سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :14

مرتضائي ۽ سندس همعصر شاعر

غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي جي دوستي ٺٽي، حيدرآباد ۽ باقي سنڌ جي گهڻن شاعرن سان هئي. هن پنهنجي غزلن ۾ ڪيترن هم عصر شاعرن جا نالا وٺي کين ياد ڪيو آهي. سندس ديوان جي مطالعي مان معلوم ٿئي ته جيترن شاعرن کي هن دعوتِ  غزل ڏني آهي يا سندن دعوت تي جوابي غزل چيا آهن شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ائين ڪيو هوندو. هن کي ٻين شاعرن کي دعوتِ غزل ڏيندي جيتري خوشي ٿئي ٿي ان کان زياده کيس پنهنجي همعصر شاعرن جي غزلن تي غزل چوڻ ۾ ٿئي ٿي. هو اهڙي طرح سنڌ جي ناميارن شاعرن جي مقابلي ۾ ساڳئي زمين، ساڳئي رديف ۽ ساڳئي قافئي ۽ غزل چئي کانئن اڳتي وڌڻ جي ڪوشش  ڪري ٿو. امام بخش شاهه ’فدوي‘ مرتضائي جو استاد هو. سندس هڪ غزل جنهن جو قافيو جاني، لاثاني، قرباني وغيره هو، مرتضائي کي ڏاڍو پسند اچي ويو، هن ان جي جواب ۾ غزل لکيو. ٻنهي پنهنجن غزلن ۾ محبوب جي وصفن  جي واکاڻ ڪئي آهي، مگر جتي استاد ڪنهن وصف کي هڪ شئي کان تشبيهه ڏئي بيان ٿو ڪري، اتي شاگرد چئن غير شين سان تشبيهه ڏئي بيان ٿو ڪري.

 

امام بخش شاهه ’فدوي‘:

 

خوبتر خورشيدِ عالم جلوه گر جاني ڏٺم
آسمانِ حسن جو اڄ شمس لاثاني ڏٺم.

 

گلشنِ اسرار ۽ رعنا گلِ بي خار کي
قدِ بالا راست قامت نخل نوراني ڏٺم.

 

پگهر پيشاني ۾ ڪه خوشئه پروين مثال
گل مٿي شبنم سحر گہ عرق افشاني ڏٺم.

 

حمز جيئن ظلمات ۽ زلفين جي سيار ٿيس
پر ز آبِ زندگي چاهِ زنخاني ڏٺم.

 

گرد شمعِ حسن خوبان پتنگ وانگر جان نثار
مثل منهنجي ڪو نه ڪو ات جان قرباني ڏٺم.

 

صيد لئه صياد گهمندو هٿ ڪمان ابرو ڪريو
ترڪ کي ترڪش تياريون تير مرﱞگاني ڏٺم.

 

نياز منديءَ سان نظر ۾ دوست دل سرتا بپا
 ناز پرور کي نسورو نور سبحاجي ڏٺم.
(1)

 

مرتضائي:

 

منهن مبارڪ يا شعاعِ شمس تاباني ڏٺم
آسمانِ فضل جو او ماهِ نوراني ڏٺم.

 

لعل لب عڪسِ شفق، مرجان يا  ياقوت سرخ
 يا مگر حڪام از ملڪِ بدخشاني ڏٺم.

 

چشم يا بادام يا آهو ختم جا صيدگير
يا مگر مخمور نرگس گل گلستاني ڏٺم.

 

قوس يا تلوار يا محراب يا ابرو سندس
يا هلالِ عيد اضحيٰ بهر قرباني ڏٺم.

 

سرخئي رخسار يا گلنار يا برگِ گلاب
يا شرابِ لعل يا ياقوت عماني ڏٺم.

 

سلڪ مرواريد يا خوئي جبين يا گل تي ماڪ
عقد پروين يا ستارا چرخِ گرداني ڏٺم.

 

فار يا سوفار يا بڻڇي يا ڀالا تکا
قوس ابروءَ مان ڪڍي سي تير مرﱞگاني ڏٺم.

