سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :6

 

 

محبوب جي منهن ۽ زلفن جي تعريف شاعرن جي دل جي مدعا آهي مولوي جامي پنهنجي محبوب جي چهري ۽ زلفن کي صبح ۽ شام سان نهايت سهڻي انداز ۾ تشبيهه ڏني آهي. چوي ٿو:

از روئي زلفت دارم هميشہ

صبحي همايون شامي مبارڪ  .(جامي) (4)

 

غلام محمد شاهه ’گدا‘ ان خيال کي هيئن ٿو بيان ڪري:

 

هڪڙي هنڌ باهم ڏسان تڏ ڪئن نه آ شام و سحر

عارضِ جانان تي جڏ زلفِ معنبر ٿو ڏسان.  (گدا)

 

حافظ شيرازي پنهنجي ترڪ محبوب جي ڪاري تر جي مٿان سمرقند ۽ بخارا کي قربان ٿو ڪري:

 

اگر آن ترڪ شيرازي به دست آرد دلِ مارا

بخال هندويش بخشم سمرقند و بخارا.  (حافظ) (1)

حافظ جي انهيءَ ملڪ بخشيءَ کان پوءِ اڄ تائين شاعرن پنهنجي محبوب جي مٿان گهڻو ڪجهه صدقو ڪري ڇڏيو آهي. گدا ساڳئي خيال کي هيئن ٿو بيان ڪري:

تصدق يار جي لب تان سمرقند

نثارِ زلفِ جاني خود ختن آهه.    (گدا)

 

۽ مرتضائي چوي ٿو:

صدقو سندءِ ڳل تان هڪ نه باغ آهه

ان تان خراج ملڪِ سڪندر نثار ڄاڻ      (مرتضائي)

 

شيخ سعدي ڪنهن کي مخاطب ٿي چيو هو:

چهل سال عمرت عزيزت گذشت

مزاجِ تو از حال طفلي نه گشت.      (سعدي)

(يعني تنهنجي عمر چاليهن کان وڌي  وئي آهي مگر تنهنجو مزاج اڃا ٻاراڻو آهي). سانگي انهيءَ خيال کي هيئن ٿو بيان ڪري:

چهل و چار سال عمر اٿم

     مڪتبِ عشق جو ته ٻار آهيان   

                                           (سانگي)

محبوب جون گاريون عاشقن لاءِ ماکيءَ کان مٺيون. هڪ پارسي شاعر محبوب جي گارين لاءِ چوي ٿو ته اهي جڏهن تنهنجي چپن تي ٿيون پهچن ته ”شهد ۽ شڪر“ ئي پون ٿيون:

 

هرچه خواهي بگو که اين همه دشنام تلخ

چون به لب مي رسد، شهد و شڪر ميشود.

سانگي انهيءَ خيال کي هيئن ٿو پيش ڪري:

ٿو مٺا ڀانيان مٺن ماڻهن سندا دشنام سخت

ٿو بجا ڄاڻان سڄڻ جي غمزه بيجا کي آءُ.   (سانگي)

پنهنجن جي بيوفائي جي شڪايت هر دؤر کي رهي آهي. پارسي شاعر پنهنجن جي شڪايت هيئن ٿا ڪن:

 

فريادِ دوستان همه از دستِ دشمن است

فريادِ سعدي از دلِ نامهربان دوست.  (سعدي)

 

من از بيگانگان هر گز نه نالم

که با من هرچه کرد آن آشنا کرد.  (حافظ)

 

آنچه فيضي نظرِ دوست کرد

مشکل اگر دشمنِ جاني کند.  (فيضي) (1)

 

اسان جا غزل گو شاعر ساڳيا خيالن هيئن ٿا دهرائن:

 

جا وفا بعد اسان جي ڪئي اسان سان پنهنجن

سڀڪي ڄاڻون ٿا، مگر ڪين ڪڇون ٿا يارو.    (سانگي)

 

برسات جي ويل ۽ محبوب جو جدا ٿيڻ شل الله نه ڏيکاري. امير خسرو ان کي هيئن ٿو بيان ڪري:

 

ابر مي بارد و من مي شوم ز يار جدا

ابر جدا گريہ کنان من جدا و يار جدا.   (خسرو) (2)

 

(ڪڪر وسي رهيا آهن ۽ مان پنهنجي محبوب کان جدا ٿي رهيو آهيان، ابر جدا روئي رهيو آهي، مان جدا ۽ يار جدا).

 

مرزا قليچ بيگ اها ماجرا هيئن ٿو بيان ڪري:

 

باغ ۾ بوند وسي دوست ڪري مون  کي وداع

روئي بادل ٿو جدا، آءُ جدا، يار جدا.  (قليچ)

 

حافظ شيرازي شمع ڏانهن ڏٺو پروانو موجود هو، گل ڏانهن ڏٺو بلبل موجود هئي، پاڻ ڏانهن ڏٺو اڪيلو هو، تنهن ڪري محبوب کي وصل جي درخواست ڪري چوي ٿو:

 

شمع و گل و پروانه و بلبل همه جمع اند

اي دوست بيا رحم به تنهائيِ ماکن.    (حافظ)

 

محمد هاشم ’مخلص‘ انهيءَ خيال کي هيئن ٿو پيش ڪري:

 

چمن ۾ گل، محفل ۾ رهي شمع

سندم يوسف نه ٿيو هن ڪاروان ۾.     (مخلص)

 

زلفن جي پريشاني سان عاشق هميشه پنهنجي حالت کي ڀيٽ ڏني آهي ۽ انهيءَ خيال جو اظهار ڪيو اٿائون ته جهڙي طرح زلف دائم بيقرار آهن اهڙي طرح عاشق به سدائين بيقرار آهن. انهيءَ خيال کي هڪ پارسي شاعر هيئن ٿو ادا ڪري:

 

مي بيني آن دو زلفش که بادشم همي برد

گوئي که عاشقي است هيچش قرار نيست.

 

(ڏس هن جا ٻه زلف جن کي هوا پريشان ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته عاشق آهي جنهن کي ڪوئي قرار ڪونهي).

