چوڏهين سنڌ ادبي ڪانفرنس
(ڪراچي)
چوڏهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، بزم نظامي جي انتظام ۽ جمعيت
الشعراءِ سنڌ جي نگرانيءَ هيٺ ڏهين ۽ يارهين اپريل
1954ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول جي ميدان
۾ ڪوٺائي وئي.
هن ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جي وزيراعظم پيرزاده عبدالستار ڪيو.
مختلف نشستن جي صدارت پير علي محمد راشدي، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، محمد هاشم گذدر ۽ مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ ڪئي.
ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائود پوٽو ۽ سيڪريٽري اياز حسين قادري اياز، هو.
ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ بزم نظامي جي صدر
محمد جمن هالي ۽ سيڪريٽري حبيب الله فڪريءَ وڏي
محنت ڪئي.
هيءَ ڪانفرنس نهايت ڪاميابي ڪانفرنس هئي ڇاڪاڻ ته ان ۾ هڪ طرف
سنڌ جي مکيه سياستدانن ۽ ٻئي طرف سنڌ جي گهڻن
اديبن ۽ شاعرن بهرو ورتو هو ۽ سنڌي زبان جي بقاءَ
۽ بهبودي لاءِ اهم تجويزون سوچيون ويون هيون.
نواءِ سنڌ (روزانه) هن ڪانفرنس لاءِ لکيو هو، هيءَ
عظيم الشان ڪانفرنس ڪراچيءَ جي شهر اندر اهڙي ته
پرشڪوه ۽ جاه و جلال سان شروع ٿي آهي جنهن جهڙو
مثال اڳ ۾ ڪانفرنس جي تاريخ ۾ ڪو ورلي ملندو
(1)
شيخ عبدالحليم جوش، ڪانفرنس جو جائزو هنن لفظن ۾
بيان ڪيو، ڪانفرنس جي ڪاميابي کان متاثر ٿي هن چوڻ
تي مجبور آهيان ته 10 ۽ 11، اپريل جا ڏينهن ماضيءَ
جي عظمت ڪده کي هميشہ روشن رکندا.
(2)
ڪانفرنس جي پهرين نشست 10 اپريل شام جو ساڍي ستين بجي شروع ٿي.
محمد خان سارنگ ۽ سندس پارٽي ترانو پيش ڪيو.
اي قوم منتشر ڇو تنهنجو نظام آهي
محفل ۾ ڇو نه اڳيون اڄ اهمتام آهي.
جنهن کانپوءِ سنڌ جي وزيراعليٰ عبدالستار پيرزاده پنهنجي تقرير
سان ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. هن پنهنجي تقرير ۾
سنڌي زبان ۽ ادب جي تاريخ بيان ڪندي وڏي وزير جي
حيثيت ۾ وعدو ڪيو ته سنڌي زبان جي واڌاري لاءِ اهو
ڪي ڪندو جو ممڪن هوندو. جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر دائود
پوٽي چيئرمين استقباليه ڪميٽيءَ پنهنجو خطبو
پڙهيو. جنهن ۾ مختلف ٻولين جو جائزو وٺي سنڌيءَ جي
قدامت ۽ وسعت جو بيان ڪندي هن چيو ته سنڌيءَ کي
سنڌ جي دفتري زبان بنايو وڃي، سنڌ اسيمبليءَ جو
تحرير ۽ تقرير سنڌيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي. ۽ مهاجرن جي
ٻارن کي سنڌيءَ ۾ پڻ تعليم ڏني وڃي. ڊاڪٽر صاحب جي
تقرير کانپوءِ هن نشست جي صدر وزير زراعت پير علي
محمد راشدي پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي جنهن ۾ هن
سنڌي زبان جنهن نازڪ دور مان گذري رهي هئي. تنهن
جو ذڪر ڪندي سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي مشورو ڏنو ته
خدا جي واسطي نقالي ۽ تقليد ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي
ٻوليءَ مان ڌارين غير ٻولين جي الفاظن کي تڙي ڪڍو
(1)
رات جو نوين بجي سنڌي راڳ جي محفل ٿي. جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن
موسيقارن حصو ورتو.
