غزل جا موضوع:
هن وقت تائين غزل جون جيڪي به لغوي معنائون ۽ تشريحون ڪيون ويون
آهن، انهن تي غور ڪرڻ سان اهو معلوم ٿو ٿئي ته
غزل صرف عشق ۽ محبت جي جذبن جي نفيس نموني اظهار
ڪرڻ جو نالو آهي ۽ غزل ۽ غم دنيا جو ذڪر نه پر غم
محبوب جو بيان هوندو آهي. اها ڳالهه درست آهي ته
غزل ”حسن ۽ عشق“ جي معاملن جي تصوير ڪشي سهڻي ۽
وڻندڙ نموني ڪئي آهي ۽ عشق جي هر ڳالهه کي ذري
پرزي بيان ڪيو آهي ۽ ان جي سمورين ڪيفيتن کي کولي
بيان ڪيو آهي، مگر غزل کي صرف عشق ۽ محبت جي
موضوعن جي ترجماني تائين محدود ڪرڻ ۽ ان کي صرف
انهيءَ ڪري پسند ڪرڻ غزل جي وسعتن کي سمجهڻ ۽ ان
جي حسن و خوبي کان آشنا ٿيڻ کان محروم رهڻو آهي.
غزل ۾ صرف عشق و محبت جو اظهار نه آهي، ان ۾ عشق
جي موضوعن سان گڏ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو
احساس ۽ انهن جي ترجماني به آهي، ان ۾ فلسفي جي
اونهائي به آهي ۽ پنهنجي سماج ۽ معاشري جو عڪس به
آهي. غزل ۾ تصور ۽ طريقت جا راز ۽ اسرار نهايت دل
نشين انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن ۽ اخلاق جا سبق
نهايت سهڻي طريقي سان سيکاريا ويا آهن. غزل گو
شاعرن جي بياضن کولڻ سان ڪيترا غزل اهڙا به ملندا
جن ۾ عشق ۽ محبت جون ڳالهيون گهٽ، باقي زندگيءَ
جون ڳالهيون وڌيڪ آهن، تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو
ته غزل چوندڙن پنهنجي غزلن کي حسن ۽ عشق، ناز ۽
نياز، سوز ۽ گداز تائين محدود نه رکيو آهي، بلڪ
زندگيءَ جي سمورن پهلوئن ۽ خارجي دنيا جي سمورن
واقعن تائين وسيع ڪري ڇڏيو آهي.غزل ذهني ۽ فڪري
تقاضائن کي پورو ڪرڻ سان گڏ اسان جي سياسي ۽ سماجي
تقاضائن کي به پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان پاڻ
کي وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن کان پري به رکيو
آهي ۽ وقت جي سياسي حالتن جو اثر پڻ قبوليو آهي،
جيتوڻيڪ ان جو بيان کليءَ طرح نه ڪيو آهي، مگر
اشارن ۽ ڪناين ۾ اهو ڪجهه چيو آهي جيڪو وڏين
تقريبن ۾ به بيان ٿي نٿو سگهي. غزل جي صنف ۾ سياسي
۽ سماجي حالتن جي ترجماني داخلي انداز ۾ ٿي آهي.
ان ۾ ايمائي، اشارتي ۽ ڪنائي وارو طريقو هميشه
غالب رهيو آهي. ڪيترا اهڙا غزل آهن جن ۾ ذڪر جانان
گهٽ ۽ ذڪر دنيا وڌيڪ آهي ۽ انهن جا ڪيترا شعر اهڙا
آهن جي عشق جي موضوع کان هٽيل آهي. مير عبدالحسين
سانگيءَ جي پهرين ديوان جي ٻئي غزل جا ڪجهه شعر
ملاحظه ڪيو:
تڏهن ترڪ وطن ڪيوسون جڏهن اهل وطن بگڙيا،
جي بگڙڻ جا نه هئا، اهڙا به ياران وطن بگڙيا.
آهي اهڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو،
چمن جو سير ڪيو سون ٿي ته مرغان چمن بگڙيا.
دلين جي عام ڦاسائڻ جو پاتو دام هو دلبر،
جڏهن ڦاسڻ لڳس آءُ ته زلف پُر شڪن بگڙيا.
هوا اهڙي لڳي آهي جو پنهنجي پنهنجي مذهب کان،
مسلمان و ڪرستان و يهود و برهمن بگڙيا.
زماني رمز سان ورتي جا آهي راءِ حاڪم جي،
ڏسو رسمن کان پنهنجي يڪ قلم سڀ مرد وزن بگڙيا.
اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو، مون کي ٿيو يقين آهي،
زماني جي ئي بگڙڻ کان ته مردن جا سخن بگڙيا.
نه بگڙي دل گهريو دلدار منهنجو مہ لقا مون سان
رقيب روسيہ جهڙا هزارين مر وتن بگڙيا.
زماني ۾ سچائي يا ڪ سرداري رهي آهي،
اي ’سانگي‘ ڏس تمن وارن کان ڪيئن آهن تمن بگڙيا.
هن غزل جي مطالعي کانپوءِ اِهو مڃڻو پوندو ته غزل جي موضوعن ۾
ڪافي وسعت آهي.
فلسفو شاعري جو پسنديده موضوع آهي. جتي شاعريءِ جون ٻيون صنفون
فلسفيانه خيالن سان مالا مال آهن، اُتي غزل جي
جهولي به فلسفي جي املهه ماڻڪ موتين سان ڀريل آهي.
