سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :36

 

 

انتخاب مشاعره

 

نواز علي ’نياز‘،

پچر ڇڏي ڏني بلبل به اڄ تراني جي
ڏٺائين برق، لڳي ان کي آشياني جي

 

چمن ۾ ديدهِ نرگس ٿي بار بار روئي
پوي ٿي ياد انهيءَ کي به ڪنهن فساني جي.
(3)

 

محمد بخش ’واصف‘،

 

خبر نه آهه ڪري ڪهڙي باغ ۾ بجلي
جو خاڪ اڏري ٿي بلبل جي آشياني جي.

 

نه سوچين، نه پکي سي، نه  سا فضاءِ بهار
هوا بدلجي وئي آهه اڄ زماني جي.
(1)

 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘:

 

اها ئي شاخ ٿي برباد آشياني جي
جا يادگار هئي منهنجي ڪنهن زماني جي.

 

چمن به آهه ٿيو منهنجي خون سان رنگين
ڏسو بهار ۾ سرخي سندم فساني جي.
(2)

 

ماستر محمد عالم عباسي:

 

چڀن ٿا تيرِ ستم تون پڇين ٿو ڇا حالت
جگر جي سيني ۽ قلب جي نشاني جي.

 

چمن ۾ ڪانءُ ٿا ٺاهين پنهنجا آکيرا
ملي ٿي جاءِ نه بلبل کي آشياني جي.
(3)

 

’حافظ‘ محمد حيات شاهه:

اوهان جو ڀانيو ٿا رستم حرم جي مسجد جو
اها ته راه چون ٿا شراب خاني جي.

 

هجي جا صاف سچي ڳالهه سا چئي ڇڏجي
ڪجي تلاش نه هرگز ڪهين بهاني جي.

 

’سليم‘ ڳاڙهوي:

 

جلايو برق سڄو گهر ۽ پر ڇڏيا ساڙي
اڃا نظر رهي صياد جي نشاني جي.

 

نه پنهنجا پنهنجا رهيا ۽ نه دوست دوست جا رهيا
هوا بدلجي وئي آهه اڄ زماني جي.

 

عبدالعزيز ’عزيز‘ (ڏوڪري)

 

انهيءَ کي لطف ڇا ڏئي نسيمِ آزادي
هوا جنهن کي وڻيل آهه قيدخاني جي.

 

ڪري ڪا برق غضب اهڙي آهه دنيا تي
جو تيلي تيلي سڙي جڳ جي آشياني جي.
(1)

 

واحد بخش ’عاشق‘:

 

سدائين خوش ٿا رهون آسمان جي ڇت هيٺ
نه آهه گهرج غريبن کي شامياني جي.

 

مان پنهنجي درد لئه سمجهان ٿو آ اها اڪسير
ملي جي خاڪ وڃي ان جي آستاني جي.

 

حڪيم محمد ڇتل ’فدا‘:

 

پڇو ٿا ڪهڙي خبر ان جي آستاني جي
گسي جبين ٿي ان تي سڄي زماني جي.

 

اسير آهيان مان دامِ زلف جو ناصح
نه آه مون کي ڪا پرواه قيد خاني جي.
(2)

 

نظام الدين گوپانگ ’نظام‘:

هجي ڪو جيڪو ڪمائي ڪري، کڻي دولت
خدا ته کولي ڇڏي کاڻ آ خزاني جي.

 

کپي ٿو رزق کي حيلو، محبتن کي وفا
رهي ٿي  موت کي حاجت رڳو بهاني جي
(3)

 

عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي:

 

اسان جي قبر جي مٽي اڏڻ نه آ بي سود
تڙپ اڃا ٿي رهي ڪنهن جي آستاني جي.

 

ڳجهي آ چشم جي ڳوڙهن ۾ هڪ الف ليليٰ
نگاهه ياس ٿي وقعت رکي فساني جي.
(1)

 

ڏهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(لاڙڪاڻو)

 

ڏهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري هيٺ 22 ۽  23 آڪٽوبر 1949ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي، ڪانفرنس ۾ اهتمام تجر باغ (جناح باغ) ۾ سهڻي نموني ڪيو ويو هو. هن ڪانفرنس جو افتتاح ان وقت جي وزير تعليم قاضي فضل الله ڪيو ۽ ڪانفرنس جي صدارت ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي ڪئي. ڪانفرنس جي صدر ڊاڪٽر دائود پوٽي جو اسٽيشن تي جلوس جي صورت ۾ استقبال ڪيو ويو. هي جلوس شهر مان ٿيندو اچي تجر باغ ۾ ختم ٿيو.

