پارسي شاعريءَ جي ابتدا:
سنڌ ۾ اهو ڪهڙو شخص هو جنهن پهريان پارسيءَ ۾ نغمه سرائي ڪئي ۽
هن سر زمين تي تصوف ۽ مجاز جي جذبن کي پارسي زبان
جي پوشاڪ پهرائي اسان تائين پهچايو، جو صدين گذرڻ
کانپوءِ به اڄ تائين پارسي شاعري جي گونج قائم
آهي. ان لاءِ ڪجهه به پڪ سان چئي نٿو سگهجي. مگر
اسان کي تيرهين صدي عيسوي ۾ جڏهن سنڌ تي سومرن جي
حڪومت هئي، ٻن اهڙن بزرگن جا شعر ملن ٿا جي ٻاهران
اچي سنڌ ۾ مقيم ٿيا هئا، انهن مان هڪ علي بن حامد
ڪوفي هو جيڪو ستين صدي هجري جي شروعات ۾ 612هه کان
اڳ هتي اچي رهيو. ٻيو حضرت لعل قلندر شهباز عثمان
مروندي آهي جيڪو ستين صدي هجري جي وچ ۾ 649هه ۾
سيوهڻ ۾ آيو ۽ اُتي رهي پيو. حڪيم فتح سيوهاڻي
سندن سيوهڻ ۾ آمد بابت هڪ قطع تاريخ ڏني آهي:
چون بازِ آشيان قدس شهباز
سيوستان را نموده جنت آسا
خرد تاريخ آن از روئي ’اخلاص‘
”نمود آفتاب دين“ بگفتا.
649
علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي سنڌ بابت قاضي اسماعيل بن علي ثقفي
جي خاندان مان ڪنهن جي سنڌ بابت عربي ۾ لکيل تاريخ
جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو جو پوءِ ”چچ نامي“ جي نالي
سان مشهور ٿيو. ان ڪتاب جي منڍ ۾ علي ڪوفي ڪجهه
پنهنجا شعر ڏنا آهن جيڪي ملتان جي حاڪم ناصر الدين
قباچه جي مدح ۾ لکيل آهن، جن کي سنڌ ۾ پارسيءَ جو
پهريون ڪلام چئي سگهجي ٿو. مدح جا پهريان ٻه شعر
هي آهن:
خسرو ملک بر تو خرم باد
نخل گيتي ترا مسلم باد.
از تو آباد ظلم ويران شد
بہ تو بنياد عدل محڪم باد.
ان کانپوءِ اسان کي شيخ عثمان مروندي قلندر شهباز جو ڪلام ملي
ٿو. مولانا محب علي جنهن کي ملا محب علي به چيو
وڃي ٿو، ان جي حوالي سان ماثر الڪرام واري غلام
علي بلگرامي لکيو آهي ته ملا محب علي شهباز کي
مرندي مرند جو ڄاڻايو آهي جو آزربيجان ۾ آهي. سندس
مزار مبارڪ سيوهڻ ۾ آهي. عام طرح هن کي مروندي
يعني مروند جو رهاڪو سڏيندا آهن. حڪيم فتح محمد
قلندر نامه ۾ ڪنهن شاعر جو قطعو ڏنو آهي، جنهن ۾
قلندر شهباز جي ولادت، عمر ۽ وفات جا سال اچي وڃن
ٿا. قطعه هي آهي:
بچو تاريخ شمس الدين عثمان
بدر ڪن رنج از فلک کرامت
538هه
ز سن عمرش ولي الله وفاتش
112
سروش غيب مي گويد برحمت
(1).
650ع
خداداد خان ”لبِ تاريخ سنڌ“ ۾ قلندر شهباز جي سنڌ ۾ آمد جي
تاريخ ”نمود آفتابِ دين“
(2)،
(679هه مطابق 1246ع بيان ڪئي آهي.
حضرت قلندر شهباز جا ڪيترا غزل ملن ٿا، جن ۾ تصوف جي سرمستي
ڇانيل آهي. جن مان هڪ غزل جا ڪجهه شعر هي آهن:
1- رقصيم برقصيم که خوبان جهانيم
نازيم بنازيم که در عين عيانيم.
2- نه آبيم نه باديم نه خا کيم نه آتش
مائيم بهر صورت وفا کون و مکانيم.
3- در علق نه گنجيم آن نور خدائيم
4- مطلوب نه طلبيم که اين طلب حرام لست
الله نه گوثيم که در شرک لچانيم.
5- شهباز پريڊيم و از خويش گذشتيم
با دوست لجانيم و بي دوست ندائيم.(3)
پهريان سنڌي پارسي شاعر:
سنڌ ۾ سمن جي حڪومت (1521-1333ع) جي دؤر ۾ اسان کي ڪن سنڌي
پارسي شاعرن جا نالا ملن ٿا جن ۾ ڄام جوڻي جو نالو
پڻ ورتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر سدارنگاڻي ان دؤر جي شاعرن
جا نالا هن ريت بيان ڪري ٿو ”سنڌ جا قديم ترين
پارسي شاعرن، جن جو احوال ڪتابن ۾ اچي ٿو، سي ڄام
جوڻو، شيخ حماد جمالي، شيخ عيسيٰ لنگوٽيو، ڄام
نندو ۽ مخدوم بلاول آهن“.(1)
ڄام جوڻي جي شعر جي هڪ سٽ ملي ٿي جيڪا عفيف پنهنجي تاريخ فيروز
شاهي ۾ محفوظ ڪري ڇڏي ”آهي. عفيف لکي ٿو ته سنڌ
وارن جڏهن اُچ شريف جي سيد جلال الدين جي وچ ۾ پوڻ
تي فيروز شاهه تغلق سان ٺاهه ڪيو تڏهن ڄام جوڻو
فيروز شاهه وٽ حاضر ٿيو ۽ هيءَ مصرح پڙهيائين:
شاهه بخشنده توئي و بنده شرمنده
فيروز شاهه ڄام تي بيحد نوازش ڪئي ۽ نهايت شفقت سان احوال
دريافت ڪيائين، ڄام کي هڪ تازي گهوڙو ڏنائين ۽ هي
مصرح پڙهيائين:
از من نه سزد بدي و خود بدي نه کنم.