 

ساڳئي خيال کي محمد هاشم’مخلص‘ ٿورو ڦيرائي هيئن ٿو بيان ڪري:

 

زلف جي مثل عمر بسر آهه ٿي منهنجي

تن خانه بندوش کي ڪٿي گهر نه ملي ٿو.     (مخلص)

 

امير خسرو پنهجي هڪ  شعر ۾ محبوب جي ڪارن وارن هجڻ لاءِ هڪ نهايت نازڪ خيال بيان ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته، ”اي محبوب تنهنجا وار ايترا ڪارا ڇو آهن؟“ وري پنهنجو پاڻ جواب ڏئي چوي ٿو، ”شايد سج (ڳل) جي هيٺان گهڻو رليا آهن“.

 

زلف تو سيہ چرا است بانا

بسيار در آفتاب گشته است. (خسرو)

 

ليکراج ’عزيز‘ پنهنجي هڪ شعر ۾ ان خيال کي هيئن ٿو بيان ڪري:

 

چيم ڇو تنهنجا هي وار اهڙا، ٿي يار ڪارا پيا ڀونئر جهڙا

چيائين سج کي رهن جي نيڙا، مهانڊي جا سي ٿين ٿا ڪارا.

(ليکراج عزيز) (1)

حافظ شيرازي جو هڪ شعر آهي:

 

شبِ مجنون به ليليٰ گفت اي محبوب بي همتا

ترا عاشق شود پيدا ولي مجنون نه خواهد شد.

 

(هڪ رات مجنون ليليٰ کي چيو ته اي منهنجا بي مثل محبوب تنهنجا عاشق ته پيدا ٿيندا مگر مجنون نه ٿيندو).

 

هن شعر ۾ لطف ”مجنون“ جي تجنيس پيدا ڪيو آهي. هن شعر ۾ مجنون معنيٰ ديوانو. مرزا قليچ بيگ اهو خيال هيئن ٿو بيان ڪري:

 

عرب ۾ ٿيا قيس عاشق ٻيا گهڻا

مٿي ليليٰ، مجنون سدا ڪو نه ٿئي.    (قليچ)

 

مرزا قليچ بيگ به ”مجنون“ لفظ ۾ ساڳي لطافت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

بوس وڪنار جو ذڪر غزل گو شاعرن جو خاص موضوع رهيو آهي. امير خسرو محبوب کان چمي وٺڻ کانپوءِ جي ڪيفيت کي هيئن ٿو بيان ڪري:

دلربا چون بوسه دادي باز اين چند ناز چيست

گر پشيمان گشت باشي باز بر جايش نهم.  (خسرو)

 

(دلربا چمي ڏيڻ کانپو؟ءِ هي ناز ۽ نخرو ڪهڙو آهي جيڪڏهن پشيمان ٿيو آهين ته موٽائي ساڳي جاءِ تي رکان).

 

ميان غلام سرور ’فقير‘ ان خيال کي هن لفظن ۾ ادا  ٿو ڪري.

وٺڻ جي بوسه کان رنج خاطر ملول ٿي وئي دل ۽ طبيعت

اجهو اچي آءُ ڏيان موٽائي اجايو آ اضطراب ڇا جو.

(فقير)

ملڪئه هندستان  نور جهان جي مزار تي هڪ رقت انگيز شعر لکيل آهي جنهن ۾ صاحبِ ڪمال انسان جي خاڪ ۾ دفن ٿيڻ جي ڪسمپرسي جي حالت جي غم اندوز تصوير چٽيل آهي. شعر هي آهي.

بر مزارِ ما غريبا نا چراغي ناگلي

نا پرِ پروانه سوزد نا فغانِ بلبلي.

ميان غلام سرور’فقير‘ نور جهان جي لوحِ مزار  جي شعر کان متاثر ٿي ان خيال کي سنڌيءَ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي.

بيڪس جي قبر تي ٿي سدا بيڪسي وسي

پروانو آ نه هن تي نه ڪو ئي گلفشان  آهه.(فقير)

عشق اول عاشقن جي دل ۾ ٿو پيدا ٿئي يا محبوب جي دل ۾  ان خيال کي هڪ پارسي شاعر هن طرح بيان ڪيو آهي.

عشق اول در دلِ معشوق پيدا مي شود

گر نه سوزد شمع پروانه که شيدا مي شود.

ساڳيو خيال  ميان علي محمد قادري هيئن ٿو بيان ڪري:

عاشق جي دل ڇڪڻ جي ڪشش آهي حسن ۾

پروانو ٿو سڙي جو شمع بيقرار آهه.  (قادري)

مرزا قليچ بيگ وري چئي ٿو.

ڏس ته ڪيئن معشوق پڻ عاشق ٿئي ٿو اي قليچ

شمع پروانو ٻنهي جي هيڪڙائي جو گواهه.  (قليچ)

حاجي محمود خادم چوي ٿو:

پهريان ئي شمع پاڻ بچي سڙي ڳري

پروانو تنهن کان پوءِ ٿو رهي آشناء شمع.  

                                               (محمود خادم)

ايرارن جي مشهور شاعر غزالي پرواني جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو جيڪڏهن تو کي جنون جو نظارو ڏسڻو آهي ته ديواني ۾ ڏس ۽ جيڪڏهن تو کي سڙڻ جو چاهه ڏسڻو آهي ته پرواني جي دل ۾ ڏس. سندس شعر آهي:

ذوقِ جنون از سرِ ديوانه پرس

لذتِ سوز از دل پروانه پرس.   (غزالي)

 

حاجي محمود انهيءَ خيال کي هيئن ٿو بيان ڪري؛

 

پاڻ ڳارڻ جو مزو شمع کان پڇ اي خادم

لذتِ سوز جگر پڇ وڃي پرواني کان. (محمود خادم)

هڪ شاعر شمع ۽ پرواني جو ذڪر ڪندي پنهنجي محبوب کي چوي ٿو ته“ ڏٺئه پرواني جي خون ناحق شمع کي ايتري مهلت نه ڏني جو رات گذاري صبح ڪري سگهي، يعني پاڻ به جدا فنا ٿي وئي.