 

هن ڪانفرنس جي مرحبا ڪميٽيءَ جو صدر قاضي عبدالمنان ۽ سيڪريٽري عبدالغفور ڀرڳڙي ۽ خزانچي حاجي محمود خادم هئا.

 

ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدا جدا حصن مان اٽڪل هڪ سو اديب ۽ شاعر آيل هئا. جن ۾ هنن عالمن ۽ بزرگن جا نالا قابلِ ذڪر آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽو، قاضي فضل الله، عثمان علي انصاري، آغا تاج محمد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل ڪئپٽن قاضي سچيڏنو، امير الدين همدم، فتح محمد قريشي، مولوي عبدالڪريم چشتي، ميان غلام عباس جوش قادري.

 

هيءَ ڪانفرنس پاڪستان قائم ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ ڪوٺائي ويئي هئي. ان ٿوري وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ جيڪو خطرو محسوس ٿيو هو تنهن جو اندازو ڪانفرنس ۾ ڪيل تقريرن مان لڳائي سگهجي ٿو.

 

قاضي عبدالمنان صدر استقباليه ڪميٽيءَ چيو، پاڪستان جي قيام بعد سنڌ ۾ حالتن غير رواجي رخ اختيار ڪيو ۽ نوي سيڪڙو هندو سنڌ جا وڻ ڇڏي هندستان هليا ويا. لکن جي تعداد ۾ پناه گزين بي وطن بنجي سنڌ اندر اچي وطن ڪري ويٺا. اهي پناه گزين سنڌي زبان کان نا آشنا آهن انهن غير رواجي حالتن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي سلامتيءَ کي سخت خطرو درپيش  آهي ۽ سنڌي ادب جي گلشن کي باد خزان لڳڻ جو سخت خطرو آهي. (1)

 

ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي صدارتي تقرير ۽ ان خطري جو بيان هنن لفظن ۾ ڪيو. هيءَ ڪانفرنس انهيءَ وقت سڏائي وئي آهي جنهن وقت اسان جي تهذيب، اسان جي زبان ۽ اسان جو ادب هڪ نازڪ ۽ خطرناڪ لحظي مان گذري رهيا آهن ان جي اپٽار ڪرڻ واجب نه آهي. اسان کي انهيءَ نازڪ ۽ پر اهميت دور جو ڪيترو احساس آهي اهو ڪانفرنس جي تجويزن ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ مان پڌرو ٿيندو. (2)

 

عبدالغفور ڀرڳڙي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي مقصد تي روشني وجهندي چيو ساري سنڌ جي اديبن عالمن ۽ شاعرن کي مدعو ڪيو ويو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي اچي سوچين ته سنڌي زبان جي گلشن کي خزان جي جهونڪن کان ڪهڙي طرح محفوظ رکجي. (3)

 

اهو سنڌي زبان کي خطري جو احساس هو جو ڪانفرنس جي مشاعري لاءِ غلام احمد نظاميءَ جي هيءَ طرح مقرر ڪئي وئي هئي.

’قوم زنده ٿي رهي پر جي زبان زنده رهي‘

ڪانفرنس جي پهرين نشست شام جو ساڍي ستين بجي شروع ٿي ۽ رات جو  ڏهين بجي ختم ٿي. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي صدرتي تقرير کانپوءِ مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون ويون. ٻي نشست آچر ڏينهن صبح جو ٿي جنهن ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. هن ڪانفرنس ۾ جيڪي مقالا پڙهيا ويا تن جو تفصيل هن ريت آهي:

 

1- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

2- عثمان علي انصاري

3- آغا تاج محمد

4- ڊاڪٽر محمد ابراهيم’خليل‘

5- مولوي عبدالڪريم چشتي

6- سيد لطف علي منظور

7- حڪيم مولوي محمد صادق

8- ڊاڪٽر عبدالحميد صديقي

9- صمد رضوي

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

شاهه ڀٽائي

شاهه ڀٽائي

سنڌي شاعريءَ جو مطالعو

تخيل جي پاڪيزگي

معيار زبان

مسلمانن جي زبان

سنڌي زبان ۽ مهاجر

صوبائي زبان

 

ٽين نشست شام ساڍي ستين بجي شروع ٿي ۽ رات جو ڏيڍ بجي ختم ٿي.  هي مشاعره جي نشست هئي جنهن ۾ شاعرن پنهنجو ڪلام ٻڌائي داد حاصل ڪيو.

