سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :29

 

انتخاب شاعر (1)

 

شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘:

 

تڪيندي شام کان در کي وري وقت سحر آيو
پئي افتاد  ڪهڙي جو نه يا رب نامہ بر آيو.

 

ويو ڪوچر ۾ تنهنجي جو، اهو ثابت نه گهر آيو
ڪڏهن خسته جگر آيو، ڪڏهن ٿي چشم تر آيو.

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ:

 

ڏسي آشفقه حالي، رات ساري صبح ٿيندي ئي
زچشم نرگس يڪ قطره شبنم پڌر آيو.

 

ماستر حاجي محمد خان، خيرپور ناٿن شاهه:

 

بهاري بزم ۾ ٿي جشن ۾ هر بشر آيو
ٿيو چوٻول چوڌاري هي دؤر خوبتر آيو.

 

مولوي شفيع محمد هاتف ٿرڙي محبت:

 

کڻي پيغام راحت جو ڏئي ٿو ساري عالم کي
هلي مرڪز فلڪ ۾ آهه رحمت جو ڪڪر آيو.

 

سيد امير علي شاهه درٻيلو

 

ٿيو چوٻول چوڌاري هي دؤر خوبتر آيو
زمانو عدل ۽ انصاف جو هاڻي نظر آيو.

 

نظام الدين گوپانگ ’نظام‘:

 

نه خود آيو نه خط آيو، نڪو اڄ نامبر آيو
مران ٿو بعد مدن ڇا ٿيو دلبر اگر آيو.

 

جي عشق آيو ته آيو عشق جو آزار ڀي ان دم
الم آيو، غم آيو، رنج آيو درد سر آيو.

 

حافظ محمد عبدالله ’حافظ‘ رشيد وڳڻ:

 

رقيبن سبب هر گز نه ڪج محروم، جو حافظ
ڪري ميلاپ جي اميد تنهنجي دوست در آيو

 

وڏيرو جان محمد ’شاعق‘:

 

ٿيا روشن ته جنهن جي نور کان ارض و سما آهن
بقا واور ڀلارو سو ڀلي رشڪ قمر آيو.

 

فقير محمد ’زوراور‘:

 

سندعه دزديده ديدن جي ڏئي ڪهڙي سگهان قيمت
فقط عاشق هٿن سان هي وڍي پنهنجو ته سر آيو.

 

قاضي محمد صادق شنا گر:

 

انڌارو ويو هليو سرو ڪنان چمڪاٽ کنوڻين جي
اها روشن ٿي دل گهر جنهن جي اڄ رشڪ قمر آيو.

 

عبدالمنان ’عابد‘:

 

هڻي توحيد جو نعرو ڪيون فولاد کي پاڻي
ڪريون ٽڪرا ٽڪرا کي ڀي جي آڏو ڪو ٽڪر آيو.

 

امام الدين ’ضامن‘:

مروڙي مڃ  اٿيا ميمبر خاطر گهڻا مسٽر
اسان جي ڀي متي ٻيگهي اجهو سڻڀو ٽڪر آيو.

 

حقگو صاحب:

 

نه ڏسجي ڪنهن ستائڻ ۽ سفارش زور لائڻ ڏي
ڏجي ڀل ووٽ ان کي پنهنجو لائق جو نظر آيو.

 

بزم مشاعره ڊي- جي سنڌ ڪاليج ڪراچي

 