 

ديدي که خونِ ناحق پروانه شمع را

چندان امان نه داد که شب را سحر کنڊ.

انهيءَ خيال کي غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي هيئن ٿو بيان ڪري

آخر سڙي وئي پاڻ به ساري صبح جو

پرواني سان ڪيڏو ڪيو جي غرور شمع.     (مرتضائي)

 

۽ سانگي چوي ٿو:

 

رت ساڳيءَ ۾ سڙي وئي ڪين پيو تنهنجو پتو

ساڙي پُر، پروانو ماري، جا هئي غرور شمع.  (سانگي)

 

حافظ شرازي پاڻ کي شمع سان ڀيٽ ڏيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن منهنجو سوز وگداز پڇڻ گهرو ٿا ته شمع کان پڇو جا مون وانگر سوز ۽ گداز ۾ آهي؛

اي مجلسيان سوز، دلِ حافظِ مسڪين

از شمع بپر سيد که در سوز گداز است.

اهو خيال شمس الدين بلبل هيئن ٿو ادا ڪري:

مون کي ڏسڻ گهرين ٿو ته ڏس گذار شمع

جو سڀ سکي آ مون کون هي سوز ساز شمع       (بلبل)

 

بهار جي موسم ۾ مي نوشي ايراني شاعرن جو پسنديده موضوع رهيو آهي. امير خسرو چوي ٿو:

هنگامئه گل است باده بايد

ساقي و حريف ساده بايد.  (خسرو)

 

حاجي محمود ’خادم‘ فصلِ بهار ۽ ساغر جي لاءِ ساقي کي هيئن عرض ٿو ڪري-

مکڙيون کليون ۽ باغ ۾ فصلِ بهار آ

ساقي عطا ٿي ساغرِ  مي باده خوار کي.

                              (محمود خادم)

تصوف ايراني غزل جو روح آهي. ايران جي شاعرن تصوف جا گهڻو ڪري سمورا پيچده مسئلا نهايت لطيف ۽ پرڪشش انداز ۾ بيان ڪيا آهن. سنڌ صوفين جو ملڪ آهي انهيءَ ڪري هتان جي ڪيترن غزل گو شاعرن پڻ تصوف کي پنهنجي غزل جو سينگار بنايو آهي. روز ميثاق الله تعاليٰ پنهنجي عشق جي امانت جڏهن ملائڪن کي آڇي ته اهي ڏڪي ويا تڏهن آدم اڳتي  وڌيو ۽ اهو برهه جو بار پنهنجي سر تي کنيائين. حافظ ان خيال  کي هيئن ٿو بيان ڪري:

 

بارِ  غمِ عشقِ تو  بهر کس که نمودند

عاجز شد و اين قرعه بناسم افتاد.  (حافظ)

 

آسمان بار امانت نتوانست کشيد

قرعئه فال به نامِ منِ ديوانه زدند.  (حافظ)

 

سانگي ۽ گدا ان خيال کي هيئن ٿا بيان ڪن:

 

جن  جي هئي جن مَلڪ کي نه کڻڻ جي طاقت

اڻ ميا بار برهه جا سي بشر تي پهتا.  (سانگي)

 

جو جبل کان نه کنيو ٿيو، سو کلي اي زاهد

ٿو کڻان بار محبت، آهيان انسان آئون.  (سانگي)

 

برداشت ڪري ڪين سگهيو ارض و سماوات

آدم سٺو سر پنهنجي تي پاران محبت.   (گدا)

 

خدا چوي ٿو ته مان مخفي آهيان ته پوءِ دنيا ۾ هي جيڪي مظهر ڏسجن ٿا ته اهي ڪنهن جا آهن؟ هڪ ايراني شاعر چوي ٿو:

 

گفتي نهانم از دو عالم

پيدا شده يگان يگان کيست.

 

مرزا قليچ بيگ ان خيال کي هيئن ٿو بيان ڪري:

 

تون عيان ۾ نهان، نهان ۾ عيان

بي مثل، بي نشان، تون سڀ جو  نشان.       (قليچ)

 

صوفين جو عقيدو آهي ته هر هنڌ انهيءَ حبيب جو جلوو آهي. حافظ چوي ٿو:

در عشق  خانقاهه و خرابات فرق نيست

هرجا که هست پرتوي روئي حبيب است.   (حافظ)

 

ميان علي محمد قادري اهو راز هيئن ٿو سلي:

 

رهين مخفي ٿو نفسن ۾ تون ليڪن

ڏسان جاڏي ته تون نروار هي ڇا.   (قادري

 

جي مسجد ۾ هو آهي ته مندر ۽ ڪليسا ۾ به انهيءَ جو جلوو آهي عشق مسجد ۽ مندر جي تفرقي کان مٿي آهي. حافظ چوي ٿو:

حمہ کس طالبِ يار اند چه هوشيار چه مست

همه جا خانہُ عشق است چه مسجد چه کنشت

انهيءَ خيال کي ميان علي محمد قادري ۽ ليکراج هيئن ورجائين ٿا.

مڙهيءَ مسجد ۽ ديول بتڪده ۾

ڏٺم جلوو رخِ دلدار هي ڇا.   (قادري)

 

بتخانن ۾، مسجد ۾، ڪليسا ۾، حرم ۾،

ٿي جلوه گہِ يار ڪڏهن ڪٿ ڪڏهن ڪٿ. (ليکراج عزيز)

 

انسان کي سڀ کان صلح ۾ رهڻ کپي، اهو ئي الله جي وصل جو رستو آهي. ان خيال کي حافظ هيئن ٿو بيان ڪري:

 

حافظ گر وصل خواهي صلح کن با خاص وعام

با مسلمان الله الله با برهمن رام رام   (حافظ)

 

هدايت علي نجفي جي واتان ساڳي ڳالهه هنن لفظن ۾ ٿي بيان ٿئي-

نجفي ٿو صلح ڪل جڳائي جهان ۾

مسلم سان السلام ته هندو سان رام رام.     (نجفي)

سانگي چئي ٿو:

 

حضرتِ عشق کي امام ڪيم

بتِ ڪافر کي رام رام ڪيم.      (سانگي)

مٿي جيڪي مثال بيان ڪيا ويا آهن تن مان اِها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي غزل گو شاعرن جي خيالن تي ايران جي شاعرن جو نهايت گهڻو اثر آهي ۽ سنڌي غزل گو شاعرن نهايت چابڪدستيءَ سان پارسي خيالن کي پنهنجن غزلن جي زينت بڻايو آهي. اهڙي روش کي ترجمو، سرقو يا توارد چئجي ته ڪا غلط ڳالهه نه آهي.

