سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جا مشاعرا
سنڌ ۾ جن جماعتن سنڌي مسلمانن ۾ تعليم ۽ علم و ادب سان چاهه
پيدا ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن. تن ۾ سنڌ
مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جو وڏو حصو آهي. هيءَ
پهرين سوسائٽي هئي جنهن سنڌي مسلمان عورتن کي
تعليم ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. هن سوسائٽيءَ پنهنجي
پريس قائم ڪري ڪيترا مذهبي، علمي معلوماتي ۽
تاريخي ڪتاب شايع ڪيا.
هيءَ سوسائٽي ميمڻ محمد صديق ۽ حيدرآباد جي ڪن ٻين نوجوانن جي
ڪوشش سان قائم ٿي. هن سوسائٽي جي روح روان به ميمڻ
پاڻ هو. سندس هن ڪم ۾ مددگار سيد ميران محمد شاهه،
’مير‘، محمد صديق ’مسافر‘ ۽ عبدالخالق خليق مورائي
هئا.
(3)
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جنوري 1931ع ۾ وجود ۾ آئي.
۽ يڪدم ۾ عملي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين.
انهن ڏينهن ۾ بزم مشاعرن جو نهايت زور هو. بزم مشاعره لاڙڪاڻي
جو اثر جتي ڪٿي پئجي رهيو هو 24 نومبر 1931ع يعني
سوسائٽي جي قائم ٿيڻ واري پهرين سال مئنيجنگ
ڪميٽيءَ جي ميٽنگ سيد ميران محمد شاهه جي صدارت
هيٺ ٿي جنهن ۾ محمد هاشم ’مخلص‘، محمد
ابراهيم’خليل‘، محمد بخش ’واصف‘، محمد صديق ميمڻ،
محمد صديق ’مسافر‘، عبدالخالق ’خليق‘ ۽ غلام
مرتضيٰ شريڪ ٿيا.
اهي سڀ بزرگ شاعر ۽ مشاعرن سان دلچسپي رکندڙ هئا تنهن ڪري هنن
پنهنجي ميٽنگ ۾ جيڪو پهريون فيصلو ڪيو اهو هو سنڌ
مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي سهاري هيٺ ماهوار مشاعرا
منعقد ڪرڻ، نه صرف ايترو پر هنن ان ميٽنگ ۾ شاعري
لاءِ ايندڙ مهيني جي تاريخ ۽ طرح به فيصل ڪري ڇڏي.
مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو ٺهراءُ هن ريت آهي. ماڻهن ۾
علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ هر مهيني جي آخري
آرتوار مشاعرو ٿيندو رهي ۽ پهريون مشاعرو 13 ڊسمبر
1931ع تي زير سايه سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي ٿئي
جنهن جي مصرح طرح هي رٿي وئي.
سج چڙهي آيو مٿي اُٿ ننڊ مان بيدار ٿي.
(1)
هن سوسائٽي جي هر سالياني جلسي تي مشاعري جو خاص اهتمام ڪيو
ويندو هو. ان جي ٽين سالياني جلسي جي موقعي تي
جيڪو مشاعرو ڪيو ويو هو ان جي صدارت ڊاڪٽر دائود
پوٽي ڪئي هئي. مشاعري لاءِ محمد صديق ’مسافر‘ جي
پاران هيٺين مصرح طرح مقرر ٿيل هئي-
(2)
علم مردن کي ملي، زالن ڪيو ڪهڙو گناهه.
جيتوڻيڪ سوسائٽي گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ته مشاعرن ۾
قومي ۽ ناصحانه شعرن تي توجهه ڏنو وڃي مگر سوسائٽي
جي مشاعرن جي طرحن ۽ مشاعرن ۾ پيش ڪيل شعرن مان جي
گهڻو ڪري سڀ جا سڀ غزل آهن پتو ٿو پوي ته شاعرن کي
مجاز جي چاش جو وڌيڪ چسڪو هو. سنڌ مسلم سوسائٽي جي
ڪن ماهوار مشاعرن جون هي طرحون هيون.
1- دل کي ٿي فڪر پريشان کان پريشاني وري(فيبروري 1937ع)
2- آب داڻو ڇو ڪرين بيمار جو اي يار بند (اپريل 1937ع)
3- الاهي آهه ۾ پيدا اثر ڪر (مئي 1937ع)
4- خدا جا بندا خدا خدا ڪر (آگسٽ 1937ع)
5- پيريءَ ۾ ٿي جوان جوانيءَ ۾ پير ٿي (سيپٽمبر 1937ع)
سوسائٽيءَ جي مشاعرن جي ڪار گذارين مان معلوم ٿو ٿئي ته بزم
مشاعره لاڙڪاڻو جي مشاعرن کان پوءِ هن سوسائٽيءَ
جي مشاعرن ۾ شاعر زياده دلچسپي ٿي ورتي. لاڙڪاڻو
جي مشاعرن وانگر مقامي شاعرن سان گڏ سوسائٽيءَ جي
مشاعرن ۾ ٻاهريان ڪيترا شاعر به شريڪ ٿيا ٿي يا
پنهنجو ڪلام ڏنل طرحن تي ڏياري ٿي موڪليائون. جيئن
هيٺ 7 مارچ 1937ع تي ڪوٺايل مشاعري مان معلوم
ٿيندو. مصرع طرح هئي:
ساغر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾
انتخاب مشاعره
(1)
شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘:
پر واز جي حسرت ۾ وڃي جان نه صياد
پڇتائيندين آڻي تون قفس هن جو چمن ۾
هي فيض سڄو صحبت ’بسمل‘ جو ’خليل‘ آهه
تاثير تڏهن آهه ٿيو تنهنجي سخن ۾.
حافظ عبدالله ’بسمل‘:
آيو نه ڪڏهن حرف شڪايت جو دهن ۾
نڪتو جي اندر مان ته ويو گهٽجي گهٽن ۾.
ديوانو ڪٿان آيو ڪارڻ سمع خراشي
بسمل کي ڏجو داد نه هن طرز سخن ۾.
مرزا نادر بيگ ’نادر‘:
راحت نه، گلستان ۾ ۽ خوشبو نه گلن ۾
خاموش زبان پڻ آهي بلبل جي دهن ۾.
انڪار هو محبوب جو اقرار برابر
اکڙين ۾ شرارت ٿي ڏٺي مرڪ چپن ۾.
ليکراج ’عزيز‘:
دم سيني ۾، دل پهلو ۾ ۽ روح بدن ۾
آهن هي ڏکيا تنهنجا سدائين پيا ڏکن ۾.
معلوم اٿم حال نه دل جو ڪو مگر يار
سو وار وڃائي مون لڌي تنهنجي هٿن ۾.
محمد خان’غني‘:
مارين ٿو نگهه ساڻ جيارين ٿو کلڻ سان
اعجاز ڏٺم تنهنجي اکين ۽ چپن ۾.
تڙندو ڏسي لالا کي پڪاري چيو بلبل
ساغر پيو هلي خون جو اڄ بزم چپن ۾.
ماستر حبيب الله ’آزاد‘:
ياري نه آ يارن ۾ محبت نه مٽن ۽
ساغر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾.
آزاد ٿي وئي سنڌ جي آزاد حڪومت
ٿو ڪري تنهين سان ٿئي همدرد ڏکن ۾.
مولوي محمد عاقل ’عاقلي‘:
هن آب سان ڪيئن در عدن شهر ڇڏي ها
عزت جي هجي ها ڪنهين گوهر جي چمن ۾.
گلشن نه آ اڄ باغ آ ميدان شهادت
ساغر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾.
پرسرام ’ضيا‘:
هڪ قيد قفس ۾ ۽ نه ٻيو زور پرن ۾
بلبل پو ڀلا پهچي سگهي ڪيئن چمن ۾.
منهنجي لئه ٿيو سيني جو هر داغ چراغ آ
اهڙي ڪا ضيا سمجهان ٿو هوندي نه ڏين ۾.
هدايت علي (تارڪ) ’نجفي‘:
دل تو سوا گهاري ٿي سندم رنج محن ۾
ٿي ڪين لڳي عشق کان ڪنهن مال ۽ ڌن ۾.
هن سال بهار آيو آهي جوش سان اهڙو
جو ان جو اثر آهه ٿيو سوسن ۽ سمن ۾.
حاجي محمود ’خادم‘:
محبوب تو پنهنجا ڪيا زلف جو مشڪين
خوشبوءِ ٿو رکي خاص تڏهن مشڪ ختن ۾.
محمد بخش ’واصف‘:
مطلب ٿئي ٿو جڏهن صدما ٿا سجهن
گل لاءِ ٿو وجهڻو پوي هٿ قهري ڪنڊن ۾.
آزادي ٿي جذبات کي اڇلون ته ڏياري
ٿو ڇال هرڻ ماري ڏسو ڪيئن نه پٽن ۾.
عبدالقادر ’وارثي‘:
مل يار اچي مون سان تون بس چشم زدن ۾
طاقت نه رهي آهه جدائي جي بدن ۾.
اي وارثي ڇا نالو آهي عشق انهيءَ جو
هڪ باهه جان آهي جا لڳل پنهنجي وطن ۾.
مرزا اجمل بيگ ’فاضل‘:
دل جوش کان پر جوش ٿي، نڪتي ٿي جگر مان
منهن زرد، اندر درد ٿيم، ساهه چپن ۾.
سمجهي نه سڃاڻي تون اي فاضل هيءَ ڪهاڻي
اميد وفا ڪيئن رکين پيمان شڪن ۾
داد شاهه ماريپور ڪراچي:
ساغر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾
تصديق رسي درد ٿو بلبل جي بدن ۾.
غلام حسين ’فنائي‘:
هچڪيون ٿيون اچن هاڻي خزان کان هر دم
بلبل ڪيو فرياد هي خاموش لبن ۾.
غوث بخش ’گوشي‘ ڪراچي:
هڪ پئسو ڏنو ڪو نه اسان قوم جي فند ۾
پر ڪيئي ويا پيسا اليڪشن جي ڪمن ۾.
شعرا تي وجهڻ گهرجي ٽڪس شعر چوڻ جو
سس بس هلي ان ريت ٿي ڪونسل جي ابن ۾.
پروفيسر ’ڪانگ‘ ڪراچي:
فيشن ۾ چريون ٿي پيون سڀ سنڌ جون زالون
مردن جون ڪمايون ويون زالن جي بلن ۾.
هي نظم تنهنجو ڪانگ بلاشڪ ته ڀلو آ
مقبول ٿيو آهه جوانن ۽ ٻڍن ۾.
بزم مشاعره جيڪب آباد
32- 1933ع ڌاري غلام سرور مغل ’سرور‘، غلام قادر ’قيس‘ ۽ حافظ
خير محمد اوحدي جي ڪوششن سان جيڪب آباد ۾ بزم
مشاعره جي شروعات ٿي. هن مشاعري جو صدر غلام سرور
مغل ۽ سيڪريٽري حافظ خير محمد اوحدي هئا. هن بزم
جا مشاعرا يتيم خاني واري جاءِ ۾ ٿيندا هئا ۽ ڪڏهن
ڪڏهن غلام قادر ’قيس‘ جي اوطاق ۾ پڻ ٿيندا هئا، جن
۾ سنڌ جا ڪيترا شاعر خاص طرح آغا صوفي به اچي شريڪ
ٿيندو هو.
جيڪب آباد جي بزم مشاعرن لاءِ ’سرور‘، نهايت چست، پختيون ۽ شوخ
طرحون ڏيندو هو. هڪ دفعي مشاعري جي طرح هن قافيہ ۽
رديف تي هئي، ”زنجير جا ٽڪرا“، دلگير جا ٽڪرا“،
”تحرير جا ٽڪرا“. ان تي حافظ خير محمد اوحدي نهايت
چست ۽ پختو شعر پيش ڪيو هو.
ڪراما ڪاتبين جي ڊائري تاڙيم ته ڇا ٿي پيو
ڪريان ٿو ڪاتب تقدير جي تحرير جا ٽڪرا.
هڪ دفعي مصرح طرح علامہ اقبال جي اردو غزل جي شعر ”تو اي مرغ
حرم اڙني سي پهلي پر نشان هوجا“ جو سنڌي ترجمو هئي
جنهن جو قافيو ۽ رديف ”نشان ٿي وڃ“، ”روان ٿي وڃ“
وغيره هئا. حافظ مير محمد اوحدي جي طرح تي ٺاهيل
غزل جو هڪ شعر ملاحظه ڪيو.
(1)
ڪلهي ڪانڌي ته هونءَ ڀي ٿي، جنازي ساڻ هلندين پر
خدارا هڪ دفعو منهنجي مرڻ کان اڳ هتان ٿي وڃ.
سنڌي سڌار سوسائٽي
1932ع ۾ حامي محمود ’خادم‘جي بدلي لاڙڪاڻي کان ڪراچي ٿي. حاجي
محمود ’خادم‘ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري هو.
هن کي شاعري ۾ بزم مشاعرن سان عشق هو. هو جڏهن
ڪراچي پهتو ته ڪراچيءَ جي ادبي دنيا ۾ نهايت
خاموشي ڏٺائين. ڪراچيءَ ۾ انهيءَ وقت اردو وارن جو
تعداد ٿورو هو ته به انهن ۾ چڱي سجاڳي هئي. سنڌي
ڳالهائيندڙ هندو توڙي مسلمان، چئن لکن جي آبادي ۾
ٽي لک کن هئا، پر تڏهن به سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪو ڪم
نه ٿي رهيو هو، ماٺ ئي ماٺ هئي
(2).