ڪانفرنس جي ڪارڪنن ڪانفرنس جي سموري ڪارروائي ’تحفئه لاڙڪاڻو‘ نالي سان 1950ع ۾ شايع ڪئي آهي. جنهن ۾ ٻاهٺ شاعرن جو ڪلام شايع ٿيل آهي جنهن سان اٺٽيهه غزل باقي مسدس، مخمس وغيره آهن. جن شاعرن جو ڪلام آهي انهن جا نالا هي آهن.

 

ضلعي دادو

احمد خان ’آصف‘، محمد رمضان ’ثاقب‘، علي حيدر ’حيدري‘ جان محمد ’شائق‘ شاهه محمود صوفي، امام الدين ’ضامن‘، جمع خان ’غريب‘ غلام محمد ’گرامي‘، سيد غلام مصطفيٰ ’مظهر‘.

 

ضلعي لاڙڪاڻو

عبدالله اثر، مولوي ثناءُ الله ثنائي، غلام علي ’جعفري‘، مدد علي ’مخمور‘ نظام الدين ’نظام‘، عبدالفتاح ’عبد‘، عبدالعزيز ’عزيز‘، محمد علي، ’جوهر‘، مولوي حبيب الله ’حبيب‘، مولوي در محمد خاڪ، مولا داد ’درد‘، هريرام درياني، ’دلگير‘، عبدالحق زيب، مولوي محمد عظيم ’شيدا‘، محمد ڇٿل ’فدا‘، در محمد قريشي، مولوي نور الدين ’نور، نواز علي جعفري ’نياز‘، امير الدين ’همدم‘.

 


 

ضلع حيدرآباد

آغا تاج محمد، حافظ ضياءُ الحق اسلم، محمد بخش ’واصف‘، جبريل، مظفر حسين ’جوش‘، محمد ابراهيم ’خليل‘، عبداللطيف ’راز‘، رشيد احمد لاشاري، غلام رسول سلاوٽ، فيض محمد ’فيض‘، سيد لطف علي ’منظور‘.

 

ضلع سکر

مولوي حڪيم محمد صديق صبغت الله ’اديب‘، امير علي شهه ’جامي‘، غلام علي ’سرور‘ ماستر محمد حسين ’مشتاق‘.

 

ضلعي خيرپور

حافظ محمد اسلم الهورايو ’سليم‘.

 

ضلعي نوابشاهه

ميان نظير احمد بادل، محمد حسن ’حسن‘، سيد حسن علي شاهه ’نياز‘.

 

ضلع جيڪب آباد

قادر بخش بشير، اوستو غلام حسين، ’نياز‘ همايوني، وڏيرو پير بخش ’منظور‘.

 

ضلع ٺٽو

حاجي محمد عثمان ’پروان‘، محمد خان مجيدي.

 

ضلعي ٿرپارڪر

عبدالحي جهانگي، ميوه خان ’موج‘.

 

ڪراچي

غلام احمد ’نظامي‘.

هن مشاعري ۾ شاعرن  پنهنجي سنڌ ديس سان محبت جو بي انتها اظهار ڪيو آهي، پر ان سان گڏ ڪيترن شاعرن پنهنجن غزلن ۾ عشقي رنگ پڻ ڀريو آهي.

 

انتخاب مشاعره

 

عبدالله ’اثر‘:

 

مان گلِ مقصد جي خاطر خارِ حسرت ٿو جهليان
شال منهنجي آرزو جو گلستان زند رهي.

 

قوم آهي  جسم، آ روحِ روان ان جي  زبان
قوم زنده ٿي رهي پر جي زبان زنده رهي.

 

مظفر حسين ’جوش‘:

 

ڇڏ ته چشمِ شمع منهنجي گور تي گريان رهي
ڪو ته برباديءَ تي منهنجي نوح خوان زنده رهي.

 

مون گذاري عمر ٿي پابندِ پيمانِ  وفا
تاڪ تنهنجي بيوفائي جو نشان زنده رهي.

 

اوستو غلام حسين ’حسين‘:

 

عشق جي داغن ڪيو پيدا بهارِ بي خزان
هاڻي منهنجي دل ۾ شل هي بوستان زنده رهي.

