ميان غلام عباس ’جوش‘ قادري:
بهاري ۾ انهيءَ گلرو سوا، ڳوڙهن جي موتين سان
ڀريل دامن ڏسي منهنجن، ڦڪو ٿيو ابر نيسان جو.
ملامت ڇا ڪندي ناصح تنهنجي صورت پرستن کي
جو دل ۾ جوش آهي جوش ڀي عشقِ حسينا جو.
حافظ محمد احسن:
خيالِ يار جو نقشو اڃا دل تي آهي بيٺو
دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.
رامچند ’رام‘:
ڏسي شبنم جي آئيني منجهان رخ شاهه خوبان جو
فلڪ تي فڪر کان ٿي زرد ويو منهن ماهِ تابان جو.
حافظ عبدالله ’حافظ‘وڳڻ:
فراقِ دلربا ريءَ ڪجهه نه آهي خانہُ دل ۾
دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.
ممتاز علي ’ممتاز‘:
مرڻ کان بعد هو ممتاز آيو ڪيئن فاتح لئه
نشان مٽجي پڌرو ٿي ويو، جڏهن گورِ غريبان جو.
پرڀداس ’وفا‘:
رهي ٿي چشم گريان منهنجي ڀي چشمِ زليخا جان
دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.
واحد بخش ’عاشق‘:
خزان ۾ موسمِ گل جو تصور آهه بلبل کي
بيابان ۾ تصور آهه مون کي ڪوءِ جانان جو.
مولوي محمد عظيم ’شيدا‘:
ڇڏي صورت جي سودا کي مصور ان جو ڏس ’شيدا‘
ايها صورت به آهي جلوه هڪ ان نورِ يزدان جو.
غلام احمد نظامي:
مزو دنيا ۾ آيو خوب مون کي عشقِ جانان جو
جگر کي درد جو، لب کي فغان جو، دل کي ارمان جو.
زماني ۾ رهي گهرجي ٿيڻ هرگز نه بي پروا
پوي انسان ۾ ڪم ٿو نظامي نيٺ انسان جو.
محمد رمضان ’ثاقب‘‘:
ميلودلبر رقيبن سان، ٿيو آ وقت ارمان جو
حيا جو، شرم جو، لڄ جو، ياس و حرمان جو.
هريداس (هري) ’دلگير‘:
خبر ناهي نگاهِ ناز سان ڇو ٿو ڪهين دلبر
وجهي هن مرغِ دل کي دام اڳ ۾ زلف پيچان جو.
چيو دلگير دل ۾ رهه، چيو ان همسرِ يوسف
دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.
فيض محمد ’فيض‘:
ذقن جي چاهه بابت رشڪِ يوسف کان پڇيم جڏهين
چيائين فيض چشمو سمجهه سو ڄڻ آبِ حيوان جو.
حيدر علي ’حيدري‘:
لکين موجود آهن غم اچي ٿيا خانئه دل ۾
دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.
حبيب الله ’آزاد‘:
ڏئي دل دوست کي ’آزاد‘ تون آزاد ڪيئن رهندين
دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.
مولوي نور محمد شاهه ’هاشمي‘:
گلِ خوش ديد ۾ مون کي نه آيو ماه ڪنعان جو
دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.
اوسته حاجي ’حاجي‘:
لڳائي دل سڄڻ توسان سَٺو مون درد هجران جو
گهڙي هڪ چين ڪونهي حال ڏس تون چشم گريان جو.
حاجي محمود ’خادم‘
سندم سودائي سر آهفت خانو ڄڻ زليخان جو
دلِ افسرده گويا حجرو آ يوسف جي زندان جو.
سندس ڏندن وڌايو شان اي خادم زماني ۾
گهر جو، لعل جو، ياقوت جو، هيري جو، مرجان جو.
مسلمان
1924ع ۾
ميرپورخاص ۾ زميندار ايسوسيئيشن ”مسلمان“ نالي
سان پريس قائم ۽ اخبار جاري ڪئي. اخبار جو ايڊيٽر
محمد هاشم مخلص کي مقرر ڪليو ويو. 1924ع کان 1933ع
تائين مسلمان اخبار ڏاڍو زور ورتو، مخلص نثر ۽ نظم
ٻنهي جو بادشاهه هو. هن کي نظم تي نهايت گهڻي
دسترس هئي، تنهن ڪري مسلمان اخبار ۾ هن کي پنهنجي
جوهر ڏيکارڻ جو گهڻي وقت تائين موقعو مليو. مخلص
مسلمان جي صفحن ۾ ٻين شاعرن کي به ڪشاده دلي سان
جاءِ ڏني، جنهن ڪري اخبار ڀورا نو سال سندس
ايڊيٽري هيٺ سنڌي غزل جي اوسر لاءِ ڪم ڪندي رهي.