بزم مشاعر جي وڌندڙ چهچٽي سنڌ جي ڪاليجن کي به متاثر ڪري ڇڏيو ۽ ڪاليجن ۾ به مشاعرن جون بزمون قائم ٿيڻ لڳيون. ڊي- جي سنڌ ڪاليج ڪراچي شروع کان وٺي سنڌ جو برک ڪاليج رهيو آهي. 1925ع  ۾ ڊي- جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ به بزم مشاعره قائم ڪئي وئي. جنهن جو مقصد هو شاگردن ۾ شاعري جو چاهه پيدا ڪرڻ ۽ کين شاعري  جي فن کان واقف ڪرڻ. ڊي- جي سنڌ ڪاليج جي مشاعرن ۾ ڪاليج جي شاگردن سان گڏ ڪراچي شهر جا سمورا اديب ۽ شاعر دلچسپي وٺندا هئا ۽ مشاعري جي طرحن تي سنڌ جا شاعر به پنهنجا غزل ڏياري موڪليندا هئا جيڪي مشاعره ۾ پڙهيا ويندا هئا. بزم مشاعره ڊي- جي سنڌ ڪاليج جون ڪي طرحون هي هيون.

 

ڪهڙي ڪهڙي هيٺان اي فلڪ فرياد آ

(ڊسمبر 1925ع)

دل گهوريو زاهد ٿيان پر مون کان مستوري نه ٿي.

(جنوري 1926ع)

 

ٻنهي مشاعرن ۾ پيش ٿيل ڪن غزلن جو  انتخاب حاضر آهي.

 

حاجي محمود ’خادم‘:

 

ڪير هن دنيا دورنگي ۾ هميشہ شاد آ
شاد ساعت آهه جو، سو ساعتون ناشاد آ

 

شمع وانگر پاڻ ڳاري فائدو سڀ ڪنهن کي ڏي
پوءِ تنهنجي شاعرن کي لک مبارڪباد آ.
(1)

 

ميان غلام سرور ’فقير‘:

 

ڪهڙي ڪهڙي تنهنجي هيٺان اي فلڪ فرياد آ
جنهن کي ڏسجي ٿو سو پنهنجي حال تي ناشاد آ.

 

حرص وارا ٿا اڏن محلات لالچ جي بلند
پر جي ڏسجي ٿو ته تنهنجو خانمان برباد آ.
(2)

 

ڪشنچند ’بيوس‘:

 

بوند شبنم  جي ڏسو نقلي حياتي جو قصو
زندگي لحظي اندر برباد ۽ آباد آ.

 

مرم جي پردي مان نڪتي دانهن نازڪ درد جي
ڪهڙي ڪهڙي تنهنجي هيٺان اي فلڪ فرياد آ.
(3)

 

سرشار عقيلي:

 

عاشق ناشاد جي دل حسرتن جو هڪ مزار
آرزو تي جان ڏيندي، آرزو پوري نه ٿي.

 

حسن کي سرشار منهنجي شعر سان شهرت ملي
ڇا ٿيو جي شاعرن ۾ منهنجي مشهوري نه ٿي.
(4)

 

غلام سرور ’فقير‘:

 

ڪين ٿي جڳ ۾ رهي ڪنهن جي ڳجهي نيڪي بدي
لڪ لڪائڻ ساڻ مخفي خون کستوري نه ٿي.

 

آدميت ۽ شرافت جي پڇين ٿو آهه جي
بخت ۽ دولت جي هوندي ڪجهه به مغروري نه ٿي
(1)

 

ڪشنچند’ بيوس‘:

 

دل گهريو زاهد ٿيان پر مون کان مستوري نه ٿي
برهه دڳ الٽو بتايو، هاج دستوري نه ٿي.

 

دمبدم محتاج آهيان، تير گهرجن جا سهان
عمر پوري ٿي اچي، خواهش مگر پوري نه ٿي.
(2)

 

پوئٽري سوسائٽي

 