 

مرتضائي فدويءَ استاد تنهنجي ڇا چيو
خوب تر خورشيد عالم جلوه گر جاني ڏٺم.
(1)

 

مير عبدالحسين سانگي مرتضائي کي پنهنجو مشهور غزل ”ڪهڙا ڪهڙا“ ڏيکاري ٿو. مرتضائي سانگي کان متاثر ٿي جوابي غزل لکي ٿو، ٻنهي جي غزلن جا ڪجهه شعر ملاحظه ڪريو:

 

ڪيا ڪارناما اسان ڪهڙا ڪهڙا
ڪبا تنهن جا يارو، بيان ڪهڙا ڪهڙا.

 

ڪڏهن ڪا نه ڪنهن جي ڪا پرواهه ڪڍي سون
ڪيا رنگ ٿي آسمان ڪهڙا ڪهڙا.

 

ادا حضرتِ عشق جي نوڪريءَ ۾
ڏناسون ڏکيا امتحان ڪهڙا ڪهڙا.

 

ڀرنِ جي ڪمان ۾ ڀري تير مرﱞگان
چٽيا تت ٿي نيڻن نشان ڪهڙا ڪهڙا.

 

رقيبن سان جڏ گفتگو ڪئي ٿي دلبر
اٿيا جڏهن دل تي گمان ڪهڙا ڪهڙا.

 

فريدون، جمشيد، ڪائوس، ڪي جا
هما کي مليا استخوان ڪهڙا ڪهڙا.

 

جتي ٿو ڏسان اُت آهي ان جو مظهر
ڪيا لامڪاني مڪان ڪهڙا ڪهڙا.

 

اي سانگي سا پيري آهي جنهن سدائين
ڦٽائي ڦٽا ڪيا جوان ڪهڙا ڪهڙا.
(1)

 

مرتضائي:


ڪڍان دل منجهان داستان ڪهڙا ڪهڙا.
ادا ذڪر آڻي زبان ڪهڙا ڪهڙا.

 

حبيبن سندي حسن جي هاڪ ٻڌندي
ڦڪا حسن وارا ڏسان ڪهڙا ڪهڙا.

 

ڏسي يار جي حسن جي ملڪ گيري
پرين باج صاحبقران ڪهڙا ڪهڙا.

 

اکيون شاهه مرﱞگان ابروءَ تي ڌاري
رکي هٿ ۾ تير و ڪمان ڪهڙا ڪهڙا.

اکين ابلقن ان جي آهو ٽڪايا
رهيا دشت دل ۾ دوان ڪهڙا ڪهڙا.

 

حياتي حباب آهي دريا دنيا تي
فنا آڻي هر انس و جان ڪهڙا ڪهڙا.

 

ڏسو لامڪاني جو ڪونهي مڪان ڪو
سو هو دل ۾ ڌاري مڪان ڪهڙا ڪهڙا.

 

غزل  مرتضائي کي سانگي سڻايو
ڏٺم جنهن ۾ رنگين بيان ڪهڙا ڪهڙا.
(1)

 

ٻنهي غزلن جي مطالعي مان محسوس ٿئي ٿو ته سانگيءَ جو پرواز آسمان تي آهي پر مرتضائي به مٿي اُڏامڻ جي ڪوشش ۾ مشغول آهي.

مرتضائي ٻين ڪيترن شاعرن جي دعوت قبول ڪري سندن غزلن تي غزل لکيا آهن، جنهن جو پتو سندن هيٺ ڏنل شعرن مان پوي ٿو:

 

 

1- ماتما هي مرتضائيءَ جو ٻڌج حاضر جواب
    ايزدي اسرار تان صدقي وچان قرباني ٿيان

 

2- آهي ماتم سندو ڪلام مليح
    اڳ به در ريز سارو دفتر هوس.

 

3- ’راهي‘ و ’راجيءَ‘ سان گڏ عبد هڪ آندو غزل
     جو ڏسي ورتو بدل ظاهر زباني کانسواءِ.

 

مرتضائي جلد موڪل ان جو تون جوڙي جواب
ٿا ڏسن مضمون هن جو شعر خواني کانسواءِ

 

4- ’عبد‘ تنهنجي التجا سان مون کي هي آيو جواب
    مرتضائي کي بعالم خاڪساري ٿي نصيب.

 

5- مرتضائي ’مست‘ متوالي چڱي مصرع ڪڍي.
   هيءَ بهار آئي چمن ۾ يار ساقي ڏي شراب.

 

6- علي مسڪين هڪ مضمون  جو آندو غزل تنهن تي
   جدا  مضمون جوڙيو مرتضائي وصف گلروءَ جو.

