24 ڊسمبر:
ڏينهن واري گاڏي ۾ لاڙڪاڻي ويس جتي سنڌ جي شاعرن جي پهرين
ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي ۽ مون کي ان جو پريزيڊنٽ
مقرر ڪيو ويو هو. منوچهر بيگ ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو
اسٽيشن تي حاضر هئا جن گلن جا هار وڌا ۽ پروسيشن ۾
شهر وٺي ويا ۽ منزل تي پهتاسون. شام جو سڀ ماڻهو
ملاقات لاءِ آيا.
25 ڊسمبر:
ڪانفرنس شروع ٿي راڳ ۽ رپورٽون پڙهيون ويون ۽ مان مختصر جواب
ڏنو. شام جو سبجڪيٽ ڪميٽي هئي آءُ نه ويس مون کي
ڪار گذاري کان واقف ڪيو ويو.
26 ڊسمبر:
شروع ۾ منهنجي تقرير ٿي شعر جي شرافت ۽ شان بابت پوءِ طرح وار
غزل پڙهيا ويا، ڏينهن جو کاڌو مدرسي ۾ سڀني ملي
کاڌو، شام جو سڀني جي تصوير ڪڍي وئي، رات جو سرائي
غلام محمد اسراڻ جي طرفان دعوت هئي.
(3)
پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي يا شعر
موڪليو هو انهن مان ڪن جا نالا هي آهن:
مرزا قليچ بيگ، محمد هاشم مخلص، حاجي محمد صديق ’صديق‘ (پرنسپال
ٽريننگ ڪاليج) ميان علي محمد ’قادري‘، مرزا منوچهر
بيگ، ميان غلام سرور ’فقير‘، نواز علي جعفري
’نياز‘، محمد بخش ’واصف‘، مخدوم محمد دائود
’خادم‘، ديوان سوڀراج ’فاني‘، مولوي محمد عاقل
’عاقل‘، آخوند عبدالقادر ’بيدل‘، جمع خان ’غريب‘،
حافظ محمد ’احسن‘، ميان غلام عباس ’جوش‘، حڪيم لعل
چند ’مجروح‘، عبدالقادر ’وارثي‘، ماستر هوتچند
’هوت‘، حافظ عبدالله ’حافظ‘، هدايت علي نجفي،
ماستر الهڏنو خان ’قاسمي‘ ماستر راز قڏنو ’سائل‘
رئيس نجم الدين، حاجي محمود ’خادم‘، ماستر علي
حيدر ’حيدري‘، ماستر محمد صديق ’وفا‘، ماستر فيض
محمد ’فيض‘، ڊاڪٽر عبدالمجيد صدقي، مير مقبول خان،
امير الدين ’همدم‘.
مشاعره جي مصرح طرح هئي:
ستارو قسمت جو اوهان جي مهرباني آ
(انتخاب مشاعره
(1)
مرزا قليچ بيگ
مروت ۽ وفا اڳ هئي هينئر ان جو رهيو نالو
مروت ڪيميا آهي، وفا سيمرغ ثاني آه.
پيل هس خاڪ ۾ چاڙهي مون کي نئين عرش اعليٰ تي
ستارو منهنجي قسمت جو اوهان جي مهرباني آه.
ميان علي محمد ’قادري‘:
نه تنهنجو اي شام خوبان هي گلزارِ جواني آ
ايهو ظاهر ٿيل تقدير جو نقشِ نهاني آ.
اچي رشڪِ قمر گهر ڪر دلِ سرطان ۾ پنهنجو
ستارو منهنجي قسمت جوو اوهان جي مهرباني آ.
ميان غلام سرور ’فقير‘:
سنڀالي کڻ قدم دلبر جو چوري جڳ ته آهي پر
هزار اک سان تنهنجي سر تي فلڪ جي پاسباني آ.
خدا ڀي ٿو ٿئي ڳولا سان حاصل پر حسينن مان
وفا حاصل نه ٿي ٿئي هن ۾ ڇا رازِ نهاني آ.
مرزا منوچهر بيگ:
هميشہ حسن جي بازار ۾ ٿئي عشق سوداگر
نياز ۽ ناز، سوز ۽ ساز سودي جي نشاني آ.
ڪيو مون عشق جو سودو ۽ ورتم حسن جو دامن
نه ڄاتم عشق توڙي حسن آفت آسماني آ.
ميمڻ محمد صديق ’صديق‘:
ٻڏي ٿي قوم جي ٻيڙي کپي اڄ نوح ڪشتيبان
نه آهي اج اهو سامان نه دولت شادماني آ.
