سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :15

 

 ڀاڱو پنجون

اخباري مشاعرا

 

عنوان

 

اخبارون ۽ رسالا

سنڌ سڌار

معين الاسلام

معاون الاسلام

تحفئه احباب

بهارِ اخلاق

الحقيقت

مسلمان

گلدستئه سنڌ

 اديب سنڌ

 نئين زندگي

 فردوس

 مهراڻ

 روحِ ادب

 

**

 

اخبارون ۽ رسالا

انگريزن جي سنڌ تي تسلط ۽ حڪمراني کان پوءِ سنڌ جي سماجي، سياسي، ادبي ۽ تعليمي ماحول ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي. انگريزن جي آمد کان اڳ پارسي سنڌ جي درباري، تعليمي ۽ ادبي زبان هئي. پنهنجي دور ۾ انگريزن انگريزي ۽ سنڌي زبان کي اڳتي وڌايو. انگريزن جي شروعاتي ڏينهن ۾ پارسي جو اثر قائم رهيو، پر انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ڏانهن ماڻهن جي وڌندڙ چاهه ان کي ٿوري عرصي ۾ ئي ختم ڪري ڇڏيو.

 

انگريزن جي دور ۾ جنهن ڳالهه سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ تبديلي آندي اها هئي اخبارن جي اشاعت. اخبارن جتي ملڪ جي سماجي ۽ سياسي ماحول ۾ تحرڪ پيدا ڪيو اتي انهن شعر و شاعري کي پڻ فروغ ڏنو، خاص طرح سنڌي عزل جي اوسر سنڌ جي انهن شروعاتي اخبارن جي مرهونِ منت آهي.

 

جيئن ته انگريزن جي شروعاتي دور ۾ پارسي جو اثر قائم هو. تنهن ڪري سنڌ ۾ ”مفرح القلوب“ 1855ع، ”مطلع خورشيد“ 1860ع ۽ اڪليل 1870ع ۾ پارسي زبان ۾ شروع ٿيون. انهن اخبارن ۾ مفرح القلوم ماڻهن ۾ وڌيڪ مقبول هئي ۽ ان ٻين اخبارن جي ڀيٽ ۾ 55 سالن جي وڏي عمر ماڻي ۽ 1905ع ۾ ختم ٿي وئي. انهن پارسي اخبارن پنهنجن صفحن ۾ سنڌ جي پارسي  غزلگو شاعرن جي غزل کي دل کولي جاءِ ڏني ۽ پارسي اخباري مشاعرن جو بنياد رکيو.

 

سنڌ ۾ جڏهن سنڌي اخبارن جي شروعات ٿي ته اهي اخبارون به  پارسي اخبارن جي نقشِ قدم تي هلڻ لڳيون. انهن اخبارن به پنهنجي محدود صفحن ۾ سنڌي غزل جي لاءِ ڪشادهه دليءَ سان گنجائش پيدا ڪئي ۽ سنڌي اخباري مشاعرن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن اڳتي هلي سنڌ ۾ بزم مشاعرن جي بنا وڌي.

 

شروع ۾ سنڌي اخبارن ۾ شعر موڪليندڙ اهي ئي شاعر هئا جن جو ڪلام پارسي اخبارن ۾ شايع ٿيندو هو، جيئن ته اهي گهڻو حافظ، سعدي ۽ ٻين ايراني شاعرن جي ديوانن سان مانوس، پارسي شاعري کان متاثر ۽ علم عروض کان واقف هئا تنهن ڪري هنن سنڌي اخبارن ۾ پڻ سنڌي غزل ئي شايع ڪرايا. ان وقت جي سنڌي اخبارن ۾ شاعرن جو وڏو تعداد ماسترن ۽ معلمن جو نظر اچي ٿو، ان جو سبب اهو آهي جو سنڌي اخبارون اسڪولن، مدرسن ۽ مڪتبن ۾ وينديون هيون. تنهن ڪري ماسترن ۽ معلمن هڪ ٻئي کي ڏسي شاعري ڪئي ۽ غزل چوڻ شروع ڪيو.

