بعضي حسد جو سبب ٿيندو آھي تعجب يعني حاسد جڏھن ڪا وڏي نعمت يا
وڏو عھدو ڪنھن شخص کي ڏسندو آھي تھ اھڙي قسم جي
ماڻھوءَ کي اھڙي قسم جي رتبي ملي وڃڻ تي تعجب
کائيندو آھي ۽ چوندو آھي تھ آخر مان بھ تھ ھن جھڙو
ئي لائق ۽ قابل آھيان پوءِ ھن کي رتبو و ملي ويو.
ھن باري ۾ الله تعاليٰ اڳين قومن جي حالتن بابت
ارشاد ٿو فرمائي تھ ھو نبين سڳورن جي شان ۾ چوندا
ھئا تھ ”وقالوا انومن لبَشر من مثلنا“ (۽ چيائون
تھ ڇا اسان جھڙا انسان آھيو) يا ”وقالا انومن
لبَشر من مثغلنا“ (۽ چيائون تھ ڇا اسان ايمان
آڻيون پاڻ جھڙي انسان تي). يا ”لئن اطعتم بَشرا
مسثلڪم اِنڪم اِذا لخاسرون“ (البتھ جيڪڏھن اوھان
پاڻ جھڙي انسان جي اطاعت ڪئي تھ ٿيندؤ اوھان ٽوٽي
وارن منجھان) ھنن آيتن ۾ انھن جي انھيءَ تعجب جو
ذڪر آھي تھ جيڪو شخص اسان جھڙو آھي اھو رسالت. وحي
۽ الاھي قرب جي درجي تي ڪيئن پھچي ويو. انھيءَ سبب
جي ڪري رسولن سان حسد ڪيائون ۽ گھريائون تھ نبوت
جي نعمت انھن کان ويندي رھي، انھيءَ ڪري جو انھن
کي خوف ٿيو تھ ائين نھ ٿئي جو جيڪو ماڻھو اسان
جھڙو آھي اھو اسان کان افضل ۽ بھتر ٿي وڃي. ھن
حالت ۾ ھسد جي سببن منجھان ٻيو ڪو بھ سبب ڪو نھ ھو
يعني نھ ڪا پھريائين پاڻ ۾ دشمني ھئي يا وڏ ماڻھپي
يا تڪبر يا حڪومت جي طلب جو مقابلو ھوبلڪھ ھن ۾
محض تعجب ھو. ھن سلسلي ۾ ٻيا بھ انھن جا مقولا
قرآن شريف ۾ آيل آھن جھڙوڪ ”ابَعث الله بَشرا
رسولا“ (ڇا الله موڪليو انسان کي رسول ڪري) يا
”لولآَ انزل علينا الملَٰئڪته“ (ڇو نھ ٿو اسان تي
ڪو فرشتو رسول بڻائي نازل ڪيو وڃي). الله تعاليٰ
ٻي آيت ۾ خود انھن جي تعجب کي کولي بيان ڪرڻ
فرمايو آھي تھ ”اوعجِبتم ان جآءَڪم ذڪرءٌ من ربِڪم
عليٰ رجل منڪم“ (اوھان کي ھن ڳالھھ جو عجب لڳو ڇا
تھ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان منجھان
ھڪ مرد جي ھٿان آئي).
بعضي حسد جو سبب ھوندو آھي مقصد واري شيءِ جي فوت ٿيڻ جو خوف.
ھن حالت ۾ حاسد سمجھندو آھي تھ ٻئي کي نعمت حاصل
ٿيڻ ڪري منھنجو غرض يا مطلب پورو ٿي نھ سگھندو
يعني ٻيو ماڻھو ھميشه ڪوشش ڪندو تھ حسد ڪرڻ واري
جي دل جي مراد ڪڏھن بھ پوري نھ ٿئي. ھن قسم جو حسد
اھڙي مقصد ۽ مطلب تي ٿيندو آھي جنھن جا ٻھ دعويدار
ھوندا آھن. ھن حالت ۾ جڏھن بھ انھن ٻنھي منجھان
ڪنھن کي ڪائي اھڙي شيءِ ملي ويندي آھي جنھن جي مدد
سان مطلب جو حاصل ٿيڻ سولو ٿي پوندو آھي تھ ٻئي کي
خواھ مخواھھ ھن تي حسد يا ساڙ ٿيندو آھي تھ اھو
ذريعو مون کي ڇو نھ حاصل ٿيو. ٻن پھاڄن جي وچ ۾ ھن
قسم جو حسد ھوندو آھي ڇاڪاڻ تھ زوجيت جو حق ٻئي
ھڪجھڙو ڇڪينديون آھن. ٻھ ڀائر جڏھن والدين جو پيار
حاصل ڪري ملڪيت جو وڌيڪ حصو وٺڻ جي نيت ڪندا آھن
تھ اھي بھ ھن قسم جي حسد ۾ مبتلا ھوندا آھن . ٻھ
شاگرد استاد جي نظرن ۾ وڌيڪ چڱي ٿيڻ لاءِ بھ انھي
حسد جو شڪار ٿيندا آھن. ساڳيءَ طرح بادشاھھ جي خاص
ملازمن ۽ اصحابن جي وچ ۾ مال ۽ شان شوڪت تي جھڳڙو
۽ پيسن ڪمائڻ وارن ۽ خلق خدا جي اڳيان نالي پيدا
ڪرڻ جي لالچ رکندڙ عالمن ۽ واعظن جي وچ ۾ دائمي
چٽاڀيٽي بھ ھن قسم جي حسد تي ٻڌل ھوندي آھي.
بعضي حسد جو سبب سرداري ۽ شان شوڪت جي محبت ھوندو آھي. يعني
ڳالھھ اھڙي چاھڻ تھ جھڙو ھڪ انسان کي ڪوئي فن ٿو
اچي اھڙو ٻيو ڪو ماڻھو نھ نڪري پوي ۽ انھيءَ خواھش
۾ ٻيو ڪو بھ غرض يا مطلب نھ ھجي. مثلا ڪو شخص چاھي
تھ مان فلاڻي فن ۾ بلڪل اڪيلو ۽ بيمثال ٿي رھان ۽
ماڻھو منھنجي تعريف ڪندا رھن. جڏھن ھن شخص کي
انھيءَ خيال جو غلبو ٿيندو ۽ ماڻھن کان پنھنجي
باري ۾ ٻڌندو تھ تون پنھنجي فن ۾ يڪتائي دھر يعني
وقت جو ھڪ يگانو فرد ۽ پنھنجي زماني
2
جي ڪامل ھستي آھين ۽ اڄ تنھنجو
مقابلو ڪو نھ ٿو ڪري سگھي تڏھن اھڙو شخص جنھن وقت
بھ زمين جي گولي تي پنھنجو نظير يا مقابلي ڪرڻ
وارو ٻڌندو تھ ان کي ھو ضرور برو سمجھندو ۽ ھر وقت
پيو چاھيندو تھ يا تھ ھو خود فوت ٿي وڃي يا ڪم از
ڪم ھن جو ھنر ھن کان فوت ٿي وڃي جنھن سبب ھو
منھنجو شريڪ ۽ رقيب بڻيو آھي. فن کڻي ڪھڙو بھ ھجي
چاھي شجاعت (بھادري) ھجي يا علم يا عبادت يا پيشو
يا جمال (سونھن) يا ثروت (آسودگي يا مالداري)
وغيره. مطلب تھ پاڻ کي يگاني سمجھڻ جي سبب جيڪا
خوشي ٿئي ٿي انھيءَ جي محبت کان بھ حسد پيدا ٿو
ٿئي ورنھ ٻيا سبب حسد جا ھتي سڀ اڻ لڀ آھن. نھ ڪا
اڳلي ڪا دشمني ھوندي آھي. نھ تڪبر نھ بزرگيءَ جو
ڪو خيال آھي. نھ وري پنھنجي مطلب يا غرض فوت ٿيڻ
جو ڪو انديشو آھي فقط ھڪ فني دعويٰ ۽ خصوصيت جو
حرص ٿو رھي تھ مون جھڙو ڪو ٻيو نھ ھجي تھ چڱو.
