ڀاڱو چوٿون
دعوت غزل
عنوان
دعوتِ غزل.
دعوتِ غزل جي ابتدا.
خليفو قاسم ۽ فاضل شاهه.
سانگي ۽ سندس همعصر شاعر.
فضل محمد ’ماتم‘.
غلام محمد شاهه ’گدا‘ ۽ سندس همعصر شاعر.
حافظ حامد ٽکڙائي ۽ سندس همعصر شاعر.
محمد هاشم ’مخلص‘ ۽ سندس همعصر شاعر.
مرتضائي ۽ سندس همعصر شاعر.
علي نواز علوي ۽ سندس همعصر شاعر.
غلام سرور ’فقير‘ ۽ سندس همعصر شاعر.
حاجي محمود ’خادم‘ ۽ سندس همعصر شاعر.
*
دعوتِ غزل
جڏهن سنڌ ۾ اڃا مشاعرن جو رواج نه پيو هو، جتي شاعر گڏجي هڪ هنڌ
ويهي پنهنجو ڪلام هڪ ٻئي کي ٻڌائين ۽ داد حاصل
ڪن ۽ پنهنجن همعصرن شاعرن کان برتري حاصل ڪرڻ
لاءِ پنهنجن غزلن کي نازڪ خيالن، رنگين، تشبيهن ۽
حسين استعارن سان سينگاري پيش ڪن. ان زماني ۾
دعوتِ غزل جي اوسر ۾ وڏو ڪم ڪيو، دعوتِ غزل مان
مراد آهي ته ڪنهن ٻئي شاعر جي غزل تي غزل چوڻ.
سنڌي غزل جي شروعاتي ترقي واري دؤر ۾ اڪثر ائين ٿيندو هو ته ڪو
شاعر غزل چئي پنهنجي ڪنهن همعصر دوست يا حريف شاعر
کي ساڳي غزل تي غزل چوڻ جي دعوت ڏيندو يا فرمائش
ڪندو هو. حريف شاعر اها دعوت يا چئلينج قبول ڪري
غزل جي ساڳي زمين ۾ پنهنجي خيالن جي گهوڙي کي
ڊوڙائي پهرين غزل چوندڙ شاعر کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ جي بجاءِ ڪيترن شاعرن کي
ساڳي غزل تي غزل چوڻ جي دعوت ڏني ويندي هئي. مدعو
ڪيل شاعر ساڳي غزل تي غزل لکي هڪ ٻئي کان داد حاصل
ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت شاعرن جو ننڍڙو مشاعرو بلڪ
مقابلي جو ميدان تيار ٿي ويندو هو، هر ڪو شاعر
پنهنجي غزل تي محنت ڪري ان کي ضايع ۽ بدايع سان
سينگاري وڌ ۾ وڌ دلچسپ بنائي پيش ڪندو هو. ان جو
نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي غزل جي حسن ۽ نزاڪت ۾ وڌيڪ
شوخي ۽ نفاست پيدا ٿي ۽ خيالن ۾ ان دؤر جي لحاَظ
کان نواڻ آئي.
دعوتِ غزل جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته ڪنهن شاعر
جي غزل يا غزل جي ڪنهن مصرع کي ڪنهن ٻئي شاعر پسند
ڪيو ۽ ان تي غزل چيائين، ان تي ٻئي شاعر غزل چيو،
ان تي ٽئين چوٿين ۽ پوءِ ٻين. اهڙي ريت اها دعوتِ
عام، هم غزل يا هم طرح مشاعرو ٿي ويندي هئي، دعوتِ
غزل ۾ ڪڏهن دعوت ڏيندڙ شاعر ڪنهن خاص شاعر جو نالو
وٺي ان کي غزل چوڻ جي دعوت ڏني آهي ۽ ڪڏهن جوابي
غزل لکندڙ شاعر انهيءَ شاعر جو نالو بيان ڪيو آهي
جنهن جي غزل تي هن غزل چيو آهي. خليفو قاسم ”دعوتِ
غزل“ جي جواب ۾ غزل لکڻ بابت چوي ٿو:
شاعرن کي ڏبن شاعر سچ سڻن جوڳو جواب
پارسي سنڌيءَ اندر، وڃ ان سخن کي آزماءِ.