تاريخ 11 آچر ڏينهن ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن جي نشست صبح جو نائين
بجي شروع ٿي.هن نشست جي صدارت وزير سنڌ قاضي محمد
اڪبر کي ڪرڻي هئي پر ڪنهن ضروري ڪم سبب هن کي
حيدرآباد وڃڻو پيو تنهن ڪري ان نشست جي صدارت شيخ
عبدالمجيد سنڌي ڪئي. پهريائين سيڪريٽري استقباليه
ڪميٽيءَ- اياز حسين قادريءَ- قاضي محمد اڪبر جو
ڪانفرنس لاءِ لکيل صدارتي خطبو پڙهي ٻڌايو. جنهن
کانپوءِ مختلف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.مکيه ٺهراءَ هئا
ته سنڌي زبان کي پاڪستان جي هڪ قومي زبان تسليم
ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ انگريزيءَ بجاءِ
سنڌي زبان ۾ فائيل دفتر رکيو وڃي.
(2)
ٻي نشست شام جو ٽين بجي الحاج محمد هاشم گذدر جي صدارت ۾ ٿي
جنهن ۾ وڌيڪ ٺهراءَ بحال ڪيا ۽ مقالا پڙهيا ويا.
ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل
محمد اسماعيل عرساڻي
قالو خان اياز
ٽين نشست مشاعري جي نشست هئي جا رات جو نائين بجي مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ جي صدارت هيٺ شروع ٿي. شروع ۾
نظامي جي ٻالڪن جي ٻاريءَ ۾ حبيب الله فڪريءَ جو
مختصر نصيحت آموز ڊرامو ڪري ڏيکاريو جنهن کانپوءِ
طرحي مشاعرو شروع ٿيو. مشاعره ۾ اٽڪل سٺ ستر شاعر
حاضر هئا. سڀڪو نالو ڪڻن تي ڪڍيو ٿي ويو ۽ شاعر جو
تعارف شهر ۾ ڪرايو ٿي ويو جي شعر في البديهه رشيد
لاشاري بروقت جوڙي رهيو هو ۽ ڪانفرنس جو جنرل
سيڪريٽري اياز حسين قادري اهي شعر خاص لهجي ۾
انائونس ٿي ڪيا. انهيءَ ڪري هن نشست جو منٽ منٽ پر
لطف گذري رهيو هو.
(1)مخدوم
صاحب رت جو هڪ بجي صدارت جي ڪرسي ڊاڪٽر محمد
ابراهيم خليل جي سپرد ڪري هليو ويو. مشاعره رات جو
ٽين بجي ختم ٿيو.
مشاعره لاءِ مصرع طرح هئي:
’بهار آهه چمن کي نه سازگار اڃا‘
هن ڪانفرنس ۾ جن عالمن ۽ اديبن ۽ شاعرن شموليت ڪئي تن مان ڪن جا
نالا هي آهن: محمد اسماعيل عرساڻي، ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ، سيد علي الله شاهه، يار محمد ٽانوري،
عبدالعزيز قنڌاري، حاجي محمود خادم، محمد جمن
هالو، مرزا اجمل بيگ، احمد تيجاڻي، ڊاڪٽر
الهورايو، اياز قادري، آغا تاج محمد، مرزا اسد
بيگ، شفيع محمد اوج علوي، واحد بخش عاشق، اختر
رضوي، امير بخش قريشي امير، پير علي محمد اظهر،
محمد حسين آتش، پروانو ڀٽي، بلاول پرديسي، تنوير
عباسي، مظفر حسين جوش، سيد امير علي شاهه جامي،
شيخ عبدالحليم جوش، حڪيم ضياءُ الدين جتوئي،
چئنراءِ آهوجا، اوستو غلام حسين، قنمبر علي حيدري،
ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، پير محمد دائود دلپذير،
عبدالله خواب، سردار علي شاهه ذاڪر، رشيد احمد
لاشاري، محمد رمضان دل، الهه بخش عقيلي سرشار،
محمد حسن ساز، محمد خان سارنگ، سرور علي سرور،
عبدالسلام سليم، شمشير الحيدري، عبدالله شرر، محمد
يوسف شاڪر، شاهه محمد صوفي، مولوي محمد صادق
راڻيپوري، عبدالرحيم صابر، سيد عارف الموليٰ،
مخدوم محمد زمان الب الموليٰ حڪيم محمد صادق طالب،
محمد خان غني، مرزا همايون بيگ فائق، محمد عابد
ابڙو، سيد غلام حيدر شاهه ڪوثري ٺٽوي، حڪيم محمد
ڇتل فدا، آغا گل حسن گل، سيد لطف علي شاهه منظور،
لعل محمد بدوي، علي محمد مجروح، پير بخش منظور
همايوني، عبدالرحمان نسيم، مولوي نبي بخش زرداري،
نياز همايوني، محبوب هوسڙي وارو، حاجي عبدالله
واقف ٺارو شاهي.
