سانگي کي حافظ حامد جي هڪ غزل جون ٻه مصرعون پسند اچي ويون:
1- سڻي سرهو ٿيو سانگي، هي مصرع حاجي حامدجي
محبت وابين موران نه ڏونگهن کان ڏرڻ گهرجي.
2- اها حامد جي سانگي کي وڻي ٿي مصرعِ موزون
نماڻي نينهن جي کي نيٺ هن ٺنڀ ۾ ٺرڻ گهرجي.
انهن ٻنهي مصرعن تي سانگي علحده علحده غزل لکيا آهن. حافظ حامد جو غزل ۽
سانگي جو ان غزل تي چيل هڪ غزل ملاحظه ڪريو. ٻنهي
غزلن ۾ سهڻيءَ ۽ دريا جو ماحول پيش ڪيو ويو آهي.
حافظ حامد:
ڏسي مهراڻ مستي ۾ نه ويرن کان ورڻ گهرجي
ميهر محبوب لئه موجن ۾ منڌ تو کي مرڻ گهرجي.
ابت ۽ آر اوڀارو ڪپر ڪنڌين ڪري ڪڙڪا
اهو اوڙاهه آڌيءَ جو طلب وارن ترڻ گهرجي.
سيارو سير سائر جي سٽاڻي ڇا جهلي سڪ کي
نماڻي نينهن جي کي نيٺ هن ٺنڀ ۾ ٺرڻ گهرجي.
ڪري مر ڪانڌ تو ڪاوڙ سدا ساهڙ هجي سر تو
سندو ڏم ڏوم ڏوراپو نه ڪنهن پرڪن ڪرڻ گهرجي.
چريو ڪيو جنهن چوواڪي چت سدا سا سرڪ ساريان ٿي
رهي اوراڙ اوني کان نه تنهن کيران کرڻ گهرجي.
ڪيم جو قول ۾ قابو وڃڻ جو يار سان ويلي
انهين انجام تي آخر پريان سان پت ڀرڻ گهرجي.
ٻڏين تان ٻاجهه ڀانئج، جي رسين تان آهه سڀ رحمت
ڇڏي حيلا حبيبن ڏي ڀلا ڪا وک وجهڻ گهرجي.
رکڻ ناتو نهارڻ ننگ حامد ٿئي نه هيڪاندو
محبت وارين موران نه ڏونگهن کان ڏرڻ گهرجي.
(1)
سانگي:
محبت سان مٺي مهراڻ تارن جان ترڻ گهرجي
نه سهڻي تو ساهڙ ريءَ، پسي واهڙ ورڻ گهرجي.
پرت کي ڇا ڪندو پاڻي، وڃي پؤ پيش پرين جي
ڪري ڪين ڪيترا ڪڙڪا نه تنهن تي ڪن ڪرڻ گهرجي.
تري وڃ تار ميهر وٽ، سهي لهرن سندا لوڏا
ورڻ کان اي ولهي تو کي محبت ۾ مرڻ گهرجي.
متيون موجون ڏسي مهندان ورڻ جي ڪج نه ڪا وائي
ڇڏي سڀ خوف ۽ خطرا ڌڻيءَ تي دل ڌرڻ گهرجي.
جي ساڙي سوز ساهڙ جو سدا سالم رهين سهڻي
برهه جي باهه ۾ تو کي ته ٽانڊن جيئن ٻرڻ گهرجي.
چڙا جنهن هنڌ چونگارين ٿا، وڃ تت قرب مان ڪاهي
مٺي ميهار جي تو کي کٽن کان ڪيئن کرڻ گهرجي.
اها ’حامد‘ جي سانگيءَ کي وڻي ٿي مصرعِ موزون
نماڻي نينهن جي کي نيٺ هن ٺنڀ ۾ ٺرڻ گهرجي.
سانگي ’حيدري‘ جي به ڪيترن غزلن تي غزل چيا آهن، جن جو ذڪر هن پنهنجي غزلن ۾
ڪيو آهي:
1- ڏس ’حيدري‘ جي نظم کي ڇا آهي حلاوت
مٽ تنهنجي ته آءُ قند مڪرر نٿو ڄاڻان.
2- رنگين سي سخن تنهنجا ڏسي، حيدري تو کي
بي شائبه آءُ شاعرِ شروان نه چوان ڇو.