 

سنڌي اخبارن پنهنجي شروعاتي عمر ۾ ئي غزل کي ايترو مقبول بنائي ڇڏيو جو شاعر نه صرف غزل چوڻ لڳا پر هڪ ٻئي کي پنهنجي غزل تي  غزل لکڻ جي فرمائش ڪرڻ لڳا ۽ هڪ ٻئي جي غزلن تي جوابي غزل لکڻ لڳا. جنهن ڪري هم طرحي غزلن ۽ اخباري مشاعرن جو  رواج شروع ٿيو.

مرتضائي شاعرن کي چوي ٿو:

 

مرتضائي هي غزل ڇاپاءِ  اڄ اخبار  ۾
تا ڏسن شاعر، وري ڪو غور من غازي ڪري.

 

فقير محمد ”عاجز“ جوابي غزل لکندي ٻڌائي ٿو؛

 

لکيائين مصرع اخبار ۾ حريف لاءِ
انهيءَ ڏي عاجز منهنجي به دل لڙي ويئي.

 

سنڌي غزل کي جن سنڌي اخبارن سنڌ ۾ مقبول بنايو تن ۾ سنڌ سڌار، معين الاسلام ۽ معاون الاسلا جا نالا قابل ذڪر آهن. مرتضائي پنهنجي وقت جي ڪنهن اخبار لاءِ چوي ٿو:

 

اڄ مغز منهنجي کي طراوت آئي هن اخبار کان
قوت جگر ۽ جان کي از زبر ۽ زيري رسي.

 

انهن سنڌي اخبارن جي قائم ڪيل سنڌي غزل جي سرپرستي جي روايت اڄ تائين قائم آهي جيتوڻيڪ اخباري مشاعرن جو رواج ڪجهه وقت کان ماٺ ٿي ويو آهي.

 

پوئين دؤر جي اخبارن ۾ الحقيقت ۽ رسالن ۾ اديب سنڌ غزل کي مقبول بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ۾ نه صرف غزل ۽ مشاعرا شايع ٿيندا هئا، بلڪه مختلف شاعرن جي غزلن تي تنقيدون ۽ تبصرا شايع ٿيندا ۽ عروض جا سبق ۽ درس به شايع ڪيا ويندا هئا، جنهن ڪري غزل چوندڙ شاعرن جي ڄاڻ ۾ اضافو ۽ غزلن ۾ پختگي پيدا ٿيندي هئي. حاجي محمود خادم چوي ٿو، ”گذريل نون سالن ۾ اديب (سنڌ) پنهنجي مٺڙي زبان جي خدمت  ڇا ڪئي، سا ناظرين حضرات کان مخفي نه آهي، ڪيئي  مبتدي شاعر منتهي ٿيا، سنڌيءَ ۾ سوين سڌارا آيا، غلط لفظن جو صحيح استعمال ٿيڻ لڳو. ڪيترا شاگرد اديب بنيا. علمي ادبي مجلسن کي اديب (سنڌ) کان طاقت پهتي“ (1)

 

ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي اخبارن ۽ رسالن ئي سنڌي غزل جي پرورش ڪئي ۽ ان کي سنڌ ۾ مقبول بنايو، جيئن مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي جائزي مان معلوم ٿيندو.

 

سنڌ سڌار:

انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي تڏهن سنڌ جي دفتري زبان پارسي هئي. شروع ۾ انگريزن پنهنجي دفتري زبان ۾ پارسي رکي، 1853ع  ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن عربي، سنڌي، آئويٽا مروج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ڪري موجوده سنڌي آئويٽا ٺهي تيار ٿي ۽ سنڌ ۾ سنڌي تعليم جي شروعات ٿي.

 

1866ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي تعليم کاتي طرفان ”سنڌ سڌار“ جي نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي، جنهن جو مقصد ماڻهن کي ملڪي خبرن کان آگاهه ڪرڻ ۽ انهن ۾ تعليم جو چاهه پيدا ڪرڻ هو. هن اخبار جو مئنيجر سنڌ سرڪار جو سنڌي مترجم (آفيسر) هوندو هو. اخبار هر هفتي جمعي ڏينهن نڪرندي هئي، جنهن جي ٻئي صفحي  تي سنڌ جي شاعرن جا شعر شايع ڪيا ويندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري غزل هوندا هئا.