مگر سچ چيو ٿن، ترن ڪک مٿي
رهن موتي پاتار ۾ شاهوار
(قليچ)
دنيا ڪوڙ سان، ڪوڙ جان گڏ ٿئي،
نه ڪنهن عارفن ريءِ وساري ڪڏهن
(قاسم)
ڪين سٿرو آهي ٿيڻ سردار
بار آهي بزرگواري ۾
(سانگي)
غزل ۾ جتي مجازي عشق جا گل ۽ ٻوٽا ٽڙيا بيٺا آهن اتي شاعرن
حقيقي عشق جي باغ جي به آبياري ڪئي آهي ۽ ان ۾
تصوف جا قسمين قسمين گل ۽ ٻوٽا لڳايا آهن ۽ شاعرن
تصوف جي مختلف مسئلن کي نهايت دل نشين انداز ۾
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
لڪائين مون کان ٿو رخسار هي ڇا
رهين ٿو دل ۾ عنقا وار هي ڇا
رهين مخفي ٿو تون نفسن ۾ ليڪن
ڏسان جاڏي ته تون نروار هي ڇا
(قادري)
-
ڪري هل ۽ حشر، ڪثرت جي رنگين باغ ۾ آيس
اڳي بي رنگ ۽ مخفي هيس وحدت جي ويران ۾
(قليچ)
-
مئا جي محبت نه ماريا سي موت
وتن جال جئرا، فنا ڪيا نه فوت
-
لڏيو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻي
هڻن جيئن ٿا هاري کراڙا ۽ روت
(گل)
-
دل مڪان آهي انهيءَ دلدار جو سيني ۾ ڏس
پنهنجو ڪهڙو ڪم اي غافل آهه ڪوه طور سان
(غلام سرور فقير)
غزل ۽ تصوف سان گڏوگڏ شاعرن ”اخلاق“ بابت به گوهر فشاني ڪئي آهي
۽ پند و نصيحت جا ورق ورايا آهن. اخلاق انساني
زندگيءَ جو زيور ۽ حياتيءَ جو سينگار آهي. اخلاق
بنا انسان جانور وڌ ۽ انسان گهٽ ٿو ٿئي، تنهن ڪري
هن دنيا ۾ انهيءَ ڳالهه جي هر دؤر ۾ اهميت رهي آهي
ته انسان کي سڌي راهه تي هلائڻ لاءِ اخلاق جو لغام
ڏنو وڃي. ان ڪري انساني اخلاق جو ڪو به اهڙو
موضوع نه آهي جنهن کي غزل پنهنجي دامن ۾ جاءِ نه
ڏني هجي ۽ انسان کي ڀٽڪيل راهه کان بچائڻ لاءِ پند
۽ نصيحت جا ڏيا نه روشن ڪيا هجن.
خلق جي خير ۾ مشغول سدا رهه تون ’قليچ‘
من ڪڏهن ڪا ٿئي مقبول ڪمائي تنهنجي
(قليچ)
-
زود رنجي، تلخ گوئي ڏي ڇڏي
ڏي تون هر ڪنهن کي محبت روزشب
(نواز علي نياز)
-
ٿي پڪي عادت وڏي جا پئي ننڍي
ٿيا پڪي پختا، ڪچي پيا جنهن کي ڪٻ
(گل)
-
پنهنجي سائل جي ٿو تڪي منهن کي
ٿي سخيءَ کي سوال جي خواهش
(ليکراج عزيز)
-
قال کي ڇڏ، حال کي وٺ، حال موجب حال رک
حال جي ڳڻتي سان گڏ ڪا فڪرتِ فردا هجي
(محمود خادم)
-
غزل جتي ٻيا خارجي اثر قبول ڪيا آهن، اُتي هو پنهنجي سماج ۽
ماحول جي تبديل ٿيندڙ حالتن کان متاثر ٿيڻ کان رهي
نه سگهيو آهي. ملڪ ۾ جيڪي معاشي، مادي، ذهني ۽
سياسي تبديليون پيدا ٿين ٿيون، تن کان هڪ حساس
شاعر جو متاثر ٿيڻ لازمي آهي. زندگي جا ڏک سک ۽
پيڙا، سماج ۽ طبقاتي فرق، حيات کي اڳتي وڌائڻ جي
تمنا، زمين کي جنت ثاني بنائڻ جي خواهش، پنهنجي
چؤطرف پکڙيل گندگي کان نفرت ۽ ڌرتي جي دوزخ تي
انقلاب آڻڻ جي آرزو اِهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي
غزل، خاص طرح موجوده دؤر جي غزل جي زيب ۽ زينت
آهن. اڳين غزل گو شاعرن به ان طرف توجہ ڏنو آهي ۽
انهن مان ڪن وٽ سياسي ۽ سماجي تصورات جو هلڪو هلڪو
دونهون محسوس پيو ٿئي، مگر موجوده وقت جي غزل گو
شاعرن وٽ مچ متا پيا آهن. هنن بيان کي وڌيڪ مؤثر
بنائڻ لاءِ اشارن ۽ ڪناين کان ڪم ورتو آهي:
-
ڏسو رسمن کان پنهنجي يڪ قلم سڀ مرد وزن بگڙيا
زماني رمز سان ورتي جا آهي راءِ حاڪم جي
(سانگي)
-
اڳي جي ناتوان ها سي زماني ڪيا توانا پر
توانا جي اصل ها سي زماني ناتوانا ڪيا
(سانگي)
-
باغ ۾ شور و فغان خوب متي آ فرياد
ڪنهن جي بگڙي آهه تقدير خدا خير ڪري
(غلام سرور ’فقير‘)
-
ستم ڪيستائين جفا ڪيستائين- اسان کان به ٿيندي وفا ڪيستائين
ٿيو جوش ڌرتي تي دوزخ جو منظر
اڃا ماٺ رهندو خدا ڪيستائين
(عبدالحليم ’جوش‘)
-
سمو ڪو اهڙو اچي، اهڙو اهتمام ٿئي
الاهي رسم محبت جهان ۾ عام ٿئي
(عبدالڪريم گدائي)
هاڻ اونداهين جي حد آ ٿي وئي
رات ڪاري ڄاڻ جو ئي دور ٿئي
(تنوير عباسي)
غنائي خاصيت:
غزل جي مروج تشريحن ۾ غزل کي ”بازي کردن (با محبوب) و حڪايت
کردن از جواني و حديث صحبت و عشق زنان“ بيان ڪيو
ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين موضوعن کان وڌيڪ
غزل عاشق جي آهن ۽ دانهن کي، محبوب جي ڪج اداين ۽
جفائن کي زوردار نموني بيان ڪيو آهي. مگر ان سان
گڏ اها حقيقت آهي ته غزل جون نغمگي ۽ غنائي
خاصيتون نهايت دلپذير ۽ دلفريب آهن. مرزا اجمل
بيگ ”ديوان قليچ“ جي مقدمي ۾ غزل ۽ ان جي غنائي
خاصيت بابت چوي ٿو ته ”هي شعر جو اهو قسم آهي جنهن
۾ حسن ۽ عشق جي داخلي جذبن ۽ قلبي وارداتن جي بيان
سان گڏ، غنا جي رعايت پڻ ملحوظ رکي وڃي ٿي.“
(1)
غزل ۽ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ روح ۽ جسم وارو لاڳاپو آهي. جهڙي طرح
گل جو وجود خوشبو کانسواءِ بي مزي آهي ۽ زلفن جو
حسن ۽ پيچ وخم کانسواءِ بيڪار آهي، تهڙي طرح غزل
جو وجود موسيقي ۽ ان جو حسن غنا سان ئي قائم آهي.
