پندرھين
آفت
غيبت (گلا)
غيبت کي ستن بيانن ۾ ورھايو ويو آھي
بيان پھريون – غيبت جي مزمت شرعي دليلن سان
الله تعاليٰ پنھنجي ڪتاب مجيد ۾ غيبت جي برائيءَ جو ذڪر ڪيو آھي
۽ غيبت ڪرڻ واري کي مردار کائڻ واري سان مشابھت
ڏني آھي. جھڙوڪ: ارشاد آھي تھ، لا يغتب بّعضکم
بَعضا ايحِبّ احد ڪم ان ياڪل لحم اخِيه مينا فڪر
فتموه“ ۽ نھ غيبت يا گلا ڪري ڪوئي توھان منجھان ھڪ
ٻئي جي. ڀلا اوھان منجھان ڪو ھڪڙو پنھنجي مئي ڀاءُ
جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا؟ جنھن کان نفرت
ڪندا آھيو.“ آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ، ”مسلمان
سڄو سارو مسلمان تي حرام آھي. ھن جو خون، ھن جو
مال ۽ ھن جي عزت (سڀ حرام آھن)“ ۽ عزت ۾ غيبت بھ
اچي ٿي وڃي. خون ۽ مال سان الله تاعليٰ ھن کي بھ
ڪٺو ڪري ڇڏيو آھي ۽ حضرت ابوھريره رضھ ھن حديث
شريف کي روايت ٿو ڪري تھ، ”پاڻ ۾ حسد نھ ڪريو ۽
بغض نھ رڳو ۽ ھڪٻئي جي غيبت نھ ڪريو ۽ الله جا
بندا (پاڻ ۾) ڀائر ٿي وڃو.“ حضرت جابر ۽ ابو سعيد
رضھ روايت ٿا ڪن تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ،
”بچو توھان غيبت کان، ڇاڪاڻ تھ غيب بيشڪ زنا کان
وڌيڪ سخت (خراب) آھي.“ انھيءَ جو سبب اھو آھي تھ
زنا ڪري جيڪڏھن ڪو ماڻھو توبھ ڪري تھ الله تعاليٰ
توبھ قبول ٿو ڪري پر غيبت ڪرڻ واري جي مغفرت
(بخشش) تيسين نٿي ٿئي، جيسين جنھن جي گلا ڪئي وئي
آھي، اھو معاف نھ ڪري.
حضرت انبس رصھ کان ھيءَ حديث مروي آھي تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ
شبِ معراج منھنجو گذر اھڙن ماڻھن وٽان ٿيو، جيڪي
پنھنجي چمڙيءَ کي ننھن سان کرڙي رھيا ھئا. مان
حضرت جبرئيل عليه السلام کان پڇيو تھ ھي ڪير آھن؟
ھن چيو تھ ھي اھي ماڻھو آھن، جيڪي ماڻھن جي گلا
ڪندا ھئا ۽ انھن جي آبرو بابت گفتگو ڪندا ھئا.
حضرت سليمان بن جابر رضھ ٿو فرمائي تھ مان حضور ﷺ
جن جي خدمت مبارڪ ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم تھ ڪائي
اھڙي عمدي شيءِ ٻڌايو، جنھن منجھان مون کي فائدو
ٿئي. پاڻ فرمايائون تھ، ”ڪنھن بھ چڱي ڳالھھ کي
حقير (نيچ) نھ سمجھجانءِ توڙي کڻي اھا ايتري
معمولي ئي ڇو نھ ھجي. جو پنھنجي ڏول منجھان ڪنھن
پياسي جي برتن ۾ پاڻي وجھين ۽ ھيءُ تھ پنھنجي
مسلمان ڀاءُ سان ڪشاده پيشانيءَ سان ملڻ گھرجي ۽
ھن جي پر پٺ ھن جي غيبت نھ ڪرڻ گھرجي.
براِ بