و شاعري“، ڪتبخانه علم و ادب ڪراچي 1965ع، ص 199.

(2)  يوسف حسين خان ڊاڪٽر: ”اردو غزل“، اعظم اسٽيم پريس، حيدرآباد دکن، ص 175.

(3)  عبادت بريلوي ڊاڪٽر: ”غزل اور مطالعه غزل“، انجمن ترقي اردو (پاڪستان)، 1955ع، ص

(4) شبلي نعماني: ”شعر العجم“ جلد پنجون، ڇاپو ٽيون، مطبع معارف اعظم ڳڙه، 1942ع، ص34.

(1)  ”دي پوئٽري رويو“ (جنرل ايڊيٽر) جنوري-فيبروري 1922ع، شايع ڪندڙ پوئٽري سوسائٽي لنڊن ص 21.

(1)  عابد علي عابد سيد پروفيسر: ”اصول انتقاد ادبيات“ مجلس ترقي ادب لاهور، 1966ع، ص 260

(1)  محمد ابراهيم شيخ ”خليل“ ”رهنمائي شاعري“ ڀاڱو ٽيون، مسلم ادبي پر”نٽنگ پريس حيدرآباد، 1948ع، ص 144.

(1)  رشيد وطواط، ”حدائق السحر في دقائق الشعر“، مطبوعه طهران، ص 85.

(1)  عمر بن محمد دائود پوٽه: انفلوئنس آف عرئبڪ اپان پرشن لٽريچر، ص

(2)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر “سڀ رنگ“، مهراڻ آرٽ ڪائونسل، حيدرآباد، 1968ع، ص 11.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org