ڄاڻن گھرجي تھ ھيءَ شان شوڪت جي محبت انھيءَ کان الڳ آھي جيڪا
ڪي عالم دل ۾ رکندا آھن ۽ جنھن جي وسيلي بنا
سرداري يا عملداري جي پنھنجن ڪم ڪارين ۽ غرضن حاصل
ڪرڻ لاءِ ماڻھن جي دلين م گھر ڪندا آھن. يھودين جا
عالم جيڪي آنحضرت ﷺ جن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي سڃاڻي بھ
تابعداريءَ کان انڪار ڪندا ھئا. انھن کي بھ اھو
خوف ھوندو ھو تھ
جڏھن اسان جو ھي علم منسوخ (رد ڪيل) سمجھيو ويندو تھ اسان جي
سرداري ۽ وڏائي تباھ ٿي ويندي. ڪوئي بھ اسان جي
پيروي ڪو نھ ڪندو. مٿي ذڪر ڪيل ڇھن سببن منجھان
حسد جو ڪو بھ سبب نھ ھجي تھ بعضي صرف انسان جي
پنھنجي نفس جي خيانت ۽ طبيعت جو بخل (ڪنجوسائي) بھ
حسد جو سبب بڻجي پوندي آھي. ھن صورت ۾ الله تعاليٰ
جي نعمت ان جي بندن تي بري معلوم لڳندي آھي. ڪيترا
اھڙا ڏٺا ويا آھن جن کي نھ سرداري يا يگانگي جو ڪو
ذوق ھوندو آھي ۽ نھ تڪبر يا مال جي ڪا خواھش يا
لالچ ھوندي اٿن مگر جڏھن انھن جي سامھون ڪنھن
ماڻھوءَ جو ذڪر ڪيو ويندو آھي تھ ھن کي خدا تعاليٰ
فلاڻي شيءِ عطا ڪئي آھي ۽ ھن تي ھي فضل ٿيو آھي تھ
اھا ڳالھھ ھن تي ڏاڍي ڳري يا گران گذرندي آھي.
ساڳي وقت جيڪڏھن ماڻھن جي پريشاني، بدبختي، مطلب
حاصل نھ ٿيڻ يا زندگي تلخ ٿيڻ ببات ڪو ذڪر ڪيو
ويندو آھي تھ خوش پيو ٿيندو آھي. اھڙا شخص ھميشه
ٻين جي بدبختي ٿا گھرن. خدا تعاليٰ جي طرف کان
بندن تي ڪجھھ بھ ڏسي سھي نھ ٿا سگھن. ڄن تھ جيڪي
ڪجھھ ٻين کي ملي ٿو اھو انھن جي خزاني منجھان ٿو
ڏنو وڃي. اھڙا شخص صحيح ھوندا آھن يعني بخيل کان
بھ بدتر. بخيل تھ انھيءَ کي سڏيندا آھن جيڪو
پنھنجو مال ڪنھن ٻئي کي نھ ڏئي ۽ شحيح اھو آھي
جيڪو ٻئي جي مال ۾ بخل ڪري. اھو حال آھي انھن
ماڻھن جو جيڪي خواھ مخواھھ خدا تعاليٰ جي ڏيڻ تي
ناخوش ٿيندا آھن حالانڪھ بندن ۽ ھنن حسد ڪرڻ وارن
جي وچ ۾ مائٽي مٽي يا ڪا دشمني بھ نھ ھوندي آھي.
انھيءَ جو ڪو سبب ظاھري تھ معلوم ڪو نھ ٿيندو آھي.
اھڙا ماڻھو رڳو پنھنجي رذالت ۽ نفس جي خباثت کان
انھيءَ بلا ۾ مبتلا آھن. وڇونءَ کي ڪنھن لاءِ ڪينو
ڪين ھوندو آھي مگر تڏھن بھ جيڪو ايندو اٿس تنھن کي
پيو ڏنگ ھڻندو آھي ۽ اھا فقط ھن جي طبيعت جي تقاضا
يا خواھش آھي. ڄاڻڻ گھرجي تھ ھن قسم جي ھسد جو
علاج ڏاڍو ڏکيو آھي. انھيءَ ڪري جو ٻيا سبب حسد جا
سڀ عارضي آھن. انھن ۾ اھو امڪان آھي تھ سبب جي ختم
ٿيڻ تي حسد بھ ختم ٿي وڃي. مگر ھن حالت ۾ تھ انسان
يج طبيعت جي ھڪ پيدائشي خباثت آھي انھ:ءَ جو نڪرڻ
ڏاڍو ڏکيو بلڪھ بلڪل محال آھي.
ھاڻي حسد جا ست سبب تفصيل سان بيان ٿي چڪا. ڪڏھن ڪڏھن انھن
منجھان گھڻا يا سڀئي سبب ھڪڙي ئي ماڻھوءَ ۾ ڪٺا ٿي
ويندا آھن تھ انھيءَ صورت ۾ ھو وڏو حسد ڪندو آھي ۽
حسد کي ھڪ وڏي قوت ۽ طاقت حاصل ٿي ويندي آھي (يعني
ڪنھن بھ وقت ڪنھن بھ ڳالھھ ۾ ھن کي ڪا ضمير جي طرف
کان رڪاوٽ ڪا نھ پوندي آھي) ۽ ھو پنھنجو حسد لڪائي
نھ سگھندو آھي. ڪنھن سان بھ مروت سان پيش نھ ايندو
آھي بلڪھ مروت ۽ محبت کي پاسيرو رکي کلم کلا دشمني
ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آھي. ھن اسان جي زماني ۾ جيڪي
حسد ڏٺا ٿا وڃن انھن منجھان گھڻن ۾ انھن ھنن سببن
منجھان ڪيترا سبب ڪٺا ھوندا آھن. ھڪ سبب اڪيلو
ڪڏھن بھ نھ ٿو ٿئي.
بيان چوڏھون
پنھنجن ۾ گھڻو ۽ پراون ۾ ڇو ٿورو
حسد ٿو ٿئي
واضح رھي تھ حسد انھن ماڻھن ۾ زياده ٿو ٿئي جن ۾ جيڪي سبب اسان
مٿي بيان ڪيا اھن انھن جي زيادتي ھجي ۽ حسد جي قوت
انھن ماڻھن ۾ گھڻي ھوندي آھي جن ۾ انھن سببن
منجھان گھڻا ڪٺا ھوندا آھن. ڇاڪاڻ تھ ٿي سگھي ٿو
تھ ھڪڙو ماڻھو عزت جي سبب حسد ڪري ۽ اھو ئي تڪبر ۽
عداوت جي ڪري حسد ڪري، ڄاڻڻ گھرجي تھ ھي سبب انھن
ماڻھن ۾ زياده ھوندا آھن جن سان مٽي مائٽيءَ جو
ناتو يا ڪي ويجھا تعلقات ھوندا آھن. دستور آھي تھ
ھڪ قوم يا ھڪ درجي جا ماڻھو يا ڀائي برادريءَ وارا
پاڻ ۾ مجلس ۽ محفلن ۾ ويھي پنھنجي پنھنجي مطلب يا
غرض جو بيان ڪندا رھندا آھن. انھيءَ وقت ڪو شخص
انھن منجھان ڪنھن جي مطلب جي خلاف ٿو ڳالھائي تھ
مطلب يا غرض وارو ماڻھو ان کان نفرت کائي يڪدم کڻي
ٿو بغض ۽ ڪينو دل ۾ رکي ۽ پوءِ ھر وقت سوچيندو ٿو
رھي تھ ھن کان پلؤ وٺان. جھڙيءَ طرح ھن منھنجي
مطلب ۾ تنگ اڙائي آھي تھ مان بھ ھن کي مطلب حاصل
ڪرڻ نھ ڏيان. پوءِ جتي حسد جو ھڪ سبب ٿو پيدا ٿي
پوي اتي ٻيا بھ ھڪ ٻئي جي پٺيان ڪٺا ٿيندا ٿا وڃن.
بھرحال حسد ھڪٻئي سان گڏجي ويھڻ ۽ غرض جون ڳالھيون ڪرڻ سان ٿو
پيدا ٿئي. انھيءَ لحاظ کان جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھڪڙي
شھر ۾ ٿو رھي ۽ ٻيو ڪنھن ٻئي شھر ۾ ٿو رھي تھ انھن
۾ حسد نٿو ٿئي بلڪھ جيڪڏھن ھڪ ئي شھر ۾ پري پري
محلن ۾ رھندا آھن تھ تڏھن بھ حسد ڪو نھ ھوندو اٿن.
باقي جيڪڏھن ھڪڙي مجلس، ھڪڙي مسجد، ھڪڙي بازار يا
ھڪڙي مدرسي ۾ ھوندا ۽ ھڪ ئي مطلب جا طالبو ھوندا
تھ انھن جي وچ ۾ ضرور حسد اڀرندو آھي. جھڙوڪ مٿي
بيان ٿي چڪو آھي. انھيءَ ڪري عالم شخص عالم جي
لاءِ حسد ڪندو آھي ۽ عابد لاءِ نھ، سوداگر ٻئي
سوداگر سان حسد ڪندو آھي ملازم سان نھ، موچي موچي
سان حسد ڪندو آھي ۽ بزازي (ڪپڙي وڪڻڻ واري) سان
نھ.
ساڳيءَ طرح ماڻھو پنھنجي ڀاءُ يا سوٽ سان بنسبت ٻين جي زياده
حسد ڪندو آھي، ٻھ پھاڄون سس ۽ نڻاڻ جي مقابلي ۾ ھڪ
ٻئي سان وڌيڪ حسد رکنديون آھن. غرض تھ جتي بھ ٻن
شخصن جو مطلب ۽ غرض واري ڪا ساڳي ۽ ھڪڙي شيءِ
رھندي آھي ۽اھي ھڪٻئي سان گڏ رھندا آھن تھ قدرتي
طرح انھن جي وچ ۾ حسد زياده ٿو پيدا ٿئي. مثلا
ھڪڙو بزاز ڪپڙي جو دڪان ٿو رکي تھ ھو ضرور خريدارن
جي ڪثرت چاھيندو جنھن ۾ ھن کي ڪجھھ فائدي ٿيڻ جو
امڪان آھي. جيڪڏھن ٻيو بزاز ھن جي ڀرسان اچي دڪان
ڪڍندو ۽ ھن جي گراھڪي کاريندو تھ پھريون بزاز ضرور
ھن سان حسد ڪندو. ساڳيءَ طرح ھڪڙو بھادر ماڻھو ٻئي
بھادر سان حسد ڪندو آھي ۽ نھ ڪنھن عالم شخص سان.
