سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :4

 

 ڀاڱو ٽيو

 

پارسي شاعريءَ جو سنڌي غزل

تي اثر

 

عنوان

*

1- پارسي  شاعرن سان عقيدت

2- پارسي غزلن تي تضمين

3- غزل جي زبان تي اثر

4- زير اضافت

5- پارسي محاورا

6- پارسي جون چوڻيون ۽ زبان زد مصرعون

7- غزل جي زبان

8- پارسي شاعري وارا خيال

9- غزلن جا ترجما

10- ايراني ماحول

11- باغ و بهار

12- خزان

13- گل ۽ بلبل

14- شمع ۽ پروانو

15- مي و ميخانہ

16- پيرِ مغان

17- محتسب، زاهد ۽ شيخ

18- ناصح

19- ايراني شخصيتون

20- شهنشاهه

21- بهزاد ۽ ماني

22- عشقي داستانن واريون شخصيتون

23- شيرين فرهاد

24- وامق عذرا

25- يوسف زليخا

26- ليليٰ مجنون

27-  محمود اياز

28- عشقيه شاعري

29- محبوب جو تصور

30- صنم

31- بت

32- ترڪ

33- ترسا

34- حسن ۽ عشق

35- حسن جي مدح سرائي

36- قد

37- زلف

38- رخ

39- خالِ رخ

40- دِهن و لبِ دوست

41- لولوءِ دندان

42- چشم ميگون

43- مرﱞگان و

44- چاههِ زنخدان

45- سراپا

46- عشق

47- دشنامِ دلبر

48- رقيب

49- ڪوچہء يار

50- تربتِ عاشق

51- سوال و جواب

 

پارسي شاعريءَ جو سنڌ غزل تي اثر

سنڌ ۾ پارسي شاعري جي تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ ٿي اچي ته سمن جي دؤر کان وٺي انگريزن جي شروعاتي دور تائين بلڪ موجوده دور ۾ به ڪنهن حد تائين علم واري طبقي جا پارسي ادب سان گهرا ۽ گهاٽا ناتا رهيا آهن. پارسي شاعري جي نغمن جو پڙاڏو سنڌ ۾ هڪ طرف گونجندو رهيو آهي. سعدي جي گلستان کان وٺي  نظامي جي شيرين خسرو ۽ جامي جي يوسف زليخا، حافظ شيرازي جي غزلن، عمر خيام جي رباعين، خاقاني  ۽ قا آني جي قصيدن جو ورد نه صرف مدرسن ۽ مڪتبن جي طالبن ۽ معلمن جو مشغلو رهيو آهي، بلڪ عالمن جي درسگاهن، صوفين جي خانقاهن ۽ اميرن جي محفلن ۽ شاعرن جي بياضن جو سينگار پڻ رهيو آهي.

 

پارسي شاعري جي تاريخ جي مطالعي مان اِهو به معلوم ٿو ٿئي ته ان کان اڳ جو سنڌي غزل جي چوڻ جو سلسلو شروع ٿيو، سنڌ جا شاعر پنهنجي عشق ۽ محبت جي جذبن کي پارسي غزل ۾ بيان ڪندا هئا. سنڌ جي انهن شاعرن، جن پارسي شاعري جي شمع روشن ڪئي، انهن مان ڪن پارسيءَ  سان گڏ سنڌيءَ ۾ به پنهنجي دل جي اُمنگن جو اظهار ڪيو آهي. سچل سرمست (سنڌي غزل  جي ابي جو ڪلام) سنڌيءَ کان زياده پارسي ۾ آهي. گل، قاسم ۽ فاضل سنڌ جا پهريان صاحبِ ديوان غزل گو شاعر آهن. پر ساڳي وقت هن پارسي ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. گدا، سانگي، فدوي، مرتضائي، قليچ، بلبل، فتح محمد سيوهاڻي. قادري تائين گهڻو ڪري سڀني شآعرن ٿوري گهرڻي پارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. خاص طرح ان زبان ۾ غزل چئي پارسي  غزل جي يوسف جي چاهيندڙن ۾ پنهنجو نالو لکرايو آهي. انگريزن جي شروعاتي دور ۾ به پارسي ۾ شعر چوندڙن کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ان ۾ شڪ ڪونهي ته سنڌ جي شاعرن جي دل ۽ دماغ تي پارسي شاعريءَ جو گهرو اثر هو، جنهن جو جلوو مختلف صورتن ۾ سندن شاعريءَ ۾ طهور پذير پئي ٿيو يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته انهن سنڌي غزل جي ڪنوار کي ايراني شاعريءَ جي نه فقط مِسي ۽ ساڳ، لالي ۽ حنا، ڪجل ۽ غازه سان پئي مکيو ۽ چکيو، بلڪه جمله پارسي شاعريءَ جي زيورن سان پئي سينگاريو جو وقتن تي سندس اصلوڪي سنڌي شاعري واري سونهن ۽ سوڀيا لڪي ٿي وئي ۽ پارسي شاعريءَ وارو سينگار وڌيڪ ٿي ٻهڪيو.

