چوٿون درجو اھو آھي تھ فاسد عقيدن ۾ پرورش پائڻ ۽ بڇڙن اعمالن
تي پلجڻ کان علاوه ھن ۾ ھيءَ ڳالھھ بھ ھجي تھ
وڏيون وڏيون بڇڙايون ڪرڻ ۽ ماڻھن کي تباھھ ڪرڻ کي
فضيلت ۽ فخر جو سبب سمجھندو ھجي ۽ اھو خيال ڪندو
ھجي تھ اسان جي عزت انھيءَ ۾ آھي. ھي درجو سڀ کان
سخت آھي.
ھنن چئني منجھان پھريون جاھل محض آھي، ٻيو جاھل ۽ گمراھھ آھي،
ٽيون جاھل ۽ مگراھھ ۽ فاسق آھي ۽ چوٿون جاھل ۽
گمراھھ، فاسق ۽ شرير آھي.
ھاڻي وري اسان بئي سبب جي جواب ڏانھن متوجھ ٿيون ٿا تھ جيڪي
ماڻھو چون ٿا تھ نيڪ خلق سان شھوت ۽ غضب جي پاڙ
پٽجي ٿي وڃي ۽ اھا حالت ٿيڻ انسان ۾ ممڪن آھي تھ
اھڙي ماڻھوءَ کي شايد خيال ٿيو آھي تھ نيڪ خلق کان
اھي صفتون صفا نيست نابود ٿي ٿيون وڃن. ھالانڪ
ائين ناھي بلڪھ شھوت تھ ھڪ فائدي لاءِ پيدا ٿي
آھي. انساني پئدائش لاءِ ھن جو ھجڻ ضروري آھي.
جيڪڏھن فرض ڪيو تھ کائڻ جي شھوت نھ ھجي تھ ماڻھو
ھلاڪ ٿي وڃي ۽ جيڪڏھن مباشرت جي شھوت نھ ھجي تھ
انساني نسل ختم ٿي وڃي. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن غضب صفا
ختم ٿي وڃي تھ ھلاڪ ڪندڙ شين کي ماڻھو پاڻ کان دفع
ئي نھ ڪري سگھي ۽ پاڻ جلد تباھھ ٿي وڃي.
ٻئي طرف وري جيڪڏھن شھوت جي پاڙ باقي آھي تھ مال جي محبت جيڪا
شھوت تائين پھچائي ٿي اھا بھ باقي رھندي ۽ بخل جي
ترغيب ڏيندي. يد رکڻ گھرجي تھ ھن پاڙ کي بلڪل نيست
نابود ڪرڻ غرض ناھي بلڪھ مطلب ھي آھي تھ افراط
تفريط (حد کان وڌيڪ گھٽ يا وڌ) کي ڇڏي ان کي
درمياني درجي تي آڻڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح غضب منجھان
وري اھو مقصد آھي تھ نامردي ۽ بزدليءَ کان الڳ ٿي
دل جي جمعيت حاصل ڪئي وڃي ۽ ان کي عقل جو تابعدار
بڻايو وڃي. جھروڪ الله تعاليٰ فرمايو آھي تھ
”اشداءُ علي الڪفار رحماءُ بَينھم“ (اصحاب) ڪافرن
تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن). ھن آيت ۾
الله تعاليٰ اصحابن جي وصف ”سختي“ جي لفظ سان ڪئي
آھي جيڪا غضب منجھان ٿي نڪري. جيڪڏھن غصب صفا ختم
ٿي وڃي تھ جھاد بھ ختم ٿي وڃي. انھيءَ ڪري عضب ۽
شھوت جي بلڪل قطع ٿيڻ جي ڪيئن ٿو ڪوئي دعويٰ ڪري
سگھي. انبياءَ تھ انھيءَ کان الڳ ٿيا ئي ناھن.
جھڙيءَ طرح حديث ۾ وارد آھي تھ ”مان آدمي آھيان ۽
مان ڪاوڙ ٿو ڪريان جيئن آدمي ڪاوڙ ڪندا آھن.“ ۽
جڏھن بھ حضور ﷺ جن جي سامھون ڪائي ڳالھھ مرضي جي
خلاف بيان ٿيندي ھئي تھ ايتري قدر غصي ۾ اچي ويندا
ھئا جو رخسار مبارڪ ڳاڙھا ٿي ويندا ھين مگر انھيءَ
غصي جي حالت ۾ سچ ۽ حق جي ئي ڳالھھ فرمائيندا ھئا.
يعني سندن غصو حضور ﷺ جن کي حق کان ٻاھر وڃڻ نھ
ڏيندو ھو. خدا تعاليٰ فرمائي ٿو تھ ”والڪاظمين
الغيظ والعافين عن الناس“ (۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽
ماڻھن (جي ڏوھ) کان ٽارو ڪندڙ آھن). ھن ۾ صفت اھڙن
ماڻھن جي آھي جيڪي غصو ڪن ٿا مگر ان کي ماري ٿا
ڇڏين. خدا تعاليٰ اھو ھرگز نھ فرمايو آھي تھ اھي
اصلي غصو ڪن ئي ڪين ٿا.
ھن بيان منجھان معلوم ٿيو تھ غضب ۽ شھوت جو اعتدال جي حد تي اچڻ
اھڙيءَ طرح جو انھن ٻنھي منجھان ڪوئي عقل تي غالب
نھ ٿئي بلڪھ عقل جي ئي قبصي ۾ رھي اھو ممڪن آھي ۽
خلق جي تبديل ڪرڻ منجھان بھ اھو ئي غرض آھي ڇاڪاڻ
تھ بعض اوقات انسان تي شھوت ايتري قدر ٿي زور ڪري
جو عقل جو ڪو بھ چارو ڪو نھ ٿو ھلي مگر رياضت سان
ان جو اعتدال جي حد تي اچڻ ممڪن آھي. امتحان ۾
تجربي سان ھيءَ ڳالھھ اھڙي ثابت ٿئي ٿي وڃي جو ان
۾ ڪنھن بھ قسم جو شڪ شبھ نٿو رھي ۽ انھيءَ ڳالھھ
جو ثبوت تھ اخلاقن ۾ غرض افراط تفريط جو ناھي بلڪھ
درميانو درجو گھربل آھي ھي آھي تھ خدا تعاليٰ
اخلاقن جي اوسط يعني درمياني درجي جي ئي تعريف
فرمائي آھي جھڙيءَ طرح فرمان آھي تھ ”والذين اِذا
انفقوا لم يشرقوا ولم يقتروا و ڪان ب:ن ذالڪ
قواما“ (۽ اھي جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نڪي اجايو
خرچ ڪندا آھن ۽ نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن (ٻنھي)
جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن). ھن ۾ اشارو سخاوت جي طرف
آھي جيڪا اسراف ۽ ڪنجوسيءَ جي وچ ۾ آھي ۽ ٻيو
فرمان آھي تھ ”ولا تجمل يدڪ مغلولته اِليٰ عنفڪ
ولا تبسطھا ڪل البَسط“ (۽ نڪي پنھنجي ھٿ کي پنھنجي
ڳچيءَ ۾ بند ڪر ۽ نڪي اھو سارو کولي ڇڏ). ساڳيءَ
طرح طعام يعني کائڻ جي شھوت ۾ بھ اعتدال گھربل آھي
۽ حرص ۽ تنگ گذران ٻئي ناپسند شيون آھن. جھڙوڪ
فرمان آھي تھ ”ڪلوا واشربُوا ولا تسرفوا اِله لا
يحِبّ المشرفين“ کائو ۽ پيئو ۽ اسراف نھ ڪريو،
تحقيق ھو (يعني ڌڻي تعاليٰ) اسراف ڪندڙن کي پسند
نٿو ڪري) – غضب جي باري ۾ ڌڻي تعاليٰ ٿو فرمائي تھ
اشداءُ علي الڪفار احماءُ بينھم ڪافرن تي ڏاڍا سخت
آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن. ۽ حديث شريف ۾ آھي تھ
”سڀني ڪمن ۾ بھتر درميانا ڪم آھن.“
اوسط يعني درمياني درجي جي ساراھيل ھجڻ ۾ ھڪ ڀيد آھي ۽ اھو ھي
آھي تھ انسان جي سعادت يا نيڪ بختي انھيءَ ۾ آھي
تھ ھن جو قلب دنيا جي عوارض (بيمارين) کان بچيل ۽
سالم ھجي جنھن اببت الله تعاليٰ فرمايو آھي تھ
اِلاّ من اتي الله بِقلبِِ سليم. ”پر اھو (فائدي
وارو ھوندو) جيڪو الله وٽ سال دل آڻيندو“ ۽ بخل ۽
اسراف ٻئي دنيا جا عوارض (يعني بيماريون) آھن
تنھنڪري دل کي انھن ٻنھي کان بچيل ھئڻ گھرجي.