 

غزلن جا ترجما:

سنڌ جي غزل گو شاعرن جي ديوانن ڦولهڻ سان پتو پوي ٿو ته  هنن نه صرف خال خال شعرن بلڪه ڪيترن مڪمل غزلن جا ترجما ڪري پنهنجي ديوانن ۾ داخل ڪري ڇڏيا آهن. امير خسرو جو هي غزل:

 

کافرِ عشقم  مسلماني مرا درکار نيست

هر رگِ تار گشت حاجت زنار نيست.

 

ما غريبان را تماشائي چمن درکار نيست

داغهائي سينئه ما کمتر از گلزار نيست.

 

شاد باش اي دل که فردا برسرِ بازار عشق

وعدهء قتل ست گرچه وعدهء ديدار نيست.

 

ناخدا در کشتيِ ما گر نباشد گو مباش

ما خدا داريم مارا ناخدا درکار نيست.

 

خلق مي گويد که خسرو بت پرستي ميکند

آري آري ميکنم با خلق و عالم کارنيست. (1)

 

مرزا قليچ بيگ انهيءَ غزل جو هيئن ترجمو ڪيو آهي:

 

ڪافر آهيان عشق جو، مون کي مسلماني کان آهه عار

ٻيو ڪبو ڇا، ٿيو جڻيو جڏهن منهنجي رڳ رڳ وار وار.

 

اُٿ تون سيرانديءَ کان منهنجي وڃ هليو اي ڄٽ طبيب

عشق جي بيمار جو، ديدار تي آهي مدار.

 

باغ جو سير ۽ تماشو ناهي عاشق کي ضرور

آهن ان لاءِ داغ ان جي سيني جا باغ ۽ بهار.

 

خوش ٿي اي دل جو سڀاڻي عشق جي بازار ۾

آهي وعدو قتل جو، ديدار لاءِ تج جان نثار.

 

ناخدا ٻيڙيءَ اسان جيءَ جو نه هوندو جي ته ڇا

ناخدا تي ناهه، پنهنجو ٿيو خدا تي اعتبار.

خلق چئي، ”خسرو“ ڪري ٿو بت پرستي اي قليچ

ٿو ڪري بيشڪ پر ان جو خلق تي ٿيو ڪهڙو بار. (2)

 

آخوند فقير محمد عاجز حيدرآبادي مير عبدالحسين سانگيءَ جي همعصرن مان هو ۽ صاحبِ ديوان جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هن ڪيترن پارسي شاعرن جي غزلن جو  سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجوسندس غزلن لاءِ چوي ٿو، ”سندس ڪلام گهڻو ڪري سمورو پارسي شاعرن جي غزلن جو تتبع ڪيل آهي“ (1) ۽ محبوب علي چنا چوي ٿو، ”ان صاحب جي ديوان ۾ گهڻا غزل ”ديوان حافظ“ جي غزلن جو ترجمو ۽ تتبع  آهن. (2)

حافظ جي مشهور غزل ”سيہ چشمانِ کشميري و ترکانِ سمرقندي“ جا ڪجهه شهر ۽ عاجز جو ڪيل ترجمو پيش ڪجي ٿو:

 

سحر با باد مي گفتم حديثِ آرزو مندي

خطاب آمد که واثق شو بالطاف خداوندي.

 

قلم را آن زبان نبود که سرِ عشق گويد باز

واري حد تقرير است شرحِ آرزومندي.

 

همائي چون تو عالي قدر و مهرِ  استخوان تا کي

دربغ اين سائيه دولت که بر نااهل افگندي.

 

ز شعرِ حافظِ شيراز مي گويند و مي رقصند

سيہ چشمانِ کشميري و ترکانِ سمرقندي.

 

فقير محمد ’عاجز‘ جو ترجمو ملاحظه ڪريو:

 

صبا سان مون جو ڪيو ڪلام آرزو مندي

حڪم ڪيائين ته محڪم ٿي بالطاف خداوندي.

 

قلم کي ناهه ڪا طاقت ته سوسن جان زبان کولي

ٻهر تقرير کان آهي بيانِ آروزمندي.

 

هما تون اوج جو آهين هڏي جي هير ڇا کون ڪيئه

عجب جو سايو دولت جو مٿي نااهل افگندي.

 

سندءِ هي شعر اي عاجز ٿا ڳائن ۽ پڙهن پِرتان

هي مهرو سنڌ ۽ هند جا ۽ سهڻا هي سمرقندي. (3)

 

هدايت  علي ’نجفي‘ ڪيترن پارسي شاعرن جي غزلن جو ترجمو ڪري پنهنجي ڪتاب ”برهه جي  بندي“ ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن. حافظ جي مشهور غزل ”ساقيا برخيز و درده  جام را“ ۽ نجفي جو ڪيل ان جو سنڌي ترجمو ملاحظه فرمايو:

 

ساقيا برخيز و دردهه جام را

خاک بر سر کن غمِ ايام را.

-

ساغرِ مي برکفم نہ تا ز بر

برکشم اين دلق ارزق نام را.

-

گرچه بدناميست نزدِ عاقلان

ما نمي خواهيم ننگ و نام را.

-

دود آهِ سمينہ‘ نالانِ من

سوخت اين افسردگان خام را.