حاجي محمود خادم پهريان غلام احمد نظامي ۽ شيخ
عبدالله ’عبد‘ کي پنهنجو هم خيال بنايو، پوءِ حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي صاحب جي جاءِ تي علم دوست هندن
۽ مسلمانن جي هڪ ميٽنگ حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي
جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ حڪيم فتح محمد جي رٿيل
نالي سان ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ قائم ڪئي وئي. هي
عهديدار چونڊيا ويا، پريزيڊنٽ حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، وائيس پريزيڊنٽ جي- اين ناگراڻي ۽ حاجي
محمود خادم، سيڪريٽري گوپي رام رکياڻي، جوائنٽ
سيڪريٽري شيخ عبدالله عبد ۽ خزانچي ڪشنچند
ناگراڻي.
هن سوسائٽيءَ جيڪي مقصد ۽ متا مقرر ڪيا هئا تن مان هڪ هي هو ته
”اڳين ۽ هاڻوڪن شاعرن جي شعر تي سمالوچنا ۽ تنقيد
ڪرڻ ۽ علم عروض جي ساهميءَ ۾ پوري ۽ اڻ پوري کي
جاچڻ.
(1)
هيءَ پهرين سوسائٽي يا بزم هئي جنهن پنهنجن مشاعرن لاءِ طرح
بجاءِ عنوان ڏنا. سوسائٽي جي پهرين ميٽنگ ۾ فيصلو
ڪيو ويو ته مشاعرن ۾ طرح ڏيڻ بجاءِ ”عنوان“ مقرر
ڪيا وڃن ۽ سڀڪو شاعر انهيءَ تي پنهنجو شعر پيش ڪري
(2).
مگر سنڌي سڌار سوسائٽي جي عنوانن وارن مشاعرنن ۾
طرحي مشاعري کانپوءِ جيڪي غير طرحي شعر پيش ڪيا
ويندا هئا اهي گهڻو ڪري غزل هوندا هئا.
سنڌي سڌار سوسائٽي هڪ ڪسوٽي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي هئي، جنهن جو ڪم
هو سنڌي مشاعرو ڪوٺرائڻ ۽ ان ۾ پيش ٿيل شعرن کي
عروض جي ساهميءَ تي تورڻ ۽ ٻوليءَ جي اصولي
ڪسوٽيءَ تي پرکڻ
(3).
ان ڪري سنڌي سڌار سوسائٽيءَ ۾ جيڪي شعر پيش ٿيندا
هئا.، تن تي غروض جي اصولن مطابق شاعر جي نالي ڏيڻ
کانسواءِ تنقيد ”الحقيقت“ لاڙڪاڻو ۽ ٻين اخبارن ۾
شايع ڪئي ويندي هئي.
سنڌي سڌار سوسائٽي مخلتف عنوانن تي جيڪي مشاعرا ڪوٺايا تن مان
هي هئا:
19 ڊسمبر 1933ع ڪراچي اڪيڊمي (هاءِ اسڪول) هال، صدر سيٺ غلام
علي چاڳلا عنوان ”قادر جي قدرت“.
26 جنوري 1932ع ڊي. جي. ڪاليج هال، صدر مير ايوب خان ”حب وطن“.
2 مارچ 1934ع خالقڏنه هال، صدر علامہ آءِ. آءِ.
قاضي، عنوان ”پهاڙ“.
30- اپريل 1934ع، ٿياسافيڪل هال، صدر ڊاڪٽر دائود
پوٽو، عنوان ”قرباني“.
هڪڙو مشاعرو 5 مئي 1939ع ۾ آل انڊيا هنري نماءُ ڪراچي جي موقعي
تي نماءُ جي آڊيٽوريم هال ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
جي صدارت هيٺ ٿيو هو، عنوان هو ’بهار وطن ۽ خزان
وطن‘.
(1)
حاجي محمود خادم جي لاڙڪاڻي بدلي ٿيڻ کان پوءِ هن
سوسائٽيءَ جون سرگرميون جهڪيون ٿي ويون. حاجي
محمود ’خادم‘ لاڙڪاڻي پهچڻ کانپوءِ سنڌي سڌار
سوسائٽي لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪئي ۽ بزم مشاعره لاڙڪاڻي
جا مشاعرا سوسائٽي جي سهاري هيٺ ڪوٺائڻ شروع ڪيا.
مجلس مشاعره نوآباد ڪراچي
شيخ عبدالله عبد پنهنجي وقت جو مشهور نقاد ۽ شاعر هو . هو جڏهن
اسلاميه مدرسہ نوآباد ۾ استاد هو تڏهن ان ننڍڙي
مدرسي ۾ پنهنجن دوستن ۽ استادن سان گڏجي 1932ع
ڌاري مجلس مشاعره قائم ڪئي. هن مجلس مشاعره ۾
نوآباد جي شاعرن مان محمد خان فقير، محمد هارون،
’امير‘، بلوچ علي محمد ’مسڪين‘ ۽ نور محمد ’نماڻو‘
قابل ذڪر آهن. انهن کانسواءِ هيٺيان شاعر وقت بوقت
مجلس جي شاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا، حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، غلام احمد نظامي، مراد علي ’ڪاظم‘، حاجي
محمود خادم، عبدالرحمان ’انجم‘ هالائي، محمد هاشم
’مخلص‘، زمان شاهه ’ساقي‘، قادر بخش ’بشير‘، لطف
الله ’بدوي‘ وغيره.
انجمن ترقي اردو ڪراچي
انمجن ترقي اردو ڪراچي سنڌ ۾ اردو ادب جي ترقي واڌاري ۽ ڦهلاءُ
لاءِ ڪم شروع کان ڪندي رهي آهي. انجمن ترقي اردو
جي سهاري هيٺ 1935ع ۾ اردو جا ڪراچي ۾ وڏا مشاعرا
ٿيندا هئا. سنڌ ۾ ان وقت سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ
ڪا منظم تحريڪ موجود ڪا نه هئي، لاڙڪاڻي ۾ ۽ ڪنهن
وقت حيدرآباد ۾ مشاعرا ٿيندا هئا ۽ انهيءَ کانپوءِ
طويل خاموشي ڇائنجي ويندي هئي. انهيءَ جي مقابلي ۾
ڪراچيءَ ۾ انجمن ترقي اردو جي نالي سان هڪ منظم
جماعت هئي جا هڪ وڏو ڪتب خانو ۽ دارالمطالع
هلائيندي هئي ۽ انهيءَ جماعت جي سرپرستيءَ هيٺ وڏا
شاندار (اردو) مشاعرا ٿيندا هئا.
(2)
ڪراچيءَ جي ڪن سنڌي شاعرن جي ڪوشش سان انجمن ترقي
اردو وارن اردو سان گڏ سنڌي مشاعرا پڻ شروع ڪيا.
سنڌي طرح گهڻو ڪري اردو طرح جو سنڌي ترجمو هوندي
هئي. اهڙي هڪڙي مشاعري جو اعلان الوحيد اخبار ۾ هن
طرح ڪيل آهي.
انجمن ترقي اردو جو مشاعرو 23 نومبر 1935ع منعقد ٿيندو. مصرع
طرح هيٺين ريت آهي- جنهن صورت ۾ سنڌي شاعرن جو
تعداد ڪراچي ۽ ڪراچي کان ٻاهر چڱو آهي، تنهن ڪري
انهن صاحبن کي به طبع آزمائي ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي
ته هو تشريف آور ٿي پنهنجي شعر سان محفوظ فرمائين.
مصرع طرح:
اردو: بي حجابانه ميري دل سي شناسائي ڪر
سنڌي: بي حجابانه منهنجي دل سان شناسائي ڪر
سيڪريٽري انجمن ترقي اردو ڪراچي
(1)
انجمن شعراءِ هالا
هن انجمن جو بنياد 1935ع ڌاري هالا شهر جي ڪجهه نوجوان شاعرن
وڌو جن ۾ خليفو محمد عمر، قاضي احمد علي، سليم
هالائي جا نالا قابل ذڪر آهن. هن انجمن جا عهديدار
هيٺين ريت هئا:
صدر
سيڪريٽري
جوائنٽ سيڪريٽري |
حاجي شفيع محمد شهنشاهه،
سليم هالائي
خليفو محمد عمر ’اختر‘ |
هي انجمن ڪيترن سالن تائين مشاعرا منعقد ڪندي رهي. انجمن جا
مشاعرا ماهوار ٿيندا هئا، جن جون طرحون مختلف
اخبارن ۾ شايع ڪرايون وينديون هيون ۽ مختلف بزم
مشاعرن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. انجمن جي
مشاعرن جون ڪي مصرعون هي هيون:
دل کي قابو ڪرڻ سهڻن سندو دستور آهه
(2)
هاءِ حسرت موت وارو داغ دل منظور ڪيو(3)
(18 جون 1938ع
3- ڇڏي مستي ڪيو ڪا خلق جي خدمت مسلمانو
(4).
(12 نومبر 1937ع
انجمن آفتاب ادب دادو
دادو ضلعي جي ڪجهه شاعرن ۽ اديبن جهڙوڪ حافظ محمد احسن چنا،
ماستر جمن خان ’غريب‘، امام الدين ’ضامن‘ وغيره جي
ڪوششن سان انجمن آفتاب ادب 25 نومبر 1943ع تي
دادو ۾ قائم ٿي. انجمن جا پهريان عهديدار هيٺين
ريت هئا:
1- قاضي محمد قاسم ولد قاضي محمد صادق مورائي
2- ماستر جمع خان ’غريب‘
3- حافظ محمد احسن
4- علي حيدر حيدري
5- غلام عيسيٰ
6- امام الدين ضامن |
صدر
نائب صدر
جنرل سيڪريٽري
نائب سيڪريٽري
ناظم
مهتم مشاعره |
انجمن جا اغراض ۽ مقاصد هي هئا:
هر ماهه مشاعرو ڪرڻ.