ماڻھو نھ مال جي جمع ڪرڻ جي ڪڍ ھجي ۽ نھ وري ان کي
بيجا خرچ ڪرڻ جي حرص ۾ مبتلا ٿئي. ڇاڪاڻ تھ جنھن
کي خرچ ڪرڻ جو حرص ھوندو ان جي دل ھميشھ انھيءَ ۾
لڳي رھندي ۽ جيڪو بخل جو دوست يعني ڪنجوس ھوندو
اھو مٺ ڀيڙڻ (بند ڪرڻ) ۾ پنھنجي دل مصروف رکندو.
تنھنڪري قلب جو ڪمال انھيءَ ۾ ٿيو تھ اھي ٻئي
وصفون ھن ۾ نھ ھجن. جيئن جو افراتفري جو خاتمو
دنيا ۾ ٿي نٿو سگھي تنھنڪري اھڙي ڳالھھ جي طرف
رجوع ڪرڻو پيو جيڪاو ٻنھي وصفن جي نھ ھجڻ جي برابر
ھجي ۽ انھن کان علحده ھجي ۽ اھو ٻنھي جي اوسط يعني
درميانو درجو آھي. گويا اوسط درجي ۾ ٻئي وصفون
ڪينھن. مثلا گرم پاڻيءَ جي گرمي جيڪڏھن نڪري وڃي ۽
ٿڌو بھ نھ ٿئي تھ ان کي نھ ٿڌو ئي سڏبو نھ گرم.
اھو ئي حال آھي سخاوت جو جيڪا اسراف ۽ ڪنجوسي جي
وچ ۾ آھي ۽ شجاعت جو جيڪا بزدلي ۽ صفا بيخوفي جي
وچ ۾ آھي ۽ پارسائي يا پاڪدامنيءَ جو جيڪا حرص ۽
مٺ ڀيڙڻ جي وچ ۾ آھي. ٻين سڀني اخلاقن کي بھ ھن
طرح قياس ڪرڻ گھرجي. ھر خلق جا ٻئي طرف حد کان
وڌيل ۽ حد کان گھٽيل مذموم ۽ ناپسنديده آھن ۽ صرف
وسط يعني وچ انھن جو گھربل آھي ۽ انھيءَ وچين ڏاڪي
جو ھجڻ ھر شيءِ ۾ ممڪن آھي.
مگر استاد مرشد کي ھي گھرجي تھ مريد کي فقط اھو ارشاد ڪري تھ
غصو بلڪل نھ ڪر ۽ مال جو ذرو بھ پاڻ وٽ نھ رک ۽
ھميشھ غضب ۽ ڪنجوسيءَ جي برائي ھن جي اڳين ڪندو
رھي انھيءَ لاءِ تھ ھن پھاڪي موجب تھ ”جڏھن ڪنھن
کي موت لاءِ وٺبو تڏھن تپ باسيندو“ ٻئي شيون پاڻ
ئي وڃي درمياني حالتون جائز ٻڌايون وينديون تھ ھو
ھر ڪم جيڪو ڪندو انھيءَ ۾ سمجھندو تھ ھي درمياني
حالت ۾ اھي ۽ مون کي جائز ڪري ڏنو ويو آھي. انھيءَ
ڪري مريد کي چيو وڃي تھ انھن جي صفا پاڙ پٽي ڇڏ
جيئن غضب ۽ بخل جو نالو ئي نھ رھي. دمرياني حالت
وارو ڀيد ھن کي نھ ٻڌائڻ گھرجي. انھيءَ منجھان
ماڻھو دوکي ۾ پئجي ٿو وڃي ۽ ھو تصور ٿو ڪري تھ
منھنجو غضب ۽ بخل جائز نموني ۾ آھي.
بيان چوٿون
حسن خلق حاصل ڪرڻ جو طريقو
ھيءَ ڳالھھ پھريائين بيان ٿي چڪي آھي تھ حسن خلق جي مراد آھي
عقل ۽ ڪمال حڪمت جي اعتدال جي قوت ۽ غضب ۽ شھوت جي
قوت کي درمياني درجي ۾ آڻي، شريعت ۽ عقل جو
تابعدار بنائڻ ۽ ھيءَ ڳالھھ ٻن ذريعن سان حاصل ٿي
سگھي ٿي.
پھريون ذريعو آھي ”خدائي ڏات“ جنھن موجب آدمي ڄاڻي ڄم کان ڪامل
العقل (عقل جو اڪابر) ۽ خوش خلق پيدا ٿئي ۽ شھوت ۽
غضب جو ھن تي غلبو نھ ھجي بلڪھ اھي ٻئي قوتون عقل
۽ شريعت جون مطيع رھن تھ اھڙو شخص بنا تعليم جي
عالم ۽ بنا تربيت جي تربيت يافتھ ٿئي ٿو وڃي جھڙوڪ
حضرت عيسيٰ عليه السلام، حضرت يحيٰ عليه السلام ۽
جناب سيد الاولين والاخرين ﷺ ۽ ٻيا انبياءَ عليھم
السلام. ياد رکڻ گھرجي تھ اھا ڳالھھ عقل کان بعيد
ناھي تھ آمديءَ جي پيدائش ۽ فطرت ۾ اھا ڳالھھ ھجي
جيڪا ”ڪسب“ سان حاصل ٿي ٿئي. گھڻا ٻار شروع کان ئي
سخي، بھادر ۽ سڪچي قول وارا پيدا ٿين ٿا ۽ ڪي وري
ان جي ابتڙ بھ ٿين ٿا يعني ڄائي ڄم کان ڪنجوس،
بزدل ۽ ڪوڙا وغيره، مگر گھڻو ڪري اھي عادتون انھن
۾ ماڻھن (يعني والدين ۽ ٻين دوستن يا پاڙي وارن)
جي صحبت کان ٽيون حاصل ٿين جن ۾ اھي خراب اوصاف
اڳيئي موجود ٿا ٿين.