(2)
شيخ حماد جمالي، عيسيٰ لنگوٽئي، ڄام نندي ۽ مخدوم بلال جي شعرن
جو نمونوپ مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ جي
سيني ۾ سانڍي ڇڏيو آهي، جي هي آهن:
شيخ حماد جمالي:
دو گزک بوريا و پوستکي
دلکي پر ز درد دوستکي
اين قدر بس بود جمالي را
عاشقِ رند و لا اوبالي را.(3)
عيسيٰ لنگوٽيو:
قانع لکي ٿو ”هي ٻه بيت اهي آهن جيڪي هن (عيسيٰ لنگوٽئي) شيخ
حماد جماليءَ جي جواب ۾ لکيا آهن“.
قيد باشد حڪيم در رهِ دوست
دو گزک بوريا و پوستکي
گر تو آزاده اي بس است ترا
دلکي پر ز درد دوستکي.
(4)
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو.
اي آنکه ترا نظام الدين ميخوانند
تو مفتخري مرا چنين ميخوانند
گر در رهِ دين از تو خطائي افتد
شک نيست که کافر لعين ميخوانند(1)
مخدوم بلال:
در راهِ خدا ز سر قدم بايد ساخت
سرمايہ اختيار خود بايد باخت
کفر است که خود نمائي بجهان
از خويش برون وسوي او بايد تاخت
(2)
سمن جي دؤر جي پارسي شاعريءَ جي مٿي ڏنل مثالن کي پرکڻ مان پتو
پوي ٿو ته انهن ۾ نه صرف تصوف جي خيالن جي گهرائي
آهي پر فني خيال کان عروض جي ڪسوٽيءَ تي پڪا ۽
پختا آهن، تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته پارسي جي
مقبوليت چڱي وقت کان هلندي ٿي آئي جو هتان جا
مقامي باشندا ان ۾ اهڙي سٺي ۽ پختي شاعري ڪري ٿي
سگهيا.
ارغون، ترخان ۽ مغلن جا نواب (1522-1679ع)
سورهين صدي جي شروعات ۾ سنڌ جي حڪومت جون واڳون سمن جي هٿان
نڪري 1522ع ۾ ارغون جي حوالي ٿي ويون. جلد ئي
ارغونن جو خاتمو ٿيو ۽ 55-1554ع ۾ ترخان سنڌ جا
حاڪم بنجي ويا. جنهن کان پوءِ هندستان جي مغل
شهنشاهن لشڪر موڪلي سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽
سندن مقرر ٿيل نواب 1574ع کان 1619ع تائين سنڌ ۾
ايندا رهيا، اتان جو سنڌ تي ڪلهوڙن جو قبضو ٿي
ويو.
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جا نواب سواءِ ڪن ٿورن جي غير سنڌي هئا ۽
سندن زبان پارسي هئي، تنهن ڪري 1522ع کان وٺي
1679ع تائين 157 سالن جي طويل عرصي تائين پارسي
زبان حاڪمن جي زبان، دربار جي زبان ۽ مڪتبن ۽
مدرسن جي زبان رهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ پارسي زبان
پنهنجو پاڙون پختيون ڪري ورتيون، ايتري قدر جو
ايندڙ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون حڪومتون جيتوڻيڪ مقامي
خاندانن جون حڪومتون پارسي زبان جي برتري ساڳي
قائم رهي.
ارغون ۽ ترخان اصل ۾ مغل نسل مان هئا. انهن کي علم ۽ ادب سان
ڪافي دلچسپي هئي، تنهن ڪري ڪيترا پارسي دان عالم،
اديب ۽ شاعر ڪٿان ڪٿان ڪهي اچي سندن درٻار ۾ پهتا
۽ جتي سندن وڏيءَ دل سان سرپرستي ڪئي وئي. ارغون
خاندان جو پهريون حاڪم شاهه بيگ پاڻ هڪ وڏو عالم
هو جنهن پاڻ قرآن جو تفسير لکيو هو. شاهه حسن هڪ
چڱو شاعر هو، سندس تخلص سپاهي هو، هن جي ڏينهن ۾
پارسيءَ جي ترقيءَ لاءِ سنڌ جي ڳوٺن ۾ مدرسا قائم
ڪيا ويا. سندس دؤر جي ڪيترن شاعرن جو ذڪر مير
معصوم پنهنجي تاريخ ۾ ڪيو آهي، جن مان مولانا فخري
هروي هڪ آهي، هو هڪ وڏو عالم ۽ شاعر هو، سندس
ڪيترا ڪتاب صنائع و بدائع ۽ عروض ۽ قافيہ جي فن تي
تصنيف ٿيل هئا.(1)
ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ جن بزرگن فارسي شاعري ۾ سخن سنجي ڪئي،
تن جو مختصر بيان هن ريت آهي:
شاهه جهانگير هاشمي هڪ سٺو شاعر هو. شاهه حسن هن تي گهڻيون
نوازشون ڪيون. تاريخ معصومي ۾ آهي ته ”شعر جي فن ۾
پنهنجي وقت ۾ بينظير آهو. تحفتہ الاحرار جي جواب ۾
”مظهر الاثار“ سندس طبع جو نتيجو آهي. ”ديوان
هاشمي“ پڻ هن جو آهي“.(2)
هن دؤر جو ٻيو شاعر حيدر ڪلوچ آهي، جو شاهه حسن ارغون جي ڏينهن
۾ سنڌ ۾ آيو. هن وقت جي حاڪم جي تعريف ۾ ڪيترا
قصيدا لکيا ۽ صاحبِ ديوان هو.
مرزا جاني بيگ پڻ سٺو شاعر هو ۽ ’حليمي‘ تخلص ڪندو هو. هن جي
حڪومت جي دؤر ۾ سيد محمد هاشم هڪ وڏو شاعر هو جنهن
”سير السلاطين“ جي نالي هڪ ڪتاب نظم ۾ لکيو ۽ ان
کي مرزا جاني بيگ جي نالي منسوب ڪيائين ۽ سندس شان
۾ پڻ ڪيترا قصيدا لکيائين.