فضل محمد ’ماتم’ ۽ سندس همعصر
فضل محمد ’ماتم‘ سانگيءَ جي دؤر جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي،
جنهن جي ڪلام جي تعريف نه صرف سانگي، گدا، فدوي،
مرتضائي بلڪ هن دؤر جي ٻين شاعرن به ڪئي آهي. هن
جو هڪ غزل 3 مارچ 1882ع ۾ ”سنڌ سڌار“ ۾ شايع ٿيو
هو. جنهن جو هيٺيون شعر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ”اردو
شعراءِ سنڌ“ ۾ ڏنو آهي:
شعر منهنجو مون سندو اولاد آهه
ڇو نه آهيان آءُ اولادي ادا.
(1)
ماتم جو اهو غزل ان دؤر جي شاعرن ۾ مضمون ”ادا“ جي رديف ۽ شادي،
عادي ۽ وادي جي قافين چڱو رنگ لاتو. ساڳئي رديف ۽
قافين سان غزل ير غزل جو سلسلو نهايت مقبول ٿيو.
جنهن ۾ حيدرآباد، خيرپور ۽ ٺٽي جي نامور شاعرن غزل
چيا، جن شادي ۽ حيدرآبادي قافين ۾وڻندڙ لطف پيدا
ڪيو. ائين ٿو معلوم ٿئي ته ’ماتم‘ جي غزل تي
پهريان گدا غزل لکيو، پوءِ سانگي، ڪمال الدين
مست، مير امير علي خيرپوري، امام بخش شاهه
’فدوي‘، مرتضائي ۽ آخر ۾ مخلص قافيو بدلائي، پر
ساڳيو رديف قائم رکي، ان سلسلي کي دعوتِ غزل جو هڪ
مشاعرو بنائي ڇڏيو. مختلف شاعرن جي غزلن مان منتخب
شعر پيش آهن:
گدا:
دلبرن جي عين بيدادي ادا
شائقن جي واسطي شادي ادا.
ڇو ان مجنون کي عاقل چون
جنهن وسائي ورهه جي وادي ادا.
درد بيشڪ درد جو درمان آهه
در بدر ٿي ڪيم فريادي ادا.
آءُ آهيان بنت العنب جو آشنا
ڪا نه گهرجي مون کي ٻي شادي ادا.
مرغ دل در دامِ زلفِ يار ياد
ٿي نه حاصل ان کي آزادي ادا.
تيغ ابرو جي اشاري سان ڪهي
ڏس سندم دلبر جي جلادي ادا.
آهه ’ماتم‘ منهنجو مونس باليقن
هر دو آهيون حيدرآبادي ادا.
واه وا ان جو غزل هو بي بدل
هن زمين جي ان ڪي آبادي ادا.
مون ’گدا‘ بيڪس جو آهي دستگير
غوث اعظم شاهه بغدادي ادا.
سانگي:
آئي دلبر جي ٿيم شادي ادا
منهنجي اڄ ٿي خانه آبادي ادا.
دخترِ رز جي نه بازاري هجي
مان قبوليان ان جي دامادي ادا.
وامق و فرهاد ۽ مجنون کانپوءِ
مون وسائي ورهه جي وادي ادا.
وهه گدا کي ياد آهي سا طريق
جيڪا آهي طرز استادي اد.
واهه ’ماتم‘ بي گمان شيرين سخن
شاعري خوش حيدرآبادي ادا.
دخترِ رز سان ڪيو ماتم نڪاح
جلد ٿيندو هو به اولادي ادا.
لطف سان صياد جي اندر قفس
وسري وئي بلبل کي آزادي ادا.
مرتضيٰ موليٰ علي مشڪل ڪشا
منهنجو ٿيو هر حال ۾ هادي ادا.
سانگي ڏسندي ابروئي خمدار يار
سر تي گذري تيغ فولادي ادا.
مير امير علي ’امير‘ خيرپوري:
بندِ عشقش آهه آزادي ادا
سڪ سڄڻ جي عين آبادي ادا.
دخترِ رز سان ٿيو جنهن جو نڪاح
ان جي گهر ۾ آهي نت شادي ادا.
پر اها بنت العنت ناهي عروس
هي گهڻن مردن جي آ مادي ادا.
مرغ ٍ دل چون ديد دانه زيرِ زلف
قيد ٿيو منجهه دام صيادي ادا.
واسطي شربِ لبِ شيرين دهن
رک سدائين خيال فرهادي ادا.
مست ۽ ماتم گدا عبدالحسين
هي ته آهن شعر جا عادي ادا.