شعر لاءِ ذوق سليم پيدا ڪرڻ.
قومي، اصلاحي ۽ اخلاقي شعرن ڏانهن ترغيب ڏيارڻ.
سنڌي علم و ادب جي ترقي لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
شاعريءَ جي فن جو صحيح معيار پيدا ڪرڻ.
انجمن جا مشاعرا باقاعدي هر ماهه ٿيندا هئا، جن جو انتخاب دادو
گزيٽ “ هفتيوار ۽ ”مسلمان“ (هفتيوار) حيدرآباد ۾
ڇپبو هو. انجمن جي پهرين مشاعره لاءِ مصرح طرح هئي
”اٿي بخت خفته کي بيدار ڪر“
(1)
جون 1944ع جي طرح هئي-
”موسمِ گل ۾ اسان زندان ۾ ويهي ڇا ڪريون “
(2)
اڳتي هلي آخوند شفيع محمد ۽ رئيس ضياءُ الدين ان جا مکيه
عهديدار بنيا، جنهن ڪري هن انجمن وڌيڪ زور ورتو.
انجمن آفتاب ادب دادو جي سهاري هيٺ ڇهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس
ڊسمبر 1944ع تي زير صدارت رئيس ضياءُ الدين ۽
1951ع ۾ ٻارهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس زير صدارت
ڊاڪٽر دائود پوٽه منعقد ٿيون.
انجمن آفتاب ادب جي آڪٽوبر 1954ع جي مشاعري جو انتخاب مصرح طرح-
”اڃا ڪي منزلون شايد ڏسي هي ڪاروان منهنجو“
انتخاب مشاعره
(1)
’انجم‘ هالائي:
سفر لمبو، هلين ڍرڙو، وڌائي وک وڌي هل تون
اڃا ڪي منزلون شايد ڏسي هي ڪاروان منهنجو.
زمانو سارو آهي غم ۽ ڏک ۽ درد جو ’انجم‘
ٿئي سو محو حيرت جو ٻڌي هي داستان منهنجو.
اظهر پير علي محمد صديق ريلائي:
ڀلي منهنجي ٻچن جي خون سان ڪر راند او ظالم
اڳيئي ڪربلا ۾ ٿي ويو آ امتحان منهنجو.
ڪمالِ عز و شان منهنجو ٿيو اظها عالم ۾
عرب منهنجو، عجم منهنجو، جهان و هر مڪان منهنجو.
تاج محمد ’تاج‘ صحرائي:
سفر منهنجو اڻانگو آ، پهاڙن تان بيابان مان
نشان راه منزل کان نه واقف ڪاروان منهنجو.
جنون زند گاني ۾ ملي ڇو تاج کي رخصت
اڃا ڪي منزلون شايد ڏسي هي ڪاروان منهنجو.
الهورايو ’سليم‘ ڳاڙهوي:
ستارن جا ڀري ڀاڪر کلي ٿو آسمان مون تي
ڪڏهن منهنجي به دامن ۾ هيو بخت جوان منهنجو.
ستارن کان گهڻو اڳتي ٻجهي ٿو آشيان منهنجو
اڃا ڪي منزلون شايد ڏسي هي ڪاروان منهنجو.
فضل صديق ’فضل‘ مٽياري:
سفر ۾ ناهه ڪو ساٿي نه سالم آهه ڪو سامان
نه واقف واٽ جو آهيان ٿيو تن ناتوان منهنجو.
لنگهائي لطف سان اي فضل ور واٽون ونگيون والي
ٿئي آڌار شل عربي سڳورو ساريان منهنجو.
آغا گل حسن’ گل‘ سلطان ڪوٽ:
چمن کي خون دل سان مون ڪيو خوش رنگ پرافسوس
رهي ٿو برگ و بر کان بي خبر هر پاسبان منهنجو.
سلف جي هٿ هئي جو باغباني باغ مسلم جي
ته ٿي ويو ڪيئن نه هو سرسبز جلدي گلستان منهنجو.
صاحبزادو احمد مجتبائي ’غالب‘:
هلن فلڪن تي اڄ ٿيون منهنجي بدقسمت جون تدبيرون
زمين دشمن، زمن دشمن ۽ دشمن آسمان منهنجو.