 

پارسي شاعرن جي عقيدت:

سنڌ جي غزل گو شاعرن تي ايران ۽ هندتان جي ڪنهن خاص هڪ ٻن شاعرن نه پر تمام گهڻن شاعرن جو اثر آهي. سنڌ جا غزل گو شاعر پنهنجي ڪلام ۾ وقت بوقت پنهنجي پسنديده شاعرن جو ذڪر ڪندا ۽ انهن جي خدمت ۾ خراج عقيدت پيش  ڪندا ۽ عقيدت جا گل گهوريندا رهيا آهن ۽ انهن کان فيض حاصل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو اٿن. سنڌ جي ڪن غزل گو شاعرن، جن کي پنهنجي ڪلام تي ناز آهي، تن نه صرف ايران جي چوٽيءَ جي غزل  گو شاعرن سان همسريءَ جي دعواڪئي آهي، بلڪه انهن کان غزل جي ميدان ۾ اڳتي وک وڌائڻ جي دعوا پڻ ڪئي آهي.

 

سنڌ جا غزل گو شاعر ايران جي شاعرن مان نظامي، جامي، فردوسي، سعدي، رومي ۽ خاص طرح حافظ کان وڌيڪ متاثر آهن ۽ هندستان جي پارسي گو شاعرن مان خسرو، فيضي ۽ بيدل جا مدح خوان آهن.

 

امام بخش فوديءَ مير عبدالحسين سانگي جي قصيدي جي جواب ۾ جيڪو مير عدالحسين هن ڏانهن خاص طرح موڪليو هو، مربع جي انداز ۾ قصيدو لکيو آهي، جنهن ۾ هو ايران ۽ سنڌ جي جن شاعرن کان فيض ور ٿيو آهي، تن جي مدح سرائي ڪندي چوي ٿو ته:

نظم جوڙ ناظم ڏٺم صف به صف

بنائي ڀلارن بزم چوطرف

سخن جي سخا ۾ ٿيا ابرڪف

جني در ٿيو سائل رهان فدوي.

هن قصيدي ۾ هُن ايران جي هيٺين شاعرن شيخ سعدي، شرف بخاري،  عطار، ڪاشي، ملا محتشم، طالب (آملي)، نظامي، انتظامي، جامي، حافظ، هلالي، وصالي، جلالي، حڪيم سنائي، نعمت خان عالي، مرزان جلال اسير، مقبل اصفهاني ۽ ڪجهه سنڌ جي پارسي شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. سعدي لاءِ چوي ٿو:

نصيحت سعدي جي ٿي سودمند

تهين واعظ جي واعظن ٿيس پائبند

چئي کان چڱي جي ڪڍيم ڪين ڪنڌ

آئون بلبل سندس گلستان فدوي.

۽ عطار لاءِ چوي ٿو:

مليم  بوئي خوش عطر عطار کان

رسيم فيض ڪاشي جي اشعار کان

ٿيم تازه طالب جي گفتار کان

مٿي شعر تن جي ٿيان فدوي.

قصيدي جي پڄاڻي تي کانئن حاصل ٿيل فيض جو اعتراف هيٺين لفظن ۾ ٿو ڪري:

مون هنن شاعرن جو ڪيو صحبت سلام

مطالع ڪيو يعني تن جو ڪلام

وٺان ڪي ۽ ورتم ازان فيض عام

نثار تن جي نظمن مٿان فدوي (1).

حڪيم  فتح محمد سيوهاڻي مسلمانن جي وڃايل وقار جو ماتم ڪندي سعدي، حافظ، نظامي ۽ جاميءَ کي هيئن ٿو ياد ڪري:

رهيا نه عالم، رهيا نه عامل، رهيا نه قابل، رهيا نه ڪامل

رهيا نه شاعر شريڪ شامل، نه سعدي، حافظ، نظامي ۽ جامي(2)

 

غلام محمد شاهه گدا کي وقت بوقت مير عبدالحسين سانگيءَ وٽان انعام ۽ اڪرام ملندا رهندا هئا. هو مير جي سخا جي تعريف ڪندي پاڻ کي ايران جي مشهور شاعر ”انوري“ سان ۽ مير صاحب کي ايران جي حاڪم ”سنجر“ سان ڀيٽ ڏيندي چوي ٿو:

اهڙا سنجر نه انوري کي ڏنا

ڦرا سانگي ڏئي ٿو مون صلا (3).