آءُ آهيان ساڪن اتر جي ملڪ جو
هي آهن سڀ حيدرآبادي ادا.
شعر گوئي ۾ آهن. ڪامل عيار
ان جو شيوو آهي استادي ادا.
آهيان آءُ ’امير‘ علي جو مدح خوان
مون کي گهرجي ان جي امدادي ادا.
امام بخش شاهه ’فدوي‘
در جهان مطلوب آهي خانه آبادي ادا
دور دنيا ۾ ته دولت آهي دل شادي ادا.
شادناما شڪر شاديون سال هر جا هوڻ هون
جانبن جيڻ سين سب تازه دامادي ادا.
برهه ڪيا بيد مثل بلبل گلِ رخسار جا
لڪد ماري لاله ٿيا ڏئي داغ بغداد ادا.
ڪد خدائي لاءِ هرڪو هٿ هڻي حيلا ڪري
جهه سبب آدم ٿئي سو ور ته اولادي ادا.
عنب جي آ مور دانه دل ديوانه هر طرح
هو شور ڪيا منجهه عقد وادي ادا.
غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي‘:
غم جي محرم مات ڪي شادي ادا
آهي هي شطرنج جي استادي ادا.
عشق جي سلطان جو خاصو وزير
شوق جنهن کي آهه بربادي ادا.
بي خبر جنهن جي تجلي حسن جي
طؤر جيئن ساڙي سندم وادي ادا.
ٻڌ ڪمر هن درد جي دجله ۾ گهڙ
ڪان پڇ ڪا جسر بغدادي ادا.
مرتضائي با توڪل صبر ڪر
دربدر سو ناهي فريادي ادا.(1)
محمد هاشم ’مخلص‘:
جلوه گر جڏ چشم ۾ او بي نشان ٿيندو ادا
هر مڪان منهنجي نظر ۾ لامڪان ٿيندو ادا.
آهيان او گريان جو بعد از مرگ تربت تي سندم
ابر رحمت جو مڪر سائبان ٿيندو ادا.
هيٺ ٿيندو آسمان، ٿيندي زمين سر کان مٿي
منهنجي دانهن کان تهه وبالا جهان ٿيندو ادا.
شور ٿيندو شش جهت ۾ منهنجي دانهن جي سبب
جي نظر اکن هڪڙو دم دلبر نهان ٿيندو ادا.
غلام محمد شاهه ’گدا‘ ۽ سندس همعصر:
غلام محمد شاهه ’گدا‘ پنهنجي وقت جو استاد الشعراء هو، جنهن جي
تعريف ان دؤر جي گهڻو ڪري سمورن شاعرن گهڻي ڪئي
آهي. مير عبدالحسين سانگي سان هن جا گهرا تعلقات
هئا. سانگي کيس پنهنجو استاد ڪري سمجهندو هو. سنڌ
جي ٻين شاعرن سان به گدا جا گهرا ناتا هئا. گدا
شاهه نه فقط سانگي جي دعوتِ عزل قبول ڪري سندس
غزلن تي غزل لکيا آهن. پر هن ڪيترن ٻين شاعرن
جهڙوڪ مرتضائي، قليچ، حامد، مخلص، حيدري ۽ هڪڙي
ٻئي غزل ۾ گدا، سانگي کي هيئن گذارش ڪري ٿو:
هي غزل بي بدل گدا جو پڙهي
مير صاحب تون قدرداني ڪر.
سانگي، گدا جي گذارش تي سندس ڪهڙي قدرداني ڪئي، تنهن لاءِ ڪجهه
چئي نٿو سگهجي. باقي سندس غزل جي جواب ۾ غزل جي
ضرور عنايت ڪئي اٿس، جنهن جو مطلع آهي:
يا خدا مون تي مهرباني ڪر
مهربان مون تي منهنجو جاني ڪر.
’ماتم‘ جي غزلن تي غزل چيا آهن ۽ هنن کي پڻ پنهنجي غزلن تي غزل
چوڻ جي دعوت ڏني آهي، جا هنن خوشيءَ سان قبول ڪئي
آهي. هن جي غزلن تي غزل چئي استاد شاعر جي مقابلي
۾ طبع جا جوهر ڏيکاريا آهن.