عالم سان ھن جو ڪھڙو واسطو پھلوان ۽ بھادر ماڻھوءَ
جو مقصد اھو ھوندو آھي تھ دنيا ۾ مان ئي ھڪ اڪيلو
بي مثال ۽ بينظير بھادر ھجان ۽ ساري دنيا ۾ منھنجو
ئي نالو مشھور ھجي.
ڏٺو ويو آھي تھ عالمن جو ٽولي ۾ بھ وري جيڪي بلڪل ھو پيشي ٿا
ٿين انھن ۾ حسد گھڻو ٿو رھي. مثلا وعظ ڪندڙ عالم
جو حسد رڳو وعظ ڪندڙ سان ٿو رھي. ڪنھن بھ فقيه
(فقھ جي عالم) يا طبيب سان ھن جو واسطو ڪو نھ ٿو
رھي. مطلب تھ حسد دشمنيءَ کان ٿو پيدا ٿئي ۽ دشمني
جي پاڙ آھي. ساڳي پيشي يا ڌنڌي ۾ شريڪ ھجڻ. مگر
اھا شرڪت جيڪڏھن اھڙن ماڻھن سان آھي جيڪي پري پري
ٿا رھن تھ پوءِ انھن سان حسد نٿو ٿئي. حسد فقط گھر
وارن ۽ ڀر وارن سان ٿو رھي. ويجھڙائي ۾ ھڪ ٻئي جي
ترقي ۽ واڌارو ڏسي اکيون نٿيون سھن. البتھ جيڪو
ماڻھو ساري دنيا ۾ شھرت حاصل ڪرڻ جو طالب ھوندو
انھيءَ لاءِ تھ پري يا ويجھڙائيءَ جو سوال ئي ڪو
نھ ٿو اٿي. ھو تھ جتي بھ ۽ جڏھن بھ پنھنجو حريف
ٻڌندو تھ يڪدم حسد م جلڻ ۽ پچڻ شروع ڪري ڏيندو.
مطلب تھ جيترا بھ حسد جا سبب آھن انھن سڀني جي پاڙ، جيڪڏھن غور
ڪري ڏٺو ويندو تھ، دنيا جي محبت معلوم ٿيندي.
ڇاڪاڻ تھ دنيا جون ئي شيون اھڙيون آھن جيڪي ھڪ ٻئي
جي شريڪن ۽ حصھ دارن ۾ پوريون نٿيون پئجي سگھن.
جيڪڏھن ھڪڙي وٽ وڃن ٿيون تھ ٻيو ھٿين خالي رھجي ٿو
وڃي. مگر آخرت جي شين ۾ ڪا بھ تنگي ڪانھي انھن ۾
وڏي گنجائش ٿي رھي. انھن جو مٿال علم جھڙو آھي
جيڪو شرڪت ڪرڻ سان ڪنھن وٽان ذرو بھ نھ ٿو گھٽجي.
پاڻ شرڪت ڪرڻ سان علم ۾ واڌارو ٿو ٿئي. علم جي
ذڙيعي ھڪڙي شيءِ جي واقفيت ھزارين امڻھن کي ھڪ
جيتري ۽ ھڪ وقت رھي ٿي سگھي. پوءِ جيڪو شخص الله
تعاليٰ جي واقفيت ۽ معرفت سان محبت ٿو رکي ۽ ان جي
صفتن، فرشتن، نبين، آسمان ۽ زمين جي بادشاھي کان
واقف آھي تھ ھو ٻئي ماڻھوءَ جي ھنن ڳالھين جي
واقفيت ۽ معرفت رکڻ لاءِ ھرگز حسد ڪو نھ ٿو ڪري.
انھيءَ جو سبب اھو آھي تھ ھن قسم جي معرفت ۾ ڪنھن
بھ قسم جي تنگي نٿي ٿئي. يعني ائين ناھي تھ جيڪڏھن
اھا معرفت ھڪڙي کي ھٿ آئي تھ ٻئي جي لاءِ ڪجھھ بھ
نھ بچندو بلڪھ ھن معرفت کي لکين ماڻھو ساڳي ئي
ھڪڙي وقت حاصل ڪري ٿا سگھن ۽ ھڪٻئي کان وڌيڪ ھن جي
واڌاري کي ڪا بھ انتھا يا پڇاڙي آھي ئي ڪا نھ. ھر
ھڪ عارف پنھنجي جاءِ تي معرفت ۾ پر ٿي خوب مزا ۽
موجون ٿو ماڻي ۽ ھن جا مزا ماڻن ٻين جي مزن ۽ لطف
۾ ڪو ذري جيترو خلل بھ نھ ٿا وجھن. بلڪھ ھن عالم ۾
نھ گڏجي وھڻ ۽ گھڻي تعداد ۾ ٿيڻ منجھان پاڻ لذت ۽
اٿس جو اضافو ٿو ٿئي. اھو ئي سبب آھي جو جيڪي دين
جا سچا پچا عالم آھن انھن ۾ ڪنھن بھ قسم جو حسد نھ
ھوندو آھي. ھنن عالمن جو مقصد ھوندو آھي الله
تعاليٰ جي معرفت ۽ ويجھڙائي حاصل ڪرڻ ۽ انھيءَ
لحاظ کان ھو وڏا بحر يا سمنڊ ٿا ٿين جن جو ڪنارو
ئي ڪينھي. ڇاڪاڻ تھ لذتن ۽ نعمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ
لذت آھي الله تعاليٰ جو ديدار ۽ جنھن کي نصيب ٿو
ٿئي تنھن کي باقي ٻين ڳالھين سان ڪو بھ واسطو ڪو
نھ ٿو رھي. ان کان سواءِ ھن نعمت ۾ ڪنھن کي بھ روڪ
ٽوڪ ڪا نھ ٿيرھي ۽ ھڪڙي کي جيڪڏھن اھا معرفت حاصل
ٿئي ٿي تھ انھيءَ ۾ ٻئي ڪنھن جو نقصان ڪجھھ بھ ڪو
نھ ٿو ٿئي.
ٻي حالت ۾ جي عالمن جو غرض علم منجھان مال ۽ دنيا جو شان شوڪت
حاصل ڪرڻ ٿو رھي تھ پوءِ انھيءَ صورت ۾ بيشڪ حسد
پيدا ٿي پوي ٿو. ڇاڪاڻ تھ مالڪ ھڪ ”جسم“ آھي جيڪو
جسم جي عام وصف مطابق ٻن جاين تي ساڳي وقت ھرگز
نٿو رھي سگھي يعني ھڪڙي ھٿ ۾ رھندو تھ ٻيو ھٿ ضرور
انھيءَ کان خالي رھندو. شان شوڪت جي معنيٰ وري آھي
ٻين جي دلين ۾ جاءِ ڪرڻ، انھيءَ لحاظ کان جڏھن
ھڪڙي ماڻھوءَ جي دل ۾ ھڪڙي عالم جي محبت ويھجي ٿي
وڃي تھ ٻئي جي محبت ويھي نٿي سگھي. يا اھا محبت
گھٽجي ٿي وڃي يا گم ٿئي ٿي وڃي ۽ اھو ئي ھڪ سبب ٿو
بڻجي عداوت جو. ھن جي ابتڙ وري غور ڪري ڏسبو تھ
جيڪڏھن خدا تعاليٰ جي معرفت ۽ محبت ڪنھن دل ۾ ڀرجي
ٿي وڃي تھ اھا معرفت صفا ختم ٿي يا گھٽجي نٿي وڃي
جو ٻئي جي دل ۾ نھ وڃي سگھي. بلڪھ اھا معرفت ۽
محبت بلڪل بيحد ۽ بي انداز ٿي ٿئي ۽ ھڪ آدمي تھ ڇا
جيڪڏھن لکين ۽ ڪروڙين دليون بھ ھڪ وقت ڀرجن تھ بھ
درياءَ منجھان ھڪ قطرو بھ ڄڻ تھ خرچ نھ ٿيندو.
مطلب تھ علم ۽ مال ۾ ھي فرق آھي تھ مال اھڙي شيءِ آھي جيڪا
جيستائين ھڪڙي ماڻھوءَ جي ھٿ منجھان صفا نھ نڪرندي
تيستائين ٻئي جي ھٿ ۾ نٿي وڃي سگھي ۽ علم عالم جي
دل ۾ رھندو آھي ۽ تعليم جي ذريعي ٻئي ڏي وڃي بھ ٿو
مگر انھيءَ وڃڻ ڪري تعليم ڏيڻ واري جي دل منجھان
گھٽجي ذرو بھ نھ ٿو. ھيءَ ھڪ عجيب ڳالھھ آھي.