مرزا باقي جي ڏينهن ۾ مير غروري نالي شاعر ڪاشان مان سنڌ ۾ آيو
۽ ٺٽي کي پنهنجو وطن بنايائين، هو هڪ بلند پايه
شاعر هو.
رضا بن عبدالواسع داروغثه گهر ٺٽي جو رهندڙ هو. هو هڪ سٺو شاعر
هو. هن شاهه عبدالڪريم جا ملفوظات رسالہ ”بيان
العارفين و تنيبہ الغافلين“ ۾ قلبند ڪيا.
ترخان حاڪمن جي دؤر جو هڪ امير خسرو خان پارسي جو وڏو شاعر هو.
هن دؤر ۾ امير ابوالقاسم سلطان بيگلار نالي هڪ
سردار هو جو بلند پايه سخن سنج ۽ سخن فهم هو. ادرا
بيگلاري سندس وقت جو شاعر هو جنهن هڪ عشقي مثنوي
لکي سندس نالي منسوب ڪئي.
مرزا غازي بيگ سنڌ جو حاڪم هو، پنهنجو تخلص وقاري رکيو هئائين.
هو شاعرن ۽ علم وارن جو وڏو سرپرست هو. سندس
فياضيءَ سبب سندس دؤر ۾ سنڌ علم و ادب ۽ شعر و
شاعري جو مرڪز بڻجي پئي.”ترخان نامي“ ۾ سندس سخا
جي تعريف کان پوءِ سندس بزم جو بيان هيئن آيو آهي:
”ازين جهت فضلاء وشعراءِ روزگار از ايران و،
توران رجوع بخدمتِ او نمودند و مجلس بهشت آئين
هنمواره محمعِ فضلا و شعراءِ روزگار بود“.(1)
مغل شهنشاهه جهانگير پنهنجي توزڪ ۾ هن لاءِ لکي ٿو، “مرزا غازي
بيگ باڪمال انسان آهي، شعر خوب چوي ٿو ۽ ’وقاري‘
تخلص ڪيو اٿس“.
(2)
پير حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب“ غازي بيگ اور اس کي بزم ادب“
۾ هن جي شاعريءَ لاءِ چوي ٿو ته ”شعر ۾ سندس ڪمال
جو سڀني کي اعتراف آهي“.(3)
هو ساڳي ڪتاب ۾ سنڌ ۽ ايران جي پنجٽيهن پارسي گو
شاعرن جا نالا بيان ڪري ٿو، جي ساڻس وابسته هئا، ۽
جن کي هن پنهنجي نوازش سان نوازيو هو، جن ۾ مشهور
ايراني شاعر ملا مرشد برد جردي، طالب آملي، علي
حزين، صائب اصفهاني، مير نمت الله ولي، ملا اسد پڻ
شامل آهن.
هن دؤر ۾ سنڌ ۾ مير محمد طاهر ’نسياني‘ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.
جنهن پنهنجي سرپرست شاهه بيگ عادل لاءِ ”تاريخ
طاهري لکي ۽ عمر مارئي جي قصي کي ”ناز و زيبا“ جي
نالي سان نظم ۽ بيان ڪيو.
مغل نوابن جو دور (1519-1700ع
مغلن جي نوابن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ پارسي شعر ادب ٻين دؤرن جي ڀيٽ
۾ گهڻي ترقي ڪئي ان جو سبب اهو هو ته مغـلن جا
جيڪي نواب سنڌ ۾ آيا انهن مان گهڻا شعر و ادب جا
شائق هئا، اڪبر کان وٺي شاهه عالم تائين اهو سلسلو
هليو. هي اُهو زمانو هو جڏهن مغل شهنشاهن جي سخا ۽
نوازش جي هاڪ ٻڌي ڪيترا شاعر ايران کان دهلي ويندي
سنڌ مان ٿيندا ويندا هئا ۽ هتان جي حاڪمن جي
نوازشن سان ڍائجي اڳتي وک وڌائيندا هئا. ايران مان
آيل ڪيترن شاعرن کي سنڌ جي فضا اهڙي پسند اچي وئي
جو هن زمين کي پنهنجو وطن بنائي هتي ئي رهي پيا.
پارسي شاعرن سان قربت ڪري هتان جي ماڻهن ۾ به
پارسيءَ ۾ شاعري جو شوق جاڳيو ۽ هتي به ڪيترا
پارسيءَ جا سٺا شاعر پيدا ٿي پيا.
تذڪره امير خاني ۾ اچي ٿو”مغل گورنرن جي آمد رفت هندستاني شاعرن
کي به سنڌ سان روشناس ڪرايو“
(1)
ان مان ظاهر آهي ته ان دؤر ۾ هڪ طرف ايران کان ۽
ٻي طرف هندستان کان آمدر رفت قائم رهي، جنهن جو
اثر هن سرزمين تي ضرور پوڻو هو.
مغلن جي نوابن مان ڪيترا پاڻ شاعر ۽ شاعرن جي سرپرستي ڪندڙ هئا
جن مان ظفر حسن خان، نواب حفظ الله خان، نواب احمد
يار خان، مير ابوالبقا امير خان، مير لطف علي همت،
مير عبدالرزاق سوري وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن.
تاريخ سنڌ ۾ آهي ته ”ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته جيڪي
مغل صوبيدار خواه اهي هندي هئا يا سنڌي، ٺٽي آيا.
انهن مان ڪيترا شعر ۽ ادب، علم ۽ فضل ۽ ذاتي
صلاحيتن جي اعتبار کان ممتاز درجو رکندا
هئا......... انهن سڀني علم و فن، شعر ۽ ادب جي
سرپرستي ڪئي ۽ انهن جي قدر دانيءَ شعر ۽ ادب کي
نئين زندگي بخشي“.
(2)
مير علي شير قانع پنهنجن ڪتابن ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفته
الڪرام“ ۾ گهڻن پارسي گو شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي جن
مان ڪيترا اصل ٺٽي جا هئا ۽ ڪيترا هتي اچي رهيا
هئا.