ڪانفرنس جي سموري ڪارروائي بزم نظامي طرفان ’تحفئه ڪراچي‘ نالي
ڪتاب ۾ شايع ڪئي وئي.
انتخاب مشاعره (1)
شيخ عبدالحليم ’جوش‘:
زمانو آهي متان ٿي پوي رقيب اي دل
ڪجانءِ رازِ محبت نه آشڪار اڃا.
قفس جو خوف، نشيمن جو غم، خزان جو خيال
فضا چمن جي ڪٿي آهي سازگار اڃا.
ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘:
ڇٽي قفس مان جو آيس ته ڇا نظر آيو
ته برق آهه گلستان ۾ شعله بار اڃا.
ورق ورق ته کڻي گل جو آهي جاچو مون
نه ٿي سگهيو مگر اندازهِ بهار اڃا.
رشيد احمد لاشاري ’رشيد‘:
چمن تي غير جو قبضو ٿيو خزان آئي
طلب ڇو قيدِ قفس ۾ ڪجي بهار اڃا.
متان خزان نه هجي ڪا لڪل گلن ۾ جو
بهار آهه چمن کي نه سازگار اڃا.
الهه بخش عقيلي ’سرشار‘:
نه آهه نذر جي قابل، اي برق مهلت ڏي
جو آشيانه ۾ گهرجن ٿا ڪک ٻه چار اڃا.
هجوم داغ هجي دل ۾ جو ٿئي گلشن
بهار آهه چمن کي نه سازگار اڃا.
سيد لطف علي شاهه ’منظور‘ نقوي:
کلڻ ڪلين جو به آهي جنو تي بار اڃا
مزاج منهن جو نه سمجهي سگهيو بهار اڃا.
چمن ڇڏئي به ته عرصو ٿيو مگر همدم
اکين اڳيان ٿو ڦري منظور بهار اڃا.
علي محمد ’مجروح‘:
نظامِ شام و سحر آهي بيقرار اڃاز
حيات آهي اسان غمزدن تي بار اڃا.
کلان ٿو پاڻ تي مان پنهنجي بي ثباتيءَ تي
تبسم گل و لاله تي درڪنار اڃا.
حڪيم محمد صادق ’طالب‘:
خزان جو دست نظامِ چمن ۾ آ شايد
ڀري بهار ۾ آ شڪوهِ نظام بهار اڃا.
اڳي جا غير جي قبضي ۾ ٿي رهي هردم
اها ئي بلبل آ باز جو شڪار اڃا.
مرزا اسد بيگ ’اسد‘:
شهيد آهين ٿيو رنگ لائي رت جهڙو.
هي مشتهر ٿو ڪرين آهين بي مزار اڃا.
سهي سگهان ٿو نه غيرت کان غير جو خندو
لڳي ٿو منهنجو چوڻ تو کي ناگوار اڃا.
مظفر حسين ’جوش‘
گلن جي سيني ۾ پتو سته آهه خار اڃا
هي ڪهڙي حال ۾ آهي ڇڏيو بهار اڃا.
هي ڪنهن جي راهه ۾ روشن ٿيا گل و انجم
هي ڪنهن جو ديرو حرم کي ٿيو انتظار اڃا.
محمد حسين ’آتش‘ (ڪراچي):
نه غير ٿو سمجهين نه يار يار اڃا.
نه گل کي گل ٿي ٿو سمجهين نه خار خار اڃا.