جيڪڏهن موسيقي غزل کي فرش تان کڻي عرش تائين
پهچائي ٿي ته غزل به موسيقي جي جوڀن ۾ جوت پيدا
ڪري ڇڏي ٿو. غزل جا بحر ۽ قافيا ان جي موسيقي ۽
غنائي اثرن ۾ وڏي اهميت ٿا رکن ۽ ان ۾ ترنم ۽
نغمگي ٿا پيدا ڪن. اهو غزل جي غنائي خوبين جو اثر
آهي جو موسيقي جا ماهر غزل کي مختلف راڳڻين جي
سانچي ۾ پيٽي ڇڏين ٿا ۽ غزل جي جادوءَ جهڙي اثر
سان ماحول تي وجد طاري ڪري ٿا ڇڏين، ڊاڪٽر
عبدالاحد خان ’خليل‘ ”اردو غزل که پچاس سال“ ۾ غزل
جي غنائي خاصيتن تي بحث ڪندي چوي ٿو، ”گهڻن فن
(موسيقي) جي ماهرن جو خيال آهي ته اصولي طرح فن
موسيقي ۾ غزل جي لفظن جي مقبوليت ۽ هر دلعزيزي جو
سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته غزل ۾ جيڪي لفظ استعمال
ڪيا ٿا وڃن ۽ انهن لاءِ جيڪي بحر چونڊيا ٿا وڃن،
انهن ۾ اها خاصيت هوندي آهي ته هڪ فن (موسيقي) جو
ماهر ان جي لفظن کي نهايت سولائي سان فني حدن جي
دائري ۾ رهي، موسيقي جي سر ۽ تار ۾ سمائي سگهي ٿو
۽ لفظن جي مفهوم ۾ ڪنهن قسم جو فرق پيدا نٿو ٿئي.
غزل جا بحر گهڻو ڪري ايترا ترنم وارا ٿين ٿا جو
آسانيءَ سان موسيقي جي مقرر ڌنن ۾ ٺهڪي اچن ٿا ۽
موسيقي جي تاثير کي وڌائي ٿا ڇڏين. انهن لفظن کي
جيڪڏهن هلڪي آواز ۽ نرم آواز سان ڳايو وڃي ته اهي
ئي لفظ ”خيال“ ٿي پون ٿا ۽ موسيقي ۾ نين راهن جي
نشان بردراري جو ڪم ڏين ٿا.“(1)
مطلب ته غزل عظيم غنائي خاصيتون رکي ٿو. غزل جا بحر، قافيو ۽
لفظ، غزل جي ترنم ۽ موسيقي ۾ ميٺاج ۽ اثر پيدا ڪن
ٿا. غزل جو هي ڪمال آهي ته ڪا به جي محفل غزل
کانسواءِ اڻ پوري آهي، اڳ مشاعرن ۾ شاعر پنهنجو
ڪلام تحت اللفظي پڙهندا هئا، مگر هاڻي غزلن کي سر
۽ تار سان پڙهڻ جو رواج ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي.
اڄ مشاعري ۾ اهو شاعر وڌيڪ داد حاصل ٿو ڪري جيڪو
لحن سان غزل ٿو پڙهي.
مقامي اثر:
غزل پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا، پنهنجي نفاست ۽ نزاڪت، پنهجين خوبين
۽ خاصيتن، پنهنجي نغمگي ۽ ترنم سان ايران کان سنڌ
جي سر زمين تي پهتو. هن ڌرتيءَ ان کي پنهنجي دامن
۾ جاءِ ڏني جتي هو پنهنجين سمورين سرمستين ۽ جلون
سان وڌيو ۽ ويجهو. پنهنجي حسن جي ناز و ادا ۽
پنهنجي لهجي جي موسيقي سان هتان جي ماڻهن جي دلين
۽ دماغن ۾ ويو جاءِ وٺندو شروع شروع ۾ ته سندس خد
و خال اباڻا هئا، مگر اها ڳالهه لازم هئي ته هن
ڌرتي جي آب و هوا، رهڻي ڪرڻي، زندگيءَ، جي نشيب و
فراز، سياسي ۽ سماجي حالتن تهذيب ۽ تمدن ٻولي ۽
محاورن جو مٿس اثر ٿئي، اهو اثر جيتوڻيڪ شروع ۾
اڻ لکو هئو مگر وقت گذرڻ سان اهو چٽو ٿيندو ويو.
هاڻي جيتوڻيڪ ان جو ڍانچو اهو ساڳيو ئي ايران وارو
آهي مگر نه صرف ان جي لٽي ۽ لباس ۾ فرق پيدا ٿيو
آهي پر ان جي خد و خال ۾ به تبديلي ۽ منهن مهانڊي
۾ ڦيرو آيو آهي. مقامي اثرن ۾ جيڪي اثر غزل تي پيا
آهن تن ۾ ٻوليءَ جو وڏو اثر ٿيو آهي. اڳ غزل جي
جيڪا فارسي آميز ٻولي هوندي هئي سا جيئن پوءِ
تيئن صاف ٿيندي وئي آهي هاڻي غزل ۾ نه رهيون آهن
اهي فارسيءَ واريون ترڪيبون ۽ بندشون، نه محاورا ۽
اصطلاح، نه تشبيهون نه استعارا، نه اهي ايران جا
عشقي ۽ نه انهن رومانن جا ڪردار. سنڌ جي غزل اهي
پراڻيون ۽ پرايون ڳالهيون ڇڏي هن ڌرتيءَ جي هر
ڪنهن شيءِ سان نينهن لاتو آهي؛ انهيءَ نينهن جو
نتيجو اهو نڪتو آهي جو جيڪي ماڻهو اڳ، ان کي
اوپرو سمجهي ڌڪاريندا هئا سي هاڻي ان کي پنهنجو
سمجهي پيار ڪرڻ لڳا آهن.
غزل تي اعتراض:
غزل جتي پنهنجي حسن ۽ جمال جي جادوءَ سان هزارن کي حيران ڪري
ڇڏيو آهي، جي ان جي مدح سرائي ۽ سونهن جي ساراهه
کان ڍاپن نٿا. کين غزل جي هر ادا دلنشين ۽ دلپذير
ٿي لڳي. اتي ڪجهه اهڙا سر ڦريا به آهن جن مان ڪي
غزل کي وحشي ۽ نيم وحشي شاعري سمجهن ٿا ۽ ڪن کي
جتي غزل جي چهري ۾ دلڪشي ٿي نظر اچي، اُتي ڪي عيب
۽ اُوڻايون به ڏسڻ ۾ ٿيون اچن، هنن جي خيال ۾ غزل
شاعريءَ جو داغدار چنڊ آهي.