ٻيو تھ مال کي ڪا نھ ڪا انتھا جي حد آھي. جيڪڏھن دنيا جو مال
ھڪڙو ماڻھو پنھنجي ھٿ ۾ رکي تھ ساري دنيا محروم ٿي
سگھي ٿي. مگر علم اھا شيءِ آھي جنھن جو ڪو مقدار
يا انداز لڳائڻ مشڪل آھي. انھيءَ جو ساري جو سارو
ڪنھن جي دل ۾ اچڻ ممڪن ئي ناھي پوءِ جيڪو شخص
انھيءَ ڳالھھ جو عادي آھي تھ الله تعاليٰ جي جلال
۽ عظمت ۽ آسمانن ۽ زمين جي سلطنت ۾ فڪر ڪندو رھي
تھ ھو انھيءَ ڳالھھ کي ٻين سڀني لذتن ۽ نعمتن کان
وڌيڪ لذت وارو معلوم ڪندو ۽ ان ۾ ڪنھن بھ قسم جي
روڪ ٽوڪ يا تنگي نھ ٿيندس. انھيءَ ڪري اھڙيءَ دل ۾
حسد جي اڪ گنجائش ئي ڪا نھ ٿي رھي. ڇاڪاڻ تھ جيڪي
ڪو ٻيو شخص بھ ھن جھڙي معرفت رکندو ھوندوتھ ھن جي
لذت منجھان ذرو بھ گھٽ نھ ٿيندو پر ھن کي تھ پاڻ
ھڪ قسم جي موافست يا انس ٿيندو. ڄاڻڻ گھرجي تھ
انھن ماڻھن جي لذت جيڪي ملڪوت جي عجائبن جي مطالعھ
۾ ھميشه غرق آھن انھن ماڻھن کان بھتر ٿيندي جيڪي
ظاھري اکين سان جنت جي وڻن ۽ باغن جو سير ڪندا ۽
مزا اڏائيندا ڇاڪاڻ تھ عارف جي جنت فقط ھن جي ذاتي
صفت آھي جنھن کي معرفت سڏيو ٿو وڃي ۽ اھا جنت ڪڏھن
بھ فنا ٿيڻ واري ناھي ۽ عارف ھميشه ان جي ڦلن
منجھان لطف ۽ فائدو حاصل ڪندو ٿو رھي. ھن جي روح ۽
قلب جي غذا علم جي ميون منجھان ٿي ٿئي ۽ ھي اھو
ميوو آھي جنھن جي شان ۾ ”لاّ مقطوعته ولا ممنوعته
(جيڪي نڪي کٽندا ۽ نڪي کانئن جھلبا) ۽ قطوفھا
داِنيتهءٌ (جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا) جھڙيون
آيتون الله تعاليٰ نازل فرمايون آھن. جيڪڏھن عارف
اکيون بند ڪندو تھ روح سان جنت عاليھ جو سير تماشو
ھن کي نصيب ٿي ويندو. ھن حالت ۾ جيڪڏھن عارفن جي
ڪثرت بھ ٿي وڃي تھ پاڻ ۾ حاسد ھرگز نھ ٿيندا بلڪھ
انھن جو ھي حال ھوندو جيڪو الله تعاليٰ قرآن شريف
۾ فرمائي چڪو آھي تھ ”ونزعنا ما في صدورھم من غل
اِخوانا عليٰ سرر متقابِلين (۽ سندن سينن ۾ جيڪي
ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين پوءِ ھڪٻئي جا
ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا).
ھن بيان منجھان معلوم ٿيو تھ جنت ۾ ھڪ ٻئي سان حسد ڪو نھ ھوندو
۽ ھي بھ ثابت ٿيو تھ اھل جنت جيڪي ھن دنيا ۾ آھن
انھن ۾ بھ پاڻ ۾ حسد نھ ھوندو آھي ڇاڪاڻ تھ جنت بھ
علم وانگر ھڪ اڻ کٽ شيءِ آھي. ھن ۾ بھ ڪا تنگي يا
سوڙھھ ڪا نھ آھي. ڄاڻڻ گھرجي تھ اھا نعمت تڏھن ٿي
ملي جڏھن دنيا ۾ الله پاڪ ڪي معرفت حاصل ٿي ٿئي ۽
جيئن جو معرفت ۾ ڪائي تنگي وغيره ڪانھي انھيءَ ڪري
جنت وارن ۾ حسد نھ دنيا ۾ ھوندو نھ آخرت ۾ بلڪھ
حسد تھ انھن ماڻھن جي وچ ۾ ٿو رھي جن کي عليين جي
وسيع ۽ ويڪري ميدان منجھان تڙي سجين جي تنگ دائري
۾ اڇلايو ٿو وڃي. ڏسو شيطان لعين حضرت آدم عليه
السلام تي حسد ڪيو تھ ھن کي اھڙو رتبو جو مليو ۽
انھي ڪري سرڪش ٿيو ۽ نافرمان بڻجي سجدو نھ ڪيائين
تھ ڪٿان جو ڪٿي وڃي پھتو ۽ پاڻ کي حاسد سڏرايائين.
ھن تحقيقات منجھان ثابت ٿيو تھ حسد تڏھن ٿيندو آھي جڏھن اھڙي
شيءِ تي مقابلو ٿو ٿئي جيڪا سڀ کي ڪافي ۽ پوري نھ
ٿي ٿئي سگھي جھڙوڪ دنيا جا مال متاع ۽ جيڪا شيءِ
ائين ناھي جھڙوڪ علم، جنت وغيره تھ ان ۾ حسد بھ ڪو
نھ ٿو ڪيو وڃي. مثلا آسمان جي تارن جي زينت ڏسڻ
لاءِ ڪوئي ڪنھن تي حسد نٿو ڪري ڇاڪاڻ جو اھا ھڪ
وسيع شيءِ آھي. البتھ باغن جي سير ڪرڻ ۾ ضرور حسد
ڪيو ٿو وڃي ڇاڪاڻ تھ باغ زمين جي ھڪ تمام ننڍڙي
ٽڪري ۾ ٿو ٿئي. ھن صورت ۾ جيڪو سياڻو آھي ۽ پنھنجي
نفس جو خير ٿو گھري تھ ھن کي گھرجي تھ اھڙي ئي
نعمت جو طالب ٿئي جنھن ۾ زحمت (يعني تنگي) نھ ھجي
۽ اھڙي لذت جو ڳولائو ھجي جيڪا ڪڏھن بھ فنا ٿيڻ
واري نھ ھجي ۽ اھا ڳالھھ دنيا ۾ سواءِ معرفت الاھي
۽ ھن صفات ۽ افعال جي ٻئي ڪنھن بھ شيءِ ۾ ڏٺي نٿي
وڃي. آخرت ۾ بھ اھا ئي ڪارآمد ٿيندي. پوءِ جيڪڏھن
ماڻھوءَ کي معرفت جو شوق نھ آھي ۽ نھ ھن ۾ ھن کي
مزو ٿو اچي ۽ عقل بھ قاصر اٿس ۽رغبت گھٽ تھ پوءِ
اھڙو ماڻھو معذور آھي. مثلا نامرد ماڻھوءَ کي زال
جو شوق نٿو ٿي سگھي. ٻار کي سلطنت جي لذت جو پتو
ئي نٿو پوي ڇاڪاڻ تھ لذتون مردن لاءِ مخصوص آھن
نامردن ۽ ٻارن جو لذتن سان واسطو ئي ڪو نھ ٿو رھي.
ساڳيءَ طرح معرفت جي لذت بھ انھن ماڻھن لاءِ مخصوص آھي جن جي حق
۾ قرآن شريف ۾ ارشاد آھي تھ ”لاّ تلھيھم تِجارتءٌ
ولا بَيعءٌ عن ذڪر الله (انھن کي واپار ۽ نڪي سودو
الله جي ياد ڪرڻ کان جھليندو يا ويسر ۾ وجھندو
آھي) انھن کانسواءِ ٻيا سڀ ماڻھو لذت کان محروم
آھن. انھيءَ ڪري جو معرفت جو اشتياق، ذوق کانپوءِ
ٿيندو آھي، جنھن کي طبيعت ۾ ذوق ئي نھ ھوندو
انھيءَ کي معرفت جي ڪھڙي پروڙ پئجي سگھندي، جنھن
کي وري معرفت ڪانھي اھو اشتياق وارو بھ نھ ٿو ٿي
سگھي ۽ سواءِ اشتياق ۽ طلب جي مقصد تائين پھچڻ
ڏکيو آھي ۽ مقصد تي نھ پھچڻ سراسر محرومي ۽
ناڪاميابي آھي ۽ انھيءَ صورت ۾ اسفل السافلين ۾
رھڻو پوندو ڇاڪاڻ تھ ”ومن يعش عن ذڪر الرحمان نقيض
له شيطانا فھو له قرينءٌ (۽ جيڪو ٻاجھاري الله جي
ياد ڪرڻ کان غافل رھندو آھي تنھن لاءِ ھڪ شيطان
مقرر ڪندا آھيون جو اھو ان جو سنگتي ھوندو آھي).