نگاهِ لطف و ڪرم ٿي وئي سڀن تي هاءِ
مگر نه مون کي ڪيو آهي تو شمار اڃا.
پنڌرهين سنڌ ادبي ڪانفرنس
(لاڙڪاڻو)
پنڌرهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس تاريخ نائين ۽ ڏهين اپريل 1955ع
جناح باغ لاڙڪاڻو ۾ منعقد ٿي.
مختلف نشستن جي صدارت غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم
خليل، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ ڪئي.
ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين عبدالغفور ڀرڳڙي
(وڪيل) ۽ سيڪريٽري محمد علي جوهر هو. ڀرڳڙي صاحب
جي بيماريءَ سبب چيئرمين استقباليه ڪميٽيءَ جو فرض
محمد علي جوهر پورو ڪيو.
ڪانفرنس جي پهرين نشست نائين تاريخ شام جو پنجين بجي غلام محمد
گراميءَ جي صدارت هيٺ ٿي. محمد علي جوهر پنهنجو
استقباليه خطبو پڙهيو ۽ غلام محمد گرامي پنهنجي
صدارتي تقرير ڪئي. جنهن ۾ هن شعر و شاعري، سنڌي
زبان جي تحفظ ۽ واڌاري بابت خيالن جو اظهار ڪيو.
ان کانپوءِ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، مرزا قليچ
بيگ بابت پنهنجو مقالو پڙهيو. آخر ۾ سبجيڪٽ ڪميٽي
جي ميمبر جي نالن جو اعلان ڪيو ويو.
ڪانفرنس جي ٻي نشست رات جو اٺين بجي مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور
موسيقيءَ جي فنڪارن حصو ورتو.
تاريخ ڏهين اپريل صبح جو اٺين کان ڏهين بجي تائين سبجيڪٽ
ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي
صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ ويهه ٺهراءَ تجويز ڪيا ويا
(1)
جن مان هڪ ٺهراءُ هو ته هيءَ ڪانفرنس انهيءَ راءِ
جي آهي ته پاڪستان ۾ ڀارت جي اديبن ۽ شاعرن جي وچ
۾ خيرسگالي تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ هتان جو وفد ڀارت
جي دوري تي وڃي ۽ ڀارتي اديبن جو خيرسگالي وفد
پاڪستان ڏانهن اچي.
(2)
هن ڏينهن جي پهرين نشست صبح جو ڏهين بجي کان ڊاڪٽر محمد ابراهيم
خليل جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ سبجيڪٽ ڪميٽيءَ جي
طرفان تجويز ڪيل ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. جنهن
کانپوءِ جناب عبدالله عاقليءَ ۽ اظهر شاهه
گيلانيءَ ڀارت جي سنڌي شاعرن جو ڪلام پڙهي ٻڌايو ۽
ڪشنچند گرناڻي مقالو ۽ قربان علي نقشبندي پنهنجو
مقالو ’ڪاڇي جي ڪچهري‘ بابت پڙهيو.
ٻي نشست شام جو پنجين بجي کان ستين بجي تائين ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ مقالا ۽ تقريرون ڪيون
ويون.
1- مولوي عبدالڪريم چشتي
2- آغا تاج محمد
3- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ |
شعر (متعلق تقرير)
سنڌي شعر جي ترقي (مقالو
سنڌي لوڪ شاعري گڏ ڪرڻ |
(مقالو)
ٽين نشست شام جو اٺين بجي کان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي
صدارت هيٺ شروع ٿي. ڪانفرنس جي سلسلي ۾ هي پهريون
مشاعرو هو جو غير طرحي ٿيو تنهن ڪري شاعرن پنهنجو
بهترين ڪلام ٻڌايو ۽ ٻڌندڙن کان دل گهريو داد حاصل
ڪيو. مشاعري ۾ ڪل 112 شعر پڙهيا ويا.