غرض ان جو مان غزل جوڙڻ جوابي آهي ايءُ
تان طراوت طبع ان جي جي عيان ٿي جا بجاءِ.
(1)
هدايت علي نجفي ان جي وضاحت هيئن ڪئي آهي:
ڏٺائين طبع روانِ خادم ته طبع نجفي به نيز آندو
جو هم ڪلامي جو خيال ٿيڙو ڏسو هي ان جو جواب سمجهي
پهرين سنڌي اخبارن جهڙوڪ ”سنڌ سڌار“ ۽ ”معاون“ وغيره پڻ دعوتِ
غزل جي رواج کي گهڻو اڳتي وڌايو. اخبارن ۾ شايع
ٿيل جن شاعرن جي غزلن ۾ دعوتِ غزل هوندي هئي، انهن
شاعرن جي غزلن جي مٿان ”جواب“ طلب“ لکيو ويندو
هو. ڪڏهن اها دعوتِ عام هوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪنهن
خاص هڪ يا هڪ کان وڌيڪ شاعرن جا نالا وٺي کانئن
جواب جي گهر ڪئي ويندي هئي. جوابي غزلن جي مٿان
لکيو ويندو هو ته فلاڻي شاعر جي جواب ۾.
”سنڌ سڌار“ ۾ ڪي جواب طلب غزل هيئن شايع ٿيل آهن:
غزل جوڙيل ميان محمد يوسف تخلص ’مسڪين‘ اسڪول ماستر مغلبين جو
جواب طلب.
(2)
جنهن وير سڄڻ ٿو گهور ڪري، عينين مثل مخمور ڪري
شادان مڙئي مهجور ڪري، في الحال چڱا رنجور ڪري.
غزل جوڙيل قاضي نور محمد قريشي، ويٺل ٺيڙهي، تعلقه خيرپور سنڌ
جي جو جواب طلب.
(3)
اي صبا ساجهر سپرين ڏي وڃيج
هي نياپو هوت کي ڪوڏان ڪهيج.
غزل جوڙيل آخوند عبدالقادر، تخلص ’بيدل‘ ويٺل شڪارپور، جواب
گهرندڙ مفتي خوش محمد کان.
(1)
آيو اڄ ناز سان نگار نگار
جان جانيءَ مٿان نثار نثار
ڪن غزلن جا جواب هيئن شايع ٿيل آهن:
غزل جوڙيل رهي جو، جواب ۾ غزل سائل جي.
(2)
هر دم جدائي ۾ رئان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن
هٿڙا کڻي رب کان گهران جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن.
هر دم’رهي‘ آءُ ٿو چوان هي مصرع رنگين زبان
’سائل‘ جي آ هردم فغان، جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن.
غزل جوڙيل ميان شمس الدين، ويٺل شڪارپور جي جواب ۾ غزل خاطي ۽
سائل جي.
(3)
مون اتي منٺار منهنجو مهربان ٿيندو وري
منجهه اڱڻ منهنجي خرامان مور جان ٿيندو وري.
غزل جوڙيل سائل جو جواب ۾ غزل خاطي ۽ محمد صديق جي.
(4)
مکن تکيه برين دنيا ڪه بيشڪ بي بقا آهي
حياتي تي نه رک دعويٰ ڪه اجلش در قفا آهي.
ڏٺم صديق خاطي کان غزل مضمون ملاحت سان
تني جي ڪاڻ از دل جان هزارين مرحبا آهي.
رهج سائل سدا سرهو متان دل کي ڪرين ارهو
جو عاصين لاءِ تڙ ترهو ﷴ مصطفيٰ آهي.
دعوت غزل جي ابتدا:
دعوتِ غزل جي ابتدا سنڌي شاعري ۾ ڪنهن ڪئي، اهو سلڻ مشڪل آهي.