 

اڄ ته دامن تي ڪريا ڪهڙا نه درِ آبدار
شال منهنجي ديده گوهر فشان زنده رهي.

 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘:

 

باغبان، صياد،  برق ۽ باد سڀ دشمن ٿيا
پوءِ ڀلا ڪيئن عندليبِ نيم جان زنده رهي.

 

زندگيءَ تي موت جون خاموشيون ڇانئڻ نه ڏي
قوم مرد ڪين ٿيندي جي زبان زنده رهي.

 

هري درياني ’دلگير‘:

 

سنڌ ڇا سنڌيءَ بنا، ڄڻ جسم ڪو بي جان آهه
قوم سا زنده رهي، جنهن جي زبان زنده رهي.

 

اڳ به سوبجيوين ڪريون هن تي ڪرڻ تي اڄ به آهه
پر ڌٻي جنهن کي رکي سو آشيان زنده رهي.

 

سيد لطف علي ’منظور‘:

 

تلخ ٿي جنهن جي حياتي سو ڪٿان زنده رهي
زهر پي ڪوتا به ڪي اي آسمان زنده رهي.

 

غم جدائيءَ جو رکي دل ۾ اڃا زنده رهي
موت پاسي ۾ سمهاري ڪو ڪٿان زنده رهي.

 

غلام احمد ’نظامي‘:

 

يا الاهي شل سدا سنڌي زبان زنده رهي
۽ انهيءَ سان گڏ انهيءَ جو پاسبان زنده رهي.

 

تا ابد قائم رهي شل شاهه سچل جو ڪلام
ساري عالم ۾ سندن نام و نشان زنده رهي.

 

نواز علي جعفري ’نياز‘:

 

جي اٿو حبِ وطن ڳالهايو سڀ سنڌي زبان
قوم زنده ٿي رهي پر جي زبان زنده رهي.

 

قوم جي تون درد جا دک داغ دل ۾ اي نياز
پوءِ گهر دم دم دعا هي گلستان زنده رهي.

 

محمد بخش ’واصف‘

 

موت بهتر آهه ذلت جي جيئڻ کان جانِ من
جيڪڏهن زندهه رهي ڪو شان سان زنده رهي.

 

ڇا ٿيو سنڌي رهيا، جي ميٽجي ٻولي وئي
قوم زنده ٿي رهي پر جي زبان زنده رهي.

 


 

يارهين سنڌ ادب ڪانفرنس

يارهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري ۽ بزمِ خليل جي همت ۽ ڪوششن سان تاريخ نائين ۽ ڏهين نومبر 1950ع تي هو مسٽيڊ هال حيدرآباد ۾ ڪوٺائي وئي. ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ صاحب ۽ ان جي ساٿيارين هن ڪانفرنس جو سڄو بار پاڻ تي هموار ڪيو هو ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به بزمِ خليل سان هٿ ونڊايو هو.

 

ڪانفرنس جي صدارت سيد ميران محمد شاهه وزير سنڌ ڪئي ۽ استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين مخدوم محمد زمان ۽ سيڪريٽري حاجي محمدو خادم هو.

 

ڪانفرنس  جي پهرين ڏينهن شام جو ٽين بجلي جمعيت الشعراءِ سنڌ جو ساليانو اجلاس ٿيو ۽ چونڊون ڪيون ويون. پنجين بجي سنڌي ادبي سوسائٽي سنڌ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ٿي.

 

رات جو اٺين بجي ڪانفرنس جي پهرين نشست شروع ٿي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجو  استقباليه خطبو پڙهيو. جنهن ۾ هن مهمانن جي مرحبا ڪرڻ کانپوءِ علم ادب تي بحث ڪيو. جنهن کان پوءِ سيد ميران محمد شاهه صدارت جي ڪرسي والاري ۽ صدارتي تقرير ڪئي جنهن ۾ هن سنڌي زبان ۽ ادب جي بچاءُ لاءِ مفيد رٿائون بيان ڪيون. (1)

 

صدر جي تقرير کانپوءِ آغا تاج محمد پنهنجو طرحي شعر ترنم سان پڙهيو ۽ عثمان علي انصاري تقرير ڪئي. جنهن کانپوءِ ڪانفرنس ۾ ٺهرائن پيش ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي صدارت هيٺ چاليهن ميمبرن جي سبجيڪٽ ڪميٽي چونڊي وئي. پهرين نشست رات جو ٻارهين بجي ختم ٿي.

 

ڏهين تاريخ صبح جو ڏهين بجي ڪانفرنس جي ٻي نشست شروع ٿي، جنهن ۾ چوويهه ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. هڪ ٺهراءَ منظور ڪري نائين ادبي ڪانفرنس ميهڙ وانگر وڌيڪ شاعرن کي خطاب ڏنا ويا. ٺهراءُ هو ته هيءَ ڪانفرنس هن هيٺ ڏيکاريل اديبن ۽ شاعرن کي سندن سنڌي زبان جي خدمتن جو اعتراف ڪندي کين ذڪر ڪيل خطاب اعزازي طرح عنايت ڪري ٿي: 1- ’تاج الشعراعه‘ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘، 2- ’محبوب الشعراعه‘ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، 3- ’اقبال سنڌ‘ سيٺ غلام احمد نظامي، 4- سحبان سنڌ‘ مولوي عبدالڪريم چشتي.

 

خطابن جي اهڙي فراخدليءَ سان ورهاست ڪري ڪيترن شاعرن ۽ اديبن ۾ ناراضپو پيدا ٿيو. ڪي خطابن نه ملڻ ڪري رنج هئا ۽ ڪن ان کي خوشامد پئي تصور ڪيو. تنهن ڪري اخبارن ۾ سخت تنقيدون ۽ جوابي تنقيدون شايع ٿيڻ لڳيون ۽ هڪ وڏو جهيڙو مچي پيو جنهن جو اظهار طالب الموليٰ هنن لفظن ۾ ڪيو، ’لقبن متعلق تحسين ۽ آفرين عوض سنڌ جي اديب حضرات اخبارن ۽ رسالن ۾ نڪته چيني ڪئي جا ڪافي وقت هلندي رهي. اديبن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي رهي تان جو اخباري جنگ شروع ٿي ويئي ۽ وڃي ذاتيات ۽ شخصيات تي پهتا.“ (1)

 

مخدوم طالب الموليٰ ان ڇڪتاڻ سبب پنهنجي لقب ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. ڏٺو ويو آهي ته جمعيت الشعراءِ سنڌ طرفان شاعرن کي مليل  خطاب تي نڪته چيني ٿي رهي آهي. اديب ۽ جمعيت الشعراءِ پاڻ ۾ سمجهن مگر آءُ ظاهر ڪيان ٿو ته مون کي مليل خطاب محبوب الشعراءِ آءُ ڇڏيان ٿو. (2)

 

جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ عثمان علي انصاري (ڊي پي آءَ سنڌ جي ڪميٽي مقرر ڪري انهن کان فيصلو ورتو  ويو ته اديبن کي لقبن ڏيڻ جو اهل تسليم ڪجي يا  نه؟

 

ڪميٽيءَ جي ٽنهي ميمبرن هڪ راءِ فيصلو ڏنو ته لقبن ڏيڻ جو اصول تسليم نه ڪجي. (3)

ڪانفرنس جي ٽين نشست شام جو ٽين بجي شروع  ٿي جنهن ۾ مقالا پڙهيا ويا.

 

1- سنڌي پهاڪا

2- بلبل جي ادبي خصوصيت

3- سچل سرمست ۽ شاهه

4- لطيف اللطيف (ڪتاب) تي تبصرو محبوب علي چنا

اياز حسين قادري

ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل

عبدالغفور ڀرڳڙي

 

 

چوٿين نشست مشاعري لاءِ هئي جنهن جي صدارت مخدوم محمد زمان ڪئي ڪانفرنس ۾ چوراسي شاعرن جا شعر پيش ٿيا (4) انهن مان ڪن جا نالا هي آهن.

 