ٻئي هنڌ غلام محمد شاهه ’گدا‘ پنهنجي  لاءِ فخريه انداز ۾ چوي ٿو ته هر ڪنهن کي پتو آهي ته هو پنهنجي وقت جو هڪ تمام وڏو شاعر آهي جهڙوڪ فيضي، فطرت، فاني ۽ فغاني.

طفلِ مڪتب به ٿو هن وقت ۾ ڄاڻي ته آهيان

فيضي و فطرت، فاني ۽ فغاني جاني.

مرزا قليچ بيگ ايران جي شاعر رشيد وطواط جو ذڪر ڪندي انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته هو شاعريءَ ۾ رشيد وطواط جو مٽ ته ئي نه سگهندو.

مٽ نه ٿيندين رشيد ساڻ قليچ

مٽ ٿئي  چيهوڪين سان وطواط (1).

هدايت علي نجفي ايران جي مشهور شاعر عرفي جي ڪلام کان گهڻو متاثر ٿو ڏسجي، مگر پنهنجي ڪلام کي عرفي جي ڪلام کان گهٽ نٿو سمجهي. چوي ٿو:

 

جي نڪته دانِ رمز حق آهين ته کولي پڙهه سبق

عرفي جو دفتر هڪ طرف نجفي جو دفتر هڪ طرف (2).

مير عبدالحسين سانگيءَ کي پنهنجي شاعريءَ جي بزرگي ۽ بلنديءَ جو گهڻو خيال آهي، تنهن ڪري پارسيءَ جي استاد شاعرن کي  پنهنجي مٽ نٿو سمجهي، پر پاڻ کي انهن مان گهڻو مٿي ٿو سمجهي. هو پنهنجي نظمن جي گلن کي سعدي جي گلستان جي گلن سان ڀيٽ ڪندي چوي ٿو:

مون اهڙا گلِ نظم آندا عجيب

گلستانِ سعدي ۾ جي گل نه هئا (3).

ٻئي هنڌ پاڻ کي ”نظامي“ ۽ ”جامي“ سان ڀيٽ ڪندي چوي ٿو ته هو پنهنجي دؤر جو نظامي ۽ جامي آهي ۽ سندس ڪلام عيبن کان خالي آهي.

’نظامي‘ هن وقت جو آهيان مان ’جامي‘

غزل ۾ منهنجي ڪٿي ڪانڪا آهي خامي.

سانگي کي پنهنجي ڪلام جي مقبوليت جو ايترو احساس آهي جو هن جي واتان بي ساخته نڪري ٿو وڃي ته:

اڄ ’حافظ‘ ۽ ’صائب‘ کي ڀلا ڪير ڏسي ٿو

چرچو آهي ڏس چار طرف منهنجي سخن جو.

سنڌ جي شاعرن جي ديوانن جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته ايران جي رند مشرب شاعر حافظ شيرازي جو اثر انهن تي ٻين شاعرن کان زيادهه آهي ۽ گهڻو ڪري سنڌ جي جمله غزل گو شاعرن حافظ جي ميخانه مان ڪجهه نه ڪجهه مي ضرور حاصل ڪئي آهي. مير عبدالحسين هڪ طرف ته اها دعويٰ ڪري ٿو ته سندس ڪلام جي اڳيان حافظ جي ڪلام کي ڪير ڏسي ٿو ٻي طرف هن جي ديوان ۾ نه صرف حافظ جي ڪيترن غزلن تي تضمين ٿيل آهي، بلڪ هن جي پهرين ديوان جو پهريون غزل حافظ  جي هن غزل تي تضمين ڪيل آهي.

اي فروغ ِ ماهه حسن از روي رخشانِ شما

آبروئي خوبي از چاههِ زندانِ شما.

ٻين لفظن ۾ سانگيءَ جي ديوان جي بسم، الله ئي حافظ جي فيض سان ٿي ٿئي.

مرزا قليچ بيگ نه صرف حافظ جي خيالن کان متاثر آهي بلڪ غزل لکڻ وقت رديف جي سين به حافظ جي در تي هٺي ٿو:

لک تون ڪو وڏو غزل قليچا

ڏئي ڪيئي رديف حافظ.

نجفي وري پنهنجي غزل جو ذڪر ڪندي حافظ کي هيئن ٿو ياد ڪري:

نجفي سخن سراءِ جو حافظ ڏسي چيو

اين نقش ماند از قلمت يادگار عمر.

مرتضائي پاڻ کي  سمجهائيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن چاهين ته تنهنجي ڪلام جو درجو بلند ٿئي ته حافظ وانگر محبوب جي مدح ڪر:

مٺل جي مدح ۾ رک مرتضائي هند حافظ جيئن

که بر نظمِ تو افشاند فلسک عقدِ ثريا را (1).

سيد امام بخش ’فدوي‘ هڪ ٻارنهن شعرن جو غزل حافظ جي مدح ۾ لکي ساڻس پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي، ۽ انهي غزل جو رديف ئي حافظ رکيو اٿائين، چوي ٿو؛

1- نه جهڙس زند رندان قدح خوار

سندو پير مغان دمساز حافظ.

2- جيڪي شيراز ۾ شاعر ٿي گذريا

سڀن جو ختم ۽ آغاز حافظ.

3- سندس ديوان ٿيو غيب اللساني

منجهان اسرار ڏي آواز حافظ

4- فدا ٿيان فدوي ان فاضلن تان

جيڪي سمجهو ٿا سمجهن راز حافظ.

نواز علي نياز کي پنهنجي ڪلام جي بلندي ۽ دلفريبيءَ جو ايترو يقين آهي جو هن کي ڪڏهن نه ڪڏهن حافظ، سعدي يا فردوسي جو لقب ملي پوڻ جي اميد آهي.

مان ٿيندس سنڌ جو سعدي يا حافظ  يا ته فردوسي

ملي پوندو مون کي ڀي ڪو خطاب آهسته آهسته (2).

حاجي محمود ’خادم‘ پنهنجي هڪ نظم جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته هي منهنجو نظم حافظ (بلبل شيراز) ٻڌي ان جي تعريف ڪري رهيو آهي:

نظم خادم جو ٻڌي اڄ جوش مان

مرحبا گو بلبل- شيراز آهه  (3).

تضمين پارسي غزلن تي:

پارسي شاعريءَ جو سنڌي غزل تي ڪيترو اثر آهي ان جو اندازو انهن پارسي غزلن مان لڳائي سگهجي ٿو جن تي سنڌ جي شاعرن تضمين ڪئي آهي. ڪو شاعر ٻئي شاعر جي شعر تي انهيءَ وقت تضمين ڪندو آهي جڏهن اهو شعر کيس نهايت پسند ايندو آهي ۽ سندس دل ۽ دماغ ۾ جاءِ جوڙي ويهي رهندو آهي ۽ شاعر ان کان ايتري قدر متاثر ٿيل هوندو آهي جو ان کي پنهنجو بنائڻ گهرندو آهي، تنهن ڪري ان تي تضمين ڪري ان کي پنهنجو بنائي ڇڏيندو آهي. سنڌ جي غزل گو شاعرن جا ديوان اهڙين تضمينن سان ڀريا پيا آهن. هاڻي اهو سلسلو شاعريءَ ۾ نون موڙن اچڻ کان پوءِ گهٽجي  بلڪ ختم ٿي ويو آهي.

غزل گو شاعرن جي ديوانن ۾ تضمينن جي ڪثرت انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته سنڌ جو غزل گو شاعر نه فقط پارسي شاعري جو گهرو مطالعو ڪيو آهي بلڪه ان کي پنهنجي بنائڻ جي شعوري ڪوشش پڻ ڪئي آهي.

مختلف شاعرن جي ديوانن ۾ جيڪي تضمين ٿيل غزل ملن ٿا تن ۾ وڏو تعداد حافظ شيرازي جي غزلن جو آهي، اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌ جي غزل گو شاعرن تي حافظ جي ڪلام جو نشو سرس چڙهيل آهي.

مير عبدالحسين حافظ جي ڪيترن مڪمل غزلن تي تضمينون ڪيون آهن، بلڪ سندن ديوان جي ابتدا ئي حافظ جي غزل جي تضمين سان ٿئي ٿي. تضمين ملاحضه ڪريو:

1- ماهه تابان آهي اي مہ روئي رخشانِ شما

آبروئي خوبي از چاهه زنخدانِ شما.

2- اي زمانا تنهنجي لوڏن کان آهيون جان بلب

باز گردد يا برآيد چيست فرمان شما.

 

3- هي آهي مرغِ هوا ۽ هو آهي دامِ بلا

خاطرِ مجموعِ ما زلفِ پريشانِ شما.

 

4- عهد اهڙو آهي آيو سخت جنهن کان الامان

زينهار اي دوستان جانِ من جانِ شما.

 

5- قاصدا هن شوخ بيپروهه کي ڏج منهنجو پيام

ڪه اي سرِ ناحق شناسان گوئي ميدانِ شما.

 

6- ٿو گهري دلبر دعا ’حافظ‘ سان گڏ عبدالحسين

روزيِ ما باد لعلِ شڪر افشانِ شما

سانگي جن ٻين غزلن تي تضمين ڪئي آهي تن ۾ حافظ جو مشهور غزل ’ترڪ شيرازي‘ وارو پڻ شامل آهي.

 

فدا بر برقِ او سازم همہ دنيا وو عقبيٰ را

اگر آن  ترڪ شيرازي بدست آرد دلِ ما را.

 

جي او مهرو ڪري مون کي نظر ڪا مهرباني جي

بخالِ هندويش بخشم سمرقند و بخارا.

 

3- آءُ مهراڻن جي ڪيٽيءَ سان ۽ گهاري سان نه مٽ ڀانيان

ڪنارِ آب رڪن آباد و گل گشتِ مصلا را.

 

سدا سهڻا ادا و ناز يا انداز غمزن سان

چنا بردند صبر ازدل ڪه ترڪان خوانِ يغمارا.

 

خدا داد حسن جنهن کي آهي سو بس بي نياز آهي

بہ آب و رنگ و خال و خط چه حاجت روئي زيبارا.

ڀلا مرڪڻ جو ڇا مذڪوره ڪهڙو لطف هوندو جو

جوابِ تلخ ميزيبد لبِ لعلِ شڪر خارا را.

 

سڻي سانگي سخن تنهنجا، چوي حافظ روا باشد

ڪه بر نظمِ تو افشاند فلڪ عقدِ ثريا را.

 

امام بخش شاهه فدوي جيڪو ٺٽي جي بلند پايه غزل گو شاعرن مان آهي تنهن پڻ حافظ جي ساڳي غزل تي تضمين ڪئي آهي:

 

لڳي لؤن لا اُبالي سان ڪريان ڪهڙا مقابلها

که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشڪلها.

 

ڪري جي يار آبادي وري مونسين وصل وارا

بخالِ هندويش بخشم سمر قند و بخارا را.

 

برهه جو بحر بي پايان گهڙن هن گهيڙ جي سمجهن

کجا دانند حالِ ما سبکسارانِ ساحلها.

 

بنا سينگار ۽ سرمي سراپا سو ته سهڻو آ

به آب و رنگ خال و خط چه حاجت روئي زيبا را.

 

دلؤن ڪريان دعائون ڏس ته دلبر ڏي ٿو دشناميون

جوابِ تلخ مي زبيد لبِ لعلِ شڪر خارا.

ڏسي شوخن سنديون شوخيون ڪريان آهون ڇو فريادون

چنان بردند صبر از دل که تر کان خوانِ يغما را.

 

چڱو آ فدوي تو ڪيو هي تضمينِ غزل حافظ

که بر نظمِ تو افشاند فلڪ عقدِ ثريا را.

 

مرتضائي، سيد امام بخش شاهه فدوي جو شاگرد رشيد هو. پنهنجي استاد کي حافظ جي ڪلام تي تضمين ڪندو ڏسي سندس دل چاهي ٿي ته هو به ساڳي حافظ جي غزل تي تضمين ڪري، هو حافظ جي غزل جي موتين کي پنهنجي تخيل جي تسبيح ۾ هيئن ٿو پوئي:

 

اچي جي مہ جين مون وٽ اکين ۾ ڏيانس  اوتارا

بخالِ هندويش بخشم سمر قند و بخارا را.

 

2- جو سبزو سبز خط جو وات جي چوگردٿو ڏسجي

ڪنارِ  آب رڪن آباد گلگشتِ مثلا را.

 

اکيون ابرولب و دندان عارض زلف خال و خط

چنا بردند صبر از دل که ترکان خوانِ يغما را.

 

بچائي آفرين نفرين معشوقن سندي ڄاڻا

جوابِ تلخ مي زيبد لبِ لعلِ شڪر خارا.

 

5- هلي ٿي عاشق و معشوق وچ ۾ رازداري جا

که کس نکشود و نکشايد بحکمت اين معما را.

 

مٺل جي مدح ۾ رک مرتضائي هند حافظ جيئن

که بر نظمِ تو افشاند فلک عقدِ ثريا را.

 

مرتضائي حافظ جي ٻين پارسي غزلن تي به تضمين ڪئي آهي، جن مان ٻه هي آهن-

(1)

1-  رکان اول ٿو دل بيدار اک ۾ انتظار آخر

تو تيز ديده خوابي مرا دل را برابر آخر.

 

تون هر هر جام پُر خالي ڪري اي مرتضائي ڏس

تو گوئي تايبم حافظ ز ساقي شرم دار آخر.

(2)

1- صوفي  اٿي سقا ٿي قدح زرنگار بخش

دين  زهد خشک را به مئي خوشگوار بخش.