 

مرتضائي پنهنجن هيٺين شعرن ۾ سنڌ جي مختلف شاعرن کي دعوتِ  غزل ڏئي جوابي غزلن جي فرمائش ٿو ڪري.

 

1- صدق مان صديق موڪل جلد جوڙي ڪو جواب
   ماتما تو کي نه گهرجي مفت  ماڻا اي حبيب.

 

2- آءُ گدا گفتار تنهنجا ٿو نهاريان رات ڏينهن
    عاشقن کي جيئن رهي ٿي وصل خوبان جي تلاش.

 

3- مرتضائي مست کان گهر هن غزل جون تون جواب
   ورنه پاسخ ڪو نه ڏيندو ٻيو ڪو ڪوري ۽ صباغ.

 

4- هل حيدري جواب ڪو جلديءَ ۾ جوڙ تون
   موڪلج مرتضائي اڳيان خوبتر ڪري.

 

5- مرتضائي سبز پوشن ۾ علي قربان چائي
   ڏي جواب هن جو ته ڏسجي پاڻ جنهن مشهور ڪيو.

 

6- هن غزل جو حال وٺ کان ماستر عبداللطيف
   مرتضائي جي گمان ويو مست ميدان کي ڇڏي.

 

7- چو فدا هن جو تتبع جوڙ راهي ڪو جواب
   مرتضائي هن جو ثاني سو غزل ايندو ڪڏهن.

 

علي نواز ’علوي‘ ۽ سندس همعصر شاعر

 

سري جي شاعرن مولوي عبدالغفور همايونسي مفتون ۽ مير علي نواز ’علوي‘ شڪارپور جا غزل جن جو قافيو زباني، رواني، جواني ۽ رديف ”جاني“ هو  سڄي سنڌ ۾ نهايت مقبول ٿيا، جنهن تي استاد شاعرن قليچ، سانگي، گدا، مرتضائي ۽ ٻين شاعرن جوابي غزل لکيا، اهڙي طرح سندن غزلن مشاعره جي صورت اختيار ڪري ورتي.

پهريان اهو غزل ڪنهن لکيو، تنهن لاءِ پڪ سان چئي نٿو سگهجي.

 

مرزا قليچ چوي ٿو:

 

مٽ نه مفتون ۽ علويءَ سان ڪڏهن ٿيندين قليچ
ناهي حاصل سا تو کي طبع رواني جاني.

 

ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ’مفتون‘ ۽ ’علوي‘ مان ڪنهن هڪ اول اهو غزل چيو هوندو. مرتضائي وري ان سلسلي ۾ فقير محمد ’عاجز‘ جي دعوت تي حصو وٺي ٿو:

 

آندو عاجز جو عجيب مرتضوي شوق سوال
آڻ پاسخ ڪري ام نهاني جاني.

 

افسوس جو مولوي عبدالغفور همايوني ۽ فقيو محمد ’عاجز‘ جا غزل سندن ديوانن ۾ موجود ڪونهن، شايد گم ٿي ويا آهن. هاڻي ملاحظه ڪريو ته سنڌ جي استاد شاعرن پنهنجي ”جاني“ جي مدح ۽ محبت ۾ ڪهڙن خيالن جو اظهار ڪري  هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

مير علي نواز ’علوي‘

 

حسن تنهنجي جي عجب آهي ڪهاني جاني
تون آهين مظهرِ انوار حقاني جاني.

 

حسن تنهنجي جو مٺا محب نه مٽ ٿي مهتاب
سونهن تنهنجي سڄڻ شمس نه ثاني جاني.

جن، انسان، مَلڪ حسن تنهنجي ڪيا حيران
شال ماڻي تون سدا جوت جواني جاني.

 

ماسوا تنهنجي سمائي نه ٻيو خاطر ۾ خيال
سڪ تنهنجي جي سڄڻ ڳل آهي ڳاني جاني.

 

تنهنجو ديدار آهي درد منهنجي جو درمان
وصل جي وارث ڪر فيض رساني جاني.

 

دور دلدار جيئڻ تو رويءَ آهي جنجال
بخش ڪونين ۾ تون قرب مڪاني جاني.

 

عشق تنهنجي ڪيو علويءَ سان ازل ۾ احسان
فيض ۾ تنهنجي ڪيوفي الله ۾ فاني جاني.
(1)

 

مرزا قليچ بيگ:

 

ڪهڙي آءُ وصف ڪريان تنهنجي زباني جاني
بي زبانيءَ ۾ آهي رمز نهاني جاني.