-

محرمِ رازِ دلِ شيدائي خود

کس نمي بينم ز خاص و عام را.

-

با دلارامي مرا خاطر خوشست

کز دلم يکباره برد آرام را.

 

صبر کن حافظ بسختي رزو شب

عاقبت روزي ميابي کام را.  (حافظ شيرازي)

 

سنڌي ترجمو-

ساقيا اُٿ ڏي ڀري مي جام کي

ڌوڙ ۾ وجهه تون غمِ ايام کي.

-

مي جو  پيالو منهنجي هٿ ۾ ڏي نئون

گودڙي لاهيان مان ارزق فام کي.

-

ٿو تي بدنامي آ ڏاهن وٽ اها

ته به گهرون ٿا ڪين ننگ و نام کي.

-

دود آهي سينہُ سوزان سندو

ساڙيو جنهن افسردگانِ خام کي.

-

پنهنجي دل عاشق جو محرم راز ڪو

ٿو ڏسان مون ڪو نه خاص و عام کي.

-

ساڻ دل آرام هڪ، دل خوش ٿيم

دل کان جنهن هڪ وار نيو آرام کي.

-

ماٺ ڪر تارڪ تون ڏک ۾ رات ڏينهن

عاقبت هڪ ڏينهن لهندين ڪام کي. (1)

 

ايراني ماحول:

 

ماحول مان مراد زندگي ۽ زندگيءَ  سان واسطو رکندڙ روزمره جون اهي ڳالهيون آهن جن ۾ هڪ انسان گذاري ٿو. مثال طور گرم ملڪ جو ماحول پنهنجو ٿو  ٿئي ۽ سرد ملڪن جو ماحول پنهنجو ٿو ٿئي. گرم ملڪ جو ماڻهو گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڪشاده، سوٽي ۽ سنها ڪپڙا پهري ٿو. انهيءَ جي بجاءِ سرد ملڪ جو ماڻهو سرديءَ کان بچڻ لاءِ تنگ، اوني ۽  ٿلها ڪپڙا پائي ٿو. گرم ملڪ جو ماڻهو مشروبات استعمال ڪري ٿو ۽ سرد ملڪ جو ماڻهو پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ گرم شيول استعمال ڪري ٿو.گرم ملڪ جو ماڻهو پکي ۽ ايئرڪنڊيشنر جي ضرورت محسوس ڪري ٿو، ان جي ڀيٽ ۾ سرد ملڪ جو ماڻهو باهه ۽ هيٽر جي تمنا ڪري ٿو. ايراني ماحول مان مراد اهو ماحول آهي جنهن ۾ هڪ ايراني زندگي گذاري ٿو. هو اک کولي ٿو ته هن جي  ڪن تي قمري جي ڪوڪ ۽ بلبل جي فغان پهچي ٿي. هو ٻاهر نڪري ٿو ته هر طرف سبزه  زار آهي، سرور ۽ شمشاد جا بلند و بالا درخت ڪنڌ اوچو ڪيو آسمان سان سرگوشي ٿا ڪن. هر هنڌ باغ و بهار لڳو پيو آهي. ڪٿي سنبل آهي ته ڪٿي سوسن آهي جي محبوب جي زلفن وانگر پيچ پيا کائن. ڪٿي لاله آهي جنهن جو پيالو شبنم جي شراب ڀُر ڪري ڇڏيو آهي. ڪٿي نرگس آهي جا ڪنهن گلرخ جي چشم نيم خوابيءَ وانگر ناز سان پئي نهاري. شام ٿئي ٿي ته چنگ و رباب جا سريلا آواز اچڻ شروع ٿا ٿين. ڪافوري شمعون روشن ٿي  وڃن ٿيون. جن تي ڪيترا پروانه جان قربان ڪرڻ پيا اچن. ميخاني جي هڪڙي ڪنڊ ۾ پيرِ مغان الوٽ اکيون پوريون پنهنجن خيالن ۾ گم ويٺو آهي، ٻئي طرف خوبصورت ترڪ ڇوڪرا حاضر بيٺا آهن. سرو قد ساقي جي هڪ هٿ ۾ خمدار صراحي ۽ ٻئي هٿ ۾ بلوري جام آهي. مي نوش ۽ رند هڪ ٻئي جي پٺيان اچي رهيا آهن. ساقي پنهنجي مهرباني مطابق ڪنهن کي گهٽ ۽ ڪنهن کي وڌي شراب ٿو ڏئي. ڪنهن جي هٿ ۾ خالي جام آهي ۽ ڪنهن جو پيمانو پُر آهي. اهو آهي ماحول جيڪو ايراني شاعرن پنهنجي شاعريءَ جو چٽيو آهي. ايران جي شاعري جڏهن سنڌ ۾ پير پاتو تڏهن سمورو ايراني ماحول به پاڻ سان کنيون آئي.  سنڌ جو شاعر هڪ انهيءَ زاهد وانگر جيڪو هڪ خسته ۽ ڀڳل ٽٽل خانقاه ۾ رهندي جنت ۽ بهشت جي باغن، شراباً طهورا ۽ حورن ۽ غلمانن جي خيالن ۾ گم هجن، ايراني شاعريءَ جا اهي سبز باغ ۽ دلفريب دلبر ڏسي، ان ۾ ايترو گم ٿي ويو جو ان کي جنتِ ارضي سمجهي ساڳيا گيت ڳائڻ لڳو. ايراني ماحول جو ان تي ايترو نشو چڙهيو جو هو پنهنجو سڀ ڪجهه وساري ويٺو. سڄي عمر ايران جي گهٽين ۾ رلندو ۽ ميخانن ۾ مي جا جام تي جام چاڙهيندو رهيو.