 

ساقي سوارو مرتضوي وانگي پر ڪري

گو جام زر به حافظ شب زنده دار بخش

 

حافظ حامد سنڌ جي شروعاتي غزل گو شاعرن مان آهي. جيتوڻيڪ پاڻ اکين کان نابين هو مگر پارسي ۽ عربي زبانن جو مطالعو ڪيل اٿس. سندس ديوان ۾ سندس ڪيترائي پارسي غزل موجود آهن. هن ڪيترا اهڙا غزل چيا آهن جن جي پهرين سٽ پارسي ۽ ٻي سٽ سنڌي آهي هن ڪيترن پارسيءَ جي شاعرن جي غزلن کان متاثر ٿي انهن تي تضمين ڪئي آهي، جن ۾ حافظ جو ترڪ شيرازي وارو غزل پڻ شامل آهي. جيئن ته هن کان اڳ مختلف شاعرن جي ساڳي غزل پڻ شامل آهي. جيئن ته هن کان اڳ مختلف شاعرن جي ساڳي غزل تي تضمين وارا غزل پيش ڪيا ويا آهن. تنهن ڪري حافظ حامد جو به ساڳي تضمين وارو غزل به پيش ڪجي ٿو:

 

کڻي جي مهر کان محبوب مون ڏي نيڻ موچارا

بخالِ هندويش بخشم سمرقند و بخارا را.

 

ڪرشمه ناز غمزه چشم تاب ابروئي جانان

چنا بردند صبر از دل که ترقان خوانِ يغما را.

 

ملاحت ۾ نه مٽ تنهنجو، صباحت سڻ تون سهڻو

به آب و رنگ خال وخط چه حاجت روئي زيبا را.

 

چوين دشنام جي دلبر وڻن سي ويڻ مون ويتر

جوابِ تلخ مي زيبد لبِ لعلِ شکر خارا (1).

 

عجب اسرار آهي عشق نازڪ رمز نيهه واري

که کس نکشود و نکشايد بحکمت اين معما را.

 

گدا جيئن ڪر سندي گلرخ مدح حامد تون موچاري

که بر نظمِ تو افشاند فلک عقدِ ثريا را.

 

شمس الدين بلبل سنڌ جو پهريون غزل گو شاعر هو جنهن پنهنجي غزلن ۾ عشق ۽ محبت جي آلاپن کانسواءِ وقت جي حالتن جو نقشو طنز ۽ مزاج سان نهايت وڻندڙ ۽ دلفريب نموني بيان ڪيو آهي. هن به ڪيترن فارسي غزلن خاص طرح حافظ جي غزلن تي تضمين ڪئي آهي، مگر انهن ۾ پنهنجو انفرادي طنز و مزاح وارو رنگ ڀريو اٿائين.

حافظ جي ديوان جي پهرين غزل ”اِلايا اَيّهاالساقي ادرکاساً ونا ولها“ تي هيئن ٿو  تمضين ڪري:

وڃي هڪ ڇاپ تي ويهي برانڊي کي ڪيو ها ها

الايا اٰيهالساقي ادرکاساً و ناولها.

 

زمينون زر ڦرائي پو وڃي پؤ قرض ۾ ڪاهي

که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشڪلها.

 

وٺن ٿا عيب انگريزيءَ مٿي جو هي سنڌي جاهل

کجا دانند حالِ ما سبکسارانِ ساحلها.

ولايت ڏي وڃي ٿو ميل اسٽيمر ڪيو جلدي

جرس فرياد مي داردکه بربنديد محملها.

 

ڏني آ پير مون کي پادري ليڪچر تنهنجي لذت

که سالک بي خبر نبود زراه و رسم منزلها.

ٻڌي وارن ۾ وانگوڙا هلي ٿي مس جڏهن بلبل

ز تابِ جعد مشکينش چه خون افتاد در دلها (1).

 

شمس الدين بلبل ٻين به ڪن غزلن تي اهڙي لطيف تضمين ڪئي آهي جن مان ٻن غزلن جا ڪجهه چونڊ شعر پيش ڪجن ٿا:

(1)

1- جي وس پڄي ڪو منهنجو ڪيان وات ساڻ وارا

دردا که راز پنهان خواهد شد آشڪارا.

 

2- ڏاڙهيءَ ۾ هٿ جئين جو پادر پرين جا سر تي

گر تو نمي پسندي تغبيرِ کن قضا را.

 

سانجهي صبح چاڙهج ڀنگ جو ڀري پيالو

تا بر تو عرضہ دارد احوال ملک دارا.

 

ميلي ۾ جي وڃي تون مجرا ڏسين تنين جا

در رقص حال آرد پيران پارسا را.

 

پٽڪو ڳچيءَ ۾ پاتل جي گهبلو ڏسين تون

اي شيخ پاکدامن معذور دار ما را.

(2)

1- صفائي سر کي ڏئي پتلون پاتم

بحمدالله نکو ڪردارم امشب.