 سنڌ  ۾ شاعري جي انهن انجمن مان جن سنڌي شعر کي غزل جي مست ۽ مخمور دنيا مان ڪڍي نظم جي راهه هلائڻ ٿي گهريو، پوئٽري سوسائٽي هڪ هئي. پوئٽري سوسائٽي جو مرڪز لنڊن ۾ هو جنهن جون شاخون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قائم هيون. هن سوسائٽي جو مقصد هو انگريزي شاعريءَ کي دنيا سان ۽ دنيا جي شاعريءَ کي هڪٻئي سان واقف ڪرائڻ. 1924ع ۾ آءِ. آءِ. قاضي جڏهن خيرپور ۾ سيشن جج هو هن سنڌ ۾ پوئٽري سوسائٽي جو بنياد وڌو جلد ئي ان جون شاخون حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيون ويون. هن سوسائٽي جو سنڌ ۾ سرپرست  ۽ صدر مير علي نواز ۽ نائب صدر سندس وزير ايم. ڪي. شيخ هو. پوئٽري سوسائٽي طرفان شايع ٿيندڙ رسالي پوئٽري رويو (Poetry Review) ۽ ان جو ذڪر هيئن ڪيو ويو آهي.

 

His highness the Mir of khairpur is contributir to this Issue of poetry Review is taking personal interest in the development of the poetry Society in India and has become patorn of the Society. His Houour M. K. Shaikh the Wazir of the Khairpur State has ben elected a Vice President of the Poetry Society (1)

 

لنڊن جي پوئٽري سوسائٽي آءِ. آءِ. قاضي جي ڪوششن جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو.

 

“Another development with great potentialites really immense possibilties was the  Culmination of Judge Kazi s efforts in the formation of a center for the province of sind with Highness the ruler of the Khairpur State as president”(1)

 

پوئٽري سوسائٽي حيدرآباد واري شاخ جي هڪ مجلس 11 سيپٽمبر 1925ع تي مسٽر ٽانٽن ڪي- ايس جي رهائشگاهه تي مرزا قليچ بيگ جي صدارت هيٺ ٿي هئي. هن مجلس ۾ آءِ. آءِ. قاضي اهڙي هڪڙي مجلس جو احوال بيان ڪيو جنهن ۾ هو لنڊن ۾ شريڪ ٿيو هو. مسٽر مولچند لالواڻي، انگريزي راڳ کي هندستاني ڌن ۾ پيش ڪيو. جيڪو ڏاڍو پسند ڪيو ويو. مسز قاضي پنهنجو هڪ شعر پڙهيو  ’عاملن جي شادي‘ مسٽر ڀوتاڻي  ٻه سنڌي راڳ ڄيٺمل لالواڻي مٺا محبوب هڪڙي مشهور هندستاني شاعر جو ڪلام پڙهيو.

اهڙي هڪڙي مجلس ۾ ايلسيا قاضي مير علي نواز جي غزل جو انگريزي ترجمو پڙهيو هو جنهن جو بند هي آهي:

Osaki, Beautiful fill to day

My Cup of Destiny I Pray

That my remaining Days may

Thy tavern praise and bless! (2)

پوئٽري سوسائٽي جي شاخن مان لاڙڪاڻو واري شاخ ڪافي سرگرم هئي جنهن جو سرپرست مسٽر حامد علي ڪليڪٽر لاڙڪاڻو ۽ روح روان ميان غلام سرور ’فقير‘ هو. علامه قاضي لاڙڪاڻي ۾ پوئٽري سوسائٽي جي قائم ڪرڻ جو ذڪر هيئن ڪيو آهي، ”مون کي ياد آهي ته سال 1926ع ۾ جڏهن مسٽر حامد علي لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو، تڏهين سندس ايامڪاريءَ ۾ سندس ڪوشش سان پهريون ٻئي ادبي ڪانفرنسون لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايون ويون هيون. (3) صاحب موصوف مون کي خيرپور مان لاڙڪاڻي مدعو ڪيو هو. انهيءَ لاءِ ته اسين لاڙڪاڻي ۾ اچي (Poetry Society) يعني  ’انجمن شعر‘ جو بنياد وجهون. انهيءَ موقعي تي مشاعرو به ڪوٺايو ويو هو، مشاعري جي بانيڪارن تي مون زور ڀريو ته مشاعري واسطي ’مصرع طرح‘ جي عوض جيڪڏهن موضوع ڏنو وڃي ته بهتر ٿيندو.“ (1)