غزل جي خلاف جن نقادن نهايت بي رحميءَ ۽ سختيءَ سان تنقيد ڪئي
آهي ڪليم الدين احمد انهن مان هڪ آهي، هن پنهنجي
ڪتاب ”اردو شاعري پر ايک نظر“ ۾ غزل تي دل کولي
ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ غزل جي خامين تي دل کولي لکيو
آهي. هو چوي ٿو ته ”انساني فطرت ۾ بربريت اڄ تائين
موجود آهي جا ٿوري ئي اشارن سان تهذيب جا ليڪا
لنگهي ٻاهر هلي ايندي آهي. اهڙيءَ ريت ادب جي ڪن
صنفن ۾ بربريت جو عنصر موجود آهي. وحشي ۽ نيم وحشي
صنفون مشرقي ۽ مغربي ادب ۾ ملن ٿيون. غزل ڀي هڪ
نيم وحشي صنف آهي“.(1)
ڪليم الدين احمد کي غزل تي وڏو اعتراض اهو آهي ته غزل جو هر شعر
پنهنجي ليکي علحده علحده آهي، جنهن ڪري اهي هڪ ٻئي
سان ملي هڪ حسين، پيچيده ۽ مڪمل نقش نٿا پيدا ڪري
سگهن ۽ غزل ۾ مختلف عناصر ترتيب حاصل ڪري مڪمل
صورت جي تخليق نٿا ڪري سگهن. هن جي خيال ۾ هر شعر
جي علحدي اثر کي ڇڏي غور سان ڏٺو وڃي ته اها حقيقت
صرف ڏسڻ ۾ ايندي ته غزل جو صوري حسن اسان جي
دماغن کي جمالياتي تسڪين نٿو ڏئي. جيڪڏهن هر شعر
کي مختصر نظم تسليم ڪيو وڃي، تڏهن به غزل ۾ صوري
حسن جي ڪمي هوندي ۽ غزل جي صورت هڪ اهڙي مجموعي جي
هوندي جنهن ۾ مختلف نظم گڏ ڪيا ويا هجن.
ڪليم الدين احمد غزل کي هڪ نيم وحشي ۽ وحشي صنف سڏي نهايت سخت
دليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. انسان جي دل ۾ هڪ ئي وقت
ڪيترا مختلف قسمن جا جذبا ۽ اُمنگ ٿين ٿا، هو هڪ
ئي وقت ڪيترن ئي ڳالهين کان متاثر ٿئي ٿو. ساڳي
طرح هو هڪ ئي وقت پنهنجن ڪيترن جذبن ۽ خيالن جو
اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. غزل ئي شاعريءَ جي اها واحد
صنف آهي جنهن ۾ اهي مختلف خيال تسبيح جي داڻن
وانگر پويا وڃن ٿا، جن کي هڪ لڙهه بنائڻ ۾ ڌاڳي جو
ڪم قافيو ۽ ان سان گڏ رديف به ڏئي ٿو. جهڙي طرح
هڪڙو مالهي باغ مان مختلف گل ڪٺا ڪري انهن مان
مختلف گل چونڊي هڪ گلدستو ٺاهيندو آهي، تهڙي طرح
هڪ شاعر پنهنجن خيالن جي چونڊ ڪري غزل جي تخليق
ڪندو آهي. جهڙيءَ طرح گلدستي جا گل مختلف آهن، مگر
انهن جي سونهن ۽ دلڪشي ۾ وحدت آهي تهڙي طرح
جيتوڻيڪ غزل جا شعر جدا جدا مضمونن جا هوندا آهن
ته به انهن ۾ وحدث تاثر هوندي آهي؛ تنهن ڪري غزل
تي الزام قطعاً غلط آهي ته ان جو هر شعر علحده آهي
۽ ان جو ٻي شعر سان ڪو رابطو ڪونهي. جهڙيءَ طرح
زنجير جي هر ڪڙيءَ جي حيثيت علحده هوندي آهي پر
اهي پاڻ ۾ ملي زنجير ٿي پونديون آهن ۽ انهن جو پاڻ
۾ هڪ مربوط ۽ مضبوط رشتو ٿي پوندو آهي؛ ساڳي طرح
غزل جي هر شعر جي جيتوڻيڪ علحده حيثيت آهي مگر اهي
زنجير جي ڪڙين وانگر ملي هڪ وحدت قائم ڪن ٿيون ۽
هڪ گڏيل اثر ڇڏين ٿيون، جنهن کان غزل ٻڌندڙ جي دل
۾ دماغ تي هڪ پرڪيف ۽ پر مسرت ڪيفيت ڇائنجي وڃي
ٿي.
سنڌي غزل تي اعتراض:
جتي ٻين ٻولين جي نقادن، ادب شناسن ۽ پارکن غزل جي مختلف پهلوئن
تي تنقيدون ۽ اعتراض ڪيا آهن، اُتي سنڌي ادب جي
گوهر شناسن سنڌي غزل جي ڪن ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي
آهي. هنن ۾ پهريون اعتراض غزل ۾ استعمال ٿيندڙ
ٻوليءَ تي آهي. هنن جو چوڻ آهي ته سنڌي غزل ۾ جيڪا
ٻولي استعمال ڪئي ٿي وڃي اُها سنڌي گهٽ ۽ فارسي
وڌيڪ آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو عام
رواجي ماڻهو ڇا پر چڱو پڙهيل به لغت جي ورقن ورائڻ
کانسواءِ غزل کي سمجهي نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي
جو غزل عوام جي دلين ۾ ديرو ڄمائي نه سگهيو ۽ هڪ
خاص پڙهيل طبقي تائين محدود ٿي ويو جيڪو پاڻ ان کي
پڙهي ٿو ۽ پاڻ ئي ان تي داد ڏئي ٿو ۽ غزل جو دائرو
چند اخبارن رسالن ۽ ڪتابن جون حدون لتاڙي عوام
تائين وسيع ٿي نه سگهيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪليات
سانگي جي مقدمي ۾ غزل جي شورعاتي دؤر جي شاعرن جو
ذڪر ڪندي چوي ٿو ”سندن غزل“ سبڪ سنڌي جي بدران
”سبڪ فارسي“ ٿي پيو“
(1)
سنڌي غزل تي ٻيو اعتراض اهو ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ جيڪي تشبيهون ۽
استعارا ڪيا وڃن ٿا اهي ڏيهي نه، پرڏيهي آهن. اهي
سڀ ايران کان در آمد ڪيا ويا آهن. پير حسام الدين
شاهه راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ غزل کي اُبتيون
سبتيون ٻڌائيندي چوي ٿو ”سنڌيءَ جي انهيءَ شاعريءَ
جو سمورو سرمايو ديوانن ۽ بياض اندر دفن ٿي ويو.