شهنشاهه اڪبر جي دؤر ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ مير معصوم بکري
۽ مير ابوالقاسم نمڪين جا نالا سر فهرست آهن. مير
معصوم جو تخلص ’نامي‘ هو، هن جو والد مير صفائي
پڻ شاعر هو. مير معصوم جي حياتيءَ جو وڏو حصو
جيتوڻيڪ اڳئين دؤر ۾ گذريو هو مگر سندس ستارو هن
دؤر ۾ چمڪيو ۽ وڏن عهدن تي فائز رهيو. هن شاعريءَ
۾ ديوان کانسواءِ پنج مثنويون ڇڏيون آهن جن مان
هڪ ”حسن و ناز“ نالي سسئي پنهون جي عشقي داستان
بابت آهي.
نوابن جي دؤر ۾ ٻين شاعرن جن سنڌ ۾ نغمه نوازي ڪئي، تن مان
هيٺين جا نالا قابل قدر آهن:
عارف نالي سنڌ جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي جنهن جو ذڪر ملا
شستري پنهنجي ڪتاب ”مجالس مومنين“ ۾ ڪيو آهي.(1)
محب علي سنڌي هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي جو سنڌ ڇڏي دهلي هليو
ويو، جتي کيس شاهجهان جي قربت حاصل ٿي. قانع
”مقالات الشعرا“ ۾ هن بابت لکي ٿو، ”فاضل کامل و
شاعر جيد بوده..... بدرگاه شاهجهان مرتبہ ميزيست
“.
(2)
ميرا ”بوالمقارم“ ابوالقاسم نمڪين جو پوٽو هو. هو درويش صفت ۽
سٺو شاعر هو، هو ٺٽي ۾ رهندو هو.
اورنگزيب جي زماني ۾ سيد عبدالجليل بلگرامي ۽ سندس پٽ آزاد
بلگرامي ٻه وڏا شاعر سنڌ ۾ وڏن عهدن تي فائز هئا.
هنن جي سرپرستي ڪري پارسي شاعريءَ هتي گهڻو زور
ورتو.
ملا عبدالحڪيم ’عطا‘ ٺٽوي وقت جي ناميارن شاعرن مان ٿي گذريو
آهي. هن ڪيترن مغل شهنشاهن ۽ انهن جي نوابن جا
ڏينهن ڏٺا. سندس ديوان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو
آهي. سيد مطيع الله ”ديوان عطا“ جي مقدمي ۾ لکي ٿو
ته ”عطا جي شاعرانه سرگرمين جو دؤر گهٽ ۾ گهٽ 80
سال ڪٿي سگهجي ٿو. انهيءَ ڊگهي عرصي ۾ ڇهن بادشاهن
جو دؤر سامهون اچي ٿو“
(1)
عطا پنهنجي دؤر جي چئن شاعرن کي هيئن ياد ڪري ٿو:
کو ’صفائي‘، قيصر‘ و ملا ’سلامي‘ و ’شکر‘
در گذشت القصہ هر يک اختر روشنگري
(2)
مغلن جي دؤر جا ٻيا هيٺيان سنڌي پارسي گو نالي وارا شاعر ٿي
گذريا آهن. محمد باقر’ جويا‘ هڪ امير ماڻهو هو، پر
پوءِ فقيري اختيار ڪري پنهنجو سمورو مال ملڪيت ترڪ
ڪري ڇڏيائين. هن دؤر ۾ ٻه هندو شاعر به ٿي گذريا
آهن. جن مان هڪ مهتا چندربان ۽ ٻيو سندس پٽ شيوڪ
رام ’مخلص‘ هو.
ڪلهوڙن جو دور (1784-1700ع)
ڪلهوڙن پهريان 1700ع ۾ مغلن جي نوابن جو درجو حاصل ڪري ورتو.
آهستي آهستي هو پنهنجي طاقت وڌائيندا ويا. محمد
شاهه جي رنگين مزاجيءَ ڪري مغلن جي حڪومت نهايت
ڪمزور ٿي وئي، تنهن ڪري هو 1737ع ۾ سنڌ جا
خودمختيار حاڪم بنجي ويا. ڪلهوڙن جي خودمختيار
حڪومت اڌ صديءَ کان به گهٽ هلي پوءِ ٽالپرن جي
حوالي ٿي وئي.
حڪمران ڪلهوڙن مان ميان نور محمد، غلام شاهه ۽ محمد سرفراز پاڻ
وڏا عالم هئا ۽ علم وارن ماڻهن جا قدردان هئا.
ميان سرفراز پاڻ هڪ وڏو شاعر ۽ صاحبِ ديوان هو.
ميان نور محمد جيڪا وصيت پنهنجي اولاد کي ڪئي آهي
ان ۾ کين عالمن جي صحبت لاءِ هيٺين نصيحت ڪري ٿو.
”چون از کارهائي دنيوي فارغ شوند صحبت با علماءِ و
صلحا مقرر کنند“.
(3)
ڊاڪٽر سدارنگاڻي ڪلهوڙن جي ادب نوازي لاءِ چوي ٿو ”ڪلهوڙن جو
دؤر جيتوڻيڪ مختصر هو مگر ان کي سنڌ ۾ پارسي شاعري
جو سونهري دؤر ڪوٺي سگهجي ٿو“.
(1)
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اسان کي تمام گهڻا سنڌي پارسيءَ جا شاعر، عالم
۽ فاضل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جي نه صرف تعداد ۽ ٻين دؤرن
جي ڀيٽ ۾ زياده آهن، بلڪ اُنهن گهڻو ۽ معياري شعر
پڻ چيا آهن. هن دؤر جون ٻه ڳالهيون نمايان آهن.