 

مرزا قليچ بيگ ۾ لاڙڪاڻي جي پوئٽري سوسائٽي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي، ”23 اپريل (1926) آءُ لاڙڪاڻي ويس واٽ تي منوچهر بيگ دادوءَ مان گاڏيءَ ۾ چڙهيو. لاڙڪاڻي اسٽيشن تي مسٽر حامد علي ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو آيا هار وڌائون ۽ گهڻي خوش مرحبائي ڪيائون، شام جو پوئٽري سوسائٽي ۾ مشاعرو هو. مسٽر حامد علي منهنجي تعريف ڪئي ۽ مون کي ان جو جواب ڏيڻو پيو. پوءِ هڪ ليڪچر ڏنم ۽ هڪ شعر پڙهيم ۽ ٻين جا شعر ٻڌم. (2) پوئٽر سوسائٽي ۽ ايلسا قاضي جي شان ۾ هيٺيون قصيدو پڙهيو هو جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته 1926ع ۾ ايلسا قاضي پوئٽري سوسئاٽي جي صدر هئي.

قصيدو

 

ابر بهار آيو گلشن ۾ ٿي بهاري
فرش زمين ٿي سائو پيو آه ڏس چوڌاري

 

گونٽي گلاب لالا، منهن ماڪ سان آڌوتو
سنبل سنواريو چوٽو، نرگس به اک سنگاري.

 

جذبي سان شاخ گل تي نغمه سرا آ بلبل
گل ڀي ٻڌي ڪهاڻي دل پنهنجي آهه ٺاري.

 

ارباب علم و شاعر هن بزم ۾ ٿي داخل
شعر و سخن جي گڏجي تن شمع آهه ٻاري.

 

حضرات سامعين پڻ حصو وٺن ٿا دل سان
علمي مذاق تن کي ڏاڍي رهي ٿي پياري.

 

ڇا خوش نصيب آهي، هي پوئٽري سوسائٽي
جنهن جا صدر معزز، بي بي
(1) آهي ڀلاري.

 

علم و ڪمال ۾  آ زيب النسا جي ثاني
هن وقت علم ۾ هن آهي وڄائي واري.

 

خاتون نيڪ سيرت، خوش خو، خوش خصائل
عالم ۾ خير جي جنهن خوشبو آهي اُٿاري.

 

گهر تون فقير تنهن لئه دل سان دعا هميشہ
خوشنود ۽ سلامت رک تنهن کي ذات ٻاري.
(2)

 

ساڳئي موقعي تي ميان غلام سرور فقير، ايلسا قاضي جي مشهور نظم جو سنڌي نظم ۾ ترجمو پڙهيو هو. ٻنهي نظمن جو هڪ هڪ بند پيش ڪجي ٿو:

 

The Say, on Lovely Kashmir heigt

Upon the lotus lakes so bright

Is Poetrys abode.

چون ڪشمير جي دلڪش پٽن تي
ڪنول جي چمڪندڙ ساون ڍنڍن تي
مڪان شعر آهي ان هنڌن تي (فقير)
(3)

 

جيتوڻيڪ پوئٽري سوسائٽي جو مقصد سنڌ ۾ نظم واري شاعري کي مروج ۽ مقبول بنائڻ هو، مگر ان جي مجلس جي ڪاررواين مان معلوم ٿو ٿئي ته ان جي مجلس ۾ مير علي نواز جي غزل جو ترجمو به پڙهيو ويو هو ۽ لاڙڪاڻي واري مجلس ۾ مشاعرو به ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ضرور غزل پڙهيا ويا هوندا. اهو ڏيکاري ٿو ته پوئٽري سوسائٽي ۾ به غزل پنهنجي لاءِ ٿوري گهڻي جاءِ پيدا ڪري ورتي هئي.