گدا، سانگي جي دعوتِ غزل جي جواب ۾ سندس ڪيترن غزلن تي طبع
آزمائي ڪئي آهي. ٻنهي جي ديوانن جي مطالعي مان
ٻنهي جا تمام گهڻا غزل ساڳين طرحن تي چيل ملن ٿا.
ڪيترن غزلن ۾ٻنهي هڪ ٻئي جي دعوتِ غزل جو ذڪر ڪيو
آهي. گدا پنهنجي غزلن ۾ ان جو اقرار هيئن ٿو ڪري:
1- شاهه جو ٿيو حڪم گدا کي جڏهن
تڏهن هي غزل چيائين ضرور، اي صنم
2- واهه وا، حضرتِ سانگي جي غزل جو هي جواب
مون کي هوشيار ڪيو ڪنهن ڪيو دلدار ڪيو.
3- مير صاحب جي چوڻ تي هي غزل مون جوڙيو
هن غزل جو ته صلو سيگهه مان امداد ڪجي.
4- هي غزل حضرتِ سانگي جو تتبع مون چيو
جنهن جي سر تاج هجي لطف سدا سبحاني.
ڪيترن غزلن ۾ گدا، سانگي جي غزلن تي غزل لکي سندس غزلن جي
دلپسند مصرعن جو ذڪر ڪيو آهي:
1- آهه سانگي جي خوب هي مصرع
منهنجي مولا جي هٿ خدائي ٿي.
2- عجب هي حضرتِ سانگي جي مصرعِ دلچسپ
هي خوف آهه متان شعر شعله بار اچي.
3- اي ’گدا‘ سچ چيو حضرتِ سانگي
دشمني جي مون دل کان پاڙ پٽي.
4- واه وا، سچ چيو حضرت سانگي
ديس آهي اسان جو حسن آباد.
5- عجب جي حضرتِ سانگي جي مصرع دلفريب آهي
اسان سان پيار پيريءَ ۾ آهن شوخن شهانا ڪيا.
6- عجب هي مصرعِ موزون، گدا کي ٿي وڻي بيشڪ
سچي سانگي ڪجي گفتار پنهنجن ۽ پراون ۾.
گدا پنهنجن ڪن غزلن ۾ سانگيءَ کي پڻ دعوتِ غزل ڏني آهي، هڪ غزل
۾ کيس چوي ٿو:
هن غزل جو جواب ’مخلصِ من‘
دير ڪر ڪين، ڏي سگهو جهٽ.
مخلصِ من يعني حضرت سانگي جهٽ جواب ڏئي ٿو. ٻنهي غزلن جا ڪجهه
شعر پيش آهن، ٻنهي شاعرن ٺيٺ سنڌي قافين ۾ نهايت
جان پيدا ڪري ڪيترا شوخ مضمون ادا ڪيا آهن:
ساقيا پيار مون کي مي جو مٽ
محتسب ٿو اچي، ڪري وٺ جهٽ.
اڄ اڱڻ منهنجي، منهنجو يار آيو.
گهر ۾ اغيار جي پيو ڪوڪٽ.
آهه پر سوز، آه سا منهنجي
آهه صر صر کان وڌ، منجهس سوسٽ.
”ماءِ ڊيئر“ آهه ” فس ڪلاس“ اهو
دلريائي جو جنهن کي ياد گزٽ.
عشقبازن جو شاهه آءُ آهيان
عشقبازي جو منهنجي سر تي ڇٽ.
مون کي آهي يقين، ايندو يار
سچ سمجهان ٿو، جي هڻي ڪوزٽ.
هن غزل جو جواب، ’مخلصِ من‘
دير ڪر ڪين، ڏي سگهو جهٽ.
خارجي، جو ڪري گدا جي گلا
شاهه مردان، وجهيس سر تي وٽ.
(1)
سانگي:
عشقبازيءَ جو، سو کڻي سر چٽ
جنهن جو مستيءَ ۾ ٿيو مٿو هئي مٽ.
ڏي گدا جي غزل جو جلد جواب
واهه طبعِ رسا ڪري ڪو جهٽ
ڪارو ڪاڪل ٿو پيچ سي پائي
ياد واسينگ کي جو ناهي وٽ.
موت ماري نه ماري جهٽ پٽ ۾
سور ساڙي ته ساڙي ماري اڦٽ.
آءُ رقيبن جي لاءِ تيئن آهيان
جيئن منشين جي لاءِ هو ”لانبٽ“
جي ڪريان واهه، نڪري آهه اچي
قلب ۾ منهنجي ڪو ٻيو ڪو ڪٽ.