پهريون هن دور ۾ مرثيي جو رواج پيو جنهن جي شروعات
محمد حسن ٺٽوي ڪئي. ٻيو هن دور ۾ سنڌ ۾ مشاعرن جو
رواج پيو، ڊاڪٽر سدارنگاڻي لکي ٿو ته ”مقامي ماڻهن
کي پارسيءَ سان ايتري دلچسپي ٿي وئي جو مشاعرا
منعقد ٿيڻ لڳا“.(2)
ڪلهوڙن جي دور ۾ جيڪي سنڌي پارسي گو شاعر ٿي گذريا آهن انهن مان
ڪن جو مختصر بيان ڏجي ٿو:
علامه مخدوم معين عرف مخدوم تارو (1748-1682ع) سندس والد جو
نالو محمد امين هو ٺٽي ۾ رهندو هو. مخدوم معين
پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضل ۽ صوفي هو. کيس سماع
۽ موسيقيءَ سان به نهايت محبت هئي. قانع ”تحفته
الڪرام“ ۾ لکي ٿو ته ”محققانه شعر چوندو هو،
پارسيءَ ۾ تسليم ۽ هنديءَ ۾ بيراڳي تخلص هوس“
(3).
شاهه عبداللطيف سان گهاٽو ياراڻو هوس. سندس رحلت
به راڳ ٻڌڻ ڪري ٿي. شاهه عبداللطيف سندس جنازه
نماز پڙهائي. مخدوم نعمت الله سندس وفات جي تاريخ
”شفيع تو رسول“ مان ڪڍي.
محمد محسن (1750-1709ع) والد نور محمد ٺٽي جي ريشمي ڪپڙي جي
واپارين جي خاندان مان هو. محسن کي شاعري جي تربيت
نواب لطف علي ’همت‘ ڏني. هو ٺٽي جي چوٽيءَ جي
شاعرن مان هو. ٺٽو جڏهن ڪلهوڙن جي تسلط هيٺ آيو
تڏهن هو ميان نور محمد ڪلهوڙي سان وابسته ٿي ويو.
محمد حبيب الله راشدي ”ديوان محسن ٺٽوي“ جي مقدمي
۾ لکي ٿو ته، ”ميان نور محمد سندس وظيفو مقرر ڪيو
هو جو اُٺ آنا ڏهاڙي هو جيڪو يڪمشت ڇهن مهينن
کانپوءِ هن کي ملندو هو“.(1)
مير حيدر الدين ابو تراب ڪامل (وفات 1751ع) هو رياض الدين فدائي
جو پٽ ۽ ابوالمڪرم شهود جو پوٽو هو. سندس شاگردن
۾ ٻن ”تحفته الڪرام“ ۾ قانع سندس لاءِ چوي ٿو
”فارسيءَ ۾ سندس بيساخته چيل شعر مشهور آهن. مون
شاعريءَ جي مشق هن استاد ڪامل وٽ ڪئي“.
(2)
سيد مير جان الله شاهه رضوي (وفات 1754ع) هو روهڙي ۾ رهندو هو،
پنهنجي وقت جو بي مثل شاعر هو ۽ تخلص ’مير‘ هوس
شاهه عنايت صوفيءَ جي مريدن مان هو. محمد پناهه
’راجا‘ مير علي شاهه قانع جي دوستن مان هو. وقت جو
سٺو شاعر هو. تاريخي مادي ڪڍڻ تي هن کي خاص عبور
هو.
مير علي شير قانع (1789-1727ع) بن عزت الله ٺٽي جي شڪر الاهي
سيدن مان هو. نثر ۽ نظم ۾ گهڻو ڪجهه لکيو اٿس.
سندس ٻه ڪتاب ”مقالات الشعرا“ ۽ تحفته الڪرام“ سنڌ جي بزرگن
شاعرن جي احوال جا قيمتي ذخيرا آهن. پهريان
’مظهري‘ تخلص هوس پوءِ ’قانع‘ تخلص ڪرڻ لڳو.
غلام علي ’مداح‘ پنهنجي والد محمد حسن ٺٽوي وانگر سٺو شاعر هو ۽
عربي جو وڏو عالم هو. هن جي شاگردن ۾ ميان سرفراز
ڪلهوڙ: ۽ ميان ثابت علي شاهه جا نالا قابل ذڪر
آهن.
ڪلهوڙن جي دور ۾ تمام گهڻن شاعرن جو ذڪر مير علي شير قانع
”مقالات الشعراء“ ۽ ”تحفته الڪرام“ ۾ ڪيو آهي، جن
مان ڪي هي آهن- محمد علي ’علي‘ بن دائود خان بن
ميان يار محمد ڪلهوڙو، مير عبدالرشيد ٺٽوي سندس
لکيل فارسيءَ جون ٻه لغتون ”فرهنگ رشيدي“ ۽
”منتخب اللغات“ اڃا تائين مشهور آهن. آخوند فضل
الله تپش، شيخ محمد محفوظ سيوهاڻي، شيخ محمد مريد،
شيخ قمر الدين عشرت، مير غلام علي مومن، هن دور ۾
ڪيترا هندو شاعر پڻ ملن ٿا جن مان بالچند، ’آزاد‘،
منشي شيوڪ رام ’عطارد‘ ۽ ٺارو مل ’بينا‘ جا نالا
قابل ذڪر آهن.
ٽالپرن جو دور (1843-1783ع)
1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن جي هار ۽ ٽالپرن جي سوڀ ٿي ۽
ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿي ويا. مير فتح علي خيرپور
وارو ڀاڱو مير سهراب خان کي- ميرپورخاص وارو
علائقو مير ٺاري خان کي ڏنو ۽ باقي سنڌ تي پنهنجن
ٻين ٽن ڀائرن سان گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳو. هنن ڀائرن
جي حڪومت کي ”چوياري“ جي نالي سان سڏڻ لڳا. انهن
ڀائرن جي وفات کانپوءِ ميرن جي اچي پاڻ ۾لڳي.
انگريزن جي حريص نگاهن ۽ ملڪ گيري جي هوس ۽ ميرن
جي ڦيٽاري سبب 1843ع ۾ سنڌ جي حڪومت انگريزن جي
حوالي ٿي وئي.