 

سونهن تنهنجي جي صفت جاني، لکي آهي لکن
مون قبولي آهي ات ڪل لساني جاني.

 

ڇا ڪجي زلف سيہ، لعل لبن جي تعريف
 ٿو ڏسان ڪا نه ڪٿي تن جي نشاني جاني.

 

رنگ بي رنگ ڏسي خلق کان وسريو اورنگ
 مثل بي مثل ڏسي، محو ٿيو، ماني جاني.

 

ٿئين جڏهن جاني، تون جان بخش ۽ پڻ جان جهان
روز شب ورد ڪيو پنهنجو مون جاني جاني.

 

وصل تنهنجي ۾ ميسر نه ٿئي ڪنهن کان بقا
جيسين ٿي ڪو نه جلي فڪر ۾ فاني جاني.

 

مٽ نه مفتون ۽ علوي سان ڪڏهن ٿيندين قليچ
ناهي حاصل سا تو کي طبع رواني جاني.
(1)

 

سانگي:

 

جي غزل ۾ ٿي سندم طبع رواني جاني
آفرين چوندو مونکي روحِ فغاني جاني.

 

آءُ تنهنجو اي مٺا، عاشق صادق آهيان
ماهرو منهنجو تون محبوب آهين جاني جاني.

 

هن لئه حيران ته زليخا هئي، تو لاءِ جهان
ڪيئن چوان تو کي ڀلا يوسفِ ثاني، جاني.

 

هڪڙي جلوه سان ڏنئي ڪون ومڪان کي رونق
 بي نشان ڪلين ڪئي عيان رمز نهاني جاني.

 

گلِ رخسار تي تنهنجي نه ڪريان ڪيئن نظر
آهيان بلبل نه ڪريان زمزمه خواني جاني.

 

پير تنهنجي جو لٿل نهن، نيو کڻي پيرِ فلڪ
ماهِ نو آهي وٽس سائي نشاني جاني،

 

گرچه اُستاد هو آئينه صفت ٿيو ششدر
تنهنجي تصوير کي ڏسندي ئي سان ماني جاني.

 

منهنجي رتبي کي نه ڏس، عبد حسيني آهيان
ماتمِ شاهِ شهيدان ۾ فغاني جاني.
(1)

 

گدا:

 

تنهنجي تعريف ۾ ٿي طبع رواني جاني
ڏس ته پيريءَ ۾ ڪيم ڪارِ جواني جاني.

 

شمس شرمايو ڏسي تو کي قمر ٿيو قربان
پارڪ الله تون ئي يوسفِ ثاني جاني.

 

تنهنجي آءُ عارضِ گل رنگ جو شيدا آهيان
مون کان بلبل به سِکي زمزمه خواني جاني.

 

آءُ بلاغت کي رسيس تنهنجو ڏسي حسن بديع
 ڇا ٿيو جي نه پڙهيم علمِ معاني جاني.

 

تنهنجي صورت جي ڏسي ها ته برنگِ صورت
 بحرِ حيرت ۾ ٻڏي هوند ها، ماني جاني.

 

بعد مردن جي ٿيو جوه نما يار ڪڏهن
قبر مان منهنجي صدا ايندي ته جاني جاني.

 

جوڪري پنهنجي زبان سان ٿو پنهنجي تعريف
آهه هو قصرِ حماقت جو ته باني جاني.

 

مرد مومن کي گدا دل ۾ سدائين گهرجي
شاهه مردان جي محبت جي نشاني جاني.
(2)

 

مرتضائي:

 

گفتگو تو سان ڪريان ڪهڙي زباني جاني
ناتوانيءَ کان نه دل آتي تواني جاني.

 

لڙڪ حسرت جو اچي اک کان جو ٿو روزِ وصال
رت مٿي پاڻ ڪري اشڪ فشاني جاني.

 

بي ادب ڪيئن ٿي ڪريان حال سقايت پنهنجو
آهي معلوم مٿي حال بياني جاني.

 

هوش هجرت ۾ ڏنم، عقل اکين ڏيک نيو
ديد ناديد سندو نقص نشاني جاني.