هاڻ سنگتين کي چئو ته سمجهائن
سانگي پنهنجو کي چئو ته موڙهو بٽ.
(1)
غلام محمد شاهه ’گدا‘ جا تعلقات ٺٽي جي شاعرن سان دوستانه هئا.
هو ٺٽي ۾ اڪثر وڃي رهندو هو ۽ ساڻن علمي ۽ ادبي
صحبتون ڪندو هو. کين پنهنجي غزلن تي دعوتِ غزل
ڏيندو هو ۽ سندن غزلن تي غزل چوندو هو. پنهنجي هن
غزل ۾ هن غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي‘ کي دعوتِ غزل
ڏني آهي. مرتضائي سندس غزل تي جوابي غزل موڪلي داد
جي طلب ڪئي آهي:
گدا:
اڄ ڏٺم ساقي پري صهبا جو ساغر صبح گاهه!
غنچئه دل رنگ گل جي ٿي شگفته، واهه! واهه!
آتشين خو شعله رو ڪيو مون سان واعدو وصل جو
ويو جلي کامي سڙي رهزن رقيب اڄ روسياهه.
چشم ميگون يار جي ڪيو مست آهو دشت ۾
ڪبڪ کي ڪيو ڪوهه ۾ سهڻي تبحر سان تباهه.
زلف کي مشڪِ خطا جي آءُ چوان مون ڪئي خطا
يار جي رخسار کي جي گل چوان آهي گناهه
جئن وهي برسات ۾، بارن جي نئن با زور شور
منهنجي نيڻن جا وهن تئن نار هر شام و پگاهه.
زاهدا وسري وڃي تو کان هي سڀ لاف و گزاف
حسن جي سرڪار جي هيڪر ڏسين جي رسم وراهه.
مرتضائي هن غزل جو مون کي ڏيندو در جواب
منهنجو مشفق آهه سو سيد فصاحت دستگاهه.
(1)
حسن جي اقليم ۾ هڪ هوت منهنجو بادشاهه
باج سڀ ان کي ڀريندڙ توڙي والا دستگاهه.
مرتضائي- جواب غزل
ناز جي اورنگ تي جنهن دم رکي جاتي جلوس
هفت ڪشور کي لٽائي آڻي عالم کي تباهه.
چشم جون بندوقون ڌاري تاب جون توبون رکي
برهه جي باروت کي ڏي شوق شعله ساڻ باهه.
خال هڪ هندو حبش مان چين کي آندو مطيع
لعل لب ان جو بدخشان تي رکي تو ڪج ڪلاهه.
دانئه دندان سان تسخير عمان و عدن
سرنگون ايران، عرب آيو سندس هڪڙي نگاهه.
گل چوڻ ان کي غلط بلبل چوڻ مون کي عبث
گل کان نازڪ بار بلبل چون وڌ منهنجو ساهه.
مرتضائي سان سچائي اي ’گدا‘ گهرجي رکڻ
هي غزل منهنجو ڏسي چؤ آفرين ۽ واهه واهه
(2)
حافظ حامد جي هيٺين غزل خاص طرح هي مصرع ”نينهن آهي ته نانگ
وارو ٻر “، گدا کي ڏاڍي وڻي ٿي، جنهن ڪري هو حامد
جي مصرع تي غزل لکي ٿو:
حافظ حامد:
ناهه ساجن سهڻن جي طاقت تر
ڪر ڀلايون ڀلا تون مون ڏي ڀر.
دل ڳنڍي دوستي رکي دلبر
آهه فاني جهان پوءِ م ڦر.
ٻيا ته گهوريا جي ڪين گهوريندا
مون سڄڻ تو مٿان ته گهوريو سر.
مون ئي تو کي چيو چڱائيءَ لاءِ
ڌارين ساڻ دل نه هڏهين هر.
هيٺ ڦٺ هڙ رقيب رول رليا
واٽ ويندن تي تون نه گڏيا گر.
هٿ وڌي آهه جان جو جوکو
نينہ آهي ته نانگ وارو ٻر.
گڏ گوڏي سان يار جي وهندس
اٿ اغيار سوڙهه ڇڏ تون سر.
حامدا رهه حق جي وٺ روشن
ڪين ڪوڙن سان پئي ڪواٽو ڪر.
(1)
گدا:
مون کان سهڻا پري نه ساعت سِر
تنهنجي قدمن تي مون ته گهوريو سِر.