سخاوت علم دانش سڀ لڏي مشرق ويا مغرب
وسايائون ته يورپ کي منجهس اڄ آشياني آ.
نواز علي جعفريٰ
وئي جا سينڌ کان نانگن ڏنگي يا دام ۾ ڦاٿي
ڏسو ديواني دل ٿي راه ڪهڙي کان رواني آ.
اچي ٿو شمس رو گلفام شايد قبر بلبل تي
ٿي آهي شمع گل ۽ ڪئي صبا جو گل فشاني آ.
محمد بخش ’واصف‘:
نظر ۾ ڪينڪي آيس ڏسي گهر خالي وئين موٽي
زياده هن ڪنان ٻي ڪهڙي وصفِ تانواني آ.
وڪاڻو هو وڃي بازار ۾، هن وٽ سوين وڪيل
چوان ڪهڙي طرح پو يار کي يوسف جو ثاني آ.
مولوي محمد عاقل ’عاقل‘:
ڪڪر وسندڙ ۽ منهنجي قلم ۾ بس فرق هي آهي
هتي پاڻيءَ جي بارش آ، هتي گوهر فشاني آ.
سندم دلبر جو رتبو شان ۾ ايڏو مٿي آهي
جو افلاڪن جا نو ڏاڪا انهيءَ جي فردباني آ.
آخوند عبدالقادر ’بيدل‘:
سندءِ مٽ سونهه ۾ ساجن جڙيل ناهي جهانن ۾
اوهين اول آهيو يوسف سندءِ هر گز نه ثاني آ.
مقيد زلف جي ڦاهي کي ناهي مماتي جو
ڪٺل شمشيرِ ابرو کي حياتي جادواني آ.
ديوان سوڀراج ’فاني‘:
ٿيو مخلوق ۾ اشرف عجائب پتلو خاڪي هي
جو ان جي دل جي حاطي ۾ ڳرو ڳجهه آستاني آ.
هٿن مان ٿا وڃن نڪتل امولڪ وجهه حياتيءَ جا
اجل جو ڌڪ لڳي سڀ کي ڇا پيري ڇا جوانيءَ آ.
هدايت علي نجفي:
اسان سي رند ساغر نوش آهيون مست متوالا
جو صبح و شام جو شغلِ شرابِ ارغواني آ.
شرابِ عشق جو پيتم ته ٻيو سڀ ڪجهه ويو وسري
نه ذوقِ عشق عشرت آ نه شوقِ ڪامراني آ.
حاجي محمود ’خادم‘:
رنم جو سلڪِ دندان جي تصور ۾ چيو ماڻهن
ته هر هڪ ڳوڙهو عاشق جو عجب درِ يماني آ.
عزيزن اڄ چوايو عشق ڇڏ بدماني آ ان ۾
چوايم تن کي بدنامي ۾ ٿي لذت جواني آ.
ميان غلام عباس ’جوش‘ قادري:
گهلي طرفان حبيبن جي صبا، ان ٿي مئل جيئري
هوا ڄڻ ڪوءِ جانان جي ته آبِ زندگاني آ.
زمانو آ گذر اي جوش ڏس کولي اکيون هر سو
ڪٿي خسرو ڪٿي ڪائوس ڪٿ تخت ڪياني آ.
حافظ محمد ’احسن‘:
تون جاڳيو رات ڪٿ آهين، ٻڌو بهتان مون ناهي
اها دلبر اکين تنهنجي منجهان ظاهر نشاني آ.
دوناليون ديد جون، تيرِ مڙه ۽ خنجرِ ابرو
دلين جي ملڪ تي گويا، چڙهيو اڄ ڪو ڪماني آ.
ٻي سنڌ ادبي ڪانفرنس حيدرآباد
سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم پکيڙڻ ۽ تعليمي مسئلن تي غور ۽ ويچار
ڪرڻ لاءِ نور محمد شيخ وڪيل جي ڪوششن سان آل سنڌ
محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ منعقد
ٿي جنهن جي صدرت سر ابراهيم رحمت الله بمبئي واري
ڪئي. ان ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين
سيد ڪامل شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري نور محمد پاڻ هو،
ڪانفرنس ۾ صاحبزاده، آفتاب احمد خان علي ڳڙهه وارو
مولوي حبيب الرحمان صاحب شرواني ۽ هندستان جا ٻيا
وڏا ليڊر اچي شريڪ ٿيا هئا.
ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جو بزم مشاعرو وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو
۽ سنڌ ۾ شاعريءَ جو شوق وڌي ويو هو. ميان علي محمد
قادري، ميان غلام سرور فقير جن سان نور محمد شيخ
جاگهرا تعلقات هئا. انهن ۽ حاجي محمود خادم جي
ڪوشش سان بزم مشاعره لاڙڪاڻو کي وقت جي قلت جي
باوجود ڪانفرنس ۾ مشاعري لاءِ شام واري نشست حوالي
ڪئي ويئي.
بزم مشاعره جي بانين ٿوري وقت هئڻ جي باوجود پنهنجي مشاعره نشست
کي ڪامياب بنائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي جنهن ڪري
حيدرآباد ۽ باقي سنڌ جا ڪيترا شاعر هن ادبي ڪانفنس
۾ اچي شريڪ ٿيا جن مان ڪن جا هي نالا آهن:
ميان علي محمد قادري- صدر بزم مشاعره لاڙڪاڻو، ميان غلام سرور
’فقير‘، نواز علي جعفري ’نياز‘، حاجي محمود
’خادم‘، جمع خان ’غريب‘، سيد محمد تقي شاهه
’حنفي‘، حافظ محمد ’احسن‘، عطا محمد ’عطا‘، قادر
بخش’حقير‘ (بشير)، مرزا منوچهر بيگ، مرزا همايون
بيگ، مرزا مدد علي ’مدد‘، مرزا ’احسن‘ ڪربلائي،
قاضي علي احمد، ’حافظ‘ حيات شاهه، محمد هاشم
’مخلص‘، محمد بخش ’واصف‘ وغيره.
هن ادبي ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين مرزا قليچ بيگ
۽ جنرل سيڪريٽري حاجي محمود خادم هو. ادبي ڪانفرنس
جي صدارت مير ايوب بيرسٽر ڪراچيءَ واري ڪئي هئي.
مرزا قليچ بيگ جي پنهنجي ڊائري ۾ ڪانفرنس بابت هي احوال ملي ٿو.
16 ڊسمبر (1924ع): مسلمانن جي ڪانفرنس هومسٽيڊ هال
۾ شروع ٿئي. سر رحمت الله پريزيڊنٽ هو. ٻه ڏينهن
ڪانفرنس چالو رهي. مشاعرو رات جي وقت ٿيو. اردو ۽
سنڌي گهڻا شاعر حاضر رهيا، جن پنهنجا غزل پڙهيا.
مان ۽ منوچهر بيگ به غزل پڙهيو ۽ همايون پڻ
(1).
مشاعري ۾ طرحي غزل کانسواءِ غير طرحي نظم وغيره به پڙهيا ويا جن
مان ميان غلام سرور ’فقير‘ جو نظم ”نالئه دل“ جنهن
۾ مسلمانن جي حالت جو نقشو چٽيل هو نهايت پسند ڪيو
ويو هو. وقت ٿوري هئڻ سبب ڪانفرنس ۾ ٺهراءَ اچي نه
سگهيا. اردو دان حضرات ۽ هندستان جي ليڊرن جڏهن
شعر ٻڌا (جو پهريون دفعو هو) تڏهن بي اختيار داد
ٿي ڏنائون ۽ نهايت محفوظ ٿي ٿيا خاص ابراهيم رحمت
الله گهڻي تعريف ٿي ڪئي ۽ چيائين ته منهنجي زبان
ڪڇي آهي جا سنڌيءَ جي ڀيٿ آهي، انهيءَ ڪري سنڌي
شعر ٻڌي مون کي بيحد لطف آيو.“
(2)
مشاعره جيتوڻيڪ تعليمي ڪانفرنس جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو هو پر
مشاعره لاءِ ڏنل طرح عشقي هئي.
’چشمِ موسيٰ کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي‘
انتخاب مشاعره
(1)
مرزا قليچ بيگ:
حسن سان پنهنجي ٿو ماري ۽ جيئاري خلق کي
ٻاري ۽ ٺاري به، جا پر لوهه جي لوهار جي.
مهربان ڪڏهين سڏي پاڻ ئي، ڪڏهن لوڌي ڪڍي
درد ۽ درمان ٻئي ٿي دلبري دلدار جي.
(2)
محمد بخش ’واصف‘:
داغ محرومي جو هڪ تو کي رسيو دل ناهي پر
چشمِ موسيٰ کي به حسرت رهجي وئي دلدار جي.
’واصفا‘ بس آهه هي جوهر زبان جو ناهه گهر
تير جي، نيزي جي، خنجر جي، تکي تلوار جي.(3)
محمد تقي شاهه ’حنفي‘:
ڪر نه ڪنهن کي ڪنهه ذاتي مخزن اسرار جي
۽ نه آهي بحرِ وحدت ساحل و پاتار جي.