مسلمان پريس قائم ڪرڻ کانپوءِ جلد ئي زميندار ايسوسيئيشن جي
ميمبرن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو. تنهن ڪري هنن اها
پريس مخلص جي ڀائٽي محمد خان ’غني‘ کي وڪڻي ڏني-
1933ع ۾ مخلص جي نظر جهڪي ٿي وئي، تنهن ڪري اخبار
جي ايڊيٽريءَ جو بار محمد خان غني پنهنجي ڪلهن تي
کنيو. هن جي ايڊيٽري جي دؤر ۾ ”مسلمان“ ۾ نه صرف
غزل شايع ٿيندا هئا پر ڪيترن بزم مشاعرن جي طرحي
مشاعرن کي پڻ شايع ڪيو ويندو هو. اهڙي ريت غني
پنهنجي چاچي ۽ استاد مخلص جي قائم ڪيل روايت کي
برقرار رکيو. هيءَ اخبار 1950ع ڌاران مالي مشڪلات
سبب بند ٿي وئي.
گلدستئه سنڌ
جيتوڻيڪ هفتيوار ”الحقيقت“ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي مشاعرن کي
پنهنجي صفحن “۾ فراخدليءَ سان جاءِ ڏني ٿي مگر
بزم مشاعره لاڙڪاڻو جي بانين جهڙيءَ ريت شاعريءَ،
خاص طرح غزل جي اصلاح ۽ ترقي چاهي ٿي اها
”الحقيقت“ ۾ شايع ٿيل ڪاررواين ۽ مشاعري ۾ پيش ڪيل
شعرن جي انتخاب مان سندن خواهشن مطابق حاصل ٿي نه
سگهي. انهيءَ ڪري بزم مشاعره جي بانين ڊسمبر 1925ع
۾ ”گلدستئه سنڌ“ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو، جنهن
جو خاص مقصد سنڌي غزل جي اوسر هو. هن رسالي جو
باني ۽ ايڊيٽر ميان علي محمد قادري هو. ”گلدستئه
سنڌ“ جي پهرين پرچي جي ايڊيٽوريل ۾ لکي ٿو،
”اڄڪلهه هن زماني ۾ شعر گوئي جو چرچو گهڻو ڪري
گهٽجي ويو آهي؛ مگر سنڌي زبان ۾ ته اجايا واهيات
غلط ۽ غير موزون شعر ۽ غزل ته اهڙا مشهور ٿي رهيا
آهن جن ۾ نه قافيو، نه رديف، نه وري ڪا محسنات
عروض جي علم موجب آهي، فن جو ته خدا حافظ، ۽ نه
سڌارو سنڌي زبان جو. اهڙي شعر گوئي کان ننگ شاعري
۽ توهين شاعري جي آهي............................
انهيءَ سڌاري لاءِ بزم مشاعره لاڙڪاڻو پنهنجو فرض
ادا ڪري رهي آهي جنهن ۾ هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏئي
اصلاح ڪئي ٿي وڃي.
رديف، قافيہ، وزن، فصاحت و بلاغت، تاثير زبان، محاوره، تنقيد
لفظي و معنوي، بندش ۽ محسنات وغيره. جنهن جو نتيجو
هي گلدستئه سنڌ آهي، هن ۾ عروس سخن مٿي ذڪر ڪيل
زيورن سان سينگارجي نڪري ٿي، جو شاعرن، عاشقن ۽
سخن دانن جي دل کي مقناطيسي ڪشش وانگر ڇڪي پاڻ تي
شيفتو ڪري ڇڏي ٿي، جو سنڌي شعر پڻ پارسي ۽ اردو
شعر سان هم پهلو ٿي بيهن ٿا. هن کان اڳ اگرچه سنڌي
شعر ۾ اهڙو جوهر هو جنهن جي وسيلي جذبات دلي حرڪت
۾ ايندي هئي، مگر افسوس جو علم عروض کان ساقط هو.“
(1)
”گلدستئه سنڌ“ سنڌ ۽ سنڌي زبان جو پهرين رسالو هو جنهن جو دامن
صرف شاعري تائين محدود هو مگر اها شاعري غزل ۽
عروض واري هئي.