 

هن اخبار جي ايڊيٽرن ۾ مرزا صادق علي ۽ ساڌو هيرانند جا نالا قابلِ ذڪر آهن. ساڌو هيرانند کان پوءِ ديوان خانچند ان جو مهتم ٿيو (1).

1884ع ۾ هي اخبار تعليم کاتي طرفان (سنڌ) سڀا جي حوالي ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته مالي طرح پنهنجي ضرورت پوري ڪري نٿي سگهي. (2)

 

سڀا وارن جي پاران به اخبار جي لاءِ رڳو مهتم (ايڊيٽر) مقرر ٿيو. ڇپائي وغيره جو بار وري پوڄا جي ۽ دوراب جي نالي ٻن پارسين کنيو. اهي پارسي سنڌ نواسي پنهنجي پريس مان ”سنڌ ٽائيمس“ نالي هڪ انگريزخي اخبار اڳ ۾ ئي ڪڍندا هئا.

 

1884ع جنوري مهينن ۾ سڀا وارن ٻنهي اخبارن جي مهتميءَ جون واڳون ساڌو هيرانند جي حوالي ڪيون (3) ساڌو هيرانند نومبر 1887ع ۾ اخبار جي ايڊيٽري تان استعيفا ڏني. اخباري نمائندي لاءِ سنڌيءَ ۾ ”خاطو“ جو لفظ هن جي ايجاد هئي. (4)

 

”سنڌ سڌار“  ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جون خبرون، تعليمي سرگرميون اديبن ۽ شاعرن جا مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا هئا. سنڌي موزون ڪلام جي اوسر ۾ هن اخبار جو وڏو هٿ آهي. سنڌي غزل جي خوش نصيبي هئي جو هن کي سنڌيءَ جي ههڙي شروعاتي اخبار جي سرپرستي ملي ويئي؛ جنهن ڪري سنڌي غزل خاص طرح پڙهيل لکيل طبقي ۾ مقبول ٿي ويو. جيئن ته هيءَ اخبار سڀني اسڪولن ۾ لازمي طرح ويندي هئي تنهن ڪري سنڌي ماسترن ۽ مدرسن جي معلمن  ۾ جيڪي گهڻو ڪري پارسي خوانده هئا ۽ پارسي غزل کان واقف هئا، سنڌي غزل چوڻ جو چاهه پيدا ٿيو. ان ڳالهه کي مرتضائي هيئن بيان ٿو ڪري:

جت مدرس مدرسہ جا عبد ۽ قربي رهن
مرتضائي خوب هر هڪ ماستر پيدا ٿيو.
(5)

 

محمد صديق ميمڻ تاريخ سنڌي ادب ۾ ”سنڌ سڌار“ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو، ”سنڌي موزون ڪلام جي اُسرڻ ۽ ترقي لاءِ اهو زمانو تمام چهچٽي وارو هو، ڇاڪاڻ جو جهونن توڙي نون شاعرن جا ڪلام اخبار ۾ بنا اٽڪ پيا شايع ٿيندا هئا ۽ شاعر نهايت فضيلت ۽ سنجيدگيءَ سان هڪ ٻئي جي ڪلام تي نڪته چيني ڪندا هئا ۽ عمدي ڪلام کي بنان بخل داد ڏيندا هئا.(1)

 

”سنڌ سڌار“ ۾ جن شاعرن جا غزل شايع ٿيندا هئا، تن مان ڪن جا نالا هي آهن:

 

