سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :5

 

 

زير اضافت:

سنڌيءَ ۾ جيستائين عروضي شاعريءَ پير نه پاتو هو تيستائين سنڌي زبان زير اضافت کان واقف نه هئي، شاعر دل جي جذبن کي ”جذباتِ دل“ ڪري نه پيش ڪندا هئا، نه دل جي درد کي ”دردِ دل“ چوندا هئا. محبوب جي منهن کي چمڪندڙ چنڊ ئي سڏيندا هئا، نه ڪي ”ماهِ روشن“ ۽ محبوب جي وارن کي ڪارا نانگ ئي ڪوٺيندا هئا، نڪي ”مارِ سياهه“. اهو پارسي شاعريءَ جو اثر هو  جو سنڌي شاعرن ايراني شاعرن جي تقليد ۾ زير اضافت جو استعمال شروع ڪيو خاص طرح غزل گو شاعرن. زير اضافت کي ڪثرت سان استعمال ڪرڻ جا ٻه سبب هئا- هڪ پارسي شاعري جي مطالعي سبب پارسي تشبيهن، استعارن، ترڪيبن، لفظن ۽ محاورن جو شاعرن جي دماغ تي حاوي هجڻ ۽ ٻيو عروضي وزنن تي خيال کي بيان ڪرڻ ۾ آساني ڪرڻ. سنڌي شاعرن جي ديوانن ۾ زير اضافت جا مثال ڪثرت سان ملن ٿا. جن جا ڪجهه نمونا پيش آهن:

 

تيغِ ابروئيِ بتانِ مہ جبين

عاشقن جي سر تي آهي دم بدم.  (گدا)

(پهرين مصرعه ۾ ٽي ڀيرا زير اضافت استعمال ٿي آهي).

نثار عار”ضِ زيبائي جانان

گل و لالئه نسرين و سمن آهه.  (گدا)

-

وقتِ گلگشت هن جو ڇا نظارو ٿي پيو

هر گلِ باغ کي ديدهِ حيران سمجهيم.  (واصف). (1)

 

ڪاڪلِ خمدار جو سودا جنونِ عشق ۾

آهه، تنهن لئه حلقہِ زنجير خود چڪر ۾ آهه.  (محمود خادم)

 

موجوده وقت ۾ به ڪيترا شاعر زير اضافت جو ڪثرت سان استعمال ڪن ٿا جن ۾ بخشاپوري جو نالو سرفهرست آهي.

 

خامئهِ فيض کان دمِ تحرير

رنگِ باران بارشِ گوهر.

چادرِ مهه نقاب رخِ تابان آهي

شعلئهِ حسن تہِ پردهِ فروزان آهي  .(1)

پارسي محاورا:

سنڌ جي غزل گو شاعرن جي پارسي زبان سان ايتر قربت ۽ ويجهڙائي ٿي ڏسجي جو هنن نه صرف پارسي لفظ پنهنجن خيالن کي بيان ڪرڻ لاءِ عام جام استعمال ڪيا آهن پر پارسي اصطلاح، محاورا، چوڻيون ۽ زبان زد مصرعن به پنهنجن غزلن ۾ اهڙي رواني سان استعمال ڪيون آهن جو انهن مان ڪيترا ڄڻ پنهنجا پيا لڳن، لطف الله بدوي ”ڪليات خادم“ جي مقدمي ۾ ’خادم‘ جي شاعري تي بحث ڪندي چوي ٿو، ”سنڌي غزل پارسي محاورن جو سنڌي زبان سان تعارف ڪرايو“ (2ـ. ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

 

رام ٿيڻ= راضي ٿيڻ.

رام جڏهن ٿئي گلبدن، تنهن جي تڏهن اچان ڪتب

توسان هجان اي من موهن، سينہ به سينہ لب به لب.

(سانگي)

دل دهي= دل ڏيڻ.

دلستاني ڪرڻ= دل وٺڻ.

ٻن ڪمن مان ته هڪڙو ڪر دلبر

دل دهي يا دلستاني ڪر. (سانگي)

 

لال ٿيڻ= گونگو ٿيڻ، ماٺ ٿيڻ.

تنهنجي سارهه لئه زبانون سوين سوسن کوليون

لال سڀ ٿي ويون،  هڪ ڀي نه گويائي ۾ آهه.  (فقير)

 

دربر ڪرڻ= ڀاڪر ۾ آڻڻ.