هن رسالي جي سر ورق تي مٿان ”الشعراءِ تلاميذاالرحمان“ جا لفظ،
صفحي جي وچ تي ”ماهوار رسالو گلدستئه سنڌ“ ۽ ان جي
مٿان هيٺان ’قادري‘ جو هي شعر لکيل هو:
عجب رنگين گلن سان گڏ ٿيل آهي هي گلدستہ
رگ- دل شاعرن جي سان ٻڌل آهي هي گلدستہ
هي تحفو سنڌ جو دانشورن لئه آهي گلدستہ
گلن مضمون رنگين سان گڏيل آهي هي گلدستہ
سخن دانن ۽ دانائن جي محفل جو هي زيب آهي
طبع تفريح تن جي لئه رکيل آهي هي گلدستہ
ڪرن ٿا قدر هن جو قادري ارباب معنيٰ جا
اياڻن لئه اجايو گڏ ٿيل آهي هي گلدستہ.
ان جي هيٺان لکيل هوندو هو:
منجانب: بزم مشاعره لاڙڪاڻو سنڌ
ايڊيٽر: حڪيم ميان علي محمد قادري
”گلدستئه سنڌ“ ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي مشاعرن جا چونڊ سڄا غزل
۽ سنڌ جي ناميارن غزل گو شاعرن جا سنڌي، اردو ۽
پارسي غزل شايع ٿيندا هئا، ان سان گڏ جيڪي مضمون
شايع ٿيندا هئا سي گهڻو ڪري شاعري بابت ئي هوندا
هئا. جيئن:
سنڌي شعر جو ڪجهه تاريخي احوال
حقيقت ۽ شاعري
شعر ۽ سندس جو لانگاهه
اردو شاعري
رديف ۽ قافيہ
جائز ۽ ناجائز شعر |
مرزا قليچ بيگ، جنوري 1926ع
غلام سرور قادري، فيبروري 1926ع
علي خان، مارچ 1926ع
غلام سرور قادري، مارچ 1926ع
علي محمد قادري، مارچ 1926ع
علي محمد قادري، اپريل- مئي 1926ع
علي محمد قادري، جون 1926ع |
هن رسالي جي صفحن کي جن شاعرن جي غزلن سان سينگاريو ويو
آهي، تن مان ڪن شاعرن جا نالا هي آهن:
مرزا قليچ بيگ، ميان علي محمد قادري، ميان غلام سرور فقير، علي
حيدر ملڪاڻي، حاجي محمود خادم، نواز علي نياز
جعفري، حافظ عبدالله حافظ وڳڻ، سيد محمد زمان شاهه
ساقي، حافظ محمد احسن، محمد موسيٰ راز حيدرآبادي،
مولوي شفيع محمد هاتف، ٿري محبت، مرزا همايون بيگ
فائق، لعلچند مجروح، مير گل محمد مگسي زيب، رئيس
نجم الدين نجم- نوشهروفيروز، مرزا قنبر علي بيگ،
سردار عبدالباقي باقي شڪارپور احمد علي ڪامران،
محمد بخش واصف، قادر بخش حقير (بشير)، سيد محمد
تقي شاهه حنفي- ناري شريف، قاضي علي احمد
حيدرآباد، مرزا مدد علي مدد، هدايت علي نجفي،
’تارڪ‘، غلام علي جعفري ’جعفري‘، مراد علي ’ آفت‘
(ڪاظم)، غلام سرور سرور مغل، جمع خان غريب، محمد
رمصان ثاقب، عمصت الله اثيم، جان محمد محسن- ڳڙهي
ياسين، غلام مصطفيٰ فدا- ڳڙهي ياسين، محمد صديق
خام، عبدالله عبد حيدرآباد، مرزا منوچهر بيگ، پير
عبدالستار جان سرهندي پير ٽنڊو سائينداد، پير محمد
سليم جان سرهندي سليم- ٽنڊو سائينداد، محمد حسن
غريب- خيرپور ميرس، خداوند بخش اختر بخشاپور، فضل
محمد رنجور، سيد محمد حسن شاهه الحائري- تلهار،
علي بخش عاجز باڊهه (لاڙڪاڻو)، عبدالله عبد-
ڪراچي، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، امير الدين همدم،
مير مقبول احمد مير، سلطان علي علي.