1- اخوند محمد قاسم هالائي، 2- فاضل شاهه، 3- آخوند محمد لقمان شبيراڻي، 4- آخوند لطف الله ’لطف‘ شيراڻي، 5- آخوند فقير محمد ’عاجز‘، 6- آخوند لطف الله ’لطف‘ هالائي، 7- ماستر عبداللطيف ٺٽوي، 8- غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي‘، 9- غلام علي سبزپوش ’علي‘ ٺٽوي، 10- ماستر ڪمال الدين ’مست‘، 11- محڪم الدين ’محڪم‘، 12- مير علي نواز علوي، 13- ماستر محمد اسلم شڪارپوري، 14- آخوند عبدالقادر ’بيدل‘ شڪارپوري، 15-  ميان هدايت الله ’مشتاق‘، 16- خوش  محمد ’خاطيٰ‘، 17- يار محمد ’قانع‘، 18- قاضي محمد باقر قريشي ’راقم‘، 19- شمس الدين قريشي ’عاصي‘، 20- پير ميان مظهر الدين شاهه، 21- محمد صديق، 22- محمد يوسف ’مسڪين‘، 23- قاضي نور محمد قريشي، 24- ميان محمد عظيم ’عاصي‘، 25- رسول بخش ’رهي‘، 26- عبدالواحد ’سائل‘، 27- مخدوم محمد عثمان، 28- جشن مل ميرچنداڻي، 29- منشي لڇمي رام ’خفتي‘، 30- قاضي عبدالوهاب ’خاطي،‘ 31- شير محمد قريشي ’راهي‘، 32-’ فصيح‘، 33- فضل علي خان ’خيالي‘.

 

شاعرن جي ايڏي وڏي تعداد مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ”سنڌ سڌار“ سنڌ ۾ غزل لاءِ زمين هموار ڪري ڇڏي هئي ۽ شاعر غزل رستي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي خوشي محسوس ڪندا هئا.

 

”سنڌ سڌار“ پنهنجي زماني ۾ شاعرن ۾ ڪيتري قدر مقبول هئي، ان جو اندازو مختلف شاعرن جي شعرن مان لڳائي سگهجي ٿو. امام بخش شاهه ”فدوي“ پنهنجي هڪ دوست جي خط جي جواب ۾ لکيل غزل ۾ چوي ٿو:

 

خط منجهان معلوم ڪيسون هر طرح جون ڪيفيتون
خوب خبرون مثل سنڌ سڌار آڻي تنهنجو خط
(1)

 

خليفي ”قاسم“، محمد ”اسلم“ علوي شڪارپوري جو هڪ غزل سنڌ سڌار ۾ ڏٺو آهي جنهن جو جواب لکي هن ڏانهن موڪلي ٿو:

هڪ غزل اخبار نالي سنڌ سڌار
منجهه ڏٺم وهه وهه غزل سالم صفا.
هن غزل ڪارڻ جوابي هي غزل
جوڙجڪ ۾ رمز رٿ رنگين ادا
(2)

 

پنهنجي هڪڙي ٻئي غزل ۾ اڪمل نالي شاعر کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

تو چيو هڪ نظم منجهه اخبار نالي سنڌ سڌار
ڇا سندس مضمون موچارو بحسن الحتواءِ
(3)

 

سنڌ سڌار ۾ شايع ٿيل غزلن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي غزل جي ان ابتدائي دور ۾ به غزل ۾ گلاب جي مکڙيءَ وانگر حسن ۽ دلفريبي جا اهي انگ ۽ رنگ موجود هئا جي مکڙيءَ جي گلاب ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ دلڪش ٿي ويندا آهن. سنڌ سڌار جي ڪن غزلن جي انتخاب جي مطالع مان تصديق ٿئي ٿي.

 

ميان شمس الدين ”عاصي“ (شڪارپور)

 

پريون حوريون ٿيون حيران پسي دلدار جي صورت
عجايب ۾ پيا انسان پسي دلدار جي صورت.
سٺا ها ”عاصيا“ جنهن دل هميشہ درد دوريءَ جا
اها ٿي اڄ گهڻو شاداب پسي دلدار جي صورت
(4)

 

عبداللطيف ”لطيف“:

 

آهه جائز مون اتي صنعان ثاني جو لقب
جو سڃاڻان ڪين ٿو تسبيح کي زنار کان.

 

زعفران هو رنگ منهنجو هو سو ڦري ٿيو ارغوان
سان برڪت جام هڪڙي جو مليو خمار کان.

 

آهه چمڙا پوش زاهد ڪنڊ مسجد جي اندر
جيئن رهي ظلمت ۾ چمڙو شمس جي انوار کان.
(1)

 

يار محمد ”قانع“:

 

حال هيڻو سندم خدا ڄاڻي
ڪين دلدار بي وفا ڄاڻي.