ٻيو ذريعو آھي انھن اخلاقن کي مجاھدي ۽ رياضت سان حاصل ڪرڻ يعني
نفس کان اھڙا ڪم وٺڻ سان جن منجھان گھوربل خلق
حاصل ٿي وڃي. مثلا جيڪڏھن ڪو شخص سخاوت جو خلق
حاصل ڪرڻ چاھي تھ ان جو نمونو يا طريقو ھي آھي تھ
ھريائين تڪلف سان سخي مردن جو فعل يعني مال کي خرچ
ڪرڻ اختيار ڪري ۽ ھميشه پنھنجي نفس تي زور ڏئي ھي
ڪم ان کان وٺندو رھي تان جو اھو ڪم ھن جي ھڪ عادت
ٿي وڃي ۽ طبيعت ۾ ڄمي گھر ڪري وڃي ۽ اميد تھ اھڙي
طرح ھو ٿوري گھڻي ڏينھن سخي بڻجي ويندو.
ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو تواضع يعني نماز ۽ نوڙت جو خلق حاصل ڪرڻ
چاھي ۽ ھن تي ڪير يعني وڏائي غالب ھجي تھ ھن کي
گھرجي تھ پھريائين تواضع ڪندڙن جي افعالن کي ڏسي،
تڪلف ۽ مجاھدي سان اھي ڪافي عرصي تائين ادا
ڪندورھي تان جو اھي افعال ھن تي ڏاڍا آسان ۽ سولا
ٿي وڃن ۽ ھن جو خلق ۽ طبيعت جو جزو بڻجي پون. ھن
طرح سان جيڪي بھ شريعت موجب عمدا اخلاق آھن سڀ
حاصل ٿي ٿا سگھن. ياد رکڻ گھرجي تھ ھنن ڪمن جي
پڇاڙيءَ تي پھچڻ جي نشاني اھا آھي تھ انھن کي ادا
ڪرڻ ۾ ھڪ قسم جو سرور ۽ لذت مھسوس ٿيڻ لڳي. مثال
طور حقيقت ۾ سخي ان کي چئجي جيڪو مال خرچ ڪري ۽
انھيءَ خرچ ڪرڻ منجھان ھن کي لذت اچي. مگر جيڪڏھن
ھو خرچ ڪري ٿو ۽ ھن کي اھو خرچ ڪرڻ برو ٿو لڳي تھ
ان کي سخي ھرگز نھ سڏبو. اھڙيءَ طرح تواضع ڪندڙ بھ
اھو ماڻھو سڏبو جنھن کي تواضع ڪرڻ ۾ مزو حاصل ٿئي
۽ ديني اخلاق جيسين نفس تي نھ ڄمندا تيسين نفس برن
ڪمن کي ڇڏي چڱين عادتن جو عادي نھ ٿيندو ۽ نيڪ ڪمن
لاءِ مشتاقن وانگر ھميشگي نھ ڪندو ۽ انھن منجھان
لذت حاصل نھ ڪندو ۽ برن ڪمن کي برو سمجھي انھن کان
ايذاءُ محسوس نھ ڪندو. جھڙيءَ طرح ھديث شريف ۾ آيو
آھي تھ ”منھنجي اک جي ٿڌاڻ نماز ۾ بڻائي وئي آھي.“
جيسين عبادتن جو بجا آڻڻ ۽ منع ڪيل شين کي ڇڏڻ برو معلوم ٿيندو
۽ نفس تي ڳرو گذرندو تيسين نقصان باقي رھندو ۽
ماڻھو ڪمال سعادت کي نھ پھچندو. ھا! مگر ھر حالت ۾
اھي شيون ھميشه ڪندو رھڻ نھ ڪرڻ کان تھ بھتر آھي
باقي خوشي ۽ رغبت سان ڪرڻ کان بھتر ٿي نٿو سگھي.
انھيءَ سبب کان الله تعاليٰ فرمايو آھي تھ ”واِلھا
لڪبِيرت اِلاّ علي الخاشعين“ (۽ اھا (نماز) انھن
آزي ڪندڙن کان سواءِ ٻين کي ضرور ڏکي (لڳندي)
آھي). آنحضرت ﷺ جن بھ فرمايو آھي تھ ”الله تعاليٰ
جي عبادت خوشيءَ سان ڪر ۽ جيڪڏھن نھ ٿي سگھي تھ
جيڪا شيءِ توکي پري ٿي لڳي ان تي صبر ڪرڻ ۾ وڏي
برڪت آھي.“
ياد رکڻ گھرجي تھ وعدي ڪيل سعادت جي حاصل ڪرڻ لاءِ اھا ڳالھھ
ڪافي ناھي تھ ڪڏھن تھ اطاعت ۾ مزو اچي ۽ نافرماني
بري معلوم ٿئي ۽ ڪڏھن وري نھ ٿئي بلڪھ ساري عمر
اھا ئي مزي واري حالت رھڻ گھرجي. انھيءَ صورت ۾
جيتري قدر عمر زياده ھوندي ھيءَ فضيلت زياده مستقل
ٿيندي ۽ انھيءَ سبب ڪري جڏھن ماڻھن آنحضرت ﷺ جن
کان سوال ڪيو تھ سعادت چاھي تھ پاڻ فرمايائون تھ
”ساري عمر الله تعاليٰ جي اطاعت ۾ گذارڻ“ ۽ انبياء
۽ اوليا، فقط انھيءَ سبب ڪري ئي موت کي ٿورو برو
سمجھندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ ”دنيا آخرت جي کيتي آھي.“
تنھنڪري جيتري گھڻي عمر ۾ عبادات زياده ھونديون
اوتري قدر ثواب زياده ھوندو ۽ نفس طاھر ۽ اطھر
بڻبو ۽ اخلاق ڏاڍا قوي ۽ وڌيڪ پڪا پختا ٿيندا.
انھيءَ کان سواءِ عبادات جو مقصد بھ اھو ئي آھي تھ
انھن جو اثر قلب تي پوي ۽ قلب تي تاثير تڏھن ٿيندو
آھي جڏھن عبادات لڳاتار ۽ سانده ڪثرت سان ڪيون
وڃن.