الڪريم آهه قولِ پيغمبر
ٻول جيڪو ڪيئه، نه تنهن کان ڦر.
تنهنجي اکڙين کي مون چيو اَهو
ڇو تون مون کان ٿئين ٿو بِر.
قول پنهنجو ڪرين جي تون مون سان
ڪين ڪر تنهن ۾ ڪو تفاوت تر.
منهنجو رهزن رقيب، منهنجي لاءِ
آهه شيطان کان وڌيڪ، سو شِير.
حسن جو چار ڏينهن ڏس چٽڪو
ڇڏ تون ميڙو متو، هميشه نه هر.
واهه حامد جي آهه هي مصرع
نينهن آهي ته نانگ وارو ٻر.
شير يزدان جو آءُ، ’گدا‘ آهيان
سگ صفت ڪر نه اي رقيب تون گر.
(1)
غلام محمد شاهه ’گدا‘ مٿي بيان ڪيل غزلن کان کانسواءِ پنهنجن
ڪيترن غزلن ۾ دعوتِ غزل ڏئي ٻين شاعرن کان غزل
لکرايا آهن. هو پنهنجن غزلن ۾ کين هن انداز سان
دعوت ٿو ڏئي:
1- هڪڙو مخلص ۽ ٻيو مجتبائي شاهه
اي گدا منهنجا دوستدار ٻئي.
2- مخلصا ڏي ’گدا‘ جو جلدي جواب
بي بدل منهنجو هي غزل آهي.
’گدا‘ ٻين شاعرن جي غزلن يا مصرعن تي جي غزل چيا آهن، تن مان ڪن
جو ذڪر هن صاف لفظن ۾ پنهنجي غزلن ۾ ڪيو آهي:
1- ’ماتم‘ ادا ’گدا‘ کانسواءِ ڪنهن جي ڇا مجال
هن شعر جي جواب جو ميدان سر ڪري.
2- گدا جو هي غزل لا جواب آهي اگر
قبول خاطرِ ’ماتم‘ اهو جواب ٿئي،
3- هي جواب حضرتِ مرزا قليچ
رمز ڳولچ تحتہ الانهار ۾.
4- ميان صاحبڏني شاهه جي هي آهي مصرعِ موزون
ڏنم سر ساهه سڀ سٽ ۾، ڪيم سودو سچائي جو.
5- حاجي حامد جي هي مصرع آهي الحق ۽ عجيب
عين حق ڄاڻان ٿو صورتِ زيبا کي آءُ.
6- گدا دلچسپ هي مصرع فصاحت م آب حامد جي
ڇڏي حيلا حبيبن سان ڀلا ڪا وک ڀرڻ گهرجي.
7- مجتبائي جي خوب هي مصرع
شڪر حق هر زمان ڪريان نه ڪريان.
حافظ حامد ٽکڙائي ۽ سندس همعصر شاعر
حافظ حامد پنهنجي وقت جو صاحبِ طرز شاعر هو. ان دؤر جا سڀ شاعر
سندس بزرگي ڪري سندس عزت ۽ احترام ڪندا هئا. وقت
بوقت سانگي، گدا ۽ سندس ٻيا همعصر شاعر هن سان
غزلن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. ڪڏهن سانگي، ڪڏهن گدا ۽
ڪڏهن ٻيا شاعر کيس دعوتِ غزل ڏيندا هئا، جا هو
خوشيءَ سان قبول ڪري کين جوابي غزل موڪليندو هو.
ڪڏهن پاڻ به پنهجا غزل موڪلي کين دعوتِ غزل
موڪليندو هو، جنهن تي هو جوابي شعر لکي ڏانهس
موڪليندا هئا. سانگي، گدا ۽ ٻين شاعرن سندس غزلن
جون ڪيتريون مصرعون پسند ڪري انهن تي غزل لکيا، هن
به ڪيترن شاعرن جي غزلن جي مصرعن تي غزل لکيا آهن.
اهڙي طرح هن پنهنجي طبع جا جوهر نروار ڪيا آهن.
سندس ڪلام جي مطالعي مان اها ڳالهه معلوم ٿئي ٿي
ته هن پنهنجي جوابي غزل يا غزل بر غزل ۾ به صاف
ٻولي ۽ پنهنجو سنڌي رنگ گهڻي حد تائين قائم رکيو
آهي.