 

لاءِ گل جي روان کلن اغيار
قدر بلبل جو زاغ ڇا ڄاڻي.
(2)

 

قاضي محمد باقر ”راقم“:

 

تنهنجي فرقت ۾ اي سڄڻ سائين
عمر گذري ويم سڄي ساري.

 

رخ درخشان جيئن صبح روشن
موئي ور ور مثال شب ڪاري
(3)

 

عبدالواحد ”سائل“:


درد دل جو هائي ڪريان ڪيئن  بيان
ٿي مقابل شڪرين گفتار سان.

 

ٿو رقيبن جو ڏسان هرسو هجوم
جي نه ساعت گڏ سهن دلدار سان.

 

رنگِ فرقت کان ڪد ورت دل اتي
جيئن صفا ڪنجي ڪٽيل زنگار سان
(1)

 

سنڌ سڌار سنڌي مشاعرن جي بنياد رکڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو. هن اخبار ۾ ڪي ڪي غزل اهڙا شايع ٿيندا هئا جن جي جواب ۾ ٻيا شاعر غزل لکندا هئا. ڪيترا اهڙا غزل پڻ شايع ٿيندا هئا جن ۾ ٻين شاعرن کي جوابي غزل لکڻ جي دعوت ڏني ويندي هئي ۽ اهڙي طرح ساڳئي زمين  ساڳئي رديف ۽ قافيي سان چيل غزلن جو مشاعرو ٿي ويندو هو. سنڌ سڌار ۾ مختلف وقتن تي شايع ٿيل اهڙن غزلن جو هڪ مشاعرو ملاحظه ڪريو:

 

محمد يوسف ”مسڪين“:

 

اي ادا بادِ سحر ڪو ڏي نياپو يار جو
مرحبا فرخ سير ڪو ڏي نياپو يار جو.

 

ياد جن ۾ وڄن هر هر رڳون طنبور جان
تن ڪئي ٿي ڪا پڇر ڪو ڏي نياپو يار جو.

 

آئيا ڏينهڙا بهاري، چؤ سڄڻ ايندا ڪڏهن
هاڻ ”مسڪين“ ڪر خبر ڪو ڏي نياپو يار جو

 

وزن کي ٿورو گهٽائي ”يار“ جو قافيو ۽ ”جو“ رديف قائم رکي  ”رهي“ ۽ ”فصيح“ پنهنجا غزل هن انداز سان بيان ڪيا آهن:

منشي رسول بخش ”رهي:

 

ناهه ڪو ثاني مٺي منٺار جو
ناهه ڪو همسر سچي سالار جو.

 

درد کان دانهون ڪيان ٿو دمبدم
ڏي ادا قاصد نياپو يار جو.

 

شاعرن مان ڪو جي ڏي مون کي جواب
آءُ ٿيندس گولو سندس گفتار جو.

 

ڏي صبا آني سينهو يار جو
دوست دلبر دل گهرئي دلدار جو.

 

ڪا اٿو منهنجي مسيحا جي خبر
حال ڪونهي برهه جي بيمار جو.

 

جي اچي پيرا ڀري پرتؤن پڇي
ٿي اپر احسان هڪ هڪ وار جو.

 

ميان لطف الله ”لطف“:

 

اڄ هلي ڏس حال هيڪر برهه جي بيمار جو
ڪو نه ڏس ويڄن ڏنو هن عشق جي آزار جو.

 

هن مرض جي جانچ ۾ ويڄن ڪيا ڪي وس وڏا
پر پين هر گز نه ڪنهن پر ڪو پرو هن پار جو.

 

رات پرواني شمع کي جا ٻڌائي ماجرا
سر مگر هو سوز مون بيدل دلِ افگار جو.

 

مرحبا مون سان ڪيائين پر نشي ۾  بيخبر
ڄڻ چڙهيا پئي لوٽ گهوٽ ۽ ڪٽڪ قنڌار جو.

 

سر گهرين تان آهه حاضر ڇو ته تنهنجو حڪم آهه
عاشقن جي ڪاڻ سو ڄڻ آ سمن سرڪار جو.

 

ڪو سڄڻ منهن ۾ تنهين جي هو تجلو نور جو
هڪ نظر سان جنهن نهوڙي هوش نيو هوشيار جو.