فيض حيدري، راز بلڙائي، عبدالڪريم شاد، پروانو ڀٽي، محمد خان مجيدي، مولوي محمد صادق، طالب علي، در محمد خاڪ، واقف ٺارو شاهي، جمع خان غريب، رسول بخش ’دوست‘، محمد رمضان ’ثاقب‘، حافظ محمد احسن،  مفلس حبيب، واحد بخش ’عاشق‘، امير علي شاهه جامي، جمع هالو، سيد نياز،  مولا بخش سانگي ’ساغر‘، تاج بلوچ، محمد عالم عباسي، امير بخش قريشي، امير، علي محمد خالدي، آغا گل حسن ’گل‘، اياز قادري، انور هالائي، احقر مشتاق،  عبدالعزيز عزيز (ڏوڪري)، قادر بخش ’بشير‘، نياز همايوني، اديب، سليم هالائي، حقير، مجرم، حسن، ميوه خان بلوچ سرور علي ’سرور، رشيد لاشاري، محمد بخش واصف، عبدالقيوم صائب، منظور نقوي، مظفر حسين جوش، محمد ابراهيم خليل، عبدالله خواب، احقر هالائي، محمد حسين آتش، غلام محمد گرامي، رئيس ضياءُ الدين ضيا، عبدالله اثر، آزاد، محمد عمر اختر هالائي، عارف الموليٰ، رضا، انجم هالائي، نورل عبدالفتاح عبد، عبدالله شائق، لائق، حيدر شاهه، اداسي، اديب، سائل، صوفي، عاصي، حافظ شاهه، مرزا گل، حشمت، قيصر، محمد خان غني ۽ طالب الموليٰ مخدوم محمد زمان، نور الدين نور، حاجي محمود خادم وغيره.

مشاعره لاءِ طرح ڊاڪٽر خليل جي ڏنل طرح هئي.

 

’قصئهِ منصور ٿي يا طور جو افسانو ٿي‘

 

امير علي شاهه معصومي ’جامي‘ض:

 

او بتِ ڪافر جڏهن کان دل ۾ تو ديرو ڪيو
ڪعبه دل تنهنجي الفت ۾ ويو بتخانو ٿي.

 

زندگي جو حال جامي گرچه آهي مختصر
گردشِ افلاڪ کان آخر ويو افسانو ٿي.
(1)

 

شعبان بخت:

 

ڪنهن مصيبت، ڪنهن الم ۽ آزمائش کان نه ڊڄ
عقل جو ڀؤنور نه ٿي، پر عشق جو پروانو ٿي.

 

قرب ۾ ناهي قناعت، هڪ ازل جي آهي اڃ
قصئهِ منصور ٿي يا طور جو افسانو ٿي.
(2)

 

نواز علي جعفري ’نياز‘:

 

مثل موسيٰ ڪين شل هوشيار ٿيان بي هوش ٿي
يا خدا دل منهنجي شمع طور جو پروانو ٿي.

 

اشڪِ گلگون جو وڃي رک هار نازڪ وٽ نياز
مر حقيقي يار وٽ پيارو سندءِ نذرانو ٿي.
(1)

 

قادر بخش ’بشير‘:

 

اٿ اٿي ميدان عمل ۾ همٿ مردانه ٿي
قصئهِ منصور ٿي يا طور جو افسانو ٿي.

 

قصرِ ڪسريٰ ۾ رهين يا ڀونگڙيءَ ۾ تون بشير
دل مگر خود دار رک، رهه شوڪت شاهانو ٿي.
(2)

 

محمد جمن ’هالو‘:

مہ لقا محفل حسينن جي گهرائي هيئن چيو
عشق منهنجي ۾ ويو فرزانه ڀي ديوانو ٿي.

 

مون توجہ ٿي رکي قائم سدا سوئي حرم
پر تصور ۾ بتن جي دل وئي بتخانه ٿي.
(3)

 

عبدالقيوم ’صائب‘:

 

نعرهِ مستانه ٿي يا جوهِ جانانه ٿي
قصئهِ منصور ٿي يا طور جو افسانو ٿي.

 

راند سمجهي کيڏ صائب زندگيءَ ۾ موت سان
سک سبق پروانه کان ۽ خود به هڪ پروانه ٿي.
(4)

 

الله بخش عقيلي ’سرشار‘:

 

ڪو نه هرجائي هميشہ هر طرف وارا وٽا
يا وسائي ڪو حرم يا زينتِ بتخانه ٿي.

 

مست چشمن جي نشي کان جا خطا ٿي سا معاف
عفو جي قابل هميشہ لغزشِ رندانه ٿي.
(1)

 

جمع خان ’غريب‘:

 

شيشئهِ دل مان شرابِ شوق نت نئون اوت پوت
ساقي ٿي، ساغر به ٿي ۽ مي به ٿي، ميخانه ٿي.

 

جي غريب آهين ته ڇا پر ره غنيءَ اڳيان غني
ڀل گڏائي ريت ره پر رهت ۾ شاهانه ٿي.
(2)

 

مولوي نورنگ زاده (کورواه):

 

رنگ محفل جو مٽيو سانگي ويا سنڀري سفر
مي مٽن ۾ ناه ڪا خالي ويو ميخانه ٿي.