در شبِ  وقفِ بهار

يار دربر ڪجي، ڪجي نه ڪجي.      (فقير)

 

دهه چند= زياده.

عارض جي نزاڪت آهي شيرين کان دهه چند

گلبرگ زبان ان ۾ آهي غنچه دهن جي.  (گدا)

 

دست بستہ = هٿ ٻڌل (ٻانهو).

شاهه گل تختِ چمن تي دست بستہ عندليب

دؤرِ شاهي کان نه گهٽ اڄ آهه دورانِ بهار.  (واصف)

 

بغل ۾ اچڻ= ڀاڪر ۾ اچڻ.

قبر آخر ٿي همڪنار افسوس

تون نه آئين بغل ۾ يار افسوس.  (واصف)

 

ادا رمال وجهه ڍارو پنهل ايندو ڪڏهن

جو بغل مان ويو لنگهي سو دربغل ايندو ڪڏهن   (مرتضائي)

 

چين به جبين رهڻ= گهنڊ، ڪاوڙ.

خطوطِ برگ سمن ياسمين ڇا باعث

رهي ٿي شوخ کي چين بر جبين ڇا باعث.      (بلبل)

 

پارسيءَ جون چوڻيون ۽ زبان زد مصرعون:

 

آفتاب آمد دليلِ آفتاب

تنهنجو دل آفروز جوڀن تنهنجو شهرو ٿو ڪڍي

سچ چيو ڪنهن آفتاب آهي دليلِ آفتاب. (فقير

 

هر کسي را بهر کارِ ساختہ

هر ڪسي را بهرِ ڪارِ ساختہ سچ آ مثل

ڪوهڪن کانپوءِ ٿي وئي دامنِ ڪوهسار بند   (محمود- خادم)

 

شنيده کي بود مانندِ ديده.

شنيده ڪي بود مانندِ ديده

حسين ٿيا منجهه نظر حورون جنان ۾.      (مخلص) (1)

 

مرده بدستِ زنده.

گوش ڪر تون مثال هي مرده بدستِ زنده آهه

ڇو ٿو هڻين پوءِ ٺوڪرون منهنجي مزار کي.    (محمود- خادم)

 

کار ساز، ما به فکرِ کارِ  ما است.

خود ڪارسازِ ما شد در  فڪرِ ڪارِ ما

قول آهه اي سچو قليچ ڌيان ان تي ڏي.  (قليچ)

جون کفر از کعبہ برخيزد کجا ماند مسلماني،

گهراڻن ۾ گهڻي گڙ ٻڙ پئي شر شيطاني

چون ڪفر از ڪعبه برخيزد ڪجاماند مسلماني.   (سانگي)

 

هرچه بادا باد= جيڪي  ٿئي سو ٿئي.

هرچه بادا باد ما کشتي در آب انداختيم

هر توڪل جو اثر هو عشق جي ارباب کي  . (بلبل)

 

غزل جي زبان:

سنڌ جا غزل گو شاعر خاص طرح سانگي ۽ گدا جي دؤر تائين ايترا پارسي زده ڏسڻ ۾ ٿا اچن جو هنن جي غزلن ۾ نه صرف پارسي لفظن جي ڀرمار آهي بلڪه انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته اُنهن جا شعرن جا شعر بلڪه غزلن جا غزل پارسي شعر ۽ غزل وڌيڪ ۽ سنڌي غزل ۽ شعر گهٽ ٿا لڳن. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته سنڌي غزل جي ابتدائي دؤرن ۾ پارسي آميز زبان وڌيڪ شاعرانه ليکي ويندي هئي ۽ شاعرن جي حلقن ۾ پسند ڪئي ويندي هئي. سانگيءَ جي دؤر تائين ڪيترن شاعرن جا غزل اهڙي زبان ۾ لکيا ويا آهن جن جا فعل يا ڪي لفظ سنڌي آهن، جي ٻڌائن ٿا ته هي سنڌي شعر آهي. ورنه انهن کي پارسي شعر چوڻ وڌيڪ موزون ٿيندو. جيتوڻيڪ سانگي جي دؤر کانپوءِ غزل جي زبان صاف ۽ ڌوتل سنڌي ٿيڻ لڳي، تاهم ڪيترن غزل گو شاعرن جي زبان تي پارسي لفظن جي چهر ۽ چٽڻي جو چسڪو قائم رهيو.