ھاڻي ڄاڻڻ گھرجي تھ انھن اخلاقن منجھان غرض ھي آھي تھ نفس
منجھان دنيا جي محبت ويندي رھي ۽ خدا تعاليٰ جي
محبت ان ۾ ڄمي وڃي انھيءَ حد تائين جو ڪائي بھ
شيءِ ھن جي نزديڪ ديدار الاھي کان وڌيڪ محبوب ۽
مرعوب نھ رھي. پنھنجو مال بھ اھڙين ئي ڳالھين ۾
خرچ ڪري جن منجھان ھي مطلب حاصل ٿئي ۽ غضب ۽ شھوت
کي بھ اھڙي ئي طرح ڪم ۾ آڻي جنھن ۾ خدا تعاليٰ ملي
۽ ظاھر آھي تھ ھي تڏھن ٿيندو جڏھن اھي ٻئي عقل ۽
شريعت جي طمابق ھوندا پوءِ اھڙن ڪمن کان خوش ھجي ۽
انھن ۾ مزو حاصل ڪري ۽ جيڪڏھن ڪنھن کي نماز ۾ راحت
۽ خنڪسي (ٿڌاڻ) اکين جي حاصل ٿئي يا عبادتون چڱيون
معلم ٿيڻ لڳن تھ اھا ڳالھھ پري ناھي جو عادت سببان
نفس ۾ انھيءَ کان بھ زياده عجيب ڳالھيون ٿي وڃن.
ڏسو تھ مفلس جواري جوا ۾ ڪھڙو خوش ٿو ٿئي ۽ مزو
حاصل ٿو ڪري. حالانڪھ جنھن حال ۾ ھو آھي جيڪڏھن
ٻين سان اھا حالت ھجي تھ بنا جوا جي ئي زندگي
ناگوار ٿي وڃي. انھيءَ کان سواءِ جوا ۾ مال سڀ
ھليو ٿو وڃي ۽ گھر ويران ۽ برباد ٿي ٿو وڃي مگر
تڏھن بھ محبت ۽ چشڪو جو اجو لڳو ٿو رھي. ھي انھيءَ
ڪري آھي جو کيڏندي کيڏندي ان سان الفت ٿي وئي اٿس.
ساڳيءَ طرح ڪبوتر باز سارو ڏينھن اس ۾ بيٺو رھندو
آھي ۽ اس جي گرميءَ جي پرواھھ ئي ڪا نھ ھوندي اٿس
ڇاڪاڻ تھ ڪبوترن جو اڏامڻ ۽ قلابازيون ھن کي چڱيون
ٿيون لڳن. چورن چڪارن کي ڪھڙا ڪھڙا ڪوڙا (چھبڪ يا
ڦٽڪا) ٿا لڳن ۽ ھٿ وڍيا ٿا وڃن مگر اھي ماڻھو ان
کي فخر ڪري ٿا سمجھن ۽ سختيءَ جي برداشت ڪرڻ ۾ خوش
ھوندا آھن. ايتري قدر جو بالفرض انھن جي بدن کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو تڏھن بھ مال جو نشان پتو ئي
نٿا ٻڌائين ۽ نھ پنھنجن ساٿين جو نالو ٻڌائيندا.
پوءِ اھڙيون ساختيون سھڻ ۽ سزائن جو خيال ۾ نھ آڻڻ
انھيءَ ئي سبب ڪري اھي جو پنھنجي ڪم کي اھو ڪمال ۽
شجاعت ۽ بھادري جي عقيدي سان ٿا ڏسن. باوجود ان ۾
ايترين سختين جي انھن جي راحت انھيءَ ۾ آھي.
سڀ کان وڌيڪ بڇڙو حال محنت يعني کدڙي جو آھي جو ھو پاڻ کي عورتن
جي صورت ۾ ٿو بڻائي مگر اھو بھ انھيءَ حال ۾ خوش
ٿي رھندو آھي بلڪھ پنھنجي انھيءَ فن جي ڪمال تي
فخر بھ ڪندو آھي ۽ کدڙن جي ٽوليءَ ۾ ويھي پنھنجي
وڏائي ظاھر ڪندو آھي. اھڙيءَ طرح ڪنڃر ۽ چھڙا ڀنگي
وغيره پنھنجي پيشي ۾ فخر ۽ شان شوڪت سمجھندا آھن.
جھڙيءَ طرح عالمن ۽ بادشاھن ۾ ٿيندو آھي. معلوم
ٿيو تھ اھي سڀ ڳالھيون عادت سان ٿيون تعلق رکن.
جڏھن ڪنھن ڳالھھ کي ھڪ ڊگھي عرصي لاءِ متواتر ۽
دائما بار بار ڪيو ٿو وڃي ۽ پنھنجن عزيزن قريبن ۽
صحبت وارن دوستن يارن ۾ بھ اھي ئي ڳالھيون ڏٺيون
ٿيون وڃن تھ پنھنجي نفس کي بھ ڏاڍيون چڱيون ٿيون
لڳن.
ھاڻي جڏھن عادت جي سبب کان ھڪ باطل ڪم ۾ لذت ٿي اچي ۽ نفس ان جي
طرف راغب ٿو ٿئي تھ حق جي ڪم ۾ جيڪڏھن گھڻي عرصي
لاءِ مداومت (پابندي) ڪئي ويندي تھ ان منجھان ڇو
نھ لذت حاصل ٿيندي. ياد رکڻ گھرجي تھ انسان جي نفس
جي رغبت بڇڙن ڪمن ڏانھن ٿيڻ انساني طبع جي تقاضا
کان ٻاھر آھي يعني جيڪڏھن ڪو ماڻھو مٽي کائڻ جي
عادت ۾ پئجي ٿو وڃي جھڙوڪ ڪيترا ماڻھو مٽي کائي
کائي عادت ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن ۽ انھن جي دل ۾
مٽي لاءِ رغبت ٿي ويندي آھي تھ اھا رغبت طبعي ناھي
بلڪھ فقط عادت جي ڪري ئي پيدا ٿي ٿئي. ٻئي طرف وري
ڏسبو تھ حڪومت جي طرف رعبت رکڻ ۽ محبت، معرفت ۽
عبادت ڏانھن مائل ٿيڻ انسان جي قلب جي ھڪ طبعي
تقاضا آھي جھڙوڪ کائڻ پيئڻ وغيره جي قدرتي تقاضا
ٿي ٿئي. اھو انھيءَ ڪر آھي جو قلب ھڪ رباني امر
آھي. شھوت جي طرف ان جو لاڙو ٿيڻ ھڪ عارضي ڳالھھ
آھي ۽ ھن جي ذات ۽ اصليت کان بعيد آھي بلڪ ھن جي
دستوري غذا، حڪمت، معرفت، محبت ۽ عبادت الاھي آھي
مگر ڪنھن بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري طبع جي ذاتي ۽
اصلي تقاضائن کان ٿورو منھن موڙي ويو آھي جھڙيءَ
طرح معدي يعني آنڊي ۾ جيڪڏھن ڪجھھ خلل ھوندو آھي
تھ چڱي چوکي کائڻ ۽ پيئڻ تي دل نھ چوندي آھي
حالانڪھ کائڻ پيئڻ سان ئي ٿي زندگي بڻجي.
پوءِ ياد رکڻ گھرجي تھ جيتري قدر ڪنھن جي دل غير الله جي محبت
جي طرف مائل ھوندي اوتري قدر ان ۾ مرض رھندو. مگر
جيڪڏھن ڪنھن غير الله سان محبت صرف انھيءَ ڪري ٿي
رکجي جو محبت ۽ دين الاھيءَ ۾ مدد ملندي تھ انھيءَ
صورت ۾ اھا غير الله جي محبت مرض ۾ شمار نھ ٿيندي.