 

باغ و بهار:

ايران جي شاعرن پنهنجي ماحول کان متاثر ٿي پنهنجي باغ و بهار ۽ گل و گلزار جي منظر نگاريءَ ۾ جادوگريءَ کان ڪم ورتو آهي. شداد هن زمين تي جيڪو بهشت بنايو هئو اهو ته گم ٿي ويو، مگر ايراني شاعرن جي لفظن جيڪا جنت جوڙي آهي اها اڃا قائم آهي. سنڌ جي غزل گو شاعرن به پنهنجي ڪلام ۾ اهو ڪجهه بيان ڪيو جيڪي هنن پنهنجي آسپاس اکين سان نه ڏٺو آهي بلڪ ايراني شاعرن جي واتان ٻڌو ۽ پنهنجي تصور ۾ ڏٺو آهي. شيخ  فريد الدين عطار ايران جي بهار جو نقشو سادن لفظن ۾ هيئن ٿو چٽي:

بادِ شمال مي رسد جلوه نسترن نگر

وقتِ سحر زعشقِ گل، بلبلِ نعره زن نگر.

 

سبزه تازه روي را نو خطِ جويبار بين

لاله سرخ روي را سوخته دل چون من نگر.

 

خيريِ سرفگنده را در غمِ عمر رفته بين

سنبلِ شاخ شاخ را مروحہِ چمن نگر.

 

ياسمين لطيف را همچو عروس بکر بين

باد مشاطه فعل را جلوه گرِ سمن نگر.

 

نرگس نيم، مست را عاشق زرد روي بين

سوسنِ شير خوار  را آمده در سخن نگر.

 

لعبتِ شاخِ ارغوان طفل زبان کشاده بين

ناو کِ چرخِ گلستان غنچه بي دهان نگر.

 

تا گلِ  بادشاهه وش تخت نهاد در چمن

لشڪريانِ باغ را خميمہ نسترن نگر.

اين که گذشت وقتِ گل سري چمن نگاه کن

روح نصيب صبح بين ابر گلاب زن نگر. (1)

 

امير خسرو وري بهار جو نقشو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

 

صبا را گاه آي آمد کہ راهه بوستان گيرد

زمين را سبزه در ديبا و گل را پرنيان گيرد.

 

جهد از چشمه موجِ آب و لرزان در زمين افتد

زند بر لاله بادِ تند و آتش در زبان گيرد.

 

تماشا کن که چون بگرفت لاله کوه را دامن

کسي کو تيغ بي موجب کشد خونش چنان گيرد.

 

زيادِ غنچه مرغان را نوابستہ شود تا گل

بسازد پرده نوروز و بلبل خود همان گيرد. (1)

 

هنن ٻنهي پارسي غزلن ۾ بادِ شمال جي گهلڻ صبح جي وقت کان گلن کي ڏسي بلبلن جي نغمه زن ٿيڻ، لاله، خيري، سنبل، ياسمين، نرگس، سوسن، نسترن گلن جي لڏڻ ۽ ڪڪرن جي بوند وسائڻ جو منظر پيش ڪيو ويو آهي. هاڻي ڏسو ته سنڌ جو شاعر جڏهن بهار جو نقشو ٿو ڪڍي ته بلڪل انهن ساڳين شين جو ذڪر ٿو ڪري. کيس پنهنجي وطن جي ڪنهن به شئي ۾ بهار جو منظر نظر نٿو اچي ۽ کيس انب پوکيل نظر اچن ٿا، نه نمن جو ٻُور ٿو ڏسڻ ۾ اچي، نه کيس وطن جي لين ۽ لاڻن جي لولائي ڏسڻ ۾ ٿي اچي، نه کيس ٽانگڙ ۽ موتئي جي خوشبو ئي ياد ٿي اچي. هو پرائي بهار ۾ پنهجو دامن چاڪ ڪيو چرين وانگر وڦلندو ڏسڻ ۾ ٿو اچي.

 

هدايت علي نجفي بهار جو منظر هيئن ٿو پيش ڪري:

 

صبا پيغام پهچايو، بهار آيو بهار آيو

ٿيو خوش من ٻڌي  رايو بهار آيو بهار آيو

 

برن باغن ۾ گلزاري اچي هر جاءِ هٻڪاري

چوي هرڪو هوا کايو بهار آيو بهار آيو.

 

تذرو، طوطي و صلصل مٿي گل گل مثل بلبل

ويٺا هن لات هيءَ لايو بهار آيو بهار آيو.

 

نسيمِ صبح کان يڪسر رهن جنبش ۾ بر وبر

اشاري سرو جو سايو بهار آيو بهار آيو.

 

ڏسي نشوو نما گلشن وري کولي زبان سوسن

چئي نگرس کي جاڳايو بهار آيو بهار آيو.

 

گلاب ۽ ياسمن نسرين- رياحين سنبل ۽ سيمين

چوي سر نازبو نايو بهار آيو بهار آيو.

 

معطر ٿيو دماغ ِ جان، سنگهي گلدستئه ريحان

پٽي پٽڪي ۾ گل پايو بهار آيو بهار آيو.

 

کڻي مينا غزل خران باغ ۾ نجفي چوي رقصان

بهار آيو بهار آيو، بهار آيو بهار آيو. (1)

 

حضرت عطار ۽ امير خسرو پنهنجن غزلن ۾ جن گلن کي وساري ويا آهن، نجفي انهن جو به ذڪر ڪيو آهي. جهڙوڪ گلاب، نسرين، ريحان. مٿين ٻن شاعرن سرو جو بيان نه ڪيو آهي، پر نجفي ان کي به نه وساريو آهي،. بلڪه ايران جي پکين تذرو، طوطي ۽ صلصل کي به گيت ڳائيندو ڏيکاريو اٿائين. هاڻي وري اچو ته ڏسون ته محمد بخش واصف سنڌ جي حيدرآباد شهر ۾ ويهي ڪهڙي بهار جو منظر ٿو چٽي:

پرده گل ۾ اي دل ڏس روءِ خندانِ بهار

صورت سنبل ۾ ڏس زلف پريشانِ بهار.

باغ ۾ ڪهڙي تڪليف سان نه سامانِ بهار

فرش سبزه جو وڇايل گل چراغانِ بهار.

 

نغمئه  بلبل نه آهي پر دعائن جي صدا

برگِ گل رنگِ زبان آهي ثنا خوانِ بهار.