بيان پندرھون
حسد جي مرض جي دوا
ڄاڻڻ گھرجي تھ حسد دل جي وڏين بيمارين منجھان آھي ۽ دل جي
بيمارين جو علاج ٻن طريقن يعني علم ۽ عمل سان
ٿيندو آھي. حسد جي روڳ کي جيڪو علم مفيد آھي سو ھي
آھي تھ آدمي ھن ڳالھھ کي پوريءَ ريت سمجھي ڇڏي تھ
حسد دنيا ۽ آخرت ۾ ھن جي لاءِ سخت نقصان ڪار آھي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ جنھن تي حسد ڪيو ٿو وڃي ان کي حاسد
جي حسد منجھان دين يا دنيا جو ڪو بھ نقصان نٿو رسي
بلڪھ ھن کي تھ فائدو ئي فائدو آھي. ڇاڪاڻ تھ حاسد
جون نيڪيون خود بخود ھن ڏي ھليون ٿيون وڃن. جڏھن
اھا ڳالھھ چڱيءَ طرح سمجھي ويندو ۽ ھو پنھنجي سر
جو دشمن ۽ پنھنجي دشمن جو خير خواھھ ٿيڻ نھ
چاھيندو تھ ضرور ھن کي حسد ڇڏڻو پوندو.
حسد جي سببان جيڪو حاسد کي دين ۾ نقصان ٿو پوي اھو ھي آھي تھ
حسد جي اثر ڪري ھو خدا تعاليٰ جي حڪم تي ڄڻ تھ
راضي نٿو رھي، جنھن نعمت کي ڌڻي پاڪ پنھنجن بندن ۾
ورھايو آھي ۽ پنھنجي عدل ۽ حڪمت سان جيڪي ڪارخانا
جاري ڪيا اٿس انھن کي برو ٿو سمجھي. پوءِ انھيءَ
کان وڌيڪ دين ۾ ڪھڙو گناھھ ھوندو جو انسان الله
تعاليٰ جي تقدير تي راضي نھ رھي.
ٻيو نقطو ھن ڳالھھ ۾ اھو آھي تھ جڏھن ڪو بھ حاسد حسد کان پنھنجي
مسلان ڀاءُ سان ڪينو ٿو رکي ۽ ھن سان خير خواھي
سان پيش نھ ٿو اچي تھ ائين ڪرڻ سان يڪدم ھو
اوليائن ۽ انبيائن جي ٽولي منجھان نڪري (ڇاڪاڻ تھ
ھنن جو اھو طريقو ڪيني رکڻ وارو ناھي) سڌو وڃي ٿو
ابليس ۽ ڪافرن جي ٽولي ۾ گڏجي جيڪي ھن وانگر ھنن
کي برو ٿا سمجھن. ھي سڀ ڳالھيون دل جي انھن خباثتن
منجھان آھن جيڪي ان جي نيڪين کي صفا ائين ٿيون
کائي ڇڏين جيئن باھھ ڪاٺيءَ کي کائي ۽ نيڪين جو
نشان اھڙيءَ طرح ٿيون ڊاھي ڇڏين جيئن رات، ڏينھن
جي نشانين کي ختم ڪري ٿي ڇڏي.
دنيا ۾ وري حاسد جو نقصان ھي آھي تھ حاسد ھميشه رنج ۽ عذاب ۽
الم ۾ ٿو رھي ڇاڪاڻ تھ الله تعاليٰ ھن جي دشمنن کي
نعمتون ڏيندو ٿو رھي ۽ اھي ڏسي ھو جلندو ٿو رھي.
جيتريون مصيبتون ھن جي دشمنن تان ٽرنديون ٿيون رھن
اوترو ئي ھن جي دل کي پريشاني ۽ سڀني کي تنگي ٿي
پھچي ۽ غمگين ۽ محروم بڻيو ڀٽڪندو ٿو وتي. ٻين
لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تھ جيڪا شيءِ (يعني غم ۽
پريشاني) ھن دشمنن لاءِ ٿي چاھي اھا ھن جي پنھنجي
ڳچيءَ ۾ پنھنجن ھٿن سان پئجي ٿي وڃي. حاسد جي تمنا
تھ اھا ھوندي آھي تھ دشمنن کي رنج پھچي مگر اٽلندو
ھو پاڻ رنج ۾ وٺجي ٿو وڃي. وڏي ڳالھھ وري اھا آھي
تھ جنھن ڳالھھ تي حسد ٿو ڪري اھا بھ سندس دشمن وٽ
جيئن جو تيئن رھجي ٿي وڃي. ھيءَ حقيقت ڏيکاري ٿي
تھ سمجھو تھ حسد ڪرڻ واري آدمي٤ کي قيامت ۽ حساب
ڪتاب تي بھ ايمان ڪونھي تھ تڏھن بھ عقل ۽ شرافت جي
تقاضا تھ اھا آھي تھ ماڻھو انھيءَ شيءِ کان بچي
جنھن ۾ ھن کي فقط رنج ئي رنج ٿو حاصل ٿئي ۽ فائدو
ذرو بھ نھ ٿو پوي. جيڪڏھن وري قيامت جي پڄاڻي تي ۽
پڇاڙي کان پوءِ عذاب ملڻ تي بھ ايمان آڻي ٿو تھ
پوءِ تھ اھڙي بلا کان پري ڀڄي پاسو ڪرڻ کپيس. عاقل
شخص وٽان اھا ھڪ عجب جھڙي ڳالھھ آھي جو ھو بي
فائدو خدا تعاليٰ جي غضب جو پاڻ کي نشانو بڻائي ۽
پنھنجو دين ۽ دنيا تباھ ڪري ۽ قسمين قسمين رنج ۽
تڪليفون برداشت ڪري ۽ آخر ۾ ھڙ حاصل بھ ڪجھھ نھ
ٿئيس.
ٻئي طرف جنھن ماڻھوءَ تي حسد ڪيو ٿو وڃي ان کي حسد جي ڪري دين
توڙي دنيا ۾ ڪو بھ نقصان ڪو نھ ٿو پھچي. اھا صاف
ظاھر ڳالھھ آھي تھ حاسد جي حسد جو ٻئي تي ڪو بھ
اثر ڪو نھ ٿو پوي يعني ھن جي حسد کان نعمت ختم نٿي
ٿئي بلڪھ جيڪي ڪجھھ الله تعاليٰ ڪنھن جي لاءِ
اقبال ۽ نعمت مقرر ڪري ڇڏي آھي اھا مقرر وقت تائين
بيشڪ رھندي. ان کي ھٽائڻ ۽ مٽائڻ ڪنھن جي بھ وس ۾
ڪينھي ڇاڪاڻ تھ خدا تعاليٰ جو فرمان آھي تھ ”وڪل
شيءِ عنده بِمقدار“ (۽ سڀڪا شيءِ وٽس اندازي سان
آھي) ۽ ”لڪل اجلڪتابِِ“ (ھر ڪنھن مدت لاءِ لکيل
حڪم آھي).
ھن باري ۾ ڳالھھ ٿا ڪن تھ نبين سڳورن منجھان ھڪڙي پيغمبر جڏھن
ڌڻي تعاليٰ جي درگاھھ ۾ ھڪڙي عورت جي شڪايت ڪئي
جيڪا خلق جي مٿان حاڪم ٿي انھن تي سخت ظلم ڪندي
ھئي تھ ارشاد ٿيس تھ جيڪي ڪجھھ اسان ازل ۾مقرر ڪيو
آھي ان جي بدلجڻ جي ڪائي صورت ڪانھي. جيترو اقبال
۽ عھد ھن جو لکيو ويو آھي اھو ضرور ھلندو. توکي
جيڪڏھن برو ٿو لڳي تھ اتان ھليو وڃ. مطلب تھ جڏھن
نعمت جو زوال حسد ڪرڻ سان نٿو اچي تھ پوءِ جنھن تي
حسد ڪيو ٿو وڃي ان کي دنيا ۾ ڪھڙو نقصان ۽ آخرت ۾
ڇو ھن کي ڪو گناھھ ٿيڻ کپي.