مير فنونِ لطيفه، علم، ادب ۽ شاعري جا سرپرست هئا، پارسي دربار
جي زبان هئي تنهن ڪري سندن ڏينهن ۾ پارسيءَ جي
تعليم وڌي ۽ ماڻهن ۾ پارسي پڙهڻ جو ايترو چاهه
پيدا ٿيو جو هرڪو ائين سمجهڻ لڳو ته پارسي پڙهڻ
ڪري ماڻهو وڏي رتبي تي وڃي پهچندو. تنهن ڪري
”پارسي گهوڙي چاڙهسي“ واري چوڻي عام ٿي وئي. گهڻا
مير پاڻ به شاعر هئا. ميرن جي دور ۾ شاعريءَ جي
پيداوار ڏانهن نهاريندي ان چوڻ کان رهي نٿو سگهجي
ته ان ۾ ميرن جو به وڏو حصو آهي. سدارنگاڻي ميرن
جي شاعري جو ذوق بابت چوي ٿو ”سنڌ جي تاريخ ۾ هن
کان اڳ ڪڏهن به حڪمران شهزادن ايتري شاعري نه ڪئي
آهي، جيتري ٽالپرن جي دور ۾“
(1)
ٽالپرن مان خاص طرح مير پارسي شاعريءَ جا دلداده
هئا- مير ڪرم علي خان ’ڪرم‘ صاحبِ ديوان هو. مير
مراد علي ’علي‘ پاڻ شاعر هو ۽ اهل علم ۽ شاعرن جو
سرپرست ۽ صاحبِ ديوان هو. مير نصير خان ’جعفري‘،
مير صوبدار خان’مير‘، سندس شعر ۾ ڪيتريون مثنويون
۽ ديوان آهن. سندس مثنوي ”فتح نامہ سنڌ“ ڪافي
مشهور آهي. مير نصير خان جعفري، مير هن به ڪجهه
مثنويون، هڪ ديوان پارسي ۽ ٻيو ديوان اردو يادگار
ڇڏيا. مير شهداد خان ’حيدري‘ صاحب ديوان هو. مير
حسين علي، مير حسن علي خان ’حسن‘ نثر توڙي نظم ۾
سندس ڪيترا ڪتاب آهن.
مير نه صرف پاڻ شاعر هئا پر شاعرن جا سرپرست به هئا. شاعرن لاءِ
سندن هٿ هميشہ ڪشادو هوندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ديوان غلام جي مقدمي ۾ ميرن جي درٻار لاءِ لکي ٿو
”حيدرآباد ۾ ميرن جي دربار شاعرن ۽ عالمن جو مرڪز
هئي. مير ڪرم علي جي سرپرستي ڪري سنڌ جي درٻار
مغلن ۽ ايران جي درٻار جو هڪ ننڍو نمونو ٿي پئي“
(1).
ميرن کي شعر و شاعريءَ جو ايترو شوق هو جو ڪيڏانهن
ويندا هئا ته شاعرن جو ٽولو ساڻن گڏ هوندو هو.
حفيظ هوشيار پوري مثنويات هير و رانجها جي مقدمي ۾
ٻڌائي ٿو” هنگاميکه موکب ميران حرڪت مي کرد و
دسته اي از شاعران در معيت آن مي رفت“.
(2)
ميرن جي دور جي پارسي شاعري جي جائزي مان پتو پوي ٿو ته مير
صاحب کي جيئن ته حضرت علي ۽ سندس اولاد سان گهڻي
محبت هئي تنهن ڪري شاعريءَ ۾ ان جو اظهار نه صرف
مير صاحب دل کولي ڪيو پر سندن درٻار سان واسطو
رکندڙ شاعرن به ان ۾ پنهنجي شاعريءَ جا جوهر
ڏيکاريا آهن. ميرن جو تعلق جنگ جو قبيلي سان هئو.
تنهن ڪري رزميه شاعري پڻ ڪئي وئي. سيد عظيم الدين
ٺٽوي ”فتح نامہ“ لکيو ۽ مير صوبيدار پڻ ”فتح نامو“
لکيو. ٻنهي فتح نامن ۾ ميرن جي سنڌ فتح ڪرڻ ۽
ڪلهوڙن سان جنگين جو احوال آهي.
ميرن جي دور ۾ اسان کي تمام گهڻن پارسي گو شاعرن جا نالا ملن ٿا
جن مان ڪيترا صاحبِ ديوان هئا ۽ نهايت وڻندڙ
مثنويون، قصيدا، سلام، مرثيہ، مداحون ۽ منقبت لکيا
اٿئون. تن مان ڪن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو.
سيد ثابت علي شاهه (1810-1740ع) ڪلهوڙن جي زماني ۾ ملتان کان
سنڌ آيو
(3).
ميان سرفراز خان مٿس نهايت مهربان هو ٽالپرن مان
مير فتح علي ۽ ڪرم علي سندس سرپرستي ڪندا رهيا.
سيد عظيم الدين ٺٽوي (1814- 1829ع) علي شير قانع جو ڀائٽيو هو.
مير فتح علي جي چوڻ تي ميرن جي فتح بابت ”فتح
نامو“ لکيائين. مثنوي سير دل، فتح نامو، ديوان
عظيم ۽ مثنوي هير رانجهو سندس يادگار آهن. ڊاڪٽر
غلام سرور ”ديوان عظيم“ جي مقدمي ۾ سندس شاعريءَ
لاءِ چوي ٿو ته ”شاعر (هن) جي عظمت سندس غزلن ۾
سمايل آهي“.
(1)
عبدالوهاب (1739-1829ع) سچل سرمست مشهور صوفي ٿي گذريو آهي.
ديوان آشڪار، مثنويون، رهبر نامہ، عشق نامہ، تار
نامہ، ۽ گذار نامہ سندس تصنيفون آهن.
غلام علي ’مائل‘(1768-1835ع) مير علي شير قانع جو فرزند هو مير
غلام علي خان ۽ ڪرم علي خان جو درباري شاعر هو.
محمد حبيب الله رشدي ”ڪليات مائل“ جي مقدمي ۾ چوي ٿو. ”غالباً
مير غلام علي جي زماني ۾ هن جو مقام درباري شاعر
جو ٿي ويو هو“
(2).