(1)
رات جو يارهين بجي کانپوءِ مخدوم صاحب جي وڃڻ ڪري
آغا تاج محمد صدارت ڪئي. ڪانفرنس ۾ جن شاعرن ۾
اديبن شرڪت ڪئي تن مان ڪي هي هئا.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، انور عادل (ڪليڪٽر لاڙڪاڻو)، عبدالعليم
عقيلي (دفتردار لاڙڪاڻو)، آغا تاج محمد، مولوي
عبدالڪريم چشتي، سرشار عقيلي، محمد حسن ساز، محمد
جمن هالو، عبدالرحمان نسيم، علي محمد خالدي، امير
بخش قريشي امير، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، برگ
يوسفي، صادق دهلوي، عبدالله خواب، غلام محمد
گرامي، عبدالعزيز قنڌاري، راز بلڙائي، مظفر حسين
جوش، حقير، عطا محمد حامي، اظهر گيلاني، امير علي
شاهه جامي، منظور همايوني، نياز همايوني، آغا گل
حسن گل، بشير مورياڻي، قيس، غلام قادر، عبدالڪريم
گدائي، مجاهد، حافظ احسن، پير اظهر، آخوند شفيع
محمد، امام الدين ضامن، حاجي خان محمود خادم،
ميان غلام عباس جوش، اياز قادري، عبد عاقلي، نواز
علي نياز، سرور عاقلي، زيب عاقلي، عاشق واحد بخش،
حڪيم محمد ڇتل فدا، عبدالله اثر، مولوي نور الدين
نور، محمد علي جوهر، رئيس سوڀا خان، شاهه محمد
صوفي، جان محمد شائق، احمد خان آصف.
سورهين سنڌ ادبي ڪانفرنس
(لاڙڪاڻو)
سورهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري هيٺ
تاريخ نائين، ڏهين ۽ يارهين اپريل 1956ع تي جناح
باغ لاڙڪاڻي ۾ سڏائي وئي. مختلف نشستن جي صدارت
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
۽ مولوي غلام محمد گرامي ڪئي. ڪانفرنس جي
استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين علي گوهر کهڙو ۽
سيڪريٽري عبدالغفور ڀرڳڙي هو.
هيءَ ڪانفرنس اهڙي وقت ڪوٺائي وئي هئي جڏهن ون يونٽ ٿيڻ کانپوءِ
سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ جي وڃڻ کانپوءِ زبان جي وڃڻ
جو به خطرو هو ۽ ’سنڌ ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري زبان
بنايو جي تحريڪ‘ جوش سان هلي رهي هئي. تنهن ڪري
سڄي ڪانفرنس تي سنڌيت جو رنگ غالب رهيو. لاڙڪاڻي
جي اخبار الحقيقت لکي ٿي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌي
زبان جي بچاءُ ۽ واڌاري جي مسئلي تي سوچڻ لاءِ
شاعر، عالم، اديب، محقق ۽ سياستدان اچي ڪٺا ٿيا
هئا.
(1)
نائين اپريل 1956ع ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن صبح جو ڊاڪٽر محمد
ابراهيم خليل جي صدارت هيٺ جمعيت الشعراءِ سنڌ جو
ساليانو اجلاس ٿيو.
ڪانفرنس جي پهرين نشست شام جو پنجين بجي شروع ٿي جنهن جي صدارت
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪئي. علي گوهر کهڙي پنهنجي
استقباليه تقرير ۾ سنڌ جي ماڻهن جي جذبن جي
ترجماني ڪندي چيو، سنڌ کي سرڪاري زبان بنائڻ وارو
مطالبو اسان جو حق آهي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ پنهنجي صدارتي تقرير پڙهي جنهن ۾ هن اهو
ثابت ڪري ڏيکاريو ته هر ڪنهن خيال کان سنڌي
پاڪستان جي هڪ سرڪاري زبان بنجڻ لائق آهي.
ٻي نشست رات جو ساڍي اٺين بجي شروع ٿي پهريائين سبجيڪٽ ڪميٽيءَ
جي ميمبرن جو اعلان ڪيو ويو ان کانپوءِ مقالا
پڙهيا ويا، جي هن ريت هئا.
نصرت چنا
عثمان علي انصاري (تقرير)
بيگم عبدالله چنا
ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل
عبدالله چنا |
ٻارن جو ادب.
سنڌي ڳالهايو، سنڌي پڙهو، سنڌي لکو
عورتن ۽ تعليم.
فاضل شاهه جي شاعري.