ھن بيان منجھان ھاڻي قطعا معلوم ٿي ويو تھ انھن
نيڪ اخلاقن جو حاصل ٿيڻ رياضت سان ٿي ٿو سگھي يعني
منڍ ۾ انھن کي تڪلف سان ڪرڻ منجھان آخر ۾ اھي
ڳالھيون طبعي ۽ خلقي ٿي ٿيون وڃن.
قلب ۽ عضون جي وچ ۾ ھي ھڪ عجيب تعلق ۽ نسبت رکي وئي آھي جو جيڪا
صفت قلب ۾ ٿي ظھور ڪري ان جو اثر عضون تي بھ پھچي
ٿو وڃي ۽ ھو ان موجب چرپر شروع ڪري ٿا ڏين. ان جي
ابتڙ وري جيڪو ڪم عضون سان ڪيو ٿو وڃي ان جو اثر
دل تي ھڪ قسم جي دور جي نموني ۾ ٿي ٿو وڃي. ھن
نڪتي کي ھيٺين مثال منجھان سمجھڻ گھرجي.
مثال طور جيڪڏھن ڪو ماڻھو چاھي تھ خوش خطيءَ ۾ ماھر ٿي وڃان تھ
انھيءَ جو طريقو ھي آھي تھ جھڙي طرح ڪاتب پنھنجي
ھٿ سان مشق پچائيندا آھن تھڙيءَ طرح ھي بھ ڪافي
عرصي تائين مشق پچائيندو رھي جيسين ڪتابت جي صفت
ھن جي نفس ۾ ڄمي وڃي ۽ سھڻا اکر ھن جي ھٿ منجھان
ازخود قدرتي طرح نڪرندا رھن، جيڪي منڍ ۾ وڏي تڪليف
۽ ڪوشش سان نڪرندا ھئا. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪوئي
”فقيه“ (يعني فقه جي علم جو ماھر) ٿيڻ چاھي تھ ھن
کي گھرجي تھ فقيھن وارن ڪمن تي پابندي ڪري يعني
فقه جا مسئلا بار بار ڪيترا دفعا پنھنجي زبان مان
ادا ڪري جيسين انھي فقه جو اثر دل تي پئجي وڃي ۽
ھو فقيه النفس بڻجي وڃي. اھڙيءَ طرح جيڪو سخي،
پارسا، حليم (نرم طبع) ۽ متواضع (نياز نوڙت وارو)
ٿيڻ چاھي تھ پھريائين انھن ماڻھن جا افعال تڪلف ۽
ڪوشش سان ادا ڪري تان جو اھي ڪم آھستي آھستي ھن جي
طبيعت ۾ جاءِ وٺن. انھيءَ کان سواءِ ٻي ڪا بھ
تدبير يا رٿ ڪانھي.
ھي ڳالھھ پڻ قابل غور آھي تھ جھڙي طرح فقه جو طالب العلم ھڪ
ڏينھن جي موڪل يا فرجي (پيرڊ) سان پنھنجي مطلب کان
محروم رھي نٿو سگھي ۽ ھڪ ڏينھن جي تعليم ۽ بحث سان
فقيه ٿي نٿو سگھي تھڙيءَ طرح جيڪو شخص تزڪيو،
تڪميل ۽ تحسين پنھنجي قلب جي سھڻن اعمالن جي ٿو
چاھي اھو نھ ھڪ ڏينھن جي عبادت سان اھو رتبو حاصل
ڪري ٿو سگھي ۽ نھ ھڪ ڏينھن جي نافرمانيءَ سان ان
رتبي کان محروم ٿئي ٿو سگھي. ھي جو قول اسان جي
بزرگن جو آھي تھ ھڪڙو ڪبيره گناھھ ھميشه جي بدبختي
جو سبب نٿو بڻجي سگھي. انھيءَ جي اھا ئي معنيق
آھي. ھا ايترو ضرور آھي تھ ھڪڙي ڏينھن کي بيڪار
ڇڏڻ ٻئي ڏينھن جي بيڪاريءَ جو سبب بڻجي ٿو ۽ پوءِ
اھڙيءَ طرح اڄ سڀاڻ ٿيندي ٿيندي آخر نفس سستيءَ جو
عادي بڻجي تحصيل ڪرڻ جو اصلي خيال ئي ڇڏي ٿو ڏئي ۽
فقه جي فضيلت کان محروم رھجي ٿو وڃي. ساڳيءَ طرح
ھڪ صغيره گناھھ ڪرڻ ٻئي جو سبب بڻجي ٿو ۽ درجي
بدرجي اصل سعادت کان پري ڪري ٿو ڇڏي ۽ خاتمي جي
وقت اصلي ايمان کي غارت يا برباد ڪري ٿو ڇڏي. نعوذ
بالله منھا.
ياد رکڻ گھرجي تھ جھڙيءَ طرح ھڪ رات جي بحث سان فقه جا آثار
نمودار نٿا ٿين بلڪھ درجي بدرجي انسان جي بدن ۽ قد
وانگر اسري ۽ اڀري ظاھر ٿا ٿين تھڙيءَ طرح سان ھڪ
عبادت ڪرڻ سان نفس جي تزڪيي جو اثر بر وقت محسوس
نٿو ٿئي بلڪھ آھست آھستي وڏي عرصي کان پوءِ معلوم
ٿيندو آھي. انھيءَ ڪري ٿوري عبادت کي حقير يا
بيڪار نھ سمجھڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ ڦڙي ڦڙي تلاءُ آھي.
يعني ٿوري ٿوري گڏ ٿي ئي شيءِ گھڻي ٿيندي آھي.
انھيءَ کان سواءِ جيڪڏھن تاثير مخفي ٿو رھي تھ ٻيو
رھي ثواب تھ ڪاڏي ڪو نھ ٿو وڃي. ڪم از ڪم اھو تھ
تاثير جي بدران ھردم موجود آھي. گناھھ جي حالت کي
ساڳيءَ طرح تصور ڪرڻ گھرجي. ڪيترا فقيه اھڙا ھوندا
آھن جو ھڪ ڏينھن جي ناغي کي ھيچ سمجھندا آھن ۽
پوءِ رفتھ رفتھ ھڪ ٻئي پٺيان ناغا ڪري نفس کي ھڪ
ھڪ ڏينھن جي توقع ڏيندا ٿا رھن تان جو طبيعت فقه
کي قبول ڪرڻ کان خارج ٿي وڃي ٿي. ساڳيءَ طرح صغيرن
گناھن کي حقير سمجھندا آھن ۽ نفس کي توبھ جو وعدو
اڄ سڀاڻي جو ڏيندا رھندا آھن تان جو اوچتو موت جي
چنبي ۾ گرفتار ٿي ٿا وڃن يا گناھن جي سياھي دل کي
وڪوڙي ٿي وڃي ۽ توبھ ڏاڍي ڏکي ٿئي ٿي پوي. ڇاڪاڻ
تھ ٿورا ٿورا گناھھ ٿيندا ٿيندا گھڻا ٿي ويا ۽ قلب
انھن ڦندن ۾ اھڙو ڦاسي پيو جو رھائي غير ممڪن ٿي
پيئي. توبھ جي دروازن بند ٿيڻ منجھان اھا مراد آھي
۽ ھن آيت جو بھ اھو ئي غرض آھي تھ ”وجعلنا من بَين
ايديھم سدا ومن خلفھم سدا“ (۽ سندن اڳيان اوٽ ۽
سندن پوئتان (بھ) اوٽ ڪئي سون) ۽ انھيءَ سبب کان
حضرت علي ڪرم الله وجھھ فرمايو آھي تھ اول ايمان
ھڪ اڇي نقطي جي برابر ٿو ٿئي. جيترو ايمان زياده
ٿيندو ٿو وڃي اوتري قدر ھي سفيدي يا اڇاڻ وڌندي ٿي
وڃي. جڏھن بندي جو ايمان ڪامل ٿئي ٿو وڃي تھ ساري
دل نوراني ٿئي ٿي وڃي. ساڳيءَ طرح نفاق يا منافقي
بھ پھريائين ھڪ ڪاري نقطي جي برابر دل ۾ ظاھر ٿي
ٿئي. پوءِ جيترو نفاق وڌندو ٿو ُڃي ايترو سياھي يا
ڪاراڻ وڌندي ٿي وڃي. جڏھن نفاق ڪامل ٿي ٿو وڃي تھ
دل ڪاري ٿئي ٿي وڃي.