 

”لطف“ تنهنجي لطف جو آهي سدا اميدوار
مهر مان تنهن کي اچي بهرو ڏيرو ديدار جو.

 

معين الاسلام:

 

هيءَ  اخبار شمس العلماءِ مرزا مخلص علي جي فرزند محمد صادق 1880ع ۾ ڪراچي مان ڪڍي. هيءَ اخبار سرڪاري طرح اسڪولن لاءِ منظور هئي تنهن ڪري سنڌ جي سمورن اسڪولن ۾ ويندي هئي. هيءَ اخبار جمع ڏينهن نڪرندي هئي. مرزا صادق علي پارسي ۾ ”اڪليل“ نالي پڻ اخبار ڪڍي هئي. انهن ٻنهي اخبارن جو ذڪر مرتضائي يوسف زليخا (مثنوي) ۾ هيئن ڪري ٿو:

ڪڍي ”اڪليل جا اخبار عمدي
منجهان را فارسي بسيار عمدي.

 

معين آهي سندس سنڌيءَ جي اخبار
برابر آهي، سا ڄڻ گوهر بار.

 

هن اخبار ۾ مفرح القلوب وانگر سنڌي غزل گو شاعرن جا غزل شايع ٿيندا هئا. هيءَ  اخبار 1885ع ۾ بند ٿي.

 

معاون الاسلام

سرڪاري اخبار ”سنڌ سڌار“ کانپوءِ  جلد ئي سنڌي خبارون شايع ٿيڻ لڳيون، جن مان  ”معاون“ هفتيوار اخبار به هڪ هئي. هيءَ اخبار حسن علي آفنديءَ مسلمانن ۾ تعليمي، سياسي، سماجي ۽ علم بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي هئي. هيءَ اخبار 1885 (1) ۾ شروع ٿي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ ان جو ايڊيٽر شمس الدين بلبل مقرر ٿيو. ”معاون“ اخبار جي چارج وٺندي ئي بلبل پنهنجي پرزور ۽ رنگين مضامين سان ان کي اهڙو ته زور وٺرايو جو ساري سنڌ ۾ غلغلو پئجي ويو. هن اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم ۾ آندا جنهن جي مطالع سان خود  اهلِ قلم پڻ دنگ رهجي ويندا هئا. (2)

 

معاون اخبار به سنڌي غزل جي سرپرست ثابت ٿي. بلبل ان ۾ به سنڌ سڌار وانگر فراخدليءَ سان غزلن کي شايع ڪرڻ لاءِ جاءِ ڏني ۽ جواب طلب غزلن ۽ جوابي عزلن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ڪري جلد ئي هيءَ اخبار سنڌ جي شاعرن ۾ مقبول ٿي وئي. سنڌ جا گهڻا شاعر هن اخبار ۾ پنهنجو ڪلام شايع ٿيڻ لاءِ موڪليندا هئا، ان ڪري هيءَ اخبار سنڌي غزلن جو غنچو ٿي پئي. هڪ ڀيري بلبل جو هڪ مزاحيہ ۽ طنزيہ غزل جنهن جو رديف ”اهڙي تهڙي“ هو، معاون ۾ شايع ٿيو. جنهن جو جواب مرتضائي ساڳئي انداز ۾ شايع ڪرايو. ٻنهي غزلن جا ڪجهه شعر ملاحظه ڪريو:

 

شمس الدين بلبل:

 

عشق جي، عشق جي آزار جي اهڙي تهڙي
درد جي، دل جي ۽ دلدار جي اهڙي تهڙي.

 

مفت ماڻهن کي ڊيجارين ٿو، ڀلا ڙي ملڙو
ها سندءِ جبہ و دستار جي اهڙي تهڙي.

 

جُوَ جوڳين جان رکو، وار ۽ ڏاڙهي ڏاڪڻ
پٽڪي، پهراڻ ۽ شلوار جي اهڙي تهڙي.

 

پائي ڀاڪر جو ملو ٿا، ڪه وڙهو ٿا ملهون
خوش تازي جي، خبر چار جي اهڙي تهڙي.