محمد ابراهيم خليل سندس شاعري لاءِ چوي ٿو “در
تاريخ گوئي بسيار روان طبع است و صاحبِ ديوان“.(3)
ضياءُ الدين ضيا (وفات 1814ع) مشهور شاعرن عظيم الدين ’عظيم‘ ۽
غلام علي ’مائل‘ جو چاچو ۽ مير علي شير قانع جو
ننڍو ڀاءُ هو. هو ميرپور جي مير ٺاري خان سان
وابستہ هو. مثنوي هير رانجها ۽ ديوان پٺتي
ڇڏيائين.
منشي صاحب راءِ موهنداس ملڪاڻي (1824-1761ع) سندس تخلص ’آزاد‘
هو، پٺيان غزلن جو ديوان ڇڏيائين.
نواب ولي محمد خان ولد غلام محمد خان لغاري (1752-1832ع) ميرن
جو قابل ۽ لائق وزير هو. پارسي شاعري ۾ ديوان، ٻه
ساقي ناما مثنوي هير رانجها لکيا اٿائين. ڊاڪٽر
جيس برنس هن جي شاعريءَ لاءِ چوي ٿو ”نواب هڪ چڱي
پايي جو شاعر آهي“
(4).
ڊاڪٽر نبي بخش سندس شاعري لاءِ چوي ٿو ” اهلِ زبان
وانگر شعر چيا اٿس“.
(1)
آخوند محمد قاسم بن محمود هاله ڪنڊي (وفات 1247هه) پنهنجي وقت
جو بلند پايه شاعر هو. سندن غزلن جو ديوان اسان
تائين پهتو آهي.
ڀائي دلپت راءِ (1814- 1769ع) سيوهاڻي صوفي هو. ميرن جو ڪاردار
هو. نوڪري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. سندس پارسي
غزلن جو ديوان هڪ مثنوي جنگ نامو ملي ٿو. جيڪو
شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادت تي لکيو ويو آهي.
آخوند محمد بچل ’انور‘ مٽياري (وفات 1861ع) مير نصير خان جي
دربار جي سونهن هو. سندس نوادرات ۽ ديوان ۽ مثنوي
مرزان صاحبان آهن.
محمد عارف ’صنعت‘ شڪارپوري (1849-1800ع) ذات جو اعوان هو. پارسي
زبان ۾ هڪ ديوان ۽ مثنوي ”ناگهان“ هن جا آهن. شروع
۾ ’عارف‘ تخلص هوس، پر لطف الله بدوي جي روايت
مطابق” به ايمائي حضرت استاد به تخلص ’صنعت‘ خود
را سرفراز ساخت“
(2)
.سندس استاد ميان صاحبڏنو (وفات 1842ع) به پارسيءَ
۾ سٺو غزل چوندو هو. هڪ مثنوي ”نوشين لب“ جي نالي
سان لکي اٿس. مولانا دين محمد وفائي ’صنعت‘ جي
ڪلام لاءِ چوي ٿو ته ”ڪلام بيحد پختو ۽ ڏاڍو رنگين
۽ ايراني شاعرن جي هم پله آهي“.
(3)
انگريزن جو دور (1843-1947ع)
انگريزن پنهنجن سمورن وعدن ۽ عهدنامن کي هڪ طرف ڦٽو ڪري 1843ع ۾
ميرن تي چڙهائي ڪري مياڻيءَ جي جنگ ۾ فتح حاصل ڪري
ورتي ۽ هڪ سئو سال کان وڌيڪ هن ملڪ تي حڪمراني
ڪئي.
ميرن جي هٿان حڪومت نڪرڻ سان گڏ پارسي علم و ادب ۽ شاعريءَ جي
انهيءَ چراغ جي جوت جهڪي ٿيڻ لڳي. جيڪا سون سالن
کان روشن هئي. پارسي شاعريءَ جو سج جيڪو ڪافي مدت
تائين هن سر زمين تي روشن هو. غروب ٿيڻ لڳو ۽
پارسي شاعري جي سهڻن گلن، جن هن خطي کي سرهاڻ بخشي
هئي ڪومائڻ لڳا جو اڄ پارسي شاعريءَ جو ڪٿي ڪٿي
پڙلاءُ ٿو پوي.
انگريزن جي آمد کانپوءِ، پارسي جيڪا اٽڪل ڇهه سئو سالن تائين
درٻار جي زبان رهي هئي، جي جاءِ انگريزيءَ ورتي.
اسڪولن ۾ ابتدائي تعليم پارسي بجاءِ سنڌيءَ ۾ ملڻ
لڳي، تنهن ڪري پارسيءَ جي اوسر جا مڪتب، مدرسا ۽
مرڪز ويا اُجڙندا. پارسي نه هئي حاڪمن جي زبان، نه
هئي رعيت جي زبان ۽ نه ئي هاڻي روزگار جي زبان رهي
هئي، تنهن ڪري ماڻهن ان ڏانهن توجهه گهٽائي ڇڏيو،
صرف انهن ماڻهن ئي ان کي چشمن تي چايو جن ان کي
مقدس ۽ مذهبي ٿي سمجهيو. سنڌ جا ميرن جي ڏينهن ۾
جيڪي افغانستان ۽ ايران جي دربار سان ويجها ناتا
هئا، جنهن جي ڪري پڻ پارسي زبان کي هٿي ملندي هئي،
ختم ٿي ويا. ان جي باوجود جيئن شمع گل ٿيڻ وقت
جهٽڪو ڏيندي آهي، تيئن پارسي شاعري به پويون ساهه
کنيو ۽ موڪلائي وئي.
پارسي شاعري جي تاريخ- هن دؤر ۾ باقاعدي مشاعرا منعقد ٿيڻ لڳا
جن جون ڪارروايون اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. پهريون
ڀيرو پارسي زبان جون اخبارون ”مفرح القلوب“،
”خورشيد“ ۽ ”اڪليل“ جاري ٿيون، جن پارسي شاعريءَ
جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن دؤر ۾ به ڪيترن
شاعرن تصوف ۽ مجاز جي جذبن کي پارسي شاعري ۾ ادا
ڪيو، پر جڏهن پارکو نه هجن ته سون جو قدر ڪهڙو
ٿيندو! جڏهن سرپرست نه رهن ته شاعري ڪيئن سرجي!