 

بزم ادب حيدرآباد

 

هن بزم جو بنياد محمد اسماعيل طالب الموليٰ ۽ سندس عزيز شهمير خان ’شهمير‘ ٽنڊي ولي محمد ۾ وڌو. هي ٻئي ذات جا چانڊيا، اصل تعلقو واره ضلعي لاڙڪاڻي جا رهندڙ هئا، محمد اسماعيل ولد سائين رکيو پهريائين سرڪاري ملازم هو، پر خلافت واري تحريڪ ۾ شريڪ ٿيڻ ڪري نوڪري ڇڏي ڏني هئائين ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي وٽ نوڪري ڪئي هئائين. هو انجمن اماميه حيدرآباد جو سيڪريٽري به هو ۽ ڪجهه وقت  لاءِ ”الامين“ هفتيوار

 

حيدرآباد جو ايڊيٽر رهيو. هو سٺو مرثيه گو شاعر هو.(1)

 

بزم ادب حيدرآباد جو صدر ۽ سرپرست سيد اسد الله شاهه ’فدا‘ ٽکڙائي هو. هن بزم ۾ جيڪي شاعر شريڪ ٿيندا هئا. تن مان ڪي هي هئا:

 

اسدالله شاهه ’فدا‘، محمد هاشم ’مخلص‘، محمد اسماعيل ’طالب الموليٰ‘، شهمير خان ’شهمير‘، محمد بخش ’واصف‘،  ماستر پير بخش ’بشير‘، محمد صديق ’مسافر‘، اداسي، مستان، شائق، مرزا مدد علي بيگ، ’مدد‘، حافظ قمر الدين ’قمر‘ ۽ ماستر خير محمد ’احقر‘.

 

بزم جي مشاعرن ۾ شاعر ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي سان طنزو مزاح به ڪندا هئا. هڪ ڀيري شهمير خان، محمد بخش واصف کي تنگ ڪرڻ خاطر پنهنجي دوست ماستر پير بخش’بشير‘ کي هڪ شعر لکي ڏنو، جو هن مشاعري ۾ پڙهيو. ان جي هڪ سٽ هئي:

مثل واصف ٿيو لوهار ڪوڪو ڪو.

 

ان تي محمد بخش واصف في البديہ شعر چيو:

 

 

ٻڌل ڪنهن ذات جي ناهي طبيعت ذات موليٰ جي
نه آهي فڪر  جي واصف ٿيس پيدا لوهارن ۾.

 

هن مشاعري ۾ هڪ ٻئي سان ڏي وٺ جي باوجود شاعر هڪ ٻئي کي دل کولي داد به ڏيندا هئا ۽ پنهنجي وڏائي جون لٻاڙون به هڻندا هئا.

شهمير خان ’شهمير‘:

 

مسافر ڪٿ، ’اداسي ڪٿ، ڪٿي واصف، ڪٿي

ڪاظم ڪٿي شهمير ئي. شوقون سڏايو  يار جاني کي.


2- غزل تنهنجو ٻڌي شهمير ڪئي تحسين وه واصف
     ٿيو تعجب مسافر کي، اداسي کي ۽ مستان کي.

 

محمد بخش ’واصف‘:

 

شهمير، اداسي، شائق، واصف، ٻڌون مدد
پيدا وڃن ٿا ٿيندا سخندان نوان نوان.

 

هڪ ڀيري حافظ قمر الدين شيخ سعدي جي مشهور غزل ميم بي در شيشه باشد، بند باشد دال ري

 

جي تتبع تي غزل پڙهيو جنهن جو مطلع آهي:

 

جي اچي منهنجي اڱڻ هو جيم الف و نون بي
يڪ قلم صدقي ڪريان سهڻي سڄڻ تان سين ري.