پنهنجي هڪڙي عزل ۾ ميان وڏل حيدري معرفت سانگي کي دعوتِ غزل ڏي
ٿو، جنهن جي جواب ۾ سانگي ڏانهس غزل ڏياري موڪلي
ٿو:
حافظ حامد:
عجب رمز هڪ عشق واري عزيزو
طالب جنهن ۾ ٻي ڪا نه تاري عزيزو.
نه ڪو مرتبو مٽ ٿئي سان محبت
سندي نينہ نت سرس ساري عزيزو.
ڪبو ساڻ ڪنهن جي سخن سوز وارو
ٿيو عالم ڪنان عشق عاري عزيزو.
ڪيا تيغ مرﱞگان سان سو صيد سهڻي
اڃا پڻ اٿس ڪا تياري عزيزو.
ڏيئي وصل جو دوست وعدو نه وريو
اٿم عهد جي انتظاري عزيزو.
رهن ڪئن نه پابند عاشق نماڻا
منڊي زلف جي يار ڳاري عزيزو
اسان حيدري سان رکي آشنائي
ڀلي جي ڏسي ڀر ڀلاري عزيزو.
سڻائيندو سانگي کي منهنجو سخن هي
اٿن پاڻ ۾ پرت پياري عزيزو.
رکي مير منظور منهنجي غزل کي
ڪندو رسم رافت جي جاري عزيزو.
ڪرين اعليٰ حضرت جو حامد هوس تون
سوا شان ٿي شرمساري عزيزو.
(1)
سانگي- جوابِ غزل:
اسان عقل کان آهيون عاري عزيزو
اسان کي پرت آهي پياري عزيزو.
زياده آهي قيمتي ڪيميا کان
اسان جي اها خاڪساري عزيزو.
سدا عشقبازن کي در عشق بازي
قرار آهي ٿيو بيقراري عزيزو.
پرين پنهنجي پنبڻين جا دل ۾ اسان کي
سي ڪڙڪي لڳا ڪان ڪاري عزيزو.
اتي ڀي ته خاڪي هئي خود نمائي
جتي سڀ ها نوري ۽ ناري عزيزو.
زماني جا نيرنگ ڏاڍا ڏٺاسون
ڏسو ائين اوهان جي ٿي ساري عزيزو.
اوهان ۾ هينئر ڪين ڀيچي ڀڄون ٿا
ڪڏهن راند جا هئاسون هاري عزيزو.
تون عبدالحسين چئو ته الحمد الله
پرين سان اسان پرت پاري عزيزو.
حامد ۽ سانگي جا غزل ڏسي گدا کان به رهيو نه ٿيو. ٻنهي جي غزلن
تي جوابي غزل لکيائين:
گدا:
گناهن ۾ وئي عمر ساري عزيزو
نه مون جهڙو ڪو ٻيو ڏهاري عزيزو.
جڏهان ڪر ڇني يار ياري عزيزو
تڏهان ڪر اٿم بيقراري عزيزو.
اچي شال مون وٽ اهو منهنجو مونس
اٿم جنهن جي اڄ انتظاري عزيزو.
ٺرن منهنجون اکڙيون ٽپا ڇو نه دل ڏي
سڻان ڳالهه جي وصل واري عزيزو.
نهوڙي نيو نينهن ننڍپڻ ۾ مون کي
سٺم سر تي هي بار باري عزيزو.
دل و دين ايمان کان مان سچ چوان ٿو
پرين جي پرت مون کي پياري عزيزو.
ڏئي وعده سو شاهه خوبان
’گدا‘ جي ڪري غمگساري عزيزو.
(1)
حافظ حامد، سانگي ۽ گدا جي ڪن غزلن تي غزل چيا آهن، پنهنجي هڪ
غزل ۾ سانگي، حامد ۽ گدا کي دعوتِ غزل ڏئي ٿو،
جنهن جي جواب ۾ پهريان گدا جوابي غزل لکي ٿو، جنهن
کان پوءِ حامد به جوابي غزل لکي ٿو، جنهن ۾ گدا جي
هڪڙي مصرع ”لافون هڻن ٿا نشي ۾ شهري ڪٿي ڪٿي“ جي
تعريف ڪري ٿو:
سانگي- دعوتِ غزل:
پر پيچ نانگ پون ٿا پهري، ڪٿي ڪٿي
سي زلف زور آور زهري، ڪٿي ڪٿي.
رخسار تي چپن تي، ڀرن تي جبين تي
ٿا پيچ پائن ڪاڪل قهري ڪٿي ڪٿي.