 

هي پڙهي شعر ملامت ۾ چون ٿا ماڻهو
شعر جي، بلبلِ بيمار جي اهڙي تهڙي. (
(1ـ

 

مرتضائي:

       

برهه جي، برهه جي بيمار جي اهڙي تهڙي
حسن جي، حسن جي سردار جي اهڙي تهڙي.

 

ڏس ته رشوت ۾ اچي منهن ته رکيو ڪامورن
ڳالهه ڪهڙي ڪريان لاچار جي اهڙي تهڙي.

 

ٿيو اصيلن کي ڌڪو، در تي وڪيلن ڪرسي
ڏس عدالت ڪهي تڪرار جي اهڙي تهڙي.

 

واه مصرع جا ڪڍي آهي سٺي ڪنہ سنڌيءَ
عشق جي، عشق جي آزار جي اهڙي تهڙي.

 

ٻي ڊسمبر  سنڌي اخبار معاون ۾ ڏٺم
مون کي ورندي رسي لاچار جي اهڙي تهڙي.

 

مرتضائي کان رسي جيڪا سا خاطر ڪيائين
جيئن گهرن عشق جي رفتار جي اهڙي تهڙي.
(1)

 

هن اخبار جي 23 مارچ 1888ع  جي پرچي ۾ مرتضائي جا ٻه غزل شايع ٿيا آهن، جن جو انتخاب پيش ڪجي ٿو. پهرين غزل ۾ مرتضائيءَ قاسم ۽ فاضل جي انداز ۾ پوئين سٽ عربي ۾ چئي آهي:


 


(1)  محمود ’خادم‘ حاجي – اديب سنڌ، لاڙڪاڻو- ماهه مئي، جون 1949ع ص 23.

(1)  موتيرام دامو مل سونيچي- ”روحِ ادب“ (ماهوار) حيدرآباد – ماهه جنوري 1951ع، مضمون ”سنڌي اخبار جي شروعات“- ص 41.

(2)  ڏيارام گدو مل- ”هيرانند دي سول آف سنڌ“- ينگ بلڊر پريس، رامباغ روڊ ڪراچي- سيڪنڊ ايڊيشن- 1932ع- ص 187.

(3)  لعلچند امرڏنو مل جڳتياڻي- ”سنڌو“- 21 آگسٽ 1946ع- مضمون ”سنڌي اخبار نويسي جي تاريخ“- ص 22.

(4)  ڏيارام گدو مل- ”هيرانند دي سول آف سنڌ“- ينگ بلڊر پريس ڪراچي- سيڪنڊ ايڊيشن 1932ع- ص 196.

(5)  ”ديوان مرتضائي“ (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ- ص319.

(1)  محمد صديق ميمڻ- ”تاريخ سنڌي ادب“- جلد ٻيو ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد 1960- ص 203-

(1)  ديوان فدوي (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ. 218

(2)  ديوان قاسم- پوڪر داس سنس حيدرآباد 1936ع ص 5

(3)  ديوان قاسم- پوڪرداس سندس حيدرآباد 1936ع ص 5

(4)  سنڌ سڌار- 27 سيپٽمبر 1878ع ص ٻيو.

(1)  سنڌ سڌار- 15 فيبروري 1878ع ص ٻيو.

(2)  سنڌ سڌار- 8 فيبروري 1878ع ص ٻيو.

(3)  سنڌ سڌار-1 نومبر 1878ع ص ٻيو.

(1)  سنڌ سڌار- 8 نومبر 1878ع ص ٻيو.

(1)  غلام محمد گرامي- مهراڻ (سہ ماهي)-1/1964ع- مضمون ”سنڌي ليٿو گراف“ ص 175. ڪريم بخش خالد پنهنجي ڪتاب ”سنڌي صحافت“ ص 118 ۾ معاون جي شروع ٿيڻ جو سال 1889ع ڄاڻايو آهي.

(2)  محمد ابراهيم خليل شيخ- ”بلبل- سنڌ“- آزاد بوڪ ڊيپو، حيدرآباد- ص 38.

(1ـ ”ديوان بلبل“ (مرتب محمد گرامي)- سنڌي ادبي بورڊ- 1969ع- ص 129.

(1)  ”ديوان مرتضائي“ (قلمي)- سنڌي ادبي بورڊ- ص 407.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org