باقي ايترو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي غزل ۾ ”دعوتِ
غزل“ جو سلسلو پارسي گو شاعرن شروع ڪيو. سنڌ جي
پارسي گو شاعرن ۾ اهو رواج عام هو ته هو ايران جي
مشهور غزل گو شاعرن جي غزلن تي غزل لکندا هئا ۽
ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جا همعصر شاعر پاڻ ۾ به هڪ ٻئي جي
غزلن تي غزل چوندا ۽ ساڳي زمين ۾ طبي آزمائي ڪندا
هئا. اهڙن غزلن ۽ جوابي غزلن جا مثال مقالات
الشعرا، تڪمله مقالات الشعرا ۾ گهڻا ملن ٿا.
غلام محمد قنڌاري ’طرزي‘ ڪراچي جي استاد شاعر هڪڙو پارسي غزل
لکي اعلان ڪيو ته جيڪو به سنڌ جو شاعر ان جو جواب
لکندو ان کي هو پنهنجي شاگردي جي سند ڏيندو. ان
دعوت جي موٽ ۾ سنڌ جي ڪجهه شاعرن سندس غزل جا
نهايت عمدا جواب لکيا. انتخاب
(1)
ملاحظه ڪريو:
غلام محمد قنڌاري طرزي:
چسان بيرون برايم با صد از بند زنجيرت
کہ محوم چون شکن در حلقہ زلف گره گيرت.
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي:
مرا چون غنچه بايد صد زبان در وصف تحريرت
چو طوطي نطق شيرين شايدم در قند تقريرت.
غلام محمد شاهه ’گدا‘:
دل ديوانه ام مثلِ صدا پابند زنجيرت
سرِ سودا سرِ من دارد از زلفِ گره گيرت.
سيد تقي شاهه ’تايب‘ قنڌاري (لس بيله)
خدنگت را بصد جان ميخرد دل جاي نخچيرت
که باشد بسترِ راحت بعشاقان پري تيرت.
لاڙڪاڻي جي شاعر ميان علي محمد ’قادري‘ هڪڙو پارسي غزل شنيده،
دريده، ديده، قافيہ ۽ باشي رديف سان لکي سردار
عبدالباقي ۽ مرزا منوچهر بيگ کان جواب طلبي ڪئي،
مگر اهو غزل ايترو مقبول ٿيو جو ٻين ڪيترن شاعرن
پڻ ساڳئي غزل جي جواب ۾ غزل لکيا. انتخاب پيش آهي.
(1)
ميان علي محمد ’قادري‘
زحبا ز حالم تو اگر شنيده باشي
بمثال گل اي گارو تو قبا دريده باشي.
مرزا منوچهر بيگ:
تب و تاب عاشقِ خود صنما تو ديده باشي
اگر آن نه ديده باشي مگر تو شنيده باشي.
سردار عبدالباقي ’باقي‘:
چون من اي نگار رعنا بخدا نريده باشي
به فراق مبتلائي به کجا شنيده باشي.
بخش ’واصف‘:
چه رسيد از فراقت گر ازان شنيده باشي
بخدا تو اي کافر بسي غم رسيده باشي.
هدايت علي ’نجفي‘(تارڪ):
به غمِ فراق چون من تو اگر رسيده باشي
به مثال نيم بسمل به زمين مليده باشي.
خليفو قاسم ۽ فاضل شاهه:
سنڌ جي شروعاتي غزل گو شاعرن خليفي قاسم ۽ سيد فاضل شاهه وٽ
اسان کي ”دعوتِ غزل“ جو سلسلو ملي ٿو، پر ائين
چوڻ غلط آهي ته انهن ئي انهيءَ سلسلي جي شروعات
ڪئي ڇاڪاڻ ته ديوان قاسم ۾ اسان کي ڪيترا غزل ملن
ٿا جن ۾ ان وقت جي ٻين شاعرن جهڙوڪ محڪم
الدين’محڪم‘، ڪمال الدين ’مست‘، آخوند محمد لقمان
شيراڻي ’لقمان‘، آخوند لطف الله ’لطف‘ کي نه فقط
دعوتِ غزل ڏنل آهي پر ڪيترا غزل سندن غزلن جي جواب
۾ لکيل آهن. خليفو قاسم انهن شاعرن کي هيئن دعوتِ
غزل ٿو ڏئي:
مست جو آهي مگر ’قاسم‘ موزون ڪلام
هن غزل لاءِ سندس جلوه گذاري گهرجي.