خليفو ”“گل“ پهريون صاحبِ ديوان شاعر آهي جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هن پنهنجي غزلن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن. مگر هن جا ڪيترا غزل اهڙا آهن جن تي پارسي رنگ وڌيڪ غالب آهي. سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر ملاخطه ڪريو:

 

وجہ تنهنجو وجود کي جامع

شان دلبر شهود کي جامع.

نورِ بيرنگ رنگ ۾ پڌرو

سڀ نظر ۽ نمود کي جامع.

حڪم مُلڪ و مَلڪ کي آهه محيط

عام نابود بود کي جامع.

 

 غلام محمد شاهه ”گدا“ سانگيءَ جي دور جو استاد غزل گو شاعر آهي. سندس غزلن مان ڪجهه نمونا پيش آهن:

 

دلبرم گفت، ”کيستي؟“ گفتم

بنده درگہ حضور آهيان. (گدا)

 

هن شعر ۾ آهيان جو لفظ (جو فعل آهي)، جيڪڏهن انهيءَ کي بدلائي پارسي فعل وجهجي ته سمورو شعر پارسي ٿي پوندو.

ساڳي غزل جو ٻيو شعر آهي:

مست مخمور ميڪش و مدهوش

يار جي چشم جو خمار آهيان.  (گدا)

هن شعر جي  ٻي مصرح ۾ جي، جو ۽ آهيان لفظ جي نه هجن ته شعر پارسي ٿي پوي.

خطِ خضريش عيسئي دوران نه چوان ڇو

دلبر جو دهن چشمئه حيران نه چوان ڇو.   (گدا)

 

سواءِ رديف جي سڄو شعر پارسي آهي.

 

هيٺئين شعر ۾ گدا محبوب جي حسن جي مدح ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪري ٿو انهن ۾ سڀ لفظ پارسي آهن، ڪو به لفظ سنڌي نه آهي. چوي ٿو:

گوش گل، چشم نرگسِ شهلا

رنگِ رخسار، رشڪِ برگِ سمن.

 

هي آهي پارسيءَ جو اثر،  جو سنڌي شاعر سمورا لفظ پارسيءَ جا استعمال ٿو ڪري.

گدا جي هڪڙي غزل جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا جيئن معلوم ٿي سگهي ته ان دؤر جي شاعرن جي نه صرف غزل جي ڪجهه شعرن تي بلڪ سڄن غزلن تي پارسي زبان حاوي آهي.

 

غزل

سندم دل اهڙي دلبر تي ڇڪن آهه

سمن رخسار جو  گل پيرهن آهه

نثارِ عارضِ زيبائي جانان

گل و لا لئه و نسرين و سمن آهه.

 

سڄڻ جا زلف مشڪين عنبر افشان

خطا ٿي جي چوان مشڪِ خطن آهه.

 

چوان بادام چشمِ دلربا کي

علاجِ ضعف دل سببِ ذقن آهه.

 

گدا خسخانه پنهنجي ۾ ئي هرڪو

نظام الملڪ نوابِ دکن آهه.

 

محمد هاشم ’مخلص‘ گدا جو محبوب شاگرد هو. جيتوڻيڪ هو گدا کانپوءِ واري دؤر جو شاعر آهي مگر سندس زبان تي ساڳيون پنهنجي استاد وارو پارسي آميز رنگ چڙهيل آهي. سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر آهن:

 

نازڪ بدنا، سيمتنا لالہ عذا را

مشتاق ڏي کڻ نيڻ منجهان ناز نگارا.

 

جان بخش لبِ لعل جو هڪ بوسه ڏي اي يار

بر عاشق پيچاره عطا ڪن تو خدا را.

 

بي روئي تو اي مهوش مہ روءِ مدامي

ٿا هجر جي آتش جا اٿن دل تي غبارا

(مخلص)

مير عبدالحسين ’سانگي“ پنهنجي دؤر جو غزل جو برگزيده شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعريءَ جي عظمت جو اعتراف نه صرف سندس دؤر جي سڀني شاعرن ڪيو آهي پر اڄ به سندس غزل دلچسپيءَ سان پڙهيو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. سانگيءَ جي غزل جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو پنهنجي هم عصرن وانگر پارسي زبان جي آميزش کان بچي نه سگهيو آهي. سندس ڪلام تي هوليءَ جي مختلف رنگن وانگر پارسيءَ جي چٽسالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سندس هڪ غزل جا شعر ملاحظه لاءِ پيش آهن:

ڪر عطا ساقي شرابِ ارغواني خوشگوار

آهي ٿيو جوشِ جنون آيو وري ابرِ بهار.