ھن بيان منجھان واضح ٿيو تھ سھڻا اخلاق ڪڏھن تھ طبيعت ۽ اصل
پيدائش کان ٿا ٿين ۽ ڪڏھن عمدن ۽ نيڪ افعالن جي
عادي ٿيڻ سان ۽ ڪڏھن صالح بندن ۽ ارباب خير يعني
نيڪو ڪارن جي افعالن جي ڏسڻ سان ۽ انھن وٽ ويھڻ
سان، ڇاڪاڻ تھ ھڪ طبيعت ٻئي کان خير ۽ شر پئي ٿي
چورائي. پوءِ جيڪڏھن ڪوئي شخص اھڙو ھجي جنھن ۾ ٽئي
سبب يا ذريعا گڏ ٿي ويا ھجن يعني طبيعت ۽ عادت طور
۽ تعلم (علم پرائڻ) سان فضيلت کي پھتو ھجي تھ اھڙو
شخص فضيلت جي چوٽيءَ کي پھچي ٿو وڃي ۽ جيڪو شخص
طبيعت جو چڱو ناھي ۽ شر جي اسبابن جي ھيا ھئڻ ڪري
انھيءَ جو عادي ٿي ويو ھجي ۽ صحبت وارا بھ اھڙا
اٿس تھ اھو نھايت درجي خدا تعاليٰ کان پري آھي ۽
جن ۾ انھن سببن جو ڪجھھ اختلاف آھي تھ اھي ٻنھي
مرتبن جي وچ تي آھن ۽ انھن جو ڌڻي تعاليٰ جي ويجھو
يا پري ھئڻ ھنن جي صفت ۽ حال تي ٿو مدار رکي. ”فمن
يعمل مثقال ذرتِِ خيرا يره ه ومن يعمل مثقال ذرتِِ
شرا يره“ (پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو
سو ان کي ڏسندو ۽ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو
سو ان کي ڏسندو ۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو
سو ان کي ڏسندو.) ۽ ”وما ظلمھم الله ولٰڪن ڪانوا
انفسھم يغلمون.“ (۽ الله ساڻن ظلم نھ ڪيو آھي پر
اھي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا).
بيان پنجون
تھذيب اخلاق جا مفصل طريقا
ھي پھريائين معلوم ٿي چڪو آھي تھ بدن جي مزاج ۾ اخلاقن جو معتدل
رھڻ نفس جي صحت جي نشاني آھي ۽ انھن جو اعتدال ۾
نھ رھڻ نفس جي اگھائي ۽ بيماريءَ جي ثابتي آھي
جھڙيءَ طرح خلطن جو اعتدال بدن جي صحت آھي ۽ انھن
جو اعتدال کان پري ھجڻ بدن جي بيماريءَ جو باعث ٿو
بڻجي. ھاڻي ڄاڻڻ گھرجي تھ نفس جو علاج ھن نموني ۾
ڪرڻ تھ ان منجھان رذيل ۽ ردي اخلاق دور ڪيا وڃن ۽
ان کي فضائلن ۽سھڻن افعالن جي وارد ٿيڻ واري جاءِ
بڻايو وڇي تھ اھو ھوبھو بدن جي علاج وانگر ڪرڻ
گھرجي جو ان منجھان مرضن کي ٻاھر ڪڍيو وڃي ۽ ان جي
صحت ۽ تندرستي لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي.
جيئن جو ھر شيءِ جو بنياد اعتدال جي مزاج سان قائم ڪيو ويو آھي
۽ رڳو غذا ۽ خواھشن ۽ ٻين عارضي شين جي سبب کان ٿو
جسم ۾ خلل اچي. ساڳيءَ طرح انسان جي فطرت بھ صحيح
۽ معتدل ئي ٿي ٿئي. جھڙوڪ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ
”ھر ھڪ ٻار ڄمي ٿو پنھنجي (صاف) فطرت تي پوءِ ھن
جا پيءُ ماءُ ھن کي يھودي يا نصراني يا مجوسي
بڻائي ٿا ڇڏين.“ يعني آدمي عادت خواه علم پرائڻ
سان زوال ۾ وڃي ٿو پوي. جھڙيءَ طرح بدن ابتدا ۾
ڪامل پيدا نٿو ٿئي بلڪھ پرورش، تربيت ۽ غزا سان ٿو
ڪامل ٿئي. ساڳيءَ طرح نفس بھ ناقص ٿو پيدا ٿئي مگر
ڪامل ٿيڻ جي لياقت ھن ۾ رھي ٿي ۽ تزڪيھ ۽ اخلاقن
جي تھذيب ۽ علم جي غزا سان ڪامل ٿئي ٿو وڃي.