’لقمان‘، ’لطف‘ هاڻي، هن جي ڏيو وراڻي
ڪوڙي ڇڏيو ڪهاڻي، ظاهر چوڻ زباني.
فاضل شاهه ’قاسم‘ جي هڪ غزل جو جواب موڪلي ٿو ان جو بيان هيئن
ٿو ڪري:
جواني قصيدو ڪلان جلد جوڙي
جيڪو مير فاضل، نه ڪيئين دير ڪائي.
قاسم پنهنجي همعصر شاعرن جي غزلن جي جواب ۾ غزل لکندي سندن ذڪر
ڪندي چوي ٿو:
محمد اسلم ’اسلم‘علويٰ:
1- سرت جي سوغات ’قاسم‘ ڪر تيار
ڏانهن اسلم مج عليہ الاتنها.
2- ’مست‘ جو قاسم ڏسي موزون ڪلام
هي غزل مج مجمع الاسرار وٽ.
آهه الله ’در قائلہ جنهن ڪنهن ڏٺو
هي غزل منهنجي جوابي مٽ مجازي مورجو.
سنڌي ٻولي ۾صفا انصاف قاسم ڪين ڇڏ
مست جو جوڙيو غزل آهي عجب دستور جو.
خليفي قاسم جي هڪ غزل ۽ ان جي جواب ۾ سيد فاضل شاهه جو غزل
ملاحظ ڪريو:
خليفو قاسم:
مون رعونت رقيب جي دشوار
ربنا اجعلہُ حارقا في النار.
آهه دنيا دني عروس عجيب
ناز نين ناز ناٽ واري نار.
مڙس ري وڃي ڌڙن ڌاري
ڪڏ ڪري سا ڪنهين نه ڪوڏ ڪنوار.
لوڇ احسن عمل مٺو مرهج
ڪڻڪ جي ڪين آهه جوڙ جوار.
قرب ڪارڻ قريب ڪر قاسم
دمبدم تون ڌيان دل ۾ ڌار.
’فاضل ‘ شاهه:
ناز نازڪ نه ڪر نظر نه نهار
مفت موهيو ڪرين ڪهڻ جي ڪار.
تير تبرون کڻي تراريون تيز
محض مشتاق محب مست مَ مار.
رمز راسخ رکي رقيبن سان
عاشقن کي عجيب ايئن نه آزار.
قول ڪامل قريب قرب سندو
ساڻ پت ۽ پريت پنهنجو پار.
فيض جا تون فقير فاضل کي
ڏان ڏاتار ڏات ڏيج ڏيار
(1)
سانگي ۽ سندس همعصر شاعر:
مير عبدالحسين ’سانگي‘ پرگو شاعر هو. هن جي ديوان جي مطالعي
مان معلوم ٿو ٿئي ته هن پنهنجي همعصر خاص طرح هم
صحبت شاعر جهڙوڪ غلام محمد شاهه ’گدا‘، فاضل محمد
’ ماتم‘، ميان وڏل ’حيدري‘ مرزا دوست محمد
’دوست‘، حافظ ٽکڙائي، مرزا قليچ بيگ، ڪمال الدين
’مست‘ ۽ ٻين ڪيترن شاعرن کي پنهنجن غزلن تي غزل
لکڻ جي دعوت ڏني ۽ انهن شاعرن به دل کولي سندس
غزلن تي غزل لکيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ کان وڌيڪ
شاعرن هن جي غزلن تي غزل لکيا آهن ۽ ان جوابي
سلسلي ننڍي مشاعري جي صورت اختيار ڪئي آهي، جن به
شاعرن عبدالحسين سانگي يا ان جي جواب ۾ لکيل ڪنهن
ٻئي شاعر جي غزل جي جواب ۾ غزل لکيو آهي ته انهن
گهڻو ڪري سانگي ۽ ٻين شاعرن جو نالو وٺي ڪيو آهي.