سفر دنيا ۾ هن قسمت جو ’غالب‘ قافلو هلندي
اڃا ڪي منزلون شايد ڏسي هيءُ ڪاروان منهنجو.
محمد عابد ابڙو ’عابد‘:
وجود بيخودي ۾ اڄ اچي ’عابد‘ چوي ٿو هيئن
زمين منهنجي، زمان منهنجو ۽ آهي آسمان منهنجو.
حافظ غلام قادر ’صدائي‘ (پير جهنڊو):
دلا غافل نه ٿي هر دم، ٿئي هيءُ آسمان منهنجو.
اگر هن کي ڪندس آباد، هوندو مان شان منهنجو.
’شاڪر‘ بخاري جيڪب آباد:
نه پڇ اي همنشين مون کان غمن جو داستان منهنجو
هيو جو مهربان ڪلهه، اڄ ٿيو نا مهربان منهنجو.
عجب انداز سان گذري ٿي پنهنجي زندگي ’شاڪر‘،
ڪڏهن افسردگي طاري، ڪڏهن عزمِ جوان منهنجو.
بزم ادب نواب شاهه
1943ع ۾ پر سرام ضيا جي ڪوشش سان بزم نوابشاهه قائم ٿي. پر سرام
ضيا هن بزم جو باني ۽ سيڪريٽري هو. هيءَ بزم وقت
بوقت طرحي مشاعرا ڪندي رهندي هئي. 1947ع ۾ هن بزم
جي ڪوشش سان جميعت الشعراءِ سنڌ جي سهاري هيٺ اٺين
ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنس نوابشاهه ۾ ڪوٺائي وئي. جنهن
جي صدارت ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪئي. هن ڪانفرنس ۾
مسلمانن سان گڏ گهڻا هندو اديب ۽ شاعر به شريڪ ٿيا
هئا. استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين پروفيسر
نارائڻداس ڀمڀاڻي ۽ سيڪريٽري پرسرام ضيا هو.
جمعيت الشعراءِ سنڌ
1915ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ بزم مشاعره قائم ٿي. هي پهريون مشاعرو هو جو
وڏن ماڻهن جي صحنن مان نڪري عوام تائين پهتو، جنهن
۾ نه صرف شاعر پر عام ماڻهو به شريڪ ٿيندا هئا. ان
ڪري شعر و شاعري جو فهم ۽ چاهه وڌيو ۽ سنڌ جي
مختلف شهرن ۾ بزم مشاعره قائم ٿيڻ لڳا. 1921ع ۾
پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي ۾ ڪل سنڌ مشاعرو يا ادبي
ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شاعرن
شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ ادبي ڪانفرنسن جو سلسلو شروع
ٿيو، جو اڄ تائين هلندو ٿو اچي.
ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي جڏهن مختلف بزمن جا شاعر ۽ عهديدار
پاڻ ۾ ملندا هئا ته اهي هڪ مرڪزي تنظيم جي ضرورت
محسوس ڪندا هئا، جا سنڌ جي سڀني بزم مشاعرن کي هڪ
لڙهه ۾ پوئي، سنڌ ۾ عروضي شاعري جي ترقي ۽ واڌارو
ڪري ۽ سنڌي زبان ۽ ٻولي کي جي مسئلا درپيش هئا تن
لاءِ جدوجهد ڪري.
پهريون شخص جنهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه آئي ته جميعت الشعراءِ سنڌ
ٺاهڻ گهرجي، سو غلام محمد نظامي هو
(1).
سال 1944ع ۾ پنجين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو جي
موقعي تي ڪانفرنس جي صدر ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل
پنهنجي صدرتي تقرير ۾ انهيءَ ضرورت ڏانهن شاعرن
جو ڌيان ڇڪايو. 1946ع ۾ ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس
لاڙڪاڻي جي موقعي تي جميعت الشعراءِ سنڌ قائم ڪئي
وئي.
سال 1946ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:
پريزيڊنٽ
وائيس پريزيڊنٽ |
شيخ محمد ابراهيم خليل
رئيس ضياءُ الدين ضيا
عبدالفتاح عبد عاقلي |
جنرل سيڪريٽري، خزانچي ۽ مئنيجر رساله حاجي محمدو خادم
جوائنٽ سيڪريٽري
ايڊيٽر رساله |
عبدالله ’اثر‘
سرور علي ’سرور‘
غلام احمد نظامي |
مختلف ڪاميٽيون جهڙوڪ ڪسوٽي ڪاميٽي، تصنيف ڪاميٽي، کوجنا،
ڪاميٽي ۽ پروپيگنڊا ڪميٽي مقرر ڪيون ويون.
جميعت الشعراءِ جا هيٺيان اغراض و مقاصد فيصل ڪيا ويا
(1):
سنڌي شعر و شاعري کي بامِ ترقي تي پهچائڻ.