ھن معاملي ۾ ٻي ڳالھھ اھا آھي تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو چاھي ٿو تھ
حسد ڪرڻ سان نعمت کسجي وڃي تھ انھيءَ ۾ تھ ھو خود
پنھنجو اڻ سڌيءَ طرح نقصان ٿو چاھي. آخر ھن جا بھ
تھ ڪي دشمن ھوندا جيڪي ھن جي نعمت تي حسد ڪندا
ھوندا. تنھنڪري جيڪڏھن حسد ڪرڻ سان نعمت ختم ٿيندي
وڃي تھ پوءِ جيڪر دنيا ۾ نعمت جو نالو نشان ئي نھ
رھي. انھي حساب سان جيڪڏھن اونھو غور ڪري ڏسبو تھ
پوءِ جيڪر ايمان بھ دنيا ۾ نھ رھي ڇاڪاڻ تھ ڪافر
تھ مسلمانن جي ايمان تي ئي حسد ڪندا آھن. جھڙيءَ
طرح قرآن شريف ۾ آيو آھي تھ ”ود ڪثِيرءٌ من اھل
الڪتابِ لو يردونڪم من بَعد اِيمانڪم ڪفارا حسدا
من انفسھم“ (ڪتاب وارن مان گھڻا گھرندا آھن تھ
جيڪر اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ بھ، ساڙ يا حسد
سببان جيڪو انھن جي دل ۾ آھي. موٽائي اوھان کي
ڪافر ڪن). پوءِ جنھن شخص کي ھيءَ تمنا آھي تھ
منھنجي حسد سببان ٻئي جي نعمت ھلي وڃي تھ ڄڻ تھ ھو
چاھي رھيو آھي تھ ڪافرن جي حسد جي ڪري سندس ايمان
جي نعمت سلب ٿي وڃي. اھڙيءَ طرح ٻين نعمتن جو خيال
ڪرڻ کپي. باقي جيڪڏھن ڪو حاسد سمجھي ٿو تھ منھنجي
حسد کان ٻين جي نعمت ھلي ويندي مگر ٻين جي حسد کان
منھنجي نعمت نھ ويندي تھ اھا نھايت جھالت ۽
بيوقوفي آھي. ھر ھڪ حاسد احمق اھو ئي چاھيندو آھي
تھ نعمت خاص منھنجي لاءِ ھجي مگر انھيءَ ترجيح ۽
فوقيت جي لاءِ ھن وٽ ڪو دليل ڪو نھ ھوندو آھي تھ
ڇو ٻين وٽان نعمت کسجي ھن وٽ وڃي. پوءِ ڄاڻڻ گھرجي
تھ ھي جو ڪنھن جي حسد جي ڪري ڪنھن جي نعمت نٿي
کسجي اھا خدا تعاليٰ جي ھڪ وڏي مھرباني آھي جنھن
لاءِ ھر انسان کي شڪر گذار رھڻ گھرجي. مگر افسوس
جو جاھل وري انھيءَ نعمت جي ختم نھ ٿيڻ کي برو ٿا
سمجھن.
ڄاڻڻ گھرجي تھ جنھن تي حسد ڪيو ٿو وڃي ان کي دين ۽ دنيا ٻنھي جو
فائدو آھي. ديني فائدو ھي اٿس جو جڏھن حاسد ظلم ۽
زيادتي ٿو ڪري ۽ ھن جي حسد جو اثر ھن جي قول ۽ فعل
۾ ظاھر ٿيڻ ٿو لڳي يعني ھو گلا، طعنو، بي عزتي ۽
بدگوئي ڪرڻ شروع ٿو ڪر تھ ائين ڪرڻ سان حاسد جون
نيڪيون ازخود پاڻھي جو پاڻھي ٻئي ماڻھوءَ ڏي ھليون
ٿيون وڃن. حاسد آخرت ۾ ڏسندو تھ ھن جون نيڪيون سڀ
ٻئي ڏي ھليون ويون آھن ۽ جھڙو دنيا ۾ نعمتن کان
محروم رھيو ۽ رڳو جلندو بچندو رھيو قيامت ۾ بھ اھو
ئي حال نصيب ٿيو اٿس. ٻئي طرف جنھن تي حسد ڪيو پئي
ويو اھو دنيا ۾ بھ نعمتن ۾ رھيو ۽ آخرت ۾ بھ
نيڪيون ھن کي مفت ميل ويون. نيڪيون ڪن ھڪڙ ملن وري
ٻين کي. حاسد اھو حال ڏسي سخت پشيمان ٿيندو تھ نھ
دنيا ۾ ڪو دل جو آرام مليو نھ ھتي ڪجھھ نصيب ٿيو.
نيڪيون جيڪي ڪيون ھيم اھي بھ سڀ کسجي ويون. سواءِ
بدبختي ۽ بدحاليءَ جو ٻيو ڪجھھ بھ حاصل نھ ٿيندس.
جنھن تي حسد ڪيو ٿو وڃي ان کي دنيوي فائدو اھو آھي تھ ھن جو
دشمن حاسد ھميشه غم ۽ الم ۾ ٿو رھي. اھو دستور آھي
تھ ماڻھو پنھنجي مخالف کي ھميشه رنج ۽ تڪليف ۾ ڏسڻ
وڌيڪ پسند ڪندو آھي. جڏھن ڪو ماڻھو ڏسندو تھ
منھنجو حاسد ذليل ۽ خوار آھي ۽ رڳو پيو ٿو رات
ڏينھن اندر ۾ جلي ۽ پچي تھ انھيءَ کان وڌيڪ ھن کي
ڪھڙو فائدو کپي. اھو ئي سبب آھي جو ڪو بھ ماڻھو
پنھنجي حاسد جي لاءِ موت نھ چاھيندو آھي بلڪھ ھي
چاھيندو آھي تھ ھن جي عمر ڊگھي ٿئي ۽ پنھنجي حسد
جي باھھ ۾ ھميشه جلندو رھي.
ھاني جيڪڏھن حاسد ٿورو غور ڪري ھي ڳالھيون جاچي ڏسي تھ صاف
معلوم ٿي وڃيس تھ حسد ڪرڻ سان تھ مان پنھنجو پاڻ
سان دشمني ۽ پنھنجي دشمن سان خير خواھي ڪري رھيو
آھيان. مان اھو ڪم ٿو ڪريان جنھن ۾ مون کي دنيا ۽
آخرت ٻنھي ۾ نقصان آھي ۽ منھنجي دشمن کي دنيا ۽
آخرت ٻنھي ۾ نقصان آھي ۽ منھنجي دشمن کي دنيا ۽
آخرت ٻنھي ۾ مفت جو فائدو ملي ٿو وڃي. مان اجايو
خالق ۽ مخلوق ٻنھي جي اڳين بڇڙو ثابت ٿيس ۽ حال
(يعني دنيا) ۽ مال (يعني آخرت) ٻنھي ۾ بدبخت رھجي
ويس. ٻئي طرف جنھن تي حسد پئي ڪيم ان جي نعمت جھڙي
ھئي تھڙي رھجي وئي. مان ان م تر جيتري بھ گھٽتائي
آڻي نھ سگھيس. مگر ڳالھھ جو خاتمو اڃا اتي بھ نھ
ٿو ٿئي. ھنن س ني خرابين کان وڌيڪ خرابي تھ اھا ٿي
ٿئي جو انسان جي وڏي ۾ وڏي دشمن يعني ابليس کي وڏو
خوشي ۽ شادماني جو موقعو ملي ٿو وڃي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ شيطان جڏھن ڪنھن ھڪڙي شخص کي علم ۽ پرھيزگاري ۽
مال دولت ۽ شان شوڪت جي نعمتن سان مالا مال ڏسندو
آھي ۽ ٻئي کي صفا محروم تھ ھن کي اھو خوف رھندو
آھي تھ متان ھي ٻيو شخص جيڪو نعمتن کان محروم آھي
ٻئي شخص نعمتن واري سان محبت رکي ۽ محبت جي ڪري ھن
کي متان ھڪ وڏو ثواب ملي وڃي. انھيءَ ڪري شيطان ھن
جي دل ۾ بغض وجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تھ جيئن محبت
جي ثواب کان محروم رھجي وڃي. جھڙيءَ طرح اھو شخص
ٻين چڱن اعمالن ڪرڻ کان محروم رھيل آھي. حديثن
منجھان بھ اھا ڳالھھ ثابت ٿي چڪي آھي تھ جيڪو شخص
پنھنجي مسلمان ڀاءُ جي نيڪي ڏسي خوش ٿو ٿئي اھو
انھيءَ نيڪيءَ ۾ ھن سان شريڪ ٿئي ٿو وڃي. يعني ھن
کي بھ گويا انھيءَ نيڪيءَ جي ڪرڻ جيترو ثواب ملي
ٿو وڃي. جھڙيءَ طرح ھڪڙي اعرابي آنحضرت ﷺ جن جي
خدمت ۾ عرض ڪيو تھ يا رسول اﷺ! فلاڻو شخص فلاڻي
قوم سان محبت ٿو رکي توڙي ھو انھيءَ قوم وارن
منجھان ناھي. حضور ﷺ جن ارشاد فرميو تھ ”المرءُ مع
من احبّ“ (آدمي انھيءَ سان گڏ ھوندو آھي جنھن کي
ھو محبت ٿو ڪري).
ھڪڙي ڏينھن خطبي جي وچ ۾ ھڪڙو اعرابي، حضور ﷺ جن جي اڳيان بيھي
عرض ڪرڻ لڳو تھ يا رسول الله ﷺ! قيامت ڪڏھن ٿيندي؟
حضور ﷺ جن فرمايو تھ تون ان لاءِ ڪھڙو سامان تيار
ڪيو آھي (جو اھو سوال ٿو پڇين) ھن عرض ڪيو تھ ان
جي لاءِ مان ڪي گھڻيون نمازون ۽ روزا تھ گڏ ڪين
ڪيا آھن مگر ايترو آھي تھ الله تعاليٰ ۽ ان جي
رسول ڪريم ﷺ سان محبت ٿو رکان. پاڻ ارشاد
فرمايائون تھ ”انت مع من احببت (تون انھيءَ سان گڏ
آھين جنھن سان تون محبت ٿو رکين).“ حضرت انس رضھ
ھن حديث جو راوي ٿو فرمائي تھ جيتري خوشي مسلمانن
کي انھيءَ ڏينھن ٿي ايتري ڪڏھن بھ ڪا نھ ٿي ھين.