سانگي، غلام محمد شاهه، ’گدا‘ جي شاعري کان گهڻو متاثر هو، هو
کيس اقليمِ سخن جو شهسوار ڪوٺي ٿو. هن کيس ڪيترا
ڀيرا پنهنجي غزل تي غزل چوڻ لاءِ دعوت ڏني آهي ۽
هن جي غزل تي غزل لکيا آهن. سانگي جي دعوت ۽ گدا
جو جوابي غزل ملاحظه ڪريو:
سانگي- دعوتِ غزل:
بلبل آءُ آهيان عشق مون کي آهي گلن جو
الله نگهبان رهي منهنجي چمن جو.
سو مرغ نه آهيان جو ٿيان تنگ قفس ۾
عاشق آئون مغبچه غنچه دهن جو.
سچ اهل صور جنهن کي ته معدوم چون ٿا
موهوم سو نقطه آهي، دلبر جي دهن جو.
آهن منهنجي محبوب جا سي زلف مسلسل
بي قدر آهي جنهن کان ٿيو مشڪ ختن جو.
دعويٰ ٿو ڪريان ابروئي دلبر جو ڏسي بيت
هي هڪڙو سندم بيت ته مٽ آهي لکن جو.
مون طبع جي دريا مان ڪڍيا گوهر مضمون
ڇا ٿيو جي گدا آهي ڏٺو ملڪ عدن جو.
انداز سخن سارو گدا تي آهي روشن
آ ٿيندو ڏسون قافيو ڪيئن شمع گلن جو.
سرسبز سندءِ هوئي خطِ رخسار سدائين
بوسو ته ڪو سانگي کي ڏي، اي يار چپن جو.
غلام محمد شاهه گدا- جوابِ غزل:
پيراهنِ دلبر مان ڏٺم رنگ بدن جو
آندو مون عجب قافيو ڏس شمع لگن جو.
چسپيده مٺائي کان ٿين ڪيئن سندم لب
بوسو جو ڏئي مون کي مٺو پنهنجي چپن جو.
جي منهنجو گل اندام ٿئي گلشن ۾ خرامان
صدقو ٿئي سندس قد کي ڏسي سرو چمن جو.
آءُ تنگ نه ڪيئن عرصئه عالم ۾ گذاريان
عاشق آهيان آءُ يار جي موهوم دهن جو.
ٿيو نافئه آهو ئي ختن حال کان بي حال
زلفن کي سندس آءُ ڪيئن چوان مشڪ ختن جو.
هر قطره اشڪ آهه سندم گوهرِ غلطان
جنهن وقت ڪريان ياد ٿو آءُ سير عدن جو.
سڀ اهلِ سخن مون کي گدا شاهه چون ٿا
ٿيو زير نگين منهنجي سڄو ملڪ سخن جو.
اڪبر کان به وڌ ان جو هجي بخت همايون
سانگي ٿو ڪري قدر سدا منهنجي سخن جو.
سانگي پنهنجي هڪڙي غزل صنعت واضع الشفقين جنهن ۾ پڙهڻ سان چپ
چپ سان نه لڳندو آهي ۾ گدا، حيدري ۽ حافظ حامد کي
دعوتِ غزل ڏئي ٿو. اهي سندس دعوت قبول ڪري جوابي
غزل لکن ٿا. اهو سلسلو ”غزالن جا شڪار“ جي نالي
مشهور ٿيو هو.
سانگي:
يار اکڙين ٺار گل رخسار جاني دل جا يار
ساهه سر سرواه سائين آءُ ڪريان توتي نثار.
عاشقن کان هاڻ حاصل ٿي نه تسڪين و سڪون
هن طرح هرجا ته آهن عشق جا ٿيا اشتهار.
سي اگرچه ٿا گذارين دولتِ دنيا کان ڌار
حسن جي سرڪار جا عشاق آهن ڪاردار.
تنهنجي ڪاڪل تان ڪريان قربان کٿوري جاکرا
عين آهو جي اي جاني، تنهنجي نيڻن تا نثار.
فصلِ گل آيو وري آهي رهي هي آرزو
ساقيءِ گلرو اچي لاهيندو دل جي خار خار.
اڄ گدا و حيدري هن شعر رنگين کي ڏسي
شاعرِ ٽکڙ سان گڏجي ٿا ڪڍن ڪي انتظار.