نو آموز ۽ مبتدي شاعرن جي صحيح رهنمائي ڪرڻ.
جي شاعر سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ سنڌي شاعرن کي سڌارڻ بجاءِ ماڳهين
بگاڙي رهيا آهن، تن جي ڪلام تي واجبي تنقيد ڪرڻ.
شاعرن جي خواهش تي سندن ڪلام جي اصلاح ڪرڻ.
ڪهنه مشق شاعرن جو توجهه هن طرف ڏيارڻ ته هو
پنهنجي ڪلام ۾ وقت، ملڪ، قوم، حالات ۽ واقعات جو
ساٿ ڏين.
اهڙي قسم جا ڪتاب ڇاپائڻ، جن جي مطالعي مان شاعري سکڻ ۽ سمجهڻ ۾
مدد ملي.
شاعرن جا جيڪي قلمي نسخا شعر و شاعري بابت ڇاپائڻ جهڙا ملن تن
کي ڇاپائڻ.
ٻين ادبي مجلسن کي جي شعر و شاعري ۾ دلچسپي وٺن
ٿيون تن جو جميعت الشعراءِ سان الحاق ڪرڻ.
جتي جتي تعليمي ادارا آهن اتي جميعيت جي مقاصد مطابق مشاعره
قائم ڪرڻ.
سنڌي ساهت جي هڪ مرڪزي عظيم الشان لائبريري قائم ڪرڻ، جنهن ۾
ڇاپي ڪتابن کانسواءِ شاعرن ۽ اديبن جا ڪتاب جي اڃا
اشاعت هيٺ نه آيل هجن تن جا قلمي نسخا نقل ڪرائي
حفاظت هيٺ رکڻ ۽ موقع ملڻ تي ڇاپرائڻ.
سنڌي ڊڪشنري جي تيار ڪرڻ لاءِ تحريڪ وٺڻ.
تعليم کاتي جي (ڪتابن جي) نظمي ڀاڱي تي هر وقت نظر رکڻ ۽ ڪمي
پيشي جي درستي لاءِ مناسب نموني تحريڪ وٺڻ.
جمعيت الشعراءِ سنڌ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سمورن بزمن
جمعيت الشعراءِ سنڌ سان الحاق ڪيو جن مان ڪي هي
هيون: بزم مشاعره لاڙڪاڻو (سنڌي سڌار سوسائٽي)،
بزم ادب (ڪراچي)، بزم ادب (دادو)، بزم بلبل ميهڙ)،
بزم صوفي (ميهڙ)، بزم ادب (جيڪب آباد)، بزم ادب
(نوابشاهه)، بزم ناز (خيرپور ميرس)، بزم تارڪ
(گهوٽڪي)، بزم نظامي (ڪراچي) ۽ محفل احباب
(ڪراچي).
جمعيت الشعراءِ سنڌ جو وڏو ڪارنامو اهو آهي جو پنڌرهن ڪل سنڌي
ادبي ڪانفرنسون جمعيت جي ڪوشش ۽ تعاون سان منعقد
ٿيون. جن نه صرف سنڌي غزل کي اڳتي وڌايو پر سنڌي
زبان جي ڪيترن مسئلن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهن کي حل
ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي.
1946ع کان 1956ع تائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جمعيت الشعراءِ
سنڌ جو صدر رهيو. ان کانپوءِ جناب مخدوم محمد زمان
کي صدر چونڊيو ويو جو اج تائين ان جو صدر آهي-
1946ع کان 1960ع تائين حاجي محمود خادم جمعيت جو
جنرل سيڪريٽري رهيو جيڪو جمعيت الشعراءِ جو روح
روان هو. هن کان پوءِ اظهر شاهه گيلاني، امير بخش
قريشي ۽ محمد علي جوهر ان جا سيڪريٽري رهيا، مگر
جمعيت جو اوج ساڳيو نه رهيو.
بزم ناز خيرپور
1947ع ۾ رشيد احمد لاشاري ۽ عطا محمد حامي جي ڪوشش سان قائم ٿي.
هن بزم جو سرپرست مير غلام حسين ’احسن‘ هو. صدر
ماسٽر ڌڻي بخش ’مشتاق‘ ۽ سيڪريٽري رشيد احمد
لاشاري هو.
بزم ناز جي ڪوشش سان 1957ع ۾ ڪل سنڌ سترهين ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي
وئي، جنهن جو افتتاح عثمان علي انصاري ڪيو.
بزم ناز جي پهرين سيپٽمبر 1947ع واري مشاعري جي طرح هئي:
”مدت کان بعد آئي ساعت سعيد آهي“
|