 

2- چيو هڪ  ميم مون کي مئي ڊيئمر سر

رسيد از العِ بيدارم امشب.

 

چيم ان کي ته اي جانان جلدي

زڪوات حسنِ دهه حق دارم امشب.

 

ولايت ڏي وڃي ٿيان گل تي بلبل

ازين شوري که در سر دارم امشب.

هدايت علي نجفي لاڙڪاڻي جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي طبع جي پکيءَ کي سنڌي ۽ پارسي شاعري جي چمن جو سير ڪرايو آهي، نه صرف پارسي زبان ۾ ڪلام چيو اٿس، بلڪه ڪيترن پارسي جي منظوم ڪتابن جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪيو اٿس. سندس طبع جو پکي جڏهن حافظ جي گلگشت ۾ پهچي ٿو ته هن غزل کي پسند ڪري تضمين ڪري پنهنجي غزلن جي گلستان ۾ شامل ڪري ٿو ڇڏي.

فصلِ گل آ چار ڏينهن ناهه ڪي مدت مديد

وجه  مي ميخواهم و مطبر که ميگويد رسيد.

 

بلبل پروانه کي گل و شمع مليا مان جدا

اي فلک اين شرمساري تابکي بايد کشيد.

 

ميهماني يار جي ڪئي ٻيو نه جي هٿ ۾ هجي

باده و گل از بهائي خرقه مي بايد خريد.

 

پوءِ جو مستي جي بدناميءَ ۾ ڦاسي تنهن کان اڳ

جا مئه در نيکنامي نيز مي پايد دريد.

 

بر سرِ بيداد جي دلبر رهيو هئين دائما

گوشه گيران را از آسايش طبع بايد بريد.

 

ناهه ظاهر تا ڪٿي نجفي کي زخمِ عشق هو

اين قدر دانم که از شعر ترش خون مي چکيد.

نجفي ٻين پارسي شاعرن جي غزلن تي پڻ تضمين ڪئي آهي، جنهن مان هڪ غزل جا ڪجهه شعر هي آهن:

 

عمر سڄي عشق جو بار سٺو مون شديد

من نه رسيدم به دوست کار بجانم رسيد.

 

آهيان نشانو سندءِ تير مثره جو سدا

سنگ نيم اين جفا چند تونم کشيد.

 

ڇو ٿا اجايو اچي مغز کپايو سندم

عاشقم اي دوستان پند نخواهم شنيد.

 

چوندا ته آهي چريو، تنهنجي محبت آ ڪيو

گريه نخواهم کشاد جامه نخواهم دريد.

 

يار جي آرام گاهه مون جو لنگهيس تا ڏٺم

باد برو مي وزيد زلف سيہ مي پريد.

 

تيرِ نگہ جو اي يار تو جو هنيو  هو مون کي

شب همه شب تا سحر در دلِ من خليد.

 

برق صفت هڪ نگهه سان ٿو ڪرين بي خبر

کافتِ جان بيش زيب ما نتوانيم ديد.

 

پيچ سندءِ زلف جو ائين پيو ’نجفي‘ کي جو

کار به تيغِ او قتد هم نتواند بريد.

 

غزل جي زبان تي اثر:

ارغونن جي دؤر  کان وٺي ميرن جي صاحبيءَ تائين درٻار جي زبان پارسي رهي جنهن جو نتيجو اِهو نڪتو جو سنڌ جي حڪمرانن، وزيرن، اميرن ۽ درٻارين جي سرپرستيءَ ۾ پارسي زبان جي هن سر زمين تي سرڪاري طرح ترقي ۽ اوسر ٿي. حڪومت جي سرپرستي جو نتيجو اهو نڪتو جو مدرسن ۽ مڪتبن ۾ به هتان جي مقامي ٻوليءَ بجاءِ پارسي ۾ درس ۽ تدريس جو دؤر جاري رهيو. جنهن ڪري هن زمين جو هر تعليم يافته ماڻهو پارسي ٻوليءَ کان واقف رهيو. سنڌ ۾ پارسي زبان ايتري اهميت حاصل ڪري ورتي جو عربي جيڪا مسلمانن جي مذهبي زبان هئي، تنهن  جي جاءِ والاري ويهي رهي.

 

ارغونن جي دؤر کان وٺي سنڌ جي شاعرن باقاعده پارسي شاعري جي مختلف صنفن ۾ سخن سنجي ڪئي، جنهن جو غلغلو هڪ طرف دهليءَ جي درٻار، ٻئي طرف شيراز ۽ اصفهان جي گهٽين ۽ گهرن تائين وڃي پهتو، سنڌ جي پارسي گو شاعرن جو تعداد سون نه بلڪه هزارن جي حد کان تجاوز ڪري ويو. هر تعليم يافته سنڌي انهيءَ عرصي ۾ جي شاعري ڪئي ته پارسي سان ايترن سالن جي گهري ناتي جو اثر لازمي طرح هڪ طرف زبان ۽ ٻئي طرف  ادبي زبان تي ٿيڻو هو.