اھو رڳو انھيءَ ڪري جو گھڻين جو ڀروسو محض الله
تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي محبت تي ھو.
حضرت انس رضھ ٿو فرمائي تھ رسول ڪريم ﷺ ۽ ابوبڪر رضھ ۽ عمر رضھ
سان محبت ٿا رکون. پوءِ توڙي انھن جھڙا عمل نٿا
ڪريون تھ بھ انھن جي محبت سببان خدا تعاليٰ جي ذات
پاڪ ۾ توقع آھي تھ اسان انھن سان گڏ ھونداسين.
حضرت ابو موسيٰ رضھ ٿو فرمائي تھ مان آنحضرت ﷺ جي خدمت ۾ عرض
ڪيو تھ فلاڻو شخص خود تھ نماز روزا ادا نٿو ڪري
مگر نمازين ۽ روزيدارن سان محبت ٿو رکي. پاڻ
فرمايائون تھ ھو مع من احبّ (ھو انھيءَ سان آھي
جنھن سان ھو محبت ٿو رکي).
حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ کي ھڪڙي شخص چيو تھ ھي تمام قديم
زماني کان مشھور آھي تھ ماڻھوءَ کان ٿي سگھي تھ
عالم ٿئي. عالم نٿو ٿي سگھي تھ متعلم (علم حاصل
ڪندڙ) ٿئي. جيڪڏھن متعلم بھ نٿو ٿي سگھي تھ انھن
سان محبت رکي ۽ جيڪڏھن محبت نٿو رکي تھ ڪم از ڪم
انھن سان بغض نھ رکي. پاڻ فرمايائون تھ سبحان
الله! خداوند ڪريم اسان لاءِ ڪيڏي نھ وڏي ڪشادي
راھھ کولي ڇڏي آھي.
سوچڻ گھرجي تھ حاسد جي حسد تھ دشمن تي ڪجھھ بھ اثر نھ ڪيو مگر
شيطان جو حسد انھيءَ حاسد جي مٿان اثر ڪري ويو ۽
انھي حسد ڪري ھن جو اھڙو حال ٿيو جو جاڳندي يا
خواب ۾ حاسد کي پنھنجي باطن جو حال کلي تھ جيڪر ھن
طرح معلوم ٿئيس تھ جو ڄڻ پنھنجي دشمن ڏانھن تير
اڇلائي رھيو آھي تھ ھن کي قتل ڪري مگر پھريون تير
جو ھنيائين تھ اھو دشمن کي نھ لڳو بلڪھ موٽي اچي
پنھنجي ساڄي اک ۾ لڳس. وري وڌيڪ ڪاوڙجي جو ٻيو تير
ھنيائين تھ اھو بھ موٽي اچي کٻي اک ۾ لڳس. وري
وڌيڪ جوش ۾ اچي جو ٽيون تير ھنيائين تھ اھو موٽي
اچي سڌو مٿي ۾ لڳس. اھڙي طرح حاسد ھر ھر تير ھڻندو
ٿو رھي مگر ھر وقت تير موٽي اچي ٿا ھن کي پاڻ کي
لڳن. دشمن کي ذرو بھ ايذاءُ ڪو نھ ٿو پھچي بلڪھ ھو
حاسد جو اھڙو حال ڏسي ھن جي اھڙين حرڪتن تي کلي ٿو
۽ تاڙيون ٿو وڄائي. بس شيطان ۽ اھو دشمن جنھن تي
حسد ڪيو وڃي ٻئي اھڙيءَ طرح حاسد تي کل مسخري ۽
ٺٺولي وغيره ڪندا ٿا رھن.
وڌيڪ غور ڪري ڏسبو تھ حاسد جو حال ٿي ذڪر ڪيل تير انداز جي حال
کان بھ زياده بڇڙو آھي. ڇاڪاڻ تھ تير سان تھ وڌ ۾
وڌ اک يا ٻئي ڪنھن ظاھري عضوي جو نقصان ٿو ٿئي ۽
اھي عضوا جيڪڏھن انھن سان ھاڻي فنا نھ ٿيا تھ مرڻ
کانپوءِ ضرور فنا ٿي ويندا مگر حاسد تي جيڪو گناھن
جي تيرن جو وسڪارو ٿو ٿئي انھي جو رنج ۽ صدمو مرڻ
کانپوءِ بھ ھن سان گڏ رھندو ۽ انھيءَ ۾ بھ عجب
ڪينھي تھ الله تعاليٰ جو غضب ھن کي دوزخ تائين
پھچائي ڇڏي. انھيءَ صورت ۾ تھ دنيا ۾ انڌو ٿي رھي
ھا تھ بھتر ھيس انھيءَ کان جو اکين ھوندي قيامت جي
ڏينھن ڄاڻي واڻي وڃي دوزخ ۾ پوي ۽ دوزخ جي باھھ
اکين سان خوب ڏسندو رھي ۽ ھردم سڙندو رھي.
ھاڻي انھيءَ ڳالھھ جو خيال ڪرڻ گھرجي تھ الله تعاليٰ حاسد کان
ڪھڙو نھ بدلو ورتو. ھي پيو چاھي تھ ٻئي وٽان نعمت
ھلي وڃي مگر خدا تعاليٰ ٻئي کان تھ نعمت ڪا نھ کسي
اٿلندو ھن کان کسي ورتي يعني گناھھ کان بچيل رھڻ ۽
غم الم کان سلامت ھجڻ ھڪ وڏي نعمت ھئي جنھن کان
حاسد محروم رھجي ويو (يعني حسد جي ڪري ھو گناھن ۽
عملن ۾ مبتلا ٿي ويو). اھو ئي سبب آھي جو قرآن
شريف ۾ ارشاد آيو آھي تھ ”ولا يحِيق المڪر
التّييءُ اِلاّ بِاھله“ (۽ بڇڙي رٿ رٿڻ (جو نتيجو)
ان جي ھلت ڪرڻ وارن کان سواءِ ٻئي تي نھ پوندو
آھي. ازانسواءِ ڏٺو ويو آھي تھ جنھن ڳالھھ جي تمنا
حاسد ٻئي لاءِ ڪندو آھي ان ۾ گھڻو ڪري پاڻ مبتلا
ٿي ويندو آھي اھڙ امثال دنيا ۾ تمام ٿورا لڀندا جن
۾ ڪنھن ماڻھوءَ ٻئي لاءِ ڪا برائي رٿي ھجي ۽ ھو
پاڻ ان ۾ گرفتار نھ ٿيو ھجي جھڙيءَ طرح حضرت عائشه
رضھ تي فرمايئ تھ جيڪا بھ ڳالھھ مان حضرت عثمان
رضھ جي لاءِ تمنا ڪندي ھيس تھ ان تي پوي اھا ضرور
مون تي پوندي ھئي. ايتري قدر جو مون کي يقين ٿي
ويو تھ جيڪڏھن مان حضرت عثمان رضھ جي قتل جي تمنا
ڪنديس تھ مان پاڻ قتل ٿي وينديس. ڄاڻڻ گھرجي تھ
ھيءَ حقيقت تھ فقط حسد جي سنئين سڌي ھڪ گناھھ جي
آھي مگر انھيءَ حسد منجھان جيڪي ٻيون ڪيتريون
برايون ٿيون ڦٽن ۽ ڪيئي شاخون ٿيون نڪرن انھن جو
بھ ضرور خيال رکڻ گھرجي جھڙوڪ ھڪٻئي سان مخالفت
ڪرڻ، ھڪ ٻئي جو حق ادا نھ ڪرڻ، ھٿن ۽ زبان سان
ايذاءُ پھچائڻ، دل جا غبار ۽ بخار ڪڍڻ وغيره
وغيره.
مطلب تھ ھي اھو مرض آھي جنھن سببان ڪيتريون ئي اڳيون قومون
برباد ٿي چڪيون آھن. جيڪڏھن ماڻھو پنھنجي دل جي
صفائيءَ قلب جي حضور سان ويھي مٿيون ڳالھيون
سوچيندو تھ اميد تھ ھن جي حسد جي باھھ ٺري ويندي ۽
ھميشه لاءِ سمجھي ڇڏيندو تھ حسد مون کي تباھھ ڪرڻ
واري شيءِ آھي جنھن منجھان دشمن خوش ٿو ٿئي،
خداوند ڪريم ناراض ٿو رھي ۽ انسان جي زندگي اجائي
تلخ ٿي وڃي ٿي.