ناسخ و آتش سان گڏجي شاعر، شروان ڏسي
ٿو ڪري سانگي ته غزلن جي غزالن جا شڪار.
غلام محمد شاهه ’گدا‘:
دل گهريا دلدار، خوش ڪردار جانان جيءَ جيار
سئو لڱا، سهڻا سڄڻ، تو تي ڪريان سر کي نثار.
تنهنجي سهڻي قد تي، آءُ سرو کي گهوري ڇڏيان
تنهنجي عارض تي سڄڻ، صدقي ڪريان آءُ گل انار.
تنهنجي اکڙين جي اڳيان نرگس ڪري ٿي صد نياز
تنهنجي رخ جي رشڪ کان، لاله جي دلڙي داغدار.
شل سدائين گڏ گذاريون، خوشتر و خندان رهون
رشڪ کان اغيار جي دل کي ڪريون ساڙي اڱار.
عشق وارن تي سدائين سر ڏيڻ، ڏونگها سهڻ
عشق جي سرڪار جو، هن طرح آهي اشتهار.
هر گهڙي، هر لحظه دل سان، آءُ ڪريان ٿو هي دعا
حضرتِ سانگي جا ياور شل هجن هشت وچهار.
هن گدا جي، تنهنجي در آهي سدائين هي صدا
ساقيءِ ڪوثر جي صدقو، ساقيا ساغر ڏيار.
حافظ حامد:
هوت هينئڙي هار، دل جا ٺار، گلرخ گلعذار
جڳ اندر جاني نه ٿيو ڪو جوڙ تو سان جي جيار.
جُلهه سان جونجهار جن کي عاشقن جي سر اچيو
نازنين نت نيڻ تنهنجا ڪن قتال و ڪارزار.
نافئه تاتار کي ڪيو نڪهتِ گيسو خجل
چهرءِ گلرنگ تنهنجي تان آءُ گهوريان گل انار.
تنهنجي لعلن کان لڄايا ڏس ته ياقوت و عقيق
لولوءِ دندان لڳو لڳ ڪيئن ڳتي آهي قطار.
حضرتِ سانگي جو يڪتا شعر لاثاني سڄو
هر غزل ان جو ته هڪ نوطرز تي آهي نگار.
آهي سنجيده سخن سيد گدا ان ساڻ گڏ
ٿو ڪري اهڙن ته غزلن جي غزالن جا شڪار.
چست ۽ چالاڪ آهي هوش جنهن جو هر طرح
ڪيئن ڪڍي سو شاعرِ ٽکڙ ادا اڄ انتظار.
سانگي پنهنجي غزل ۾ جنهن جو رديف ”ٻئي“ آهي، مرتضائي ۽ گدا کي
جوابي غزل لکڻ جو اشارو ڪري ٿو. ٻئي شاعر ”ٻئي“
رديف ۾ ٻن ٻن شين جو ذڪر آڻي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ
جي ڪوشش ڪن ٿا. ساڳي زمين ۾ مرزا دوست محمد به
جوابي غزل لکيو آهي.
زلف دلبر جا مشڪ فام ٻئي
طائرِ دل لئه آهن دام ٻئي.
هڪ طرف وار ٻئي طرف رخسار
ڪيئن مقابل ٿيا، صبح شام ٻئي.
هڪڙو الفت جو ٻيو محبت جو
يار تو کي ڪريان سلام ٻئي.
دوستي ۽ حياتي اي يارو
وهم وانگر هي آهن، مدام ٻئي.
هڪڙو شبر آهي ۽ ٻيو شبير
درد هن جو ته آهن نام ٻئي.
’مرتضائي‘ ۽ ٻيو ’گدام‘ باهم
ڏسجي تان هيئن ٿيو هي لام ٻئي،
جنهن کي دارين ٿا چون سانگي
هي ته آهن مقام عام ٻئي.
مرتضائي:
تنهنجا رخسار سرخ فام ٻئي
لعل مرجان ڪن غلام ٻئي.
خال هڪ برجبين ٻيو رخ تي
نافئه عنبرين مشام ٻئي.