 

انگريزن جي دؤر ۾ جڏهن سنڌي زبان کي فوقيت حاصل ٿي، تڏهن سنڌ جي پارسي خواندان، جي پارسيءَ ۾ شاعري ڪندا هئا، تن سنڌيءَ ۾ عروضي شعر خاص ڪري غزل ڏانهن به وک وڌائي. جن ۾ قاسم، فاضل، گدا، سانگي، قليچ، فدوي، مرتضائي، ۽ قادري جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

 

غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي پنهنجي ديوان جي ديپاچي ۾ پارسي جي پٺتي  پوڻ ۽ سنڌي جي اڳتي اچڻ کي مد نظر رکي چوي ٿو، ”ڪن ڏينهن کان پوءِ فردوسي، انوري، عنصري، عسجدي، فرخي، سعدي، نظامي، جامي، مولوي رومي ۽ ٻين پارسي گو شاعرن جو ڪو نالو به نه وٺندو. اهي ڪتاب واءُ ٿي ويندا يا پڙيڪا ٿيندا- جڏهن اهو حال آهي تڏهن ته هن وقت جي شاعرن پارسيءَ کي ڇڏي  سنڌي نظم بنايو“. (1)

 

ساڳي خيال جو اظهار مرتضائي پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ٿو ڪري:

سنڌ ۾ سنڌي غزل ٿيو مرتضائي دلپسند

پارسي اشعار لئه شيراز ۽ تبريز رک.

 

ايترن سون سالن جي پارسي زبان جي تسلط ۽ پارسي شعر و ادب سان ايتري ويجهڙائيءَ جو لازمي طرح اثر سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي زبان تي ضرور ٿيڻو هو. سنڌ جي عروضي شاعري ۽ غزلن جي ديوانن پڙهڻ سان پارسي زبان جا اثر چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، خاص طرح غزل تي. سنڌي غزل جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪڏهن ڪڏهن شاعرن پنهنجن خيالن ۽ جذبن جي اظهار لاءِ پارسي لفظن، ترڪيبن ۽ محاورن جي ايتري چاشني استعمال ڪئي آهي جو سنڌي غزل جي زبان سنڌ جي مٺائيءَ بجاءِ ايران جي نبات ۽ شڪر قند ٿي پئي آهي.


 


(1)  امام بخش شاهه ”ديوان فدوي“، سنڌي ادبي بورڊ، (قلمي)، (فدوي جا هن باب ۾ ڏنل ٻيا مثال به ان ديوان مان ورتل آهن).

(2)  نظم ”غلام ۽ تباهي“، اصلاح هفتيوار ڪراچي، تاريخ 11 ڊسمبر 1932ع ص 1.

(3)  ”ڪليات گدا“، سنڌي ادبي بورڊ، (گدا جا  ٻيا مثال به هن ڪليات مان ڏنا ويا آهن).

(1)  ”ديوان قليچ“، سنڌي ادبي بورڊ، (قليچ جا ٻيا مثال هن ديوان مان ڏنا ويا آهن).

(2)  ”ديوان نجفي“، مطبع پوڪرداس، 1922ع، (نجفي جا ٻيا مثال به هن ديوان مان  ويا آهن).

(3)  ”ڪليات سانگي“، ادبي بورڊ، (سانگي جا ٻيا مثال به هن ڪليات مان ڏنا ويا آهن).

(1)  ديوان مرتضائي (قلمي)، ادبي بورڊ (مرتضائي جا ٻيا مثال هن ديوان مان ڏنا ويا آهن).

(2)  ديوان نياز (قلمي) ملڪيت اعجاز جعفري لاڙڪاڻه (نياز جعفري جا ٻيا مثال به هن ديوان مان ڏنا ويا آهن).

(3)  ڪليات خادم (قلمي) ملڪيت محمد علي قريشي لاڙڪاڻه (خادم- حاجي محمود جا ٻيا مثال به هن ڪليات مان ڏنا ويا آهن.)

(1)  ”ارمغانِ حامد“ مسلمان پرنٽنگ پريس، ميرپورخاص، 1926ع.

(1)  ”ديوانِ بلبل“، سنڌي ادبي بورڊ، (شمس الدين بلبل جا ٻيا مثال به هن ديوان مان ڏنا ويا آهن).

(1)  غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي- ديپاچہ ”ديوان مرتضائي“ قلمي- سنڌي ادبي بورڊ- ص 4.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org