 

ٻئي مشاعري ۾ شهمير خان ساڳئي رنگ ۾ جوابي غزل پڙهيو جنهن جو مطلع آهي:

 

جي اٿي ڪو شوق پايان ڀي الف و ڪاف ري
ڪي ’قمر‘ قربان جانب جي مٿان هي سين ري.

 

هڪ طرحي مشاعري ۾ ماستر خير محمد ’احقر‘ هيٺيون شهر پڙهيو:

 

سراسر جان عاشق لاءِ ٿيو گڏ موت جو سامان
لبن ۾ اپروئن ۾، نيڻ ۾ زلف پريشان ۾.

 

ساڳئي رنگ ۾ شهمير خان هي شعر پڙهيو:

 

نزاڪت ناز ۽ انداز جو موجود دلبر ۾
ڏسو گل ۾، نه بلبل ۾، نه ڪوئل ۾، نه بستان ۾.
(1)

 

بزم مشاعره سکر

پير علي محمد شاهه ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ آغا نظر علي لاڙڪاڻي جي مشاعرن جي انهن سامعين مان هئا جيڪي وڏي شوق سان وڃي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. پير حسام الدين ڪجهه وقت شاعري ڪئي ۽ حاجي محمود ’خادم‘ جي استاديءَ هيٺ شاعري جي وزنن جي تڪ ۽ تور ۽ بحرن جي تار ترندو رهيو. هڪ ڀيري لاڙڪاڻي جي مشاعري لاءِ طرح پڻ ڏنائين.

 

هي ٻئي ڀائر جڏهن لاڙڪاڻي مان سکر آيا ته شاعري کان زياده مشاعرن جو شوق پاڻ سان کنيو آيا ۽ 1930ع ڌاري سکر ۾ بزم مشاعره قائم ڪيائون جنهن جو سيڪريٽري پير علي محمدراشدي هو. هن مشاعري جو اعلان ۽ طرحون ”ستاره سنڌ“ جنهن جو ايڊيٽر پير حسام الدين هو. ”الحقيقت“ لاڙڪاڻو ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿينديون هيون. هن بزم مشاعره کان اڳ سکر جي ماڻهن پنهنجي شهر سکر ۾ ڪڏهن مشاعرو شايد ڏٺو ئي ڪين هو پير حسام الدين هڪ مشاعري جو ذڪر ڪندي چوي ٿو، ”سکر جي بزرگن لاءِ هي پهريون موقعو هو جو مشاعرو ڏسي رهيا هئا. اڇيون ڏاڙهيون ٿي ويون هيون ليڪن راڳيندڙن کانسواءِ شاعر جو ڪلام خود شاعر جي واتان ڪڏهن ڪو نه ٻڌو هئائون.“ (1)

 

سکر ۾ هڪڙو  وڏو مشاعرو راشدي ڀائرن آغا نظر علي جي وساطت سان محمد اسحاق سٽي مئجسٽريٽ سکر جي صدارت هيٺ ڪوٺايو هو. جنهن ۾ سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي شاعرن مان ڪيترا شاعر پنهنجي سر هلي اچي مشاعري ۾ شريڪ ٿيا هئا.جن ۾ خادم، فقير، نياز، سرور، ضامن، جوش ۽ ٻيا ڪيترا نوان ۽ پراڻا سخن سنج هئا.

حاجي محمود خادم جي ڪليات ۾ هڪ غزل جي حاشيہ ۾ هي نوٽ لکيل آهي، ”سکر مشاعره 1931ع  محبي آغا نظر علي جي دعوت تي 8- 11- 31 “. ان مان پتو پوي ٿو ته مشاعرو ڊسمبر 1931ع ۾ ٿيو هو خادم جي غزل مان شاعري جي طرح معلوم ٿئي ٿي، جا هئي:

”ڇا ڏيکاريئه چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي“

ان طرح تي ميان علي محمد قادري، ميان غلام سرور ’فقير‘، حاجي محمود خادم جا غزل انهن جي ديوان مان مليا آهن. ان مشاعري ۾ پڙهيا هئا. غزلن جو اختصار ملاحظه ڪريو:

 

ميان علي محمد ’قادري‘:

دل جي داغن جو چمن سرسبز آهي اي صبا
ابر باران ان جي لئه بس چشم گريان ٿي وئي.