قبول عام جي خلعت سنڌ اندر ڪڏهن به حاصل ڪري نه
سگهيو. ڀلا تشبيهان ۽ محاور خيال ۽ استعارا سڀئي
هوندا لکنو جي طوائف خانن جا، يا ايران جي ميخانن
جا، سي ٿر ۾ رهندڙ ۽ ڦوڳ تي گذارا ڪندڙ ويچارا
سنڌي ڪٿان سمجهي سگهندا.“
(2)
سنڌي غزل تي ٽيون اعتراض اهو ٿو ڪيو وڃي ته اهو پنهنجي سنڌ جي
ماحول کان بلڪل هٽيل آهي. ان جي هر هڪ ڳالهه
ايراني آهي. جي معشوق جو ذڪر آهي ته به هو ايراني
آهي، جنهن جا زلف دراز، گيسو پيچادار ۽ ڪاڪل خمدار
آهن، جيڪو آهو چشم، صراحي دار گردن وارو ۽ ڪبڪ
رفتار آهي. جي عاشق آهي ته يا وامق آهي يا فرهاد
آهي، ڪڏهن ڪڏهن انهن سان گڏ عرب جو مجنون به آهي.
جي ماحول جو ذڪر آهي ته يا سبزه زار آهن يا مرغزار
جي سدائين پُربهار آهن. ڪٿي سرو آهي ڪٿي سمن، ڪٿي
نرگس آهي ته ڪٿي لاله، نسيم صبح عطرريز ۽ مشڪبار
آهي. جتي داستان گو بربط ۽ رباب تي شيرين خسرو جي
عشق جو داستان ۽ رستم ۽ سهراب جي سورهيائي جو قسم
بيان پيا ڪن. هر ڳلي ۽ ڪوچي ۾ ميخانا آهن جتي ساقي
به آهي، صراحي به آهي ۽ پير مغان به آهي. مستن ۽
ميخوارن جي هٿن ۾ گلفام جا جام آهن. ڪن جو پيالو
پُر
آهي، ڪي چڪي لاءِ ساقيءَ ۾ اميد ڪرم لڳايون ويٺا
آهن.
مطلب ته سنڌي غزل گو شاعرن جي بياضن جي مطالعي ڪرڻ سان پڙهندڙ
سنڌ جا گهٽيون ۽ گهر، ٿر ۽ بر ڇڏي وڃي، روح پرور
وادين ۽ سبزه زارن ۾ پهچي ٿو. پر پير حسام الدين
سنڌ جي غزل گو شاعرن کي فهمايش ڪندي چوي ٿو، ” غزل
گو شاعرن کي ڌاريا لفظ اهي ڪتب آڻڻ کپن، جيڪي يا
ته سنڌي زبان ۾ پيهي ويا آهن يا اهي جيڪي غير
معروف ۽ غريب نه هجن سنڌي مثال، سنڌي استعارا ۽
سنڌي تشبيهون سندن غزل ۽ نظم جو سينگار هئڻ گهرجن.
پنهجن قصن ۽ ڪهاڻين، پنهنجن باغن ۽ بهارن، پنهنجن
گلن ۽ ٻوٽن، پنهجن واهوندن ۽ وائن، پنهنجن ڀٽن ۽
ڀونگن، ٿرن ۽ مليرن مان کين مواد ۽ مثال ڪٺا ڪرڻ
جڳائن. پرائي ڀَت تي سڏ ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو؛ ٻين
جي ٻوڙ تي آٽي ٻڌڻ ۾ ڪهڙي عزت ۽ ڪهڙو شان يا مان
آهي“.
(1)
جيئن ته غزل جي صنف ايران کان آيل هئي ۽ هتي انهن ماڻهن ان کي
پنهنجو بنايو جي فارسي دان هئا، جن فارسي شاعريءَ
جو گهرو مطالعو ڪيو هو، جن کي حافظ ۽ سعدي، جامي ۽
نظامي ياد هئا. نه فقط ايترو بلڪ سنڌ جا شاعر سون
سالن کان وٺي فارسي زبان ۾ شاعري ڪندا ۽ خاص طرح
غزل چوندا رهيا هئا، تنهن ڪري ان جو اثر سنڌي
شاعريءَ تي ضرور نمودار ٿيڻو هو.
غزل جي نقادن سنڌي غزل تي جيڪي اعتراض ڪيا آهن، انهن جي صداقت
تي حرف آڻڻ مشڪل آهي، مگر اهي اعتراض هرو ڀرو سئو
سيڪڙو درست به نه آهن. جتي سنڌ جي غزل گو شاعرن جي
ڪلام ۾ اهي دست درازيون ۽ ارڏايون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون
اُتي انهن شاعرن جي غزلن ۾ پنهنجي صاف سولي عام
مروج زبان، محاورا، تشبيهون ۽ استعارا ۽ پنهنجي
مقامي ماحول جي عڪاسي به ملي ٿي، جيئن هيٺين مثالن
مان معلوم ٿئي ٿو:
صاف ٻولي:
1- پنڌ نهاري پيچرا رستا ۽ رند
ٿي وڌا واٽن مٿي مون يار واجهه (فاضل شاهه)
2- ڇڏي گهر ٿا گهٽيءَ تنهنجي ۾ گهارين
سندن پيرن ۾ ڄڻ آهي ٻڌل واڍ (قليچ)
3- کسي دل کڻي هڪ ته ويو چور زوري
اڃان پڻ ستائي ٿو بغداد آهي (غلام سرور فقير)
تشبيهون:
1- نير رنگ واڌو ڪڍي منجهه جهڳ جهٻ
عشق وارو وڌ وڌي منجهه لوس لٻ (گل)
2- يار جا نيڻ فير باڪس ڄڻ
باهه تيليءَ ۾ جيئن ٻري جهٽ پٽ (بلبل)
3- اسان کي تيئن رقيبن جو رهي دغدغو دل ۾
زميندارن کي جيئن خدشو تپيدارن جي تنگي جو (سانگي)
پنهنجو ماحول:
1- اوهان ۾ هينئر ڪين ڀيچي ڀچون ٿا
ڪڏهن راند جا هئاسون هاري عزيزو (سانگي)
2- تنهنجي الفت منهنجي دل ۾ ائين پئي وڌندي وڃي
ڄڻ محبت جي رقم تي هي گڏيل آهي وياج
(غلام سرور فقير)
********
ڀاڱو ٻيو
پارسي شاعريءَ جو سنڌي غزل تي اثر
(سنڌ ۾ پارسي شاعري)
سنڌي غزل تي پارسي شاعريءَ جا ڪهڙا اثر ٿيا آهن، ان کي بيان ڪرڻ
کان اڳ اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته ايران ۽ سنڌ جا
پاڻ ۾ ڪهڙا سياسي، ثقافتي، لساني، عملي ۽ ادبي
تعلقات رهيا آهن ۽ پارسي شاعري ۽ زبان کي سنڌ ۾
ڪهڙو درجو حاصل هو، جن نه صرف سنڌي غزل کي جنم ڏنو
پر پنهنجا گهرا اثر پڻ ان تي وڌا.