 

آءُ تنهنجو آهيان مون تان نه ڀنڃ ڀيرا ڀلا
پنهنجي پورهيت کان رهين ٿو بي سبب بيگانه ٿي،
(3)

 

عبدالله ’خواب‘:

دل جي زخمن سان ئي ڪر تخليق هڪ تازه بهار
عالمِ ديوانگي ۾ رونقِ ويرانه ٿي.

 

مڪتبِ حسنِ ازل ۾ ’خواب‘ ٿيندين سرفراز
امتحانِ عشق ۾ نادان ٿي دانا نه ٿي.
(4)

 

نظام الدين گوپانگ ’نظام‘:

 

قصئهِ منصور ٿي يا طور جو افسانو ٿي.
ڪجهه ته ٿي ڏيکار شمع دين جو پروانو ٿي.

 

ڇا ٿيو مجنون جيان جي مست ٿئين مورت مٿان
هوش رک ٿي حق نما هن بره کان بيگانو ٿي.
(5)

 

عزيز الله ’مجروح‘:

 

رند ٿي هڪ لاآبالي نوشِ ڪر جامِ خودي
ڪربلا جي واقعي جو، هوبهو افسانو ٿي.

 

ٿي نه ڪنهن عياش دولت مند جي قصرِ بلند
مان! مگر مسڪين ۽ مزدور جو خسخانو ٿي.
 


(3)  اديب سنڌ، مئي 1948ع، ص 6.

(1)  اديب سنڌ، ماهه مئي 11948ع، ص 7.

(2)  اديب سنڌ، ماهه مئي 1948ع، ص 6.

(3)  عام راءِ (ماهوار) ڪراچي ماهه فيبروري 1950ع، ص 30.

(1)  بياض عزيز قلمي ملڪيت عبدالعزيز(ڏوڪري) لاڙڪاڻو.

(2) ڪليات فدا (قلمي) ملڪيت ايم-بي شيخ شهدادڪوٽ.

(3)  نظام الدين- بياض نظام (قلمي) ملڪيت نظام الدين گوپانگ ميرو خان لاڙڪاڻو.

(1)  عبدالفتاح عاقلي- ’بياض عبد‘ (قلمي) ملڪيت زيب عاقلي لاڙڪاڻو.

(1)  عبدالمنان قاضي تقرير تحفئه لاڙڪاڻو  1950ع انصاف پريس لاڙڪاڻو ص 16.

(2)  عمر محمد دائود پوٽو ’صدارتي تقرير‘ تحفئه لاڙڪاڻو 1950ع انصاف پريس لاڙڪاڻو ص 20.

(3)  عبدالغفور ڀرڳڙي ’پيش لفظ‘ تحفئه لاڙڪاڻو 1950ع انصاف پريس لاڙڪاڻو5.

(1) اديب سنڌ- 23 ڊسمبر 1950ع- ص 23.

(1)  فردوس ماهوار هالا ماهه آگسٽ 1951ع، ص 40.

(2)  انصاف هفتيوار چوڏهين فيبروري 1951ع لاڙڪاڻو، ص 3.

(3)  فردوس ماهوار هالا ماهه آگسٽ 1951ع، ص 40.

(1)  بياض جامي (قلمي) ملڪيت امير  علي شاهه معصومي پراڻو سکر.

(2)  بياض بخت (قلمي) ملڪيت شعبان بخت ڪراچي.

(1)  ديوان نياز (قلمي) ملڪيت اعجاز جعفري لاڙڪاڻو.

(2)  ڪليات بشير (قلمي) ملڪيت اظهر شاهه گيلاني گهوٽڪي.

(3)  محمد جمن هالو، سوز عشق- 1963ع، ص 55.

(4)  نشاط والم (قلمي) ملڪيت عبدالقيوم صائب حيدرآباد.

(1)  بياض سرشار (قلمي) ملڪيت سنڌي ادبي بورڊ  حيدرآباد.

(2)  بياض غريب (قلمي) ملڪيت عمر علي لاکير ڳوٺ مريد لاکير دادو.

(3)  اديب سنڌ ماهه جون 1951ع، ص 39.

(4)  مهراڻ ٽمامي سيارو 1955ع، ص 38.

(5)  نظام الدين ’نظام‘ بياض (قلمي) ملڪيت نظام الدين ميروخان لاڙڪاڻو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org