 

جنت الماوا نه گهرجي ۽ نڪي حور قصور
جاءِ مسڪن ’قادري‘ جو ڪوءِ جانان ٿي وئي.

 

ميان غلام سرور ’فقير‘:

 

هاءِ رسوا ٿي ويس محفل ۾ سامهون يار جي
دل ڪيو ضبطِ محبت، چشم گريان ٿي وئي،

 

تنهنجي  در تي شور منهنجو غزالخوانيءَ جو ٻڌي
اک  جي پردي ۾ تنهنجي تصوير پنهان ٿي وئي.

 

حاجي محمود ’خادم‘:

 

دل کي سمجهايم گهڻو، پر نيٺ  ڦاٿي زلف ۾
تنهن ڪري هڪ مان نه پر خود ڀي پريشان ٿي وئي.

 

ٿيو گلِ لال کي منهن تي داغ تنهنجو منهن ڏسي
ڇا ڏيکاريئه چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي.

 

بزم مشاعره سکر جون ٻيون ڪي طرحون هي هيون:

 

لذت درد جدا لذت آزار جدا (20 ڊسمبر 1931) (1)

دل ۾ هزارين درد اٿن چشم تر نه ٿي (اپريل 10 -1932ع) (2)


 


(1)  ”بوستان بلبل“ – قادريه پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو- ص 18- 10.

(1)  ڪليات خادم(قلمي) ملڪيت محمد  علي قريشي لاڙڪاڻو.

(2)  ديوان فقير (قلمي)- ملڪيت اياز حسين قادري- لاڙڪاڻو.

(3)  شعر بيوس- ڇاپائيندڙ هوندراج دکاڍل 1953ع- دادر بمبئي-ص 88.

(4)  بياض سوشار (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ.

(1)  بياض فقير (قلمي) ملڪيت اياز حسين قادري.

(2)  شعر بيوس- ڇاپائيندڙ هوندراج دکايل، 1953ع- دادر بمبئي.

 

(1)  The poetry Review page 64. Jan- Feb, 1924, London.

(1) The poetry Preview page 288 July- August March, 1925` London.

(2) The Poetty Preview March- April, London.

(3)  لاڙڪاڻي ۾ ويهن ۾ صرف هڪڙي ڪانفرنس 1922ع ۾ ٿي هئي قاضي صاحب شايد لاڙڪاڻي جي سالياني مشاعري جي موقعي تي آيو آهي.

(1)  آءِ.آءِ. قاضي ”قومن جو بقاءُ“ خطبئه صدارت ادبي ڪانفرنس نومبر 1951ع دادو مهراڻ جون موجون پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي 1956ع، ص 17.

(2)  مرزا قليچ بيگ سائون پن ڪارو پن‘ سنڌي ادبي بورڊ- ص 285.

(1)  ايلسا قاضي.

(2)  غلام سرور فقير ’بياض فقير‘ (قلمي) ملڪيت اياز حسين قادري لاڙڪاڻو.

(3)  ’الحقيقت‘ (هفتيوار) لاڙڪاڻو- تاريخ 14 نومبر 1926ع- ص 1.

(1)  دستگير بلوچ ”ٽنڊي ولي محمد جا ٻه گمنام شاعر“ (قلمي)- سنڌالاجي، مونو – 1966ع- ص 5.

(1) غلام دستگير خان ”ٽنڊي ولي محمد جا ٻن گمنام شاعر“.

(1)  پير حسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“- سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع- ص 283.

(1)  الحقيقت (هفتيوار) لاڙڪاڻو 8 ڊسمبر 1931ع

(2)  ساڳئي – 2 اپريل 1932ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org