هي رسالو جيتوڻيڪ ٿورو وقت جاري رهيو مگر ان ٿوري وقت ۾ به ان
سنڌي غزل کي وڌائڻ ۽ مقبول بنائڻ ۾ چڱو ڪم ڪيو ۽
سنڌي غزل جي معيار کي فني توڙي معنوي لحاظ سان
بلند ڪيو. رسالي ۾ شايع ٿيل ڪجهه هم طرحي غزلن جو
انتخاب پيش ڪجي ٿو. جنهن جي مطالعي مان معلوم
ٿيندو ته ان زماني ۾ سنڌي غزل ڪهڙي منزل تي پهچي
چڪو هو.
مصرع طرح: ”قفس ۾ پاڻ وندرايان ٿو مان يادِ گلستان ۾“
انتخاب مشاعره
(1)
ميان علي محمد ’قادري‘:
خداوند گلِ مقصود کولج دل جي بستان ۾
ڦران ٿو بلبلِ شيدا جان حيرت جي بيابان ۾.
نه ٿيو حاصل سوا حسرت جي ٻيو ڪجهه عشق خوبان ۾
وئي سڀ عمر گذري آرزوئي وصل جانان ۾.
نواز علي ’نياز‘ جعفري:
هجان بلبل ته پوءِ اها دفن ٿيان ڪنهن باغ بستان ۾
اٿم آهو نگه سان دل هجي تربت بيابان ۾
پڇو بادِ صبا زنده رهين ٿو ڪيئن، چيو بلبل
قفس ۾ دل کي وندرايان ٿو يادِ گلستان ۾.
لعلچند ’مجروح‘:
سوا توکون عبث دلبر گذارڻ آ گلستان ۾
رهان خوش روبرو تنهنجي هجان توڙي مان زندان ۾.
ڪئي تسليم گل آهي پسي نازڪ بدن تنهنجو
سکي شيرين سخن تو کون آيو بلبل گلستان ۾.
ميان غلام سرور ’فقير‘:
شفق ناهي، دلِ سوزان جي آهِ شعله افشان کان
ڏسان ٿو چؤطرف آتش لڳل آ چرخ گردان ۾.
قادر بخش ’حقير‘ (بشير):
خدا ڄاڻي ڪڏهن موٽي مندون ميلاپ جون اينديون
وڃي ٿي گهر گهڙي منهنجي انهيءَ خيالِ پريشان ۾.
تجلو طور وارو آ سڄڻ جي روءِ روشن ۾
نه بجلي ۽ شمعدان ۾، نه اهڙو شمس تابان ۾.
جمع خان ’غريب‘:
وڌو ڀاڪر مون بوسي لئه اچي پيو، محب متوالو
ٽهڻ ۾، ڇوهه ۾، ڇڏ ڇڏ ۾، هان هان ۾.
غريبا هن غزل تي، بزم ۾ وهواه ٿي ويندي
ته ڇا جوهر سخن آهي، دل ناقص ۾، دهقان ۾.
سيد محمد تقي شاهه ’حنيفي‘:
نه وقتِ نزع ۾ ڀي آرزو ويندي گلِ تر جي
قفس ۾ دل کي وندرايان ٿو مان يادِ گلستان ۾.
رقيبِ روسيہ کي وصل جو گل آ ڏنو گلرخ
مگر عشاق کي فرقت جو پيو آ خار دامان ۾.
حافظ عبدالله وڳڻ ’حافظ‘:
خدا جي واسطي هي التجا صياد منهنجي مڃ
قفس جو کول در، اڏري ڪيان مان سير بستان ۾.
سردار گل محمد ’زيب‘:
جنهن کي روهه جي وحشت وڻي سي خوش رهن سڃ ۾
آهي بازار ۾ آهو کي غم راحت بيابان ۾.
هئي آ هاڪ تنهنجي حسن جي محبوب ملڪن ۾
ختن ۾، چين ۾، غزني ۾، ڪابل ۾ بدخشان ۾.
پير آقا محمد سليم سرهندي ’سليم‘:
طالب ۾ تنهنجي سرگردان آواره ڦرن هردم
صبا گلشن ۾، ساغر بزم ۾، سج چرخِ گردان ۾.
چون ٿا نقش پاڻي تي نه رهندو پر عجب آهي
سدا تصوير دلبر جي رهي ڪيئن چشم گريان ۾.