سنڌ جون رانديون |
تاريخ ڏهين اپريل صبح جو ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي صدارت هيٺ
سبجيڪٽ ڪيمٽيءَ جو ميڙ ٿيو جنهن ۾ ٺهراءَ تجويز
ڪيا ويا.
شام جو پنجين بجي ڪانفرنس جي پهرين نشست ٿي جنهن ۾ اردو مشاعرو
ڪيو ويو.
رات جو ساڍي اٺين بجي ڪانفرنس جي ٽين نشست مشاعري جي نشست مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ جي صدارت هيٺ ٿي. سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان اسي کن شاعر آيل هئا. مشاعري ۾ هڪ
ڳالهه صاف ظاهر هئي ته شاعرن گهڻو ڪري پنهنجي شعرن
۾ سنڌ ۽ سنڌي زبان بابت مضمون ٻڌا هئا ۽ جن ماڻهن
سان غداري ڪئي هئي تن تي خوب ڇوه ڇنڊيا هئا. ٻڌندڙ
به سنڌ ۽ سنڌي زبان وارن شعرن تي دل کولي داد ڏئي
رهييا هئا. عشقي شاعر داد حاصل ڪري نه سگهيا.
(1)
تاريخ يارهين اپريل ڪانفرنس جي پهرين نشست صبح جو ٿي جنهن ۾
رهيل مقالا ۽ شعر پڙهيا ويا. عبد عاقليءَ ’مولوي
عاقلي جي شاعري‘ تي مقالو پڙهيو.
ٻي نشست سيد علي اڪبر شاهه جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ ٺهراءَ پاس
ڪيا ويا. مکيه ٺهراءُ هو ته سنڌيءَ کي مغربي
پاڪستان جي هڪ سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي.
ڪانفرنس جي ٽين نشست موسيقي جي نشست هئي جنهن جي صدارت عبدالله
چنا ڪئي. هن نشست ۾ پهريائين رهيل شاعرن شعر پڙهيا
۽ ماستر قالو خان اياز ’شاعر‘ ۽ ديوان ڪشنچد
گرناڻي ’شاهه‘، تي مقالو پڙهيو پوءِ موسيقي جي
فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ڪانفرنس رات جو
ساڍي ٻارهين بجي شروع ٿي.
هن ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن بهرو ورتو يا شعر موڪليا تن مان
ڪن جا نالا هي آهن.
سيد علي اڪبر شاهه، عبدالله چنا، بيگم زينت چنا، نصرت چنا،
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ، غلام محمد گرامي، عثمان علي انصاري، حاجي
محمود خادم، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، عبدالڪريم
سنيدلو عبد عاقلي، حڪيم محمد ڇتل، فدا، هري درياني
دلگير، مرزا اجمل بيگ، غلام سرور عاقلي، زيب
عاقلي، محمد علي جوهر، اوستو غلام حسين، ماستر
قالو خان اياز، ڪشنچند گرناڻي، استاد بخاري، حافظ
احسن، لقمان حڪيم، نواز علي نياز جعفري، اياز
قادري، تنوير عباسي، مقبول ڀٽي، رشيد ڀٽي، عبدالله
خواب مظفر حسين جوش، محمد خان غني، سيد منظور
نقوي، عبدالقيوم صائب، اظهر شاهه گيلاني، برده
سنڌي، رشيد لاشاري، عطا محمد حامي، عقيلي سرشار،
محمد جمن هالو، علي محمد مجروح، عبدالرحمان نسيم،
صوفي دوست محمد ساجد، امير بخش قريشي امير علي
محمد خالدي، عارف الموليٰ، ميان غلام عباس جوش
قادري، مولوي نور الدين نور، آغا گل حسن گل، فيض
بخشاپوري ۽ عبدالله اثر،
مشاعره لاءِ مصرع طرح هئي:
’تنهنجو دم ئي موج آڻي ٿو سگهي مهراڻ ۾‘
انتخاب مشاعره.
’تنوير عباسي:
منهنجو من ڀي ايئن ازل کان هڪ مانڌاڻ ۾
جيئن سدائين کان پيون ڇوليون ڇلن مهراڻ ۾.
هي بهاري آهه يا ارمانن جو آهي قتل عام
خون جي بو آ مليل گلڙن جي هن سرهاڻ ۾.