ياد رکڻ گھرجي تھ جھڙي طرح بدن جيڪڏھن صحيح ۽ سالم ھوندو آھي تھ
طبيعت انھيءَ صحت جي قائم رکڻ لاءِ تدبير ڪندي آھي
۽ جيڪڏھن بيمار ھوندو آھي تھ صحت حاصل ڪرڻ جو فڪر
ڪندي آھي. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن انسان جو نفس پاڪ صاف
۽ مھذب ھجي تھ ھن کي گھرجي تھ ھو اھڙي ڪوشش جاري
رکي جو نفس جي اھا حالت قائم رھي بلڪھ نيڪيءَ
جيڪمن ۾ ان کي ويتر قوت اچڻ گھرجي. جيڪڏھن ان ۾ ڪو
ڪمال ڪونھي تھ انھيءَ صورت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ جو
طريقو ھي آھي تھ جھڙي طرح بدن جي بيماريءَ جو علاج
ان بيماري ٿيڻ جي سبب يا ڪارڻ جي ضد سان ڪيو ٿو
وڃي مثلا جيڪڏھن ڪارڻ گرمي آھي تھ علاج سرديءَ جي
تدبير سان ڪيو ٿو وڃي. تھڙيءَ طرح قلب جي خرابين ۽
بيمارين جو علاج بھ انھن جي ضد سان ڪرڻو آھي. مثلا
جھل جو علاج علم پرائڻ سان، بخل يا ڪنجوسيءَ جو
سخي بنجڻ سان. تڪبر ۽ وڏائي جو نياز نوڙت سان ۽
حرص جو نفس جي خواھش کي زبردستي روڪڻ سان ٿيندو
آھي. انھيءَ کان سواءِ جھڙي طرح بدن جي بيماري جي
حالت ۾ دوا جي تلخي يا ڪوڙاڻ برداشت ڪرڻي ٿي پوي ۽
دل گھرندين شين کان صبر ڪرڻو ٿو پوي. ساڳيءَ طرح
قلب جي علاج ۾ مجاھدي جي تلخي برداشت ڪرڻي ٿي پوي
۽ علاج تي صبر ڪرڻو ٿو پوي. انسان کي لازمي آھي تھ
ھن علاج جو تمام گھڻو ڌيان رکي ڇاڪاڻ جو بدن جو
مرض تھ موت کان پوءِ ختم ٿو ٿي وڃي ۽ قلب جو مرض
خدا تعاليٰ شل امان ڏئي اھڙو مرض آھي جو موت کان
پوءِ بھ ابد الاباد يعني ھميشه ھميشه ھلڻ وارو
آھي.
اھا ڳالھھ پڻ غور طلب آھي تھ جھڙيءَ طرح ھر ھڪ حرارت يا گرميءَ
لاءِ ھر سرد دوا ڪافي نٿي ٿئي بلڪھ جدا جدا دوائون
استعمال ڪيون ٿيون وڃن ۽ انھن ۾ مرض جي شدت ۽ ضعف
۽ اتفاق ۽ دوام ۽ ڪثرت ۽ قلت جي لحاظ کان ڏنيون
ٿيون وڃن ۽ روزاني خوراڪ لاءِ پڻ جدا جدا وزن مقرر
ٿا ٿين ڇاڪاڻ تھ وزن جي لحاظ نھ رکڻ ڪري طبيعت
بگڙي ويندي آھي ۽ وزن جو مقدار وري دوا جي درجي جي
مطابق ۽ بدن جي حالت جي نسبت ۽ مريض جي عمر ۽ سال
۽ موسم جي لحاظ کان ۽ مرض جي شدت يا ضعف تي مقرر
ڪيو ٿو وڃي. جڏھن طبيعت گرمي يا سرديءَ جي قوت يا
ضعف معلوم ڪندي آھي تھ پوءِ مٿين ڳالھين جي لحاظ
سان نسخو تجويز ڪيو آھي. ساڳيءَ طرح مرشد ۽ استاد
جيڪي نفس جا معالج يا طبيب آھن انھن کي گھرجي تھ
مريدن تي ھڪ دفعي ئي يڪدم وڏي رياضت ۽ تڪليف صرف
ھڪ ئي خاص فن يا ھڪ ئي مقرر طريقي واري نھ وجھن
جيسين انھن جي اخلاقن ۽ مرضن کان باخوبي واقف نھ
ھجن. جيڪڏھن ائين ڪيو ويندو تھ جھڙيءَ طرح طبيب
جيڪڏھن سڀني مريضن جو علاج ھڪ ئي دوا سان ڪندو تھ
گھڻا مريض مري ويندا تھڙيءَ طرح مرشد جيڪڏھن سڀني
مريدن کي ساڳيءَ لٺ سان ھڪليندو تھ اھي بھ ھلاڪ ۽
برباد ٿي ويندا. بلڪھ مرشد کي گھرجي تھ مريد جو
مرض ۽ ھن جو حال ۽ عمر ۽ سال ۽ مزاج غور سان جاچي
ڏسي ۽ معلوم ڪري تھ ڪھڙي قسم جي رياضت ھن کان ٿي
سگھندي تھ انھيءَ قسم جي مشقت ھن کان وٺي. مثلا
جيڪڏھن مريد مبتدي جاھل آھي ۽ شريعت جا حڪم نٿو
ڄاڻي تھ پھريائين ھن کي پاڪائي ۽ نماز ۽ ظاھري
عبادتون سيکاري. جيڪڏھن حرام مال ۽ گنھگاري ۾
مشغول آھي تھ ان کي انھن شين جي ڇڏڻ جو حڪم ڪري.
جڏھن ھن جو ظاھر ٻاھرين عبادتن جي زيورن سان
سينگارجي وڃي ۽ عضوا بھ ظاھر وارن گناھن کان پاڪ
ٿي وڃن تھ پوءِ حالتن جي قياس تي ھن جي باطن جي
طرف متوجھھ ٿي ھن جا اخلاق ۽ قلب جي مرضن کي جاچي.
پوءِ جيڪڏھن ھن وٽ مال ضرورت جي انداز کان وڌيڪ
ھجي تھ ھن کان وٺي خيرات ڪري ڇڏي انھيءَ لاءِ تھ
ھو انھيءَ مال کان فارغ البال ٿي وڃي ۽ ان طرف ڪو
ڌيان نھ وڃيس. جيڪڏھن وري ھن ۾ رعونت (ناز نخرو) ۽
ڪبر (وڏائي) غالب ڏسي تھ ھن کي بازار ۾ گداگري
لاءِ موڪلي ڇاڪاڻ تھ حڪومت جي عزت جو خيال يا نفس
جي شيخي، سواءِ ذلت ۾ مبتلا ڪرڻ جي نٿي وڃي ۽ پنڻ
کان وڌيڪ ڪائي ذلت ڪانھي. پوءِ ھن کي انھيءَ
گداگري جي ھميشه ڪرڻ لاءِ حڪم ڪري جيسين ھن جي
وڏائي ويندي رھي. ڇاڪاڻ جو ڪبر ۽ رعونت قلب کي
ھلاڪ ڪندڙ مرض آھن.
جيڪڏھن وري بدن جي صفائي ۽ لباس جي نزاڪت ھن ۾ غالب ڏسي ۽ ھن جي
دل بھ ان طرف مائل ڏسي تھ ھن کان گھر جي آبداري جو
ڪم وٺي ۽ جنھن جاءِ تي گند ڪچرو ڪک ڪانا پيا ھجن
اتي ٻھاري ڏياريس ۽ ھميشھ بورچي خاني ۽ دونھين
وارين جاين ۾ ويھڻ جي اجازت ڏئيس جيسين صفائي ۽
رعونت ھن جي مزاج منجھان نڪري وڃي ڇاڪاڻ تھ جيڪي
ماڻھو ڪپڙن ۾ بناوٽ ۽ سينگار ڪندا آھن ۽ رنگا رنگ
جا مصليٰ تلاش ڪندا آھن تھ انھن ۾ ۽ ڪنوار ۾ ڪھڙو
فرق آھي. ھوءَ بھ سارو ڏينھن پاڻ کي بنائيندي ۽
سينگاريندي آھي ۽ آدمي خواه پنھنجي تن جي پرستش
ڪري خواھ ڪنن بت جي عبادت ڪئي ٿي وڃي تھ خا تعاليٰ
جي طرف حجاب اچي ٿو وڃي ۽ انھيءَ پنھنجو نفس ۽ بت
ٻئي برابر آھن. پوءِ جيڪو پنھنجي پوشاڪ جي طرف
مائل ھجي ۽ سواءِ حلال ۽ ظاھر ھجڻ جي ٻئي نموني ۾
ھن سان دل لڳائي تھ اھو پنھنجي نف سجو پابند آھي.