 

داغ دل ۾ لاله جي گل چاڪ پيراهن ڪيو

فتنه خيز آئي نظر ڇا چشم فتانِ بهار.

 

سرو قد، گل آهه رخ، خط ناز جو، سنبل هي زلف

ڪهڙا ڪاريگر نه آهن، نقشبندانِ بهار.

 

طائرانِ باغ، هڪ واصف نه آهن نغمه سنج

ٻيا پڙهون، شاعر اسين پڻ خوب ديوان بهار. (2)

 

حضرت ’واصف‘ به ايران جي بهار جو ساڳيو نجفي وارو نظارو بيان ڪيو آهي، رڳو  قافين ۽ لفظن جي ڦير گهير آهي. ٻيا ته ڇڏيو پر خليفو گل جنهن جي غزلن ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جي جهونگار ۽ پنهنجي وطن جي ماحول جي گهڻي قدر عڪاسي ڪئي، اهو به جڏهن ٿر  ۾  بهار جو نقشو چٽي ٿو ته کيس ٿر جي ڀٽن ۽ واريءَ جي دڙن ۾ ايراني گل زعفران، سنبل ۽ نرگس ٽڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. چوي ٿو:

ڪيا منڊل برسات برسي گل ٽڙيا  پوٺن مٿي

زعفران و سنبل و نرگس کليا ۽ کٽڻهار.  (1) (گل)

خزان:

جتي سنڌ جي شاعرن پنهنجي غزلن ۾ جڏهن بهار جو ذڪر ڪيو آهي تڏهن سمورو ماحول ايران جي باغن ۽ بستانن جو بيان ڪيو آهي. جو انهن جو ذهن بهاريه غزلن جي مطالعي سان، مرغ بلڪه سميرغ وانگر اڏامي  انهن ايران جي باغن جي فرحت بخش نظارن کان مسرت حاصل ڪري ٿو. اتي ڪيترن سنڌ جي شاعرن جڏهن بهار کان پوءِ خزان جي آمد  جي منظر نگاري ڪئي آهي ته ساڳيا ايران جا باغ بستان، گل ۽ گلستان اجڙيل بيان ڪيا اٿائون. ان کان اول جو ڪنهن سنڌي شاعر جو خزان بابت غزل بيان ڪجي. رودڪي پارسي شاعري جي واپسي جا خزان بابت ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:

کوه ديگر کوه سيمين گشت و زرين شد چمن

آب ديگر باره روشن گشت و تيره شد هوا.

 

(جبل ٻيهر (برف سبب) چانديءَ جهڙو ٿي ويو ۽ باغ (پيلن پنن سبب) سونهري ٿي پيو).

گشت خامش فاخته تا شد چمن پرداخته

گشت بلبل بي نوا، تا بوستان شد بي نوا.

(ڳيرا ماٺ ٿي ويا، چمن انهن کان خالي ٿي ويو، بلبل جو آواز خاموش ٿي ويو جو باغ ۾ ڀڻڪو ئي ڪونهي.)

 

نار چون پر حقہء زرين نگين هائي عتيق

سيب جون بر چهرهِ سيمين نشانهائي بکا.

(ڏاڙهون ائين ٿي ويا ڄڻ سوني حقي جي مٿان عتيق جا ٻڙا، ۽ صوف ائين ٿي ويا جيئن ڪنهن چانديءَ جهڙي چهري تي غم جا نشان يعني ٻئي بي رنگ ٿي ويا).

 

بادِ سرد آمد چو آهه عاشقان هنگامِ صبح

بانگِ زاغ آمد جو از معشوق پيغامِ جفا. (1)

 

(سرد هوا اهڙي آئي، جهڙي آهه. جيڪا عاشق صبح جي وقت ڪڍندا آهن ڪانون جو آواز اهڙو آيو ڄڻ ڪنهن معشوق وٽان جفا جو پيغام اچي پهتو).

 

هاڻي ڏسو سنڌ جي هڪ ممتاز شاعر غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي‘ خزان جو نقشو پنهنجي غزل ۾ ڪيئن بيان ڪيو آهي ۽ ڪهڙو ماحول چٽيو آهي:

وريو زمستان، سڙيو گلستان، اتر نمايان ڍريو اجايو

درخت عريان، بمثل مستان، برگ ريزان، چريو چوايو.

 

خراب ٿيا گل، سڙي ويا سنبل، تنوار بلبل نه آهه بلڪل

چمن جي محفل، ڇڏيو تعمل، بشور غافل، لڏيو لڏايو.

 

گلن جو لشڪر، نه ٿيو مظفر، انهي مبارز، اڳيان غضنفر

اقر سڪندر، مثل نشانبر، پتا صنوبر جا کوئي آيو.

 

بفوج شبنم، شڪست از غم، رسيد موسم، خزان اعظم

بمثل حاڪم ظلام ظالم، ورائي عالم جهان دٻايو.

 

بلادِ افغان و هم خراسان، برف و باران، ڀريا بيڪسان

سمور خندان، هزار گريان، پکين پريشان پتو وڃايو.

 

گلن جي هستي، ڦلن جي مستي، وڻن جي وستي، سڀ شڪستي،

اُٺن کي مستي، چرين کي خستي، حڪم الستي، هي ٺاهه ٺاهيو.

 

رکي سوائي، اي مرتضائي، بشعر شاهي، ولي گدائي

جواب پائي لطيف آئي، نه ٻئي کي ڪائي، مجال مايو. (2)

 

ٻنهي غزلن کي ڀيٽي ڏسبو ته ٻنهي ۾ گهڻيون ساڳيون ڳالهيون نظر اينديون. رودڪي چوي ٿو بادِ سرد آمد، مرتضائي چوي ٿو وريو زمستان (سيارو) ۽ اتر سڪندر آيو (يعني اتر جي هوا گهلڻ لڳي). رودڪي چوي ٿو ڪوهه ديگر سيمين شد (يعني برف پوڻ لڳي). مرتضائي چوي ٿو ته برف باري ان پرايو يڪسان. رودڪي چوي ٿو زرين شد چمن (وڻن جا پن ڇڻيا) مرتضائي ٿو چوي درخت عريان برگ ريزان.رودڪي چوي ٿو گشت خامش فاخته ۽ گشت بلبل بي نوا (پکي ماٺ ٿي ويا) مرتضائي چوي ٿو تنوار بلبل نه آهي بلڪل. رودڪي ڏاڙهون (انار) ۽ سيب جي ڪومائجڻ جو ذڪر ڪري ٿو، مرتضائي وري چوي ٿو خراب ٿيا گل سڙي ويا سنبل مطلب ته مرتضائي اهو ئي ماحول قائم رکيو آهي جنهن جو بيان رودڪي ڪيو آهي.