حافظ محمد ’احسن‘ ملڪاڻي:
سوا ديدار جي دارون مريضِ عشق جو ڪونهي
نه اڪبر ۾ نه قانون ۾، سديدي ۾ نه ميزان ۾.
علي حيدر ’حيدري‘ ملڪاڻي:
محبت يار جي ۾ حيدري کان ويو وطن وسري
ڦري ٿو مثل مجنون جي پيو صحرا بيابان ۾.
اديب سنڌ
سنڌ ۾ جن رسالن ۽ اخبارن سنڌي غزل جي اوسر ۾ اهم ڪم ڪيو آهي تن
۾ ”اديب سنڌ“ جو نالو سرِ فهرست آهي. اديب سنڌ هڪ
ادبي رسالو نه هو پر شاعريءَ جو مڪتب ۽ مدرسو هو.
جنهن جي معرفت ڪيترا سيکڙاٽ ۽ نو آموز شاعر شعر و
سخن جا مختلف سبق حاصل ڪري پڪا پختا شاعر ٿي ويا.
اديب سنڌ ٿورن نه پر سون نو آموز شاعرن کي عروض جا
درس ڏئي، ٻوليءَ جي خوبين ۽ خامين، لفظن ۽ محاورن
جي صحيح استعمال جي ڄاڻ، علم بديع ۽ معنوي خوبين
کان واقف ڪري، سندن خامين ۽ ڪچاين کي دور ڪري
ڇڏيو. جيتوڻيڪ هن رسالي ۾ عروضي شاعرن جون ٻيون
صنفون به شايع ٿينديون هيون، پر غزل کي سڀني صنفن
کان وڌيڪ اهميت حاصل هئي.
هي رسالو بزم مشاعره لاڙڪاڻو ، جنهن کي پوءِ سنڌي سڌار سوسائٽي
جو نالو ڏنو ويو هو، جي طرفان ميان علي محمد قادري
بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي ابي، جنهن جي وفات 1940ع ۾
ٿي هئي، جي ياد ۾ جاري ڪيو ويو هو، ان ڪري اديب
سنڌ جي سر ورق تي ”يادگار علامه حاجي ميان علي
محمد صاحب قادري مرحوم“ جا لفظ ٿلهن اکرن ۾ لکيل
هوندا هئا. ان جي هيٺان ”سنڌي سڌار سوسائٽي سنڌ
لاڙڪاڻو جو علمي، ادبي ماهوار مخزن “ لکيل هوندو
هو.
”اديب سنڌ“ جا ايڊيٽر جمع خان ’غريب‘، رئيس ضياءُ الدين ۽ غلام
احمد نظامي وقت بوقت رهيا، پر سچ هيءُ آهي ته ان
جو حقيقي ايڊيٽر حاجي محمود خادم هو. جيئن ته هو
گمنامي کي وڌيڪ پسند ڪندو هو، ان ڪري هن ڪڏهن به
پنهنجو نالو نه ڪيو ۽ ٻين جي نالي کي اهميت ۽
مستعدي ڏيندو رهيو.
”اديب سنڌ“ جي جاري ٿيڻ جون هيٺيون قطعہ تاريخون حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي لکيون هيون:
(1)
اديبِ سنڌ جاري ٿيو خدا جي مهرباني آ
اديبِ سنڌ جو ڪو مٽ نه آهي ۽ نه ثاني آ.
گلِ باغِ ادب اڄ سنڌ ۾ آهي ٽڙيو سهڻو
اديبن جو حبيبن لاءِ هي هڪ ارمغاني آ.
ڇا خوشبودار گل پيدا ٿيو فصلِ بهاران ۾
نه جنهن کي فضل رب سان خطره بادِ خزاني آ.
گلِ موسم نه آهي، هي باغِ ادب آهي
هميشہ رهندو هي گل ۽ گل ِ موسم ته فاني آ.
حڪيم سنڌ کي لکيو اديبِ سنڌ جي خادم
سنِ هجري لکيئين ”زيبا زهي هي ارمغاني آ“.
1360هه
(2)
ڏس ستارو اديب رخشان ٿيو
پاڪ در- عدن درخشان ٿيو.
آسمانِ ادب جو هي انجم
لاڙڪاڻي مان آهه تابان ٿيو.
سال ان جي طلوع جو اي حڪيم
”ارمغانيِ نڪته سنجان“ ٿيو.
1941ع
|