 

ڪيو معطر اڄ چمن کي ياسمين ونسترن

جنبشِ بادِ صبا سنبل جو گل ڪيو تار تار.

 

مرغ کان هر جا زمردِ زار ڏسجي ٿي زمين

آهه شب بو کان معطر ٿيو مشامِ روزگار

 

ساقيا مون کي سندءِ رخسار احمد جو قسم

سرخ گون  آهي سڄي گلزار کي ڪيو گل انار.

 

تو وسايا آهن هي مضمون موزون جا تگرگ

طبع تنهنجي آهه سانگي يا ابرِ بهار.

حيدرآباد جي مڪتبِ شعرا بعد ٺٽي جي مڪتب ڏانهن نهاريو. امام بخش شاهه ’فدوي‘ سانگي جو همعصر ۽ استاد شاعر آهي. غزل جا واهڙ وهايا اٿس مگر سندس زبان تي به پارسي جي چاش زياده نظر ٿي اچي.

عاشقن جي جنگ تي معشوق يڪسان صف به صف

سينگ ابرو ڪيو هڻن ٿا تير مرﱞگان صف به صف.

 

راست قد سهڻن جي اڳيان دست بستہ با ادب

ڳچيءَ ۾ طوقِ غلامي جمله خوبان صف به صف.

 

شمع روشن ٿيو به مجلس آ حسينن جو حسن

پتنگ جان صد بار سهڻا ان تي سوزان صف به صف.

 

پرت ۾ پيرِ مغان جي پُر خماري باده خوار

در مٿي ميخانه جي سڀ محو مستان صف به صف.

 

منهنجي گل جي خار تي سڀ گل عذارنِ جهان

فدوي مون جيئن هزارين عندليبان صف به صف.

 

غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي‘ امام بخش شاهه فدوي جو شاگرد آهي، سندس غزل جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هو به ساڳي رنگ ۾ رنڱيل آهي، نمونہ ڪلام هي آهي:

 

زلف پر جبين ان جو ڏسجي ٿو ڪمند افگن ٿئي

دشت ۾ هر هڪ هرڻ کي طوف منجهه گردن ٿئي.

-

خوان رخسار ڄڻ گلنار يا  صد برگ کان سهڻا

گلِ لاله يا رنگِ شفق يا خون چشماني.

-

عشق جو سودازدو ڪيئن ڪوئي جانان کي ڇڏي

عندليبِ شوق ڇو صحنِ گلستان کي ڇڏي.

-

وچولي ۽ لاڙ جي شاعرن کانپوءِ سري جي غزل گو شاعرن جي بياضن جو مطالعو ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته سندن غزلن جي زمين ۾ به ساڳيائي پارسيءَ وارا ٽڙيا بيٺا آهن. جڏهن حيدرآباد ٺٽي ۾ شاعري جي شمع جي جوت چمڪي ٿي ته لاڙڪاڻي ۾ شاعريءَ جو چراغ روشن ٿيو، جنهن سنڌي غزل کي نئين سونهن ۽ سوڀيا بخشي مگر جيئن ته غزل جون پاڙون پارسي شاعري ۾ پختيون هيون تنهن ڪري هن مڪتب جا شاعر به پنهنجا پلاند ان کان صفا آجا نه ڪري سگهيا. ان ۾ شڪ ڪونهي ته هن مڪتب جا شاعر پارسي زبان جي مي ۾ ايترا مست نه آهن جيترا حيدرآباد ۽ ٺٽي جا شاعر، مگر هنن به ساڳي ساقيءَ وٽان چُڪو چاڙهيو آهي.

ميان علي محمد قادري لاڙڪاڻي جي مڪتبِ شاعري جو ابو ۽ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو باني مباني ۽ بزرگ شاعر قريباً سانگيءَ جو همعصر آهي. سندس غزل جي زبان جو نمونو ملاحظ ڪريو:

 

خداوند گلِ مقصود کولج دل جي بستان ۾

ڦران ٿو بلبلِ شيدا جان حيرت جي گستان ۾.

 

نه ٿيو حاصل سوا حسرت جي ٻيو ڪجهه عشقِ خوبان ۾

وئي سڀ عمر گذري آرزوئي وصلِ جانان ۾.