تيغ ابرو ترڪشِ مرﱞگان
مفت حملا رکن حشام ٻئي
يار وٽ شل رهان ۽ قربان ٿيان
قاصدا ڪج ادا پيام ٻئي.
مفتي و محتسب نه مانع ٿين
عاشقن ڪيا سي لاڪلام ٻئي.
شير شبير و شبير سبطِ رسول
منهنجا آهن اهي امام ٻئي.
دل وٺڻ لاءِ مرتضائي جي
زلف تنهنجا ڏسان ٿو دام ٻئي.
مرزا دوست محمد ’دوست‘:
زلف زندگي سدا ظلام ٻئي
ڪن ٿا عاشقن کي قتلام ٻئي.
يار جو رحم ۽ ڪڏهن بيداد
منهنجي سر تي آهن مدام ٻئي.
جي ڇڏيا ڇوڙي وار ڪارا يار
منهنجي دل لئه وڌئين سي دام ٻئي.
يار لئه منتظر رهيس دائم
صرف ڪيم تنهن ۾ صبح و شام ٻئي.
’دوستا‘ مرتضائي ۽ رهي
هاڻ تو کي ڪندا سلام ٻئي.
(1)
گدا:
چشم دلبر جا ميگسار ٻئي
مست و مخمور پُرخمار ٻئي.
غمزهِ چشم، عشوهِ ابرو
نازنينن جا ڪاردار ٻئي.
دانہء خال، دامِ زلف دراز
طائرِ دل جي لئه تيار ٻئي.
منهنجو سر منهنجو ساهه سوڀيرا
مدجبينن تان نت نثار ٻئي.
صبح رخسار شام زلفِ سياه
ڪيئن ٿيا هڪ ٻئي سان سازوار ٻئي.
روز محشر جي شبرو شبير
شل ڪندا مون کي رستگار ٻئي.
هڪڙو مخلص ٻيو محتبائي شاه
اي ’گدا‘ منهنجا دوستدار ٻئي.
سانگي پنهنجن ٻين غزلن تي غزل چوڻ لاءِ شاعرن کي دعوتِ غزل هيئن
ڏئي ٿو:
1- باشده که بگو يد بجوابِ غزلِ من
واقف ته آهي ’حيدري‘ مضمون جي وٽن جو.
2- آهي اميد ته ڏيکاري غزل جوڙي جلد
حيدري هن کان به موزون ۽ بهتر مون کي.
3- زور لائيندو ’حيدري‘ تنهن تي
صاحبِ طبع سو ادا آهي.
4- حامد ڏسي گدا ڏسي ۽ حيدري ڏسي
پر ان تي منهنجي طبع جي بحري ڪٿي ڪٿي.
5- حيدري ۽ گدا کي چئو ته چون
ٿيو غزل آهي چوڻ کان وڌيڪ
سانگي جتي شاعرن کي دعوتِ غزل ڏني آهي اتي دعوتِ غزل قبول به
ڪئي آهي. هن کي جنهن به شاعر جو ڪو غزل يا غزل جي
مصرع پسند آئي آهي ته هن ان تي سوا ڪنهن حجاب جي
طبع آزمائي ڪئي آهي، غلام محمد شاهه ’گدا‘ جو هي
غزل سانگي کي پسند آيو آهي جنهن جي جواب ۾ پاڻ به
غزل لکيو اٿس.
وڃائي عمر مون کي زلفِ بتان ۾
بسر ٿي زندگي هندوستان ۾.
اثر ظاهر ٿيو آه و فغان ۾
لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾.
پريشان ڪيئن نه مون بيدل جي دل ٿئي
هٿيڪي ٿي، خمِ زلفِ بتان ۾.
دلِ بيتاب جي ديوانگي ڏس
وڃي قابو ٿي زلفِ بتان ۾.
جڏهن ٿي عاشقن جو امتحان ٿيو
تڏهن فل پاس ٿيس آءُ آبِ روان ۾.
سندم نيڻن جون نهرون، نت وهن جام
لڙهان جنهن جي امتحان ۾.
نهاري ڪين بلبل هوند گل ڏي
گذر جي يار جو ٿئي بوستان ۾.