(1)
’استاد‘ بخاري:
ڇا بهار اهڙي، رکي جا ڪيئن خزائون پاڻ ۾
باغبان نالو مگر صياد ٿيو اهڄاڻ ۾.
آشيان جي نوح خواني لئه زبان آ، سا نه ڪپ
ياد ڪنهن جي ڏوهه آ، جلاد تنهنجي ڄاڻ ۾.
(1)
’لقمان‘ حڪيم:
حسن جي آڏو جهڪي پيا ڪيترائي بادشاهه
عشق آ جيڪو وجهي ٿو ملڪ ئي مانڌاڻ ۾.
قرب واري قيد ۾ دانا به ٿي قيدي پيا.
هوش سي ويٺا وڃائي زلف جي ڪاراڻ ۾.
(2)
شعبان ’بخت‘:
وئين ڀنڀلجي، ماڪ سان پسيل ڏسي هڪ پنکڙي
پر نه سا حيرت پسيئه جا اک جي ٿي آلاڻ ۾.
ڇڏ زماني جي پچر، آهي منڍون ڇڪتاڻ ۾
ڳول نئين دنيا، نئون ڪو دور پنهنجو پاڻ ۾.(3)
’فيض بخشاپوري:
آسمانن ۽ زمينن تي نه هو هن جو سراغ
جوهرِ عزم و خودي ڳولي لڌو مون پاڻ ۾.
هو بڻيو ايمان فروش و هو بڻيو ٻولي فروش
رمز ملان جي ۽ ليڊر جي نه آئي ڄاڻ ۾.
(4)
الهورايو مهر ’سليم‘ ڳاڙهوي:
هيڪلي جو حال هيڻو، ٻن کي ٻارنهن ٿا چون
ڏي ڇڏي راڻا رسامو، آ ته پرچون پاڻ ۾.
دوستو! دنيا ۾ هر شب جي پٺيان روز آهه پر
غم پٺيان غم ٿي ٿو ڀرجي منهنجي دل جي ماڻ ۾.
(1)
مولا بخش سانگي ’ساغر‘:
جاڳ اي مهراڻ جا ڀرجهل ڀٽائي گهوٽ جاڳ
موج آڻي ٿو سگهي تنهنجو ئي دم مهراڻ ۾.
آءُ تنهنجي راه واجهائي ٿو ويڳاڻو وطن
آب بدران ٿو وهي رنج و الم مهراڻ ۾.
(2)
نظام الدين گوپانگ ’نظام‘:
اتحاد آهي ته پوين مان پئون ٻارنهن ٿين
سڪ وڌڻ سان ڇڪ وڌي ٿي ٻل اچي ٿو پاڻ ۾.
تنهنجي ئي سوز دردن ۾ آ قضا ساري جو دم
تنهنجو دم ئي موج ٿو سگهي مهراڻ ۾.
(3)
حافظ محمد ’احسن‘ چنا:
پنهنجي ٻوليءَ جي ڪيو ڪوشش منظم ٿي سڀئي
ڪا نه گهٽتائي ڪيو ڪا پنهنجي وس ۽ ڄاڻ ۾.
قوم جي زنده رهڻ جو آهه ٻوليءَ تي مدار.
هي ڀٽائي گهوٽ مون کي اڄ ٻڌايو ڏاڻ ۾.
(4)
عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي:
هتڙي هر منصور خاطر دار هڪ تيار آهه
عمر گذري ٿي سچارن جي سدا ڇڪتاڻ ۾.
هيڏي هوڏي ڏس نه جهاتي پاءِ پنهنجي پاڻ ۾
تنهنجو دم ئي موج آڻي ٿو سگهي مهراڻ ۾.
(1)
عزيز الله ’مجروح‘:
سوچ اي سنڌي سٻاجها، پاءِ جهاتي پاڻ ۾
تنهنجو دم ئي موج آڻي ٿو سگهي مهراڻ ۾.
تخت خاطر ڪنهن چنيسر جان وڪيو پنهنجو و ڀاءُ
ڳالهه ڳوري آئي آ مجروح اڄ ڇنڊ ڇاڻ ۾.
|