 

ڏسان ديدار ٿو مان يار جو سهڻن جي چشمن ۾

ڏٺو ليليٰ جو جلوو قيس ٿي چشمِ غزالان ۾.

 

نه آهي چشم ابرو زلف بيني ماهه تابان ۾

نه آهي ماهه، خور ۾ ۽  نه ڪي گلزار جي گل ۾.

 

خدا خلقيو آهي انسان کي تقويم احسن ۾

سمورو سر سبحان قادري مخفي آ انسان ۾. (1)

 

لاڙڪاڻي مڪتب جو وڏو شاعر ميان غلام سرور ’فقير‘ آهي. سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر ڏجن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي مڪتب پارسي جي اثر کان ڪنهن حد تائين آجو ٿي چڪو هو.


 

غزل

ڇا شمع ڇا تنهنجو رخ، رخ سان چه جائي شمع

رخ تنهنجي تان ڇڏيان، گهوري گهمائي شمع.

 

جو شمع مان ڪري ٿو ڦلو مان صحيح ڪيو

سجدو ڪري ٿي تو کي ائين سر نوائي شمع.

 

ايندو دعا جي لاءِ پرده نشين ڇپي

تربت سندم جي، واءُ گهلي ڇڏ وسائي شمع.

 

تاريڪ رات هجر جي گر آ ته فڪر ڇا

روشن ٿي رهندو داغ جگر جو بجائي شمع.

 

اُمرا جي قبر تي جي ٻريا جهاڙ ڇا ٿيو

بيڪس جي گور تي آ قمر بس بجائي شمع.

 

ڪون و مڪان جو سير ڪرين جو ته اي ’فقير‘

سيني کي ڪر تون روشن دل جي جلائي شمع.

 

لاڙڪاڻي مڪتب ۾ نواز علي ’نياز‘ ۽ حاجي محمود ’خادم‘ کي وڏو رتبو حاصل آهي. سندن ڪلام جا ڪجهه نمونا پيش ڪجن ٿا جيئن معلوم ٿئي ته پارسي جو ڪيترو رنگ اڃا قائم هو:

 

 

ايترا جورِ زمانه مون کي سيکاريا سبق

جو رهي هر گز نه ڪائي حاجتِ استاد نيٺ

 

بلبلِ دل قيد ٿي اڄ گلبدن جي زلف ۾

هئن ٿي آسانيءَ سان پوري حسرتِ صياد نيٺ.

 

روز روشن تنهنجو ۽ منهنجو يار افسانو ٻڌي

هر ڪنهين دل تان وساريا شيرين ۽ فرهاد نيٺ.

(نياز جعفري)

هاڻي حاجي محمود ’خادم‘ جو ڪلام ملاحظه ڪريو:

اڄ تصور خواب ۾ زلف دوتا جو ٿي ويو

دل پريشان ۾ گذر ڪاري بلا جو ٿي ويو.

 

زلف ان جي کي ڏسي موسيٰ عصا سودو ڀڳو

دل پريشان ۾ گذر ڪاري بلا جو ٿي ويو.

 

تير مرﱞگان دل جو مهمان ٿي جڏهن سيني لڳو

سڀني عضون مان تڏهن غل مرحبا جو ٿي ويو

 

لوڙهه جڏهين ويا لٽي آيو تڏهن غفلت شعار

دير جو تنهن کي بهانو، اڄ حنا جو ٿي ويو.

 

ورهاڱي کانپوءِ نين قومي ۽ ادبي تحريڪن سبب سنڌي غزل به ٻين شاعري جي صنفن وانگر پارسي زبان جي پراڻي جادوءَ مان جند ڇڏائي پنهنجي نج ۽ صاف ٻوليءَ جي استعمال ۾ مشغول آهي، پر اڃا به ڪي پارسي جا اهڙا پيار ڪندڙ آهن جي پارسي زبان جي زلفن جي پيچ ۾ سوگها جڪڙيا پيا آهن، جن مان فيض بخشاپوري هڪ آهي. سندس ڪلام جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هو متقدمين کان به وک اڳتي  آهي. نمونئه ڪلام هي آهي:

هر طرف خامہ گويا، صد دفترِ ديستان

هر قطره سياهي، صد جوئي آبِ حيوان.