 

گل ۽ بلبل:

ايراني شاعرن جا ديوان، گل ۽ بلبل جي ذڪر سان ڀريا پيا آهن. سنڌي ديوان جو ڪو اهڙو غزل نه هوندو جنهن جي ڪنهن شعر ۾ گل ۽ بلبل کي ياد نه ڪيو ويو هوندو. ايراني شاعرن گل ۽ بلبل کي ٻن نمونن ۾ ڳايو آهي. هڪ عام رواجي طرح يعني بهار جي ماحول سان واسطو رکندڙ شين جي حيثيت ۾ جڏهن گل ۽ بلبل کي ڏسي کين پنهنجو محبوب ٿو ياد اچي يا گل جي سونهن ۽ فنا کي ڏسي کين زندگي جي بي ثباتي ياد ٿي اچي. ٻيو گل ۽ بلبل کي هنن معشوقن ۽ عاشقن جو اهڃاڻ، علامت يا Symbol ڪري بيان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هنن شمع ۽ پرواني کي معشوق ۽ عاشق جي علامت ڪري پيش ڪيو اهي. گل ۽ بلبل ۽ شمع ۽ پرواني جي پردي ۾ هنن عشق ۽ محبت جا سمورا معاملا نهايت لطيف ۽ دلفريب نموني بيان ڪيا آهن. ڪڏهن بلبل گل جي وڇوڙي سبب روڄ راڙي ۾ آهي ۽ غم کان سندس دل پرزا پرزا آهي؛ ڪڏهن گل جي وصل سبب خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي. ڪڏهن گل بلبل تي مهربان آهي ۽ ڪڏهن بلبل کان دور رهڻ ٿو چاهي. مطلب ته عشق محبت جون سموريون وارداتون گل ۽ بلبل جي علامتن ۾ بيان ڪيون ويون آهن. گل ۽ بلبل سان گڏ هنن گلستان جون ٻه ٻيون علامتون به بيان ڪيون آهن. جن مان هڪ خار آهي جنهن کي رقيب جو درجو حاصل آهي، جنهن تي بلبل انهيءَ ڪري ناراض آهي جو گل ان کي پنهنجي پهلو ۾ جاءِ ڏني آهي ۽ جيڪو بلبل ۽ گل جي وصل ۾ وڏي روڪ ۽ رنڊڪ آهي.

 

ٻيو آهي صياد، جيڪو بلبل جو جاني دشمن آهي، جنهن  کي بلبل  جو وجود ئي ناپسند آهي. تنهن ڪري جڏهن به انهن کي موقعو ملي ٿو ته بلبل کي قفس ۾ قيد ٿو ڪري ڇڏي. جتي بلبل پنهنجي آزاديءَ ۽ گل جي ديدار کان محروم آه فغان ۾ مشغول آهي.


(4) ”ڪلياتِ جامي“، مطبع  منشي نولڪشور ڪانپور( مولوي جامي جا ٻيا مثال به هن ڪليات مان چونڊيا ويا آهن).

(1)  ”ديوانِ حافظ“، موسہ مطبوعاتي امير کبير ايران (خواجہ حافظ جا ٻيا مثال به هن ديوان مان منتخب ڪيا ويا آهن).

(1)  ”ديوانِ فيضي،، مرڪزي اردو بورڊ لاهور (فيضي جا ٻيا مثال به هن ديوان مان منتخب ڪيا ويا آهن).

(2)  ”ديوانِ خسرو“، مطبع منشي نولڪشور ڪانپور (امير خسرو جا ٻيا مثال هن ديوان مان ڏنا ويا آهن).

(1) ”ڪلياتِ عزيز“، نيشنل پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد، 1938ع- (ليکراج ڪشنچند عزيز جا ٻيا مثال به هن ڪليات مان ڏنا ويا آهن).

(1)  مولوي محمد ابراهيم بن شهاب الدين (مرتب)، چمن بي نظير، مطبع منشي نولڪشور، ص 16.

(2)  قليچ بيگ مرزا ”ديوانِ قليچ“، سنڌي ادبي بورڊ، ص 121.

(1)  جوڻيجو عبدالجبار ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، پروفيڪٽ پرنٽرس، حيدرآباد، 1973ع، ص 208.

(2)  محبوب علي چنا ”ڪليات امين““، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع، ص 246.

(3)  ”ديوانِ عاجز“ قلمي، ملڪيت احمد علي قريشي، حيدرآباد.

(1)  هدايت علي نجفي ”برهه جي بندي“ (قلمي)، ملڪيت نواز علي شوق، ڪراچي.

(1)  رضا زاده شائق ”تاريخ ادبيات ايران“، مطبع وزارت فرهنگ و ايران، ص 129.

(1)  رضا زاده شفق، ”تاريخ ادبيات ايران“، مطبع وزارتِ فرهنگ ايران، ص 305.

(1) ”ديوان نجفي“، ڇاپايل پوڪرداس شڪارپور، 1922ع، ص 106.

(2)  ”ديوان واصف“، ڇاپايل پوڪر داس، شڪارپور.

(1)  گل محمد خليفو ”ديوان گل“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1933ع ص 68.

(1) ”شعرالعصم“ حصو پهريون، ڇاپو چوٿون، سال 1940ع، ص 37.

(2)  ”ديوان مرتضائي“ (قلمي) سنڌي ادبي بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org