رب اِرني لن تراني گفتگو هئي طور تي
چشمِ موسيٰ کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي(4)
ميان غلام سرور ’فقير‘:
مان ڪيان اظهار دردِ عشق پر هي خوف آ
ٿي متان تڪليف نازڪ طبع تي هن يار جي.
ڪاش هو رشڪِ قمر ٻاهر نه نڪري رات جو
جو هزار اک سان ڏسي صورت فلڪ دلدار جي.
(1)
حاجي محمود ’خادم‘:
دردِ دل کي پنهنجي سيني ۾ گهڻو ئي مان رکان
چپ رهڻ ليڪن روشن ناهي ڪنهين غم خوار جي.
اڄ اسان جو حال ڪهڙو آهه حسرت سان ڏسو
ڪيئن ته ٿي وئي آهه اُمتِ احمد مختار جي.
نواز علي جعفري ’نياز‘:
گل پلئه پائي وڃي چئه يار جي بادِ صبا
سار لهه جلدي مسيحا برهه جي بيمار جي.
ڪالهه دل چورائي دلبي ساڻ مرڪي دلربا
چال چوريءَ جي عجب هئي منهنجي دلبر يار جي.(2)
محمد هاشم ’مخلص‘:
بات سڀ بيڪار بلڪل گل جي ۽ گلزار جي
ڪا نه ڪا وائي وٺي ٿي يار جي رخسار جي.
خال خط جي خرخسي ۾ ڇو ڪجي ضايع دماغ
ڪا محبت ڪا نه رکجي مشڪ جي، تاتار جي.
غلام عباس ’جوش‘:
زلف جي ڪاري بلا سان ڪيئن اڙايو مون کي تو
اي چري دل مار تو کي شل پوي ڪنهن مارجي.
وات منهنجو ڇو نه شيرين شهد کان زياده ٿئي
ذڪر لب تي، گفتگو آهي زبان تي يار جي.
مرزا مدد علي:
ديد دلبر ري دوا نا عشق جي آزار جي
ڪيئن سري گل کانسواءِ چئو بلبلِ بيمار جي.
چشمِ ميگون جو نشو زاهد جي سر اهڙيو چڙهيو
پئي خبر ٿي ڪا نه هن کي سر جي ۽ دستار جي.(1)
لالچند مجروح:
ڪل ڪنهن کي ڪا نه آهي عشق جي اسرار جي
ڪو پڇي منصور کان سڌ بره جي بيدار جي.
سر اڏايو شہ عنايت بي ڌڙڪ نيزي مٿي
هي نشاني ڄاڻ عاشق نيہ جي نروار جي.
(2)
ٽين سنڌي ادبي ڪانفرنس
شڪارپور
ٽين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس (سنڌ ساهت سميلن) 16 اپريل 1932ع ۾
شڪارپور ۾ ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس جي استقباليه
ڪميٽيءَ جو چيئرمين مرزا غلام مصطفيٰ (رٽايرڊ ڊپٽي
ڪليڪٽر) ۽ سيڪريٽري آغا غلام نبي صوفي هئا.
ڪانفرنس جي صدارت ڄيمل پر سرام گلراجاڻي ڪئي. ان ۾ جيڪي مکيه
ٺهراءَ پاس ڪيا ويا هئا تن مان هڪ ٺهراءُ هو ته
بلوچستان ۾ سنڌي اسڪول کوليا وڃن.
هن ڪانفرنس ۾ مختلف ضلعن ۽ شڪارپور جا ڪيترا اديب ۽ شاعر شريڪ
ٿيا هئا. لاڙڪاڻي مان ميان غلام عباس ’جوش‘، جان
محمد صوفي ’گلشن‘، ڪشنچند بيوس، پروفيسر رام
پنجواڻي، يار محمد صديقي ’مشتاق‘، واحد بخش عاشق،
عبدالوهاب ناظم ۽ حاجي محمود شريڪ ٿيا هئا.
مشاعره لاءِ مصرع طرح هئي:
تنهنجو عارض مہِ تابان، تنهنجو رخ نير انور،
انتخاب مشاعره
(1)
ميان علي محمد قادري:
لکيل منقار بلبل جي سان آهي هر ورق گل تي
جگر جي خون سان منهنجو سمورو درد جو دفتر.
ڦرين حيران پريشان ڇو ٿو تون محبوب پنهنجي لئه
اکيون دل جون پٽي ڏس تون ته تنهنجي دل ۾ آ دلبر.