 

مرده بادِ بهاري آ صدائي زنجير

ساغرِ عيش جنون، حلقئه جولان آهي. (1)

 

پارسي شاعري وارا خيال:

انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته سنڌ جي شاعرن غزل جي گلستان ۾ خيالن جا قسمين قسمين گل پيدا ڪيا آهن. جن جي سونهن ۽ دلفريبي هڪ طرف آهي ته شوخي ۽ نزاڪت ٻئي طرف. ڪا به شاعري جنهن ۾ پنهنجن خيالن جي بلندي ۽ جذبن جي عڪاسي نه آهي انهيءَ کي شاعري ڪوٺي نٿو سگهجي. غزل جي دنيا ۾ اسان جي شاعرن خيالن جي هما کي نهايت بلند پروازي عطا ڪئي آهي ۽ مختلف جذبن ۽ ڪيفيتن، وارداتن، حسرتن ۽ ارمانن جون نهايت رنگين تصويرون ڪڍيون آهن جو انهن سان نه ته انڊلٺ جا رنگ مقابلي ۾ اچي سگهن ته نه مانيءَ ۽ بهزاد جون تصويرون.

 

محبوب جي جلوي جي جادوگري، نازنين جي ناز و ادا جي عشوه گري، دلبر جي چنڊ جهڙي چهري، سندس زلفن جي ور وڪندڙ کائيندڙ ڪارين بلائن، ابرن جي محرابن، جن جي اڳيان عاشقن جي دل سجدي ڏيڻ لاءِ بيقرار هوندي آهي، پنبڻين جي تيرن يا نظرن جي تلوارن، وصل جي عيد کان وڌيڪ سڀاڳي ڏينهن، يا فرقت جي قيامت کان وڌيڪ عذاب ڏيندڙ گهڙيون، تصوف جي  مسئلن يا اخلاق جي سبقن کي بيان ڪرڻ ۾ اسان جي غزل گو شاعرن ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي. هنن هر طرح خيالن جي بلند پروازي ڏيکاري آهي.

 

پارسي شاعري ورهين جا ورهيه مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهائي ٿي وئي، حاڪمن جي دربار ۽ سندن خانگي محفلن ۾ انهيءَ جو دخل هو ۽ هر تعليم يافته فرد جي وردِ زبان هئي، تنهن ڪري ان جو هن زمين جي شاعرن تي، جي گهڻو ڪري پارسي خوانده هئا، جو اثر هئڻ لازمي ڳالهه هئي. اِهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي شاعرن جڏهن به شعري ڪئي ته ڪيترن پارسي شاعرن وارن خيالن کي شعوري يا لاشاعري طور بيان ڪيو. ساڳي طرح غزل گو شاعر به انهيءَ کان پنهنجو دامن بچائي ڪين سگهيا. ائين محسوس ٿو ٿئي ته سنڌ جا شاعر ايراني شاعريءَ جي گلستان جو جڏهن سير ٿا ڪن تڏهن هنن کي ڪيترا نوان، سهڻا ۽ پرڪشش خيالن جا گل ڏسڻ ۾ اچن ٿا جي هو اُتان پٽي پنهنجي شاعريءَ کي سينگارڻ لڳن ٿا، يا ائين چئجي ته سنڌي شاعر ايراني شاعر جي اهڙي خزاني تي وڃي پهچن ٿا جتي مختلف خيالن جا هيرا، موتي، لعل، ياقوت، زمرد، فيروزه ۽ الماس وغيره ٽڙيا  پکڙيا پيا آهن، اهڙا قيمتي ۽ املهه ماڻڪ ڏسي سندن دل انهن سان پنهنجي شاعريءَ کي مالا مال ڪرڻ ٿي گهري ۽ هو اتان اهو ڪي کڻن ٿا جيڪي کڻي سگهن ٿا.

 

سنڌي غزل ۽ پارسي شاعريءَ جي مختلف صنفن جي مطالعي مان اسان کي ڪيترا ساڳيا خيال ملن ٿا جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جا غزل گو شاعر پارسي شاعريءَ مان فيض ور ٿيا آهن. انهي ڳالهه جو اعتراف ڪيترن شاعرن پاڻ ڪيو آهي. حاجي محمود ’خادم‘ چوي ٿو:

 

آ پارسي پوشاڪ مون سنڌيءَ کي ڪرائي

ڏئي شعر سندن ياد ٿو شيراز شب و روز. (1)

 

هدايت علي ’نجفي‘ هڪ مشهور غزل گو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس ديوان جي قطع تاريخ مرزا قليچ بيگ لکي آهي جنهن ۾ هن انهيءَ  راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته سندس خيال پارسي آهن.