ايروئي وسمه دار تي، خط تي ۽ خال تي
دلڙي اسان جي آخر ٺهري ڪٿي ڪٿي.
مومل ڏسڻ پٽن ڏي، لوڊاڻي ڏي ڪاڪ ڏي
ڪاهي ويو ٿي مينڌرو مهري ڪٿي ڪٿي.
حامد ڏسي، گدا ڏسي ۽ حيدري ڏسي
پر ان تي منهنجي طبع جي بحري ڪٿي ڪٿي.
ان دلربا جي جان ۾، دل ۾، خيال ۾
سانگي اثر ويو آهه جو پهري ڪٿي ڪٿي
(1)
گدا- جوابِ غزل:
سي مار وار زلف جا زهري ڪٿي ڪٿي
پلپل پون ٿا پلٽي ۽ پهري ڪٿي ڪٿي.
عاشق جي سر تي سينه تي دل تي ۽ ساهه تي
ور ور ڏيو ور وجهن ٿا سي قهري ڪٿي ڪٿي.
گلشن ۾، بر ۾، بحر ۾ دلدار جي سوا
دلگير دل اسان جي نه ٺهري ڪٿي ڪٿي.
جنهن کي ڏسي ٿي، تنهن کي چوي ٿي ته هي اهو
منهنجي ته دل ادا ٿي اُ ٻهري ڪٿي ڪٿي.
ورق الخيال جا سي ڪريو جام، جام نوش
لافون هڻن نشي ۾ ٿا شهري ڪٿي ڪٿي.
مصرع عجيب حضرتِ ’سانگي‘ پڙهي ’گدا‘
پر ان تي منهنجي طبع جي بحري ڪٿي ڪٿي
(1).
حافظ حامد- جوابِ غزل:
واسينگ زلف وارا زهري ڪٿي ڪٿي
وسيهر وجهن ٿا وات سي پهري ڪٿي ڪٿي.
جوڳي جي جهاڙ جو ۽ متر جو جب نه مپ
ڪاڪل سيہ جر ڪارو قهري ڪٿي ڪٿي.
اقبال چاهه تي ۽ دولت تي، سپاهه تي
پر دل سواءِ حسن نه ٺهري ڪٿي ڪٿي.
نيئي رات ۾ به آئي ڪر هو جو ڪاڪ کان
سو مينڌري جو مشفق مهري ڪٿي ڪٿي.
اعليٰ امير اعظم عبدالحسين خان
اهڙو ته عز اوج سپهري ڪٿي ڪٿي.
حامد، ’گدا‘ چئي ته هي مصرعِ عجب
لافون هڻڻ نشي ۾ ٿا شهري ڪٿي ڪٿي.
ٽنهي شاعرن پنهنجن غزلن جي شروعاتي شعرن ۾ زلفن کي نانگ سان
تشبيهه ڏئي انهن شرارتن جو ذڪر ڪيو آهي جي اهي
محبوب جي جوڀن سان ڪن ٿا. ٽنهي شاعرن طائرِ خيال
کي بلندي تي پهچائي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي.
پنهنجي هڪ غزل ۾ حامد، گدا کي دعوتِ غزل ڏيندي چوي ٿو:
ڇو نه هن نظم تان نثار ڪري
گوهرِ آفرين گدا سڄڻان.
حامدا هي غزل ڏسي پوندو
وجد ۾ يار خود نما سڄڻان.
حافظ حامد، گدا ۽ مرتضائي جي غزلن جا جواب لکيا آهن جن کي بيان
ڪندي چوي ٿو:
1- گدا جيئن ڪر سندي گلرخ مدح حامد تون موچاري
ڪه بر نظمِ تو افشاند ملڪ عقدِ ثريا را.
2- مثالِ مرتضائي در جواب شعر او حامد.
ز باغِ طبع هر دم گل دميدن آرزو دارم.
محمد هاشم مخلص ۽ سندس همعصر شاعر
محمد هاشم ’مخلص‘ حافظ حامد ٽکڙائي جو فرزند ۽ غلام محمد شاهه
گدا جو پيارو شاگرد هو. هن کي پيءُ کان زياده
استاد کان شاعريءَ جو فيض حاصل ٿيو. تنهن ڪري هن
وقت بوقت پنهنجي استاد جي تعريف نهايت ادب ۽ اخلاص
سان ڪئي آهي:
|