(2)
حاجي محمود ’خادم‘:
شهيدِ غم نه آهيان مان، شهيدِ ڪامران آهيان
جو منهنجو لاش دفنايو انهيءَ آ پنهنجي گهر اندر.
ڏسي محمود کي مخدوم ماڻهن کي چيو هن پر
نه خادم آ ڪنهين ٻئي جو فقط هو منهنجو آ نوڪر
(3)
مرزا قليچ بيگ:
نزاڪت، حسن، رنگ ۽ بوءِ لذت ۾ ٿا شرمائين
بدن گل، وار مشڪ ۽ چهرو چنڊ قدسرو چپ شڪر.
تنهنجي شڪر ۽ شاباس ۽ تعريف کان آهي
زبان عاجز، عقل چرخ ۽ سخن قاصر، قلم مضطر.
(4)
ميان غلام عباس ’جوش‘:
ڏنا ڪنهن دوست آهن چار مصرع طرح جاخوشتر
انهن مان هي به هڪ آهي ڪيان جيڪو مان ٿو اظهر.
تنهنجو عارض مہِ تابان تنهنجو رخ نيرِ انور
ڏني نير کي انور سان ڀلا تشبيہ ڪيئن شاعره
چوٿين سنڌ ادبي (ساهت) ڪانفرنس
(ڪراچي)
چوٿين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس سنڌي ساهت سڀا جي سهاري هيٺ 28- 29 ۽
30 مارچ 1941ع تي ڪراچي ۾ شيوا ڪنج ۽ سرنا گئي هال
۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس جو صدر ڪشنچند بيوس ۽
استقاليه ڪميٽي جو چيئرمين ڄيٺمل ۽ سيڪريٽري هري
درياني دلگير هو. هن ڪانفرنس ۾ صدر کي سرگس ڪڍي
شهر ۾ گهمايو ويو جنهن ۾ ماڻهو گهڻي تعداد ۾ شريڪ
ٿيا.
انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو سنڌ جي تعليم جو ڊائريڪٽر مقرر
ٿي آيو هو جنهن لفظن جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ
اعرابن تي زور ڏنو هو، ان ڳالهه تي هندن ۽ مسلمانن
جي وچ ۾ وڏو اختلاف ٿي پيو هو. هندن ان کي ائين ٿي
سمجهيو ته سنڌي ٻوليءَ کي عربي ٻولي ٿو بنايو وڃي
۽ مسلمانن جو چوڻ هو ته اهڙيءَ ريت لفظن جا اُچار
صاف ۽ لفظن جي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي ٿيندي. ان
جهڳڙي ڪري تقريرن لاءِ موضوع سنڌي صورتخطي مقرر
ڪيل هو.
28 تاريخ صدر جي چونڊ ٿي ۽ ڪشنچند بيوس پنهنجي تقرير پڙهي جا
ڇاپيل ڪاپين جي صورت ۾ ورهائي وئي. هن پنهنجي
تقرير ۾ چيو، شايد ونجوڳ مان ئي واڌارو ٿو ٿئي. سو
تازي اعرابن ۽ ماترائن تي پيدا ڪيل مت ڀيد سبب ئي
سنڌ جي شهرن ۾ ساهت سڀائون جاري ٿيون آهن.
(1)
ان کانپوءِ سنڌ جي وزير مسٽر نهچلداس وزيراڻي
ڪتابن جي نماش جو افتتاح ڪيو. نمائش ۾ شاهه جي
رسالي جي آکاڻين تي بنايل تصويرون پڻ رکيل هيون.
ٻئي ڏينهن صبح جو بي- اي جي ڪلاسن ۾ سنڌي شروع ڪرڻ بابت تقريرون
ٿيون ۽ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
رات جو مشاعره ٿيو. مصرع طرح هئي:
’مورتي تنهنجي کي هن مندر ۾ استاپن ڪندس‘
ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي يا پنهنجا شعر موڪليا تن
مان ڪن جا نالا هي آهن:
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، هري دلگير،
نارائڻ شيام، غلام احمد نظامي، قادر بخش حقير
(بشير)، واحد بخش ’عاشق‘، لعل چند مجروح، ڄاڃي مل
طائر، رام پنجواڻي، هوندراج دکايل، هاسانند
جادوگر، بولچند راجپال، ڀوڄراج ناگراڻي، ڀاڳچند،
هربخش، ديارام سڀاڻي، آسانند مامتورا.
ٽئين ڏينهن ويهين تاريخ ڪي ٺهراءَ ڪيا ويا جن مان هڪڙو اعرابن
بنسبت هو ۽ ٻيو هندي لپيءَ جي چالو ڪرڻ بابت.
(1)
|