 

خوشيءَ جو ڏينهن آيو سنڌ جي لاءِ

جڏهن پورو ٿيو ديوان نجفي.

غزل ان جا پسند جهڙا ٿيا اڪثر

چڱا ٻي طرف پڻ آهن سڀيئي.

 

خيال آهن اگرچه پارسي سڀ

ڍڪايو تن کي شاعر ويس سنڌي. (2)

 

ڪعب ابن زهير هڪ وڏو شاعر ۽ آنحضرت ﷺ جو مداح هو، چوي ٿو:

ما ارانا نقول اِلا شعارا

او مُعاد اً امن قولنا مکرو ورا.

(يعني جيڪي ڪجهه اسان چئون ٿا ته ٻين جي ڪلام مان وٺي چئون ٿا يا پنهنجي ڪلام کي وري وري دهرايون ٿا.)

 

ڪيترن سنڌي شاعرن پارسي شاعرن جي خيالن کي پسند ڪري پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي ته هنن انهن خيالن سان گڏ ان شاعر جو به ذڪر ائين ڪيو آهي جيئن هڪ ننڍو ڪنهن وڏي کان ڪو تحفو حاصل ڪري ان جو ذڪر ٻين سان ڪندو آهي.

 

مرتضائي حافظ جي انهيءَ خيال کان ته ”با مسلمان الله الله، با برهمن رام رام“ کان متاثر ٿي چوي ٿو:

ڇا چيو حافظ ته با شيخ و برهمن يار ٿي

دين تي ڪر استقامت ڪيئن ٿي دشوار بد. (مرتضائي)

 

مرزا قليچ بيگ کي خاقانيءَ جي اها نصيحت دل سان لڳي ٿي ته طالبن کي درويشن جي دامن وٺڻ گهرجي.انهيءَ خيال کي هن ريت ٿو بيان ڪري:

 

’قليچ آهين جي طالب تون، ته درويشن جي وٺ دامن

نصيحت صدق سان اهڙي، ڪري ٿو تو کي خاقاني. (قليچ)

 

کيس مولوي رومي جو هي گفتگو پسند آيو آهي ته ”روح جي ترقي حق جي طرف کان آهي، جسم گرچه فاني آهي ته به روح باقي هوندو“.

چوي ٿو:

ترقي جي طبقي ٿي اصل حقاني

رهان آءُ باقي، جي حال هر حال ۾ ٿيان فاني.

 

انهيءَ طرح آهي فرمايو مولوي رومي

قليچ کي ٻڌي هيءُ قول آهه حيراني.

 

مير عبدالحسين سانگيءَ کي حافظ جو اهو خيال پسند آيو آهي ته ماڻهوءَ کي ”خود پسند“ مغرور ماڻهوءَ جو معتقد نه ٿيڻ گهرجي، ان ڪري پاڻ به چوي ٿو:

حافظ سان هم زبان ٿي چوان ٿو اي زاهدو

ما نيستيم معتقدِ مردِ خود پسند. (سانگي)

حافظ حامد کي خواجہ حافظ جو هي خيال ته ملڪ مان مروت ختم ٿي وئي آهي، پسند ٿو اچي ته حافظ جو ذڪر ڪندي انهيءَ خيال کي ورجائي ٿو:

نٿو آن چوان بل خواجه حافظ

مروت محو ٿي سالڪ سڀائي.

ايراني شاعري ۽ سنڌي غزل جي تقابلي جائزوي مان اسان کي ڪيترا مثال ملن ٿا، جن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي غزل گو شاعرن ايراني شاعرن جي خيالن جو شعوري يا لاشعوري طرح سرقو يا ترجمو ڪيو آهي ۽ اهو سلسلو سنڌ جي پهرين صاحبِ ديوان خليفي گل کان وٺي جاري آهي.

 

شيخ سعدي جو هڪ بي مثل شعر محبوب جي چپن جي تعريف ۾ آهي. محبوب جي چپن جي اهڙي تعريف اڄ تائين نه ڪو شاعر ڪري سگهيو آهي ۽ نه شايد اڳتي ڪري سگهي. هو محبوب جي چپن لاءِ چوي ٿو ته هر ڪا مکڙي جا ٽڙي سا وري گل ٿي نه سگهندي؛ مگر منهنجي محبوب جا چپ اهڙا آهن جو ماٺ ته مکڙي آهي ۽ جي ڳالهائي ٿو ته گل آهي.