 

آندو عاجز جو عجب مرتضوي شوق سوال
آڻ پاسخ ڪو ڪري ارم نهاني جاني.
(1)

 

غلام سرور فقير ۽ سندس همعصر شاعر

 

جڏهين حيدرآباد ۽ ٺٽي جي شاعري جي دؤر ۾ ماٺائي آئي تڏهن لاڙڪاڻي جي شاعرن جي زمزمه سنجي سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. جيتوڻيڪ ان وقت اخباري شاعرن زور ورتو هو ۽ مشاعره به ٿيڻ لڳا هئا پر دعوتِ غزل خاص طرح پنهنجي پسند جي غزلن جي تتبع تي جوابي غزل لکڻ جو شغل جاري هو. پر فقط اهو هو ته هاڻي نالي وٺڻ جو رواج گهٽجي ويو هو. اسان کي هڪ ٻئي جي تتبع تي چيل غزلن جا ڪجهه سلسلا حاجي محمود جي بياض (قلمي) ۾ ملن ٿا، جنهن ۾ هن پنهنجي جواني جي وقت  جي شاعرن جا غزل چونڊڪري محفوظ ڪيا آهن. ميان غلام سرور  ’فقير‘ جو هڪڙو غزل جنهن جو رديف ”ائين ته ڪين ٿيندو“ هو، سندس همعصر شاعرن ۾ نهايت مقبول ٿيو. پهريان نواز علي ’نياز‘ ان جي تتبع تي غزل لکيو، پوءِ محمد بخش ’واصف‘ ۽ حاجي محمود  ’خادم‘ طبع آزمائي ڪئي. هي عزل جو سلسلو محبوب سان سوال جواب وارو سلسلو آهي جنهن ۾ محبوب جو هر وقت جواب انڪاري آهي. غزلن جو انتخاب ملاحظه ڪريو:

 

غلام سرور ’فقير‘:

 

گڏ عقل، عشق، عزت ائين ته ڪين ٿيندو
مقصود سوا صداقت ائين ته ڪين ٿيندو.

 

خوش رهه سڄڻ سلامت ڪو قياس ڪر چيائين
سکڻي دعا سلامت ائين ته ڪين ٿيندو.

 

بسمل ڪيئه، ڪهي ڇڏ، مرڪي چيائين واهه وا
مون کي ڏسين ٿو حڪمت ائين ته ڪين ٿيندو.

 

درشن ڏيکار دلبر، مرضي چيائين منهنجي
تون لک ڪرين جي منت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

بوسي سان جان بخشج، بي جان کي چيائين
توڙي ٿئي قيامت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

تو کان ڪڏهن نه ڦرندس، الفت رکي چيائين
هي ڪم سوا ضمانت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

ڇاتيءَ ڇڪي جان لاتم، ٿورو هٽي چيائين
ڇا آهه هيءَ شرافت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

در تي فقير دربان تنهنجي هجي چيائين
مون لئه اها ندامت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

نواز علي ’نياز‘:

 

حاصل هي عيش عشرت ائين ته ڪين ٿيندو
اڄ ڪلهه سواءِ دولت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

بوسه گهريم چيائين، ايها اٿم امانت
تنهن ۾ ڪرين خيانت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

ملندين ڪڏهن چيائين، مون کي منجهائون نفرت
توڙي ٿئي قيامت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

معشوق پيو سهي ڀل خواري خرابي خجلت
پنهنجين رکين تون عزت ائين ته ڪين ٿيندو.

 

عاشق وٺين نٿو تون  ناصح جي ڪا نصيحت
حاصل ڪندين هدايت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

محبوب ساڻ گهرجي عاشق کي نياز نوڙت
هر دم هلين تون حجت، ائين ته ڪين ٿيندو.

 

محمد بخش ’واصف‘:

 

عاشق ٿي پوءِ حجت هر گز ائين نه ٿيندو
محبوب کان محبت هر گز ائين نه ٿيندو.

 

بوسہ جو عرض ڪيڙم جانان کان هي چيائين
خوش رهه سدا سلامت، هرگز ائين نه ٿيندو.

 

دل جان ڏيان ٿو دلبر، ديدار لاءِ چيائين
گهرجي ئي مفت نعمت، هرگز ائين نه ٿيندو.

 

دامن جهلي، قدم تي سر کي رکيم، چيائين
شوخي ڪرين شجاعت، هر گز ائين نه ٿيندو.

 

روئي چيم ته رهه ڪا هڪ رات گڏ چيائين
سهڻن جي دل ۾ رحمت، هرگز ائين نه ٿيندو.