ايران سان تعلقات:
سنڌ جي قديم تاريخ تي وقت لٽ چاڙهي ڇڏي آهي، تنهن ڪري اسان کي
اهو پتو نٿو پوي ته سنڌ جا پنهنجي ويجهي ملڪ ايران
سان آڳاٽي وقتن ۾ ڪهڙا تاريخي، تجارتي ۽ لساني
لاڳاپا ۽ ناتا هئا. پر ٻنهي ملڪن جي تاريخ جي ڄاڻن
جو خيال آهي ته ايران ۽ سنڌ جا سياسي، تجارتي ۽
معاشرتي تعلقات ان دؤر کان گهڻو قديم آهن جڏهن
آرين اچي هن ڌرتيءَ کي پنهنجو وطن بنايو. اهڙن
تعلقاتن جون ڪي شاهديون ٻنهي ملڪن جي قديم آثارن
جي کوٽاين مان مليون آهن. آرڪيالاجي جي ماهرن جو
چوڻ آهي ته هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي
جيڪي مختلف ڌاتن مان جوڙيل شيون هٿ آيون آهن تن
جي، اُتر اوڀر ايران جي قديم آثارن مان هٿ آيل شين
سان گهڻي هڪجهڙائي آهي.
ڀيرو مل پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ٻين ملڪن جي
ماڻهن سان لهه وچڙ ۽ وڻج واپار جو ذڪر ڪندي ٻڌائي
ٿو ته سنڌ جا قديم رهاڪو مدراس، راجپوتانا، ڪشمير،
ڏکڻ هندستان۽ ايران سان لهه وچڙ ۾ هئا، جنهن ڪري
ٽامو ملي سگهندو هون، جنهن مان پنهنجي گهرج جون
شيون جوڙي سگهندا هئا.(1)
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي سنڌ جي مغرب سان واپار ۽ واپاري رستن جو احوال
ڪندي چوي ٿو ”سنڌ کي مغرب سان ڳنڍڻ لاءِ ٻه تاريخي
خشڪي رستا هئا جي ٻئي وڃي ايران ۾ ٿي مليا.“
(2)
خشڪيءَ کانسواءِ سامونڊي رستي پڻ قديم ايران سان سنڌ جو واپار
قائم هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ابن
بطوطه جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن هو لاهري بندر جو سير
ڪندي چوي ٿو ”هيءُ شهر هڪ وڏو بندرگاهه آهي، جتي
يمن ۽ فارس جا جهاز ۽ واپاري تمام گهڻا ٿا اچن،
انهيءَ ڪري ئي هي شهر مالدار آهي.“
(1)
قديم سنڌ ۽ ايران جي تعلقات بابت صحيح ۽ تفصيل سان تواريخي
معلومات حاصل ٿي نه سگهي آهي، ٿورو گهڻو جيڪو
معلوم ٿي سگهيو آهي، اهو ڪن ڪتبن، يوناني تصنيفن،
فردوسيءَ جي شاهنامي يا ڪن ٻين افسانه آميز پارسي
رزميه نظمن وغيره رستي.
سڀ کان قديم حوالو ايران جي هخامنشي شهنشاهه دارا اعظم جي زماني
جو آهي. چيو وڃي ٿو ته هن حاڪم جي دؤر ۾ ايرانين
پنجاب ۽ سنڌ تي فوج موڪلي ڪيترن ضلعن تي قبضو ڪري
ورتو. هن جي يوناني نسل جي امير البحر سڪائيلاڪس
سنڌو ندي رستي عربي سمنڊ ۾ گهڙي عرب ۽ مڪران جي
ڪجهه ڪناري وارن علائقن تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ انهن
فتح ڪيل علائقن کي ملائي هڪ علحده صوبو بنايو جنهن
کي سنڏ سيٽرپي چوندا هئا. هي واقعو تقريباً 512 ق.
م جو آهي.(2)
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ان واقعو جو ذڪر ڪندي ڇوي ٿو ته ”عيسوي
سن کان 510 ورهيه اڳي دارا بادشاهه پنجاب ۽ سنڌ تي
ڪاهي اهي ملڪ پنهنجا ڏن ڀرو ڪيا هئا،ا هي دارا
بادشاهه کي 260 مڻ سون جا هر سال ڏن طور ڏيندا
هئا“.(3)
مولائي شيدائي دارا کي سنڌ مان ملندڙ ڏن بابت ٻڌائي ٿو ته ”دارا
اعظم کي سنڌ جي صوبي مان 1078272 پائونڊ ساليانو
آمدني هئي“ ۽ دارا جي امير البحر لاءِ چوي ٿو ته
”سندس ٻيڙي يوناني امير البحر سائيڪلاس جي اڳواڻي
هيٺ اٽڪ کان سنڌونديءَ جي ڇوڙ تائين جهاز راني ڪئي
هئي.“
(4)
دڙا کانپوءِ گشتاسپ ۽ سندس پٽ بهمن جي سنڌ جي مٿان چڙهائي جو
احوال ملي ٿو. ايڇ- ٽي ليمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ
بفور مسلم ڪانسڪيسٽ“ ۾ مجمع التواريخ جي حوالي سان
لکي ٿو ته ”پنهنجي ڏاڏي گشتاسپ جي حياتيءَ جي وقت
۾، بهمن لشڪر وٺي هندستان تي ڪاهه ڪئي ۽ ان جي هڪ
حصي تي قبضو ڪري ورتو....... بهمن ترڪن ۽ هندن جي
سرحد کي پڌرو ڪرڻ لاءِ هڪڙو شهر ٻڌايو جنهن جو
نالو ”قندابيل“ رکيائين ۽ هڪ ٻئي هنڌ جنهن کي ’ٻڌ‘
چوندا هئا هڪ شهر ٻڌرايائين جنهن کي ”بهمن آباد“
ڪوٺيائين“.(1)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”چچ نامي“ تي اشارا ۽ واڌارا لکيا آهن،
انهن ۾ برهمڻ آباد جي شهر تي تواريخي روشني وجهندي
چوي ٿو ته ”تاريخ مان به دليل نڪري ٿو ته هيءُ شهر
غالباً ايران جي بادشاهه بهمن اردشير جي حڪم سان
ٻڌو ويو ۽ انهيءَ لحاظ سان ان جو اصل نالو بهمن
آباد هو“.(2)
مولائي شيدائي چوي ٿه بهمن انهيءَ شهر ۽ مذهبي عقيدي موجب هڪ
وڏو آتشڪده پڻ تعمير ڪرايو هو. ”گشتا سپ جي زماني
۾ بهمن ايراني بهمن آباد ۾ نووهار جو آتشڪده تعمير
ڪرايو هو“.(3)
انهن بادشاهن کان سواءِ اسان کي بهرام گور جيڪو پنهنجي وقت جو
مشهور بادشاهه ۽ پهلوان ٿي گذريو آهي، بابت ٿورو
احوال ملي ٿو، جنهن مطابق هو هندستان ۾ آيو هو ۽
هن جي هتي شادي ٿي هئي ۽ کيس ڏاج ۾ مڪران ۽ سنڌ جا
صوبا مليا هئا.