ھڪ عجيب طرح جي رياضت ھيءَ آھي تھ جڏھن مريد رعونت يا ڪنھن ٻي
صفت جي ترڪ ڪرڻ تي اصلي راضي نھ ٿئي ۽ انھيءَ جي
ضد کي يڪدم گوارا نھ ڪر تھ مرشد کي گھرجي تھ ھن کي
ھڪڙي بدعادت کان ٻئي بد عادت جيڪا ھن کان ھلڪي ھجي
ان ڏانھن رجوع ڪري يا لڳائي مثلا جيڪڏھن ڪپڙي تي
رت لڳي ٿو پوي ۽ پاڻيءَ سان ان جو ڌٻو نٿو لھي تھ
پھريائين ڪپڙي کي پيشاب سان ڌوئيندا آھن ۽ پوءِ
پاڻي سان ڌوئي پاڪ ڪندا آھن يا ڪنھن ٻار کي مڪتب ۾
پھريائين ترغيب کينھون ۽ پٽي وغيره جي ڏني وڃي
،پوءِ راند ۾ عمدن ڪپڙن جي ترغيب ڏني وڃي ۽ تنھن
کان پوءِ اميري ۽ شان شوڪت جي ترغيب ڏجي ۽ تنھن
کانپوءِ آخرت جي جاءِ ۽ شان شوڪت ڏانھن ھن جا جذبا
اٿاريا وڃن. انھيءَ طرح سان جنھن جو بھ نفس اوچتو
۽ يڪدم جاھ (شان شوڪت) جي ڇڏڻ تي رضامند نھ ٿئي تھ
گھرجي تھ ھن کي ڪنھن ھلڪي جاھ ۾ مصروف ڪيو وڃي ۽
اھڙي طرح سان درجي بدرجي ھن صفت کي ھن کان دور ڪيو
وڃي.
جڏھن وري ھن تي کائڻ جو حرص غالب ھجي تھ ھميشه روزو رکرائجيس ۽
کاڌو گھٽ کارائجيس ۽ ھي حڪم ڏنو وڃيس تھ مزيدار
کاڌو تيار ڪري ٻين کي ڏئي ڇڏي. پاڻ ان منجھان ذرو
بھ نھ کائي، انھيءَ لاءِ تھ ھن جي نفس کي صبر ڪرڻ
جي عادت پوي ۽ کائڻ جو حرص ھن کان دور ٿي وڃي.
جنھن کي جوان ۽ نڪاح جو شائق سمجھيو وڃي ۽ ھن کي پنھنجي زال کي
کاڌ خوراڪ ڏيڻ کان عاجز ڏنو وڃچي تھ ھن کي ھميشه
روزي رکڻ جي ھدايت ڪئي وڃي. جيڪڏھن ائين ڪرڻ سان
بھ خواھش گھٽ نھ ٿئيس تھ ھن کي چيو وڃي تھ پاڻيءَ
سان روزو افطار ڪري ۽ ماني نھ کائي ۽ ٻئي ڏينھن
شام جو ماني کائي ۽ پاڻي نھ پئي ۽ گوشت ۽ ٻوڙ جي
ھن کي قطعي منع ڪرڻ گھرجي. انھيءَ لاءِ تھ ھن جو
نفس ذليل ٿئي ۽ خواھش ھن جي گھٽجي وڃي ڇاڪاڻ تھ
شروعات ۾ بک کان وڌيڪ ٻيو و بھ علاج بھتر ڪونھي.
جيڪڏھن غصي کي ھن تي غالب ڏسجي تھ حلم (بردباري) ۽ سڪوت (چپ)
لاءِ حڪم ڏجيس ۽ ھڪڙي بد مزاج ماڻھوءَ سان ھن کي
ھمراھھ ڪري ھن کي چيو وڃي تھ ان جي اطاعت ڪري. ڪن
بزرگن جي حالات ۾ لکيل آھي تھ ھو پنھنجي نفس کي
حلم جي عادت وجھندا ھئا ۽ غضب جي شدت کي دور ڪرڻ
لاءِ اھڙن ماڻھن جي مزوري ڪندا ھئا جيڪي ظاھر ظھور
گاريون ڏين. بس ھو پنھنجي نفس کان زور سان صبر
ڪرائيندا ھئا ۽ غصو پيئندا ھئا. تان جو حلم انھن
جي عادت ٿي ويندو ھو ۽ انھيءَ باري ۾ اھي بزرگ ضرب
المثل بڻجي ويا.
ڪي بزرگ وري پاڻ ۾ نامردي ۽ دل جو ضعف ڏسندا ھئا تھ شجاعت حاصل
ڪرڻ لاءِ سياري جي موسم ۾ جڏھن سمنڊ ۾ ڏاڍيون
موجون اينديون ھيون تڏھن وڃي موجن تي سوار ٿيندا
ھئا. ھندو پوڄاري پوڄا ۾ سستيءَ جو علاج ھن طرح
ڪندا آھن تھ ساري رات ھڪ ئي حالت ۾ بيٺا رھندا
آھن. ڪي بزرگ مريدي واري زماني جي ابتدا ۾ عبادت ۾
بيھڻ لاءِ سستي ڪندا ھئا تھ پنھنجي نفس تي اھو
لازم ڪري ڇڏيندا ھئا تھ ساري رات مٿي پر بيھنداسين
تانتھ نفس پيرن ڀر بيھڻ قبول ڪري. ڪن مالدارن وري
مال جي دوستي جو علاج اھو ڪيو جو سارو مال وڪڻي ان
جي قيمت درياھ ۾ اڇلائي ڇڏي. انھيءَ ڪري جو لٽائڻ
۾ سخاوت ۽ ريا جو انديشو بھ ھو.
ھنن سڀني مثالن منجھان قلب جي علاج جو نمونو معلوم ٿو ٿئي. مگر
اسان جو غرض اھو ناھي تھ ھر ھڪ مرض لاءِ جدا جدا
علاج لکون. انھيءَ جو بيان اڳتي ايندو. ھتي فقط ھي
غرض آھي تھ ھن باري ۾ عام طريقو نفس جي خواھش جي
خلاف عمل ڪرڻو آھي ۽ الله تعاليٰ پنھنجي ڪتاب ۾ ھن
ڳالھھ کي ھڪ ئي ڪلمي ۾ ارشاد فرمايو آھي تھ ”و اما
من خاف مقام ربِه و نھي النفس عن الھويٰ فان ه
الجنتِ ھي الماويٰ ه“ – ”۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي
(حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سڌ کان
جھليائين، پوءِ تنھن جي لاءِ بيشڪ بھشت آھي“. |