ھاڻي عملي علاج بابت ڪجھھ ٻڌڻ گھرجي. سڀ کان سادو ۽ ھڪ ٽِڪ علاج
تھ اھو آھي تھ جيڪا ڳالھھ حسد چاھي ان جي ابتڙ عمل
ڪجي خواھ اھو قول ۾ ھجي يا فعل ۾. مثلا جيڪڏھن حسد
چاھي تھ ٻئي کي گھٽ وڌ ڳالھائجي ۽ ھن جي بڇڙائي
بيان ڪجي تھ ان وقت پنھنجي زبان سان زور ڪري
انھيءَ ماڻھوءَ جي ساراھھ ۽ واکاڻ ڪجي. جيڪڏھن حسد
چاھي تھ ٻئي سان وڏائي ۽ فخر سان پيش اچڻ گھرجي تھ
تڪلف ڪري بھ نوڙت ۽ تواضع اختيار ڪجي ۽ ڪا گھٽتائي
ٿي وئي ھجي تھ ان لاءِ عذر پيش ڪري معافي وٺجي ۽
جيڪڏھن حسد جي ڪري ڪا شيءِ نھ ڏيڻي ھجي تھ ڄاڻي
واڻي زور ڪري اھا شيءِ اڃان انھيءَ کان بھ وڌيڪ
ڏيڻ جي عادت اختيار ڪجي. جڏھن ڪو بھ ماڻھو اھي
ڳالھيون وڏي ڪوشش ۽ جھد سان ڪندو تھ اڳلي کي سڀ
ڪجھھ معلوم ٿي ويندو ۽ اميد آھي تھ ھو ضرور راضي
ٿي ويندو ۽ محبت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. جڏھن ھن جي
طرف ان محبت ٿيندي تھ حاسد ۾ بھ از خود محبت پيدا
ٿي ويندي ۽ پاڻ ۾ اتفاق ۽ اتحاد جي ڪري حسد ۽ ساڙ
جي پاڙ صفا پٽجي ويندي. اھو انھيءَ ڪري ٿو ٿئي جو
تواضع (نوڙت)، مدح (سراھھ)، ثنا (واکاڻ) ۽ نعمت تي
خوشيءَ جو اظھار نعمت واري جي دل کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿا
وٺن ۽ ھو پاڻھي قرب م گرويده ٿئي ٿو وڃي. ھر وقت
مھرباني سان پيش ٿو اچي ۽ ڏاڍو سھڻو سلوڪ ٿو
اختيار ڪري. ھن جو اھو حال سھني سلوڪ وارو ڏسي
”انسان احسان جو بندو آھي“ جي اصول تي حسد ڪرڻ
واري کي بھ شرم اچي ٿو وڃي ۽ پوءِ اھا ڳالھھ جيڪا
شروع ۾ تڪلف ۽ زور سان ڪئي ٿي ويئي ھاڻي ٻنھي ڌرين
جو ھڪ طبعي ۽ فطرتري جزو ٿئي ٿي پوي. (الله تعاليٰ
شل اسان سڀني کي ھن عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمين
ٿم آمين).
ڄاڻن گھرجي تھ ھن باري م شيطان حاسد کي ھي دوکو ٿو ڏئي تھ
جيڪڏھن تون تواضع ۽ ساراھھ ڪندين تھ دشمن جي نظرن
۾ تون عاجز، ذليل، بزدل يا منفاق ٿيندين. تنھنڪري
انسان کي گھرجي تھ شيطان جي انھيءَ دوکي ۾ نھ اچي
بلڪھ اھو خيال ڪري تھ سھڻو سلوڪ خواھ تڪلف سان ڪيو
وڃي. خواھ طبيعت جي قدرتي لاڙ ي سان ٻنھي صورتن ۾
دشمني کي دور ٿو ڪر ۽ حسد جو منھن ڀڃي ٿو وجھي. ھن
ھالت ۾ دل الفت جي طرف رجوع ڪندي آھي ۽ حسد جي رنج
۽ عذاب کان ۽ بغض جي دک کان راحت حاصل ڪندي آھي ۽
حسد جي رنج ۽ عذاب کان ۽ بغض جي دک کان راحت حاصل
ڪندي آھي. ھي آھي علاج حسد جو ۽ اھو ڏاڍو مفيد آھي
ڇاڪاڻ تھ اھو علاج ڏاڍو تلخ (يعني ڪوڙو) آھي ۽
ڪوڙي دوا ضرور مرض کي دور ڪندي آھي. پوءِ جيڪو شخص
دوا جي تلخي ۽ ڪوڙاڻ کي برداشت نھ ڪندو اھو شفا جي
شيريتي يا مٺاڻ ڪيئن چکي سگھندو. ھي رواجي تلخي يا
ڪوڙآڻ تڏھن سولي لڳندي جڏھن انسان انھن ڳالھين کي
سوچيندو جيڪي مٿي بيان ٿي چڪيون آھن ۽ الله تعاليٰ
جي حڪمن تي زور مس ڪري راضي رھندو ۽ الله تعاليٰ
جي رضامندي جي نواب جو طالب رھندو ۽ پنھنجي لاءِ
اھو ئي منظور ڪندو جيڪي ڌڻي تعاليٰ ھن لاءِ منظور
ڪري ڇڏيو آھي. ازانسواءِ پنھنجي نفس منجھان اھا
ڳالھھ صفا ڪڍي ڇڏيندو تھ دنيا ۾ ڪائي بھ شيءِ
منھنجي مرضي جي خلاف نھ ٿئي. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن اھا
ڳالھھ دل ۾ ڄمي وئي تھ ھر ڪا شيءِ منھنجي مرضيءَ
تي ٿئي تھ ھو ناممڪن ۽ اڻ ٿيڻين ڳالھين جو خواھان
ٿي ويندو. ڄاڻڻ گھرجي تھ انھيءَ ڳالھھ جو خيال رکڻ
تھ سڀ ڪم منھنجي مرضيءَ جي مطابق ٿين اھا ڳالھھ
بلڪل فضول آھي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو اھڙو خيال ڪندو ۽
پوءِ ھن جي دل جي مراد پوري نھ ٿيندي تھ ضرور ھن
جي لاءِ ھڪڙي قسم جي ذلت يا توھين ٿي پوندي ۽ ھن
ذلت کان بچڻ لاءِ ٻھ ٽي صورتون آھن. ھڪ تھ سڀ ڪم
مرضيءَ جي مطابق ٿيندو رھي يا جيڪي ڪجھھ ٿئي ماڻھو
ان تي راضي رھي. پھريون ڪم يعني ھر ڪم جو مرضي
مطابق ٿيڻ انسان جي وس کان ٻاھر آھي. جو ھميشه دل
گھريا مطلب حاصل ڪندو رھي. تڪلف ۾ ڪوشش ڪرڻ سان بھ
اھو ئي ڪو نھ ٿو سگھي. مگر بي ڳالھھ يعني جيڪي
ڪجھھ ٿئي ان تي راضي رھڻ اھو ڪوشش ۽ رياضت سان
حاصل ٿي ٿو سگھي. ھر ھڪ عقل واري کي اھا ڳالھھ
حاصل ڪرڻ واجب آھي. ھي صلاح مختصر طور بيان ڪيو
ويو آھي ۽ مفصل وارو علاج جنھن سان حسد جي سببن جي
پاڙ پٽجي وڃي اھو پنھنجي پنھنجي موقعي تي ايندو.
جيڪو شخص ھنن علاجن کي روز جو وھنوار بڻائيندو تھ
ٻيو نھ تھ بھ ايترو ضرور ٿيندس تھ دل ۾ تسڪين ۽
سرور اچي ويندس. باقي ڪنھن بھ مرض جي پاڙ صفا تڏھن
پٽبي جڏھن انھيءَ جي مواد کي ختم ڪيو ويندو. مواد
جي موجود ھئڻ ڪري پوري وري تڪسني اچڻ مشڪل آھي.
مثلا فرض ڪيو تھ ڪنھن شخص کي شان شوڪت جي محبت آھي
۽ اھو ھڪ وڏو سبب آھي حسد جو. تنھنڪري شان شوڪت جو
طالب ضرور حسد ڪندو ۽ ھر دم اھو چاھيندو تھ مان
ٻئي کان وڌيڪ ماڻھن جي دلين ۾ جاءِ ڪريان تھ رعب
تاب وڌيڪ رھي. جيڪڏھن ٻيو ماڻھو پبلڪ ۾ وڌيڪ مقبول
ٿيندو تھ ھن کي ضرور رنج ٿيندو. مطلب تھ پنھنجي ھٿ
۽ زبان سان انھيءَ غم جو اظھار نھ ڪري ۽ اھو رنج
زوريءَ مس ڪري پي وڃڻ گھرجيس. مگر اھو ھرگز نٿو ٿي
سگھي تھ ڪنھن کي شان شوڪت جي محبت بھ ھجي ۽ ھو
ڪنھن سان حسد نھ ڪري. شان شوڪت جي محبت ھڪ سبب آھي
۽ ھر ڪنھن سبب جو نتيجو ضرور نڪرڻو آھي تنھنڪري
محبت ھوندي حسد ٿيڻ لازمي آھي. |