انهيءَ هوندي به سري توڙي لاڙ ۾ اسان کي ڪيترا
پارسي شاعر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن هن خزان جي ويل به
خوشنوا بلبلين وانگر زمزمه سنجي ڪئي. انهن مان
ڪيترن جو ذڪر محمد ابراهيم خليل پنهنجي ڪتاب
”تڪملئه مقالات الشعرا“، مولانا غلام مصطفيٰ
قاسميءَ ماهوار ”الرحيم“ جي (تيرهين صديءَ جا)
”مشاهير سنڌ نمبر“ ۽ مرزا احسن ڪربلائيءَ جي ”نئين
زندگي“ رسالي ۾ شايع ٿيل مضمونن ” مير صاحب جو
علمي شوق“ ۾ ڪيو آهي. انهن مان ڪن نامور شاعرن جو
مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
مير شهداد خان (وفات 1875ع ) مير نور محمد جو وڏو پٽ هو.
انگريزن هن کي ملڪ نيڪالي ڏئي سورت موڪليو هو.
جتان هن کي ٻين ميرن سان گڏ ڪلڪتي ۾ نظربند رکيو
ويو. هن جو تخلص ’حيدري‘ هو، صاحبِ ديوان آهي.
مير صابر علي (وفات 1868ع) غلام علي ’مائل‘ جو فرزند ۽ مير علي
شير قانع جو پوٽو هو. هن مرثيا زياده چيا آهن، غزل
پڻ چيا اٿائين، سندس ديوان يا ته جمع نه ٿيو آهي
يا غالباً ضايع ٿي ويو آهي
(1).
عبدالقادر ’بيدل‘ (1872-1814ع) بن محمد محسن پنهنجي دؤر جو وڏو
صوفي ٿي گذريو آهي. هو روهڙي ۾ رهندو هو ۽ اتان جي
مشهور بزرگ جان الله شاهه جي نظر جي فيض سان اچي
ريٽو ٿيو. هن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ پارسي ۾ ڪيترا
ڪتاب لکيا آهن” سلوڪ الطالبين“ ۽ ”مصباط الطريقت“
سندس ديوان آهن، جن ۾ سندس پارسي غزل آهن.
مير حسين علي خان (وفات 1878ع) مير شهداد جو ننڍو ڀاءُ هو. سنڌ
فتح ڪرڻ کانپوءِ به هن کي به ٻين ميرن سان گڏ
ڪلڪتي موڪليو ويو هو. پندرنهن سالن جي نظربنديءَ
کانپوءِ هن کي واپس حيدرآباد موڪليو ويو ۽ اتي
وفات ڪيائين.
آخوند محمد قاسم بن نعمت الله قريشي ’قاسم‘ (وفات 1881ع)
هالائي. پارسي، عربي، سنڌي ۽ اردو جو شاعر هو.
پنهنجي شروعاتي دؤر ۾ انگريزي حڪومت جو منشي هو،
اڳتي هلي ان کي ڇڏي مير مراد علي ٽالپر والي
خيرپور جي درٻارين ۾ شامل ٿيو. اهڙي طرح مير حسن
علي خان ٽالپر حيدرآباد جي درٻارين ۾ به هو (1).
هو اڪثر مهاراجائن ۽ ميرن ۽ ٻين وڏن ماڻهن جي
تعريف ۽ انعام جي آس رکي قصيدا لکندو هو (2).
نواب الهداد (1882-1823ع) بن نواب ولي محمد لغاري صوفي، اڃا
سندس عمر ويهه ورهيه به ڪا نه هئي جو فارسيءَ ۾
”ديوان صوفي“ منظوم ڪيائين(3).
پنهنجي والد وانگر پارسيءَ جو سٺو شاعر هو.
قاضي غلام علي ’جعفري‘ (وفات 1886ع) بن محمد يحيٰ ٺٽوي، ميرپور
بٺوري ۾ مختيارڪار هو، صاحبِ ديوان هو.
پير محمد حزب الله شاهه (1890-1842ع) بن پير علي گوهر شاهه
”اصغر“ سندس تخلص ’مسڪين‘ هو. پنجن سالن جي عمر ۾
پير پاڳاري جي مسند تي ويٺو. ”ديوان مسڪين“ سندس
پارسي شاعري جو يادگار آهي.
سيد مير جان الله شاهه عرف جان شاهه ثالت (وفات 1893ع) روهڙي جو
هو. سندس تخلص ’عاشق‘ پارسي شاعري ۾ سندس ديوان
آهي.
مخدوم محمد ابراهيم ’خليل‘ (1899-1827ع) بن مخدوم عبدالڪريم
نقشبندي ٺٽوي، پنهنجي وقت جو وڏو شاعر ٿي گذريو
آهن.پهرين سندن تخلص مسڪين هو، پوءِ ڦيرائي ’خليل‘
ڪيائين. وقت جي شاعرن سان سندن دوستي هئي. مير علي
شير قانع جي ”مقالات الشعرا“ جي انداز ۾ ”تڪمله“
لکيو اٿائين.
منشي رسول بخش’رهي‘ (وفات 1912ع) اصل قلات جي بروهين مان هو.
سنڌ سرڪار ۾ سيڪنڊ منشي جي عهدي تان ترقي ڪري ڊپٽي
ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. سندس ڀاءُ غوث بخش ’خاڪي‘
جيڪو جيڪب آباد جي ميونسپالٽي ۾ ملازم هو، پڻ
فارسيءَ جو سٺو شاعر هو.
مير علي نواز ’علوي‘ (1920-1851ع) بن مير فخر الدين شڪارپور جي
وڏن شاعرن مان ٿي گذريو آهي. پارسي ۾ گهڻو ڪلام
چيو اٿائين.
ميان غلام محمد ’گدا‘ قادري (وفات 1892ع) اصل نوابشآهه ضلعي جي
ڄامن مان هو. سندس والد ميان محمد صالح اتان لڏي
اچي لاڙڪاڻه رهيو. ميان غلام محمد پارسي جو سٺو
شاعر ۽ صاحبِ ديوان آهي.
|