 

واصف تون کڻ سدائين جورو جفا سڄڻ جو
سک هي سوا صداقت، هرگز ائين نه ٿيندو.

 

حاجي محمود ’خادم‘

حاجي محمود ’خادم‘، فقير، نياز  ۽ واصف جي تتبع بنايل پنهنجي غزل جي مٿان ” نه نه ۽ ته جو جهڳڙو“ عنوان ڏنو آهي. سال 1911ع ۾ لکيو آهي، جنهن مان چئي سگهجي ٿو ته اهو سلسلو 1911ع ۾ شروع ٿيو هو، خادم پنهنجو رديف، ”ائين ته ڪين ٿيندو“ بجاءِ ”ڪڏهن ته يار ٿيندي“ ۽ ”ڪڏهن نه يار ٿيندي“ استعمال ڪري عاشق جو هاڪاري ۽ معشوق جو انڪاري انداز اختيار ڪيو آهي:

 

فرقت کان پوءِ فرحت ڪڏهين ته يار ٿيندي
معشوق جي مروت ڪڏهين ته يار ٿيندي.

 

خوش رهه حبيب حضرت، ماندو مري ۽ فرقت
ورهن پڄاڻان زيارت ڪڏهين ته يار ٿيندي.

 

چيائين نه خط ڪتابت، دقت ڪيئه، نه محنت
 زيارت سوا مشقت، ڪڏهين نه يار ٿيندي.

 

چيم عاشقن هي عادت، سمجهن صبر سعادست
اهڙن سان ڪا رعايت ڪڏهين ته يار ٿيندي.

 

چيائين منجهائون نفرت، تائين ڏهاڙي قيامت
ٻي ڳالهه ري عداوت، ڪڏهين نه يار ٿيندي.

 

جڏهين ڏٺم ۾ عشرت، آزي ڪري ۽ نوڙت
هن کي چيم ڪا رحمت، ڪڏهين ته يار ٿيندي.

 

کلندي منجهائون شوقت، چيائين به عز عظمت
محمود ساڻ محبت، ڪڏهين نه يار ٿيندي.

 

چيم اي سڄڻ به حشمت، دامن لڳس تو دولت
شاهن سندي پو شفقت، ڪڏهين ته يار ٿيندي.

 

چيائين ته رهه سلامت خادم تون ڪرمون خدمت
بوسه جي تو کي دعوت، ڪڏهين نه يار ٿيندي.

 

حاجي محمود  خادم ۽ سندس همعصر شاعر

 

حاجي محمود’خادم‘ هڪڙو غزل ”بلبل“ جي عنوان سان لکيو هو، جنهن ۾ بلبل جي گذار حالت جو بيان هو.  ان غزل جي جواب ۾ شمس الدين بلبل ساڳئي عنوان سان جوابي غزل لکيو، ان کانپوءِ محمد بخش واصف ۽ آغا صوفي پڻ جوابي غزل لکيا.

 

محمود ’خادم‘ (1)

 

ڇڏيو اڄ باغ کي بلبل لٽائي خانمان پنهنجو
رهايو ڪون ڪجهه بلبل چمن ۾ ڪو نشان پنهنجو.

 

نه تو ڪو گل ڪيو ۽ پڻ چمن ڪو باغبان پنهنجو
گلستان ۾ اجهي ڪنهن جي بڻايئه آستان پنهنجو.

 

ڦٽائي آستان بلبل چمن جي چوڪ تي ويهي
چيو گل کي ته وٺ اي بيوفا مون کان مڪان پنهنجو.

 

مزي دنيا ۾ هيءَ حسرت حياتي وئي گذاريندي
ته ٿئي شل هي چمن پنهنجو ۽ گل ۽ باغبان پنهنجو.

 

دنيا جي باغ مان خادم ويو هي بلبلو پيارو
صبح يا شام تون ڀي پڻ ڇڏيندين آستان پنهنجو.

 

شمس الدين ’بلبل‘:

 

تسليٰ ڪر حزين بلبل اجهو گلزار خندان ٿيو
گلستان ۾ بهاري جو اجهو سامان چندان ٿيو.

 

خزان جو سوز صدمو ويو چمن چانڊاڻ ٿيو سارو
چَتون چيها سوين بلبل جشن گلشن پرندان ٿيو.