هر غنچه که گل گشت دگر غنچه نه گردد

قربان زلبِ يار گهي غنچہ گهي گل. (سعدي)  (1)

 

خليفو ان خيال کي هيئن ٿو پيش ڪري:

ٻوٽين ته مکڙي وات ٿيو، پٽين ته گل اثبات ٿيو

موهيو ئي مون کي ان مام، تون شل هيئن سدا اي دوست گل.

(گل) (2)

مرزا صاحب اصفهاني گل تي شبنم جو قطرو ڏسي چوي ٿو ته اهو تنهنجي منهن جي پگهر جو ڦڙو آهي جيڪو گل پنهنجي دامن ۾ کنيو بيٺو آهي:

 

نه شبنم است چمن را بروئي آتشناڪ

عرق از روئي ترکرده است گل دامنِ پاڪ.   (صائب)  (3)

 

ساڳئي خيال کي خليفو قاسم هنن لفظن ۾ بيان ٿو ڪري:

ڏس پگهر مهل ڳل سندا پرين

گل سندي منهن مٿي پوي جيئن ماڪ.   (قاسم) (1)

زيب النسا ’مخفي‘ هندستان جي شهنشاهه اورنگزيب عالمگير جي ڌيءُ هئي. ان جو هڪ شعر اڄ تائين مقبول آهي، جنهن ۾ چوي ٿي ته منهنجو محبوب مون وٽ نه زر سان، نه زور سان، نه زاريءَ سان ٿو اچي:

 

سبز پوشِ به لبِ بام نظر مي آيد

نه به زاري، نه به زوري، نه به زر مي آيد.(2)

 

ان کي ٺٽي جو شاعر علي سبز پوش هيئن ٿو بيان ڪري:

 

نه زاريءَ جي، نه زوريءَ جي، نه زر جي

منهنجي محبوب کي پرواهه پرواهه.

(علي سبز پوش)  (3)

۽ ميان غلام سرور’فقير‘ ساڳيو خيال هيئن ٿو ادا ڪري:

 

نه زر سان، زور سان، سحر افسون سان، نه منتر سان

نياز ۽ عجز ساڻ پڻ ڪين ٿيو هو عشوه گر پنهنجو.     (فقير)


 (1)  ”ديوان واصف“- ڇاپيندڙ پوڪرداس ٿانورداس- شڪارپور.

(1)  “فڪر فيض“، مڪتبئه قصر الادب گهوٽڪي، 1978ع.

(2ـ  ”ڪليات خادم“، مقدمو، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 47.

(1)  ”ڪلياتِ مخلص“ (قلمي)، ملڪيت محمد خان غني، (محمد هاشم جي شعرن جا مثال هن ڪليات مان ڏنا ويا آهن).

(1)  ”ديوانِ قادري“ قادري پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻه، 1940ع، (ميان علي محمد قادري جي شعرن جا ٻيا مثال به هن ديوان مان ورتل آهن).

(1)  ”فڪرِ فيض“، مڪتبہ  قصر الادب گهوٽڪي، 1978ع.

(1)  محمود حاجي ’خادم‘ ”ڪليات خادم“ (قلمي)، (ملڪيت محمد علي قريشي، لاڙڪاڻو).

(2)  مرزا قليچ بيگ،  ”ديوانِ نجفي“، شايع ڪندڙ پوڪرداس ٿانور داس، شڪارپور سنڌ، ص 156.

(1) ”ڪلياتِ سعدي“، مطبع ڪتبخانه مرڪزي خيام ايران (شيخ سعدي جي شعرن جا ٻيا مثال به هن ڪليات مان ڏنا ويا آهن)..

(2) ”ديوانِ گل“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد،1933ع.

(3) ”ديوانِ صائب“اصفهاني، مطبع مجتبائي لکنو (صائب جا ٻيا مثال به هن ديوان مان منتخب ڪيا ويا آهن).

(1)  ”ديوانِ قاسم“، پوڪرداس، شڪارپور، 1936ع، (قاسم جا ٻيا مثال به هن ديوان مان ڏنل آهن).

(2)  ”ديوانِ مخفي“، منشي نول ڪشور ڪانپور.

(3)  ”تڪملئه مقالات الشعرا“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص432.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org