فقيريءَ ۾ ڪري ٿو بادشاهي
’گدا‘ شاهن کان وڌ پنهنجي مڪان ۾.
سانگي- جوابِ غزل:
ازل اکن محو هس عشقِ بتان ۾
تڏهن پيدا ٿيس هندوستان ۾.
ٻڌم دل يار جي موٽي ميان ۾
مڪاني پاڻ کي ڪيم لامڪان ۾.
سا تيزي نيل جي دريا ۾ ناهي
رواني جا آهي طبعِ روان ۾.
اسان شيخن ۾ جيڪا آهه شوخي
نٿي ڏسجي اها ڪنهن نوجوان ۾.
مدرس عشق جي مون کي چيو شابس
جڏهن آءُ پاس آيس امتحان ۾.
ترنم ٿو ڪيان تازن گلن تي
آهيان بلبل برهه جي بوستان ۾.
’گدا‘ جي آهي هي دلچسپ مصرع
لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾.
اي سانگي نڪري وئي تيزي ۽ تندي
مگر برش آهي تيغِ زبان ۾.
مرزا قليچ بيگ جو هڪ غزل:
اچ اڱڻ منهنجي لنگهي محب به آيو منهنجو
شڪر صد شڪر، ٿيو بخت سوايو منهنجو.
جنهن جي محبت ۾ لٽايم دل و دولت سڀ
سو مليو نيٺ، ٿيو خرچ سوايو منهنجو.
وصل ۾ دوست جي ٿيو مون کي ميسر معراج
ويو لنگهي عرش کان پڻ اوج ۾ پايو منهنجو.
هيستائين هجر ۾ هس بوم کان آءُ شوم وڌيڪ
هاڻ هما کان به همايون ٿيو سايو منهنجو
ڪيو غلامي ۾ جڏهانڪر مون کي دلبر مقبول
دارا درٻان، سڪندر ٿيو دايو منهنجو.
ان جي صحبت ۾ ٿيس صاحبِ اقبال قليچ
گرچه ڪمتر هو گهڻو اصل ۾ مايو منهنجو.
(1)
مير عبدالحسين سانگي کي پسند آيو خاص طرح هي مصرع:
”هاڻ هما کان همايون ٿيو سايو منهنجو.“
مير صاحب ان تي هڪ وڏو جوابي غزل لکيو جنهن جا ڪجهه شعر آهن:
چاهه مان يار غزل هي هو چوايو منهنجو
آهي الله سجايو ڪيو، لايو منهنجو.
حضرتِ عشق ٿي ڪيا عاشق ۽ معشوق شمار
پاڻ کي يار تڏهن يار چوايو منهنجو.
تڏهن دلدار هلي آهه اڱڻ تي آيو
جڏهن الله وري بخت ورايو منهنجو.
حسن آباد ۾ هو ڪالهه حسينن جو هجوم
سڀني سهڻن کان هو سهڻو ته سوايو منهنجو.
آهي دلچسپ هي ٿي مصرع موزون قليچ
هاڻ هما کان به همايون ٿيو سايو منهنجو.
رهي سانگي جي ته سهڻن سان سدائين صحبت
عمر جو وقت ويو ڪو نه اجايو منهنجو.
(2)
سانگي ۽ قليچ جي غزلن جي جواب ۾ گدا به هڪ غزل چيو، جنهن جا
ڪجهه شعر پيش آهن:
پارڪ الله ٿيو اقبال سوايو منهنجو
پنهنجي پاسي ۾ ته گهر يار اڏايو منهنجو.
ٿيو مسخر سو اچي منهنجو پريزادو پرين
لله المحمد وظيفو ٿيو سجايو منهنجو
آهوي چشم صنم اهڙو ڪيو وحشي مون کي
جنهن کان ڏس مون کان گريزان ٿيو سايو منهنجو.
مون کي دلبر چيو ”آءُ تنهنجو ته دلدار آهيان“
هن سخن يار جي ڪيو فخر سوايو منهنجو.
مون کي ”استاد غزل“ سنڌ ۾ سڀڪو ٿو چوي
آهه هن فن ۾ فزون سڀ کان ٿيو پايو منهنجو.
(1)
|