سائڪس لکي ٿو ته ”بهرام گور سير ۽ سياحت لاءِ قنوج آيو هو. اتي
هن هڪڙي جهنگلي مست هاٿي کي تير سان ماريو. جنهن
تي راجا راضي ٿي هن کي پنهنجي ڌي”ءَ سان شادي
ڪرائي هئي.“ سائڪس جو چوڻ آهي ”ان موقعي تي هن کيس
مڪران ۽ سنڌ جا صوبا پڻ ڏنا“.(4)
ايران جي مشهور شاعر فردوسي جنهن پنهنجي شاهنامي ۾ ايران جي
قديم شاهن ۽ شهنشاهن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پنهنجي جادو
بيانيءَ سان انهن کي امر بنائي ڇڏيو آهي، تنهن پڻ
ايران جي هند ۽ سنڌ تي تسلط جو بيان ڪيو آهي.
”فردوسي شاهنامي ۾ هند، سنڌ، ڪابل، ڪشمير، ملتان،
سندل ۽ چندن ايراني شهنشاهت جا مقبوضات ڏيکاريا
آهن“.(1)
ٿي سگهي ٿو فردوسي ان ۾ ڪجهه شاعراڻو مبالغو ڪيو هجي مگر ان ۾
شڪ ڪونهي ته ايران جي حڪمرانن جو ان وقت جي سنڌ جي
ڪجهه حصي تي قبضو هو.
ايڇ ٽي.لئبرڪ چوي ٿو ته ”شاهنامي“ جي روايت موجب ”گشتاسپ، جنهن
کي سنڌ جا حاڪم ڏن ڏيندا هئا، جي دؤر ۾ بهمن جي
پيءُ واسنديار ايراني سلطنت کي وري اوج تي
پهچايو“.(2)
مٿي بيان ڪيل سنڌ ۽ ايران جي تاريخي ۽ تجارتي تعلقات جي بنياد
تي اهو چئي سگهجي ٿو ته هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪي
لساني ناتا پڻ هوندا. تاريخ جي مطالعي مان اهو
معلوم ٿئي ٿو ته حڪمران قوم جي زبان جو محڪوم قوم
جي زبان تي گهرو اثر ٿئي ٿو. تنهن ڪري ان دؤر جي
ايرابي زبان جو سنڌ جي ماڻهن جي زبان پڻ اثر پيو
هوندو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ۾
600 ورهيه قبل مسيح سنڌ جي اوائلي ٻوليءَ تي ٻين
ٻولين جي اثر جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته ”آثار قديمه“
مان مليل مواد ۽ معلومات جي بنياد تي چئي سگهجي
ٿو ته ”سنڌ جي قديم ٻولي“ غالباً ڪا سامي زبانن جي
سٿ مان هئي، جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر
پيو، انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ ”سنڌ
جي ٻوليءَ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي
ٻولين جو پيو“.
(3)
پارسي جو رواج:
سنڌ ۾ باقاعده فارسي زبان ڪڏهن مروج ٿي، اِهو اهڙو مسئلو آهي،
جنهن تي وڌيڪ غور ۽ تحقيق جي ضرورت آهي، 712ع ۾
محمد بن قاسم جي اڳواڻي هيٺ عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي
۽ راجا ڏاهر کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.
محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو تڏهن عرب مؤرخ
بلاذري جي چوڻ مطابق هو ايران ۾ هو ۽ اُتاهون کيس
سنڌ ڏانهن وڃڻ جو حڪم مليو، ۽ جنگ جي سموري سامان
ملڻ تائين شيراز ۾ رهڻ لاءِ هن کي روڪيو ويو.
بلاذري جا الفاظ هي آهن ”حجاج، محمد بن قاسم بن
محمد بن حڪم ابو عقيل کي والي بنائي سنڌ ڏانهن
روانو ڪيو، محمد ان وقت فارس ۾ هو ۽ حجاج هن کي ري
وڃڻ جو حڪم ڏئي چڪو هو....... مگر بديل جي قتل ٿيڻ
کان پوءِ هن کي ري وڃڻ کان روڪيو ويو ۽ سنڌ جي
سرحد جو عَلمَ عطا ڪيو ويو ۽ شام ٻين هنڌن تان ڇهه
هزار فوج هن سان گڏ موڪلي وئي“
(1).
بلاذري جي بيان پڙهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته هن وٽ
عربي ۽ ايراني فوج اڳ ئي موجود هئي جو هن کي باقي
صرف ڇهه هزار فوج شام ۽ ٻين هنڌن تان موڪلي وئي.
اهڙو خيال ڊاڪٽر محمد باقر ۽ ڊاڪٽر وحيد مرزا
”تاريخ ادبياتِ مسلمانانِ پاڪستان و هند“ ۾ پڻ
ظاهر ڪيو آهي. هو چون ٿا ته ”اسلام جي ظهور
کانپوءِ جڏهن 712ع ۾ عربن سنڌ تي حملو ڪيو ته انهن
جي فوجن ۾ ايراني به ضرور موجود هئا“.(2)
جيڪڏهن عربن جي فوج سان گڏ ايران وارن به سنڌ ۾ قدم رکيو هو ته
ان مان اهو انومان ڪڍي ٿو سگهجي ته پارسي زبان
عربي زبان سان گڏ سنڌ جي ڌرتيءَ تي وک وڌائي هئي.