 

صبا ڀي صبح جي آئي مڙئي سرسبز وڻ ٽڻ ٿيا
اچڻ جو ڪيو گلن سعيو دلاسو دردمندان ٿيو.

 

ڪندا ها بلبلا داهان، چمن ۾ چيٽ جلدي ٿي
کليا گل ڦل مرئي منجهه باغ مطلب مستمندان ٿيو.

 

ڀري بلبل ٿي شوڪارا ”جدائي آهه ڪيو ماندو“
سوا گل جي گهڙي هڪڙي چمن مون لاءِ زندان ٿيو،

 

نه پٽ گل باغبان ظالم قتل پهريائين مون کي ڪر
ڇنڻ گل کي اڳيان بلبل نه هي ڪم هوشمندان ٿيو.

 

محمد بخش’واصف‘:

 

ڦٽائي ڇو وڃين بلبل چمن مان آشيان پنهنجو
بهاري ٿي اچي ڇا کون ڇڏي ڏين ٿي مڪان پنهنجو.

 

کلي بادِ صبا کان گل مڙئي پوندا گلستان ۾
وري ٺاهيجئين نو سر تون ان دم آستان پنهنجو.

 

اڳيئين سال جي تو تي جفاڪري گلن ڪئڙي
ڪري هن سال ۾ ڏس تون وري پڻ امتحان پنهنجو.

 

هميشہ تنهنجو بد طالع نه رهندو باغ دنيا ۾
سدا هڪ رنگ ۾ آهي نه دورِ  آسمان پنهنجو.

 

دعائون گهر ته ڪو ڏينهڙو زياده گل رهي خندان
ٿيو ڇا جي ڪيئه قربان گل تان خانمان پنهنجو.

جتي گلبن ۾ هئا گلڙا اتي ڪنڊن ري اڄ ناهي
ائين ئي ڄاڻ بستان ۾ تون پڻ نام و نشان پنهنجو.

 

جدائي جا نه ڏينهن آهن سدائين صبر ڪر واصف
اجهو ڪج وصل ۾ سهڻي سان تون سارو بيان پنهنجو.

 

آغا:


کڻي ڇڏ آسرو گل تان چمن ڇڏ هي اڏر  بلبل
هزارين جي پڙهين جادو، نه تنهنجو گل ٿئي بلڪل.

 

چمن مان آشيان پنهنجو کڻي بلبل هلي روئي
چيائين اي صبا تو کي اٿي پرتو ته منهنجو گل.

 

فصل گل آ اڙي ظالم رحم ڪر باغبان مون تي
گهڙي هڪڙي ته ڇڏ گل سان هلي هيڪر ڪيان محفل.

 

ڇڏايو ڇو چمن مون کان چيو سڏڪا ڀري بلبل
انهيءَ مان ڇا ٿيو آخر اوهان کي باغبان حاصل.

 

نه رهه تون آسري گل جي نه ٿي بدنام اي بلبل
اڏر، ڇڏ آشيان، گل سان ملڻ تنهنجو ٿيو مشڪل.

 

نه گل کي دل ۾ آ الفت نڪي آ باغبان پنهنجو
انهيءَ کان هاڻ اي آغا ڇڏڻ آهي چمن افضل.

 

نوٽ: آغا جي غزل ۾ قافين جي صحت جو خيال گهٽ رکيو ويو آهي.

 

********


(1)  ”ديوان فدوي“ (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ- ص 141.

(1)  ديوان مرتضائي (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ- 198.

(1)  ”ڪليات سانگي“- سنڌي ادبي بورڊ- 1969ع- ص 4.

(1)  ”ديوان مرتضائي“ (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ- 22.

(1)  ”ستاره سنڌ“ ”سنڌي نمبر“ هفتيوار پڊ عيدن- 23 مارچ 1956ع- ص 14.

(1)  ”ديوان قليچ“- سنڌي ادبي بورڊ- 1956ع- ص 361.

(1)  ”ديوان سانگي“- سنڌي ادبي بورڊ- 1969ع- ص 84.

(2) ” ڪليات گدا“- سنڌي ادبي بورڊ- 1957ع- 253.

(1)  ”ديوان مرتضائي“ (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ- ص 392.

(1)  ”بياض محمود خادم“ (قلمي)- ملڪيت  محمد علي قريشي لاڙڪاڻو، چار ئي غزل سلسلي وار بيان ڪيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org