قاضي احمد ميان جهونا ڳڙهي پنهنجي مضمون “سنده کا
فاري ادب“ ۾ پڻ اهڙي خيال جو اظهار ڪيو آهي. هو
چوي ٿو ”انهن ۾ ايترا شيرازي به هوندا، جن جي
مادري زبان پارسي هئي، ان ڪري اهو قياس ڪري سگهجي
ٿو ته فارسي زبان هتي ايرانين بدولت پهتي هوندي
جيڪي محمد بن قاسم جي فوج ۾ شريڪ هئا“.(1)
تواريخ جي ورقن اُٿلائڻ سان پتو پوي ٿو ته ٻي صدي هجري ۾ عباسي
خليفي المعتمد پنهنجي خلافت جي وقت ۾ يعقوب بن ليث
الصفاري (978-868ع) جو ايران جي سچحستان جي علائقي
۾ رهندو هو، کي اوڀر، ايران ۽ سنڌ جو حاڪم تسليم
ڪيو هو. يعقوب بن ليث کي عربي نه ايندي هئي ۽ هن
جي حڪومت ايران جي ڪجهه حصي ۽ سنڌ تي گڏيل هئي،
تنهن ڪري ائين چئي سگهي ٿو ته هن جي سرپرستيءَ ۾
ڪيترن ايرانين سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪئي هوندي ۽
هتي ڪيترا ماڻهو فارسيءَ کان واقف ٿي ويا هوندا.
قاضي احمد ميان اختر جونا ڳڙهي ان بابت چوي ٿو ته ”يعقوب عربي
کان اڻ ڄاڻ پارسي دانن جو وڏو سرپرست هو. عموماً
ملڪ جي انتظام ۾ وقت جي حاڪم جي زبان استعمال ڪئي
ويندي آهي. اُن زماني ۾ فارسي زبان سرڪاري آفيسن ۾
استعمال ڪئي وئي هجي ۽ ڪيترن سنڌ جي ماڻهن فارسي
پڙهي هجي“.(2)
ساري هندستان ۾ غزنوي دؤر ۾ پارسيءَ پنهنجا پير ڄمائي ورتا ۽
اها حاڪمن، اميرن، شاعرن، درٻار ۽ مدرسن جي زبان
ٿي پئي. ايڇ- آءِ سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب ”پرشن
پوئٽس آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ”هي اُهو زمانو هو جڏهن
پارسي ادب پنهنجو پهريون قدم هندستان ۾ رکيو ۽
اِنهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته غزنوي جي ڏينهن ۾
پارسي ۾ شاعري ڪرڻ جو عام رواج پئجي ويو“.(3)
هندستان ۾ فارسي جو فروغ ۽ رواج جيڪو غزنوي دؤر ۾ شروع ٿيو هو
ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو......... فارسي برصغير جي
درباري ۽ دفتري زبان بنجي وئي. درس و تدريس ان
زبان ۾ ٿيڻ لڳو ۽ مختلف علمن ۽ فنن تي تصنيف جو
سلسلو شروع ٿي ويو“.(1)
محمود غزنوي هندستان تي ڪيتريون ڪاهون ڪري، جتي ڪيترن علائقن کي
پنهنجي ماتحت بنائي ڇڏيو، اُتي سنڌ تي حملو ڪري
سنڌ کي به پنهنجي ماتحت بنايائين. ڊاڪٽر ايڇ. ٽي.
سورلي سنڌ گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ”ملتان ۽ اُچ فتح ڪرڻ
کانپوءِ محمود غزنوي پنهنجي وزير عبدالرضا کي سنڌ
فتح ڪرڻ لاءِ چيو ۽ 1026ع ۾ سنڌ فتح ٿي“.(2)
مگر تاريخ معصومي جي مصنف ان وزير جو نالو عبدالرزاق لکيو آهي
هو محمود غزنوي جي سنڌ فتح ڪرڻ جو احوال هيئن بيان
ٿو ڪري، ”عبدالرزاق وزير کي ڪجهه فوج ڏئي ملتان
کان سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين“.(3)
محمود غزنوي پاڻ طاقتور حڪمران هو مگر سندس وفات کانپوءِ سندس
پوين ۾ اها طاقت نه هئي تنهن ڪري مختلف علائقا
سندن قبضي مان نڪري ويا، سنڌ به اُنهن مان هو.
ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي سومرن جي تسلط بابت چوي ٿو،
”1026ع ۾ سلطان محمود غزنوي سنڌ تي ڪاهيو ۽ پنهنجي
بادشاهت سان ملائي ڇڏيائينس، پرغزنوي حڪومت گهڻو
وقت پير کوڙي نه سگهي ۽ 1053ع ۾ سنڌ جي هيٺئين حصي
جي راجپوت قبيلي، سومرن لاڙ جي اڀرندي ٽڪر تي
پنهنجي حڪومت قائم ڪئي“.(4)
جيتوڻيڪ غزنوي خاندان جو تسلط سنڌ جي مٿان صرف 26 سال کن رهيو
مگر اهو ايترو عرصو هو جو ان ۾ جتي هندستان ۾
پارسي کي رواج ۽ فروغ مليو، اتي سنڌ ۾ به پارسيءَ
جو ٿورو گهڻو فروغ ٿيو هوندو. ڊاڪٽر ايڇ. آءِ.
سدارنگاڻي چوي ٿو، ”اهو ممڪن آهي ته محمود غزنوي
(1030- 998) جي ڏينهن ۾ پارسي زبان سنڌ ۾ قدم
رکيو. ان کانپوءِ غزنوي خاندان جي سخي سرپرست
حاڪمن جي ڏينهن ۾ جڏهن سنڌ انهن جي ماتحت هئي ان
ترقي ڪئي“.(1)
سنڌ جي مٿان غزنوين جو تسلط ختم ڪري سومرا طاقت ۾ آيا. ڪن محققن
جو خيال آهي ته سومرن جي آخري دؤر ۾ پارسيءَ کي
سنڌ جي حڪومت ۾ درٻاري زبان جو درجو ملي چڪو هو.
ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي مضمون ”language
of Sind“
۾ چوي ٿو ”عربي لفطن جو استعمال پارسي زبان جي
درباري زبان جو رتبو حاصل ڪرڻ جو نتيجو هو، جنهن
کي ممڪن آهي ته سومرا خاندان جي پڇاڙيءَ کان اهو
رتبو حاصل ٿيو هجي“.(2)
حسن احمد مينائي پنهنجي مضمون ”سنڌ ۾ پارسي شاعريءَ جا پهريان
ٻه دؤر ۾ اهو ظاهر ڪيو آهي ته ”سومرن جي ڏينهن ۾
سنڌ ۾ پارسيءَ کي مقبوليت حاصل ٿي.هو چوي ٿو ”سنڌ
۾ پارسي جي پکڙجڻ جو زمانو ڇهين صدي هجري معلوم
ٿئي ٿو تنهن ڪري سومرن جي حڪومت پارسي جي مقبوليت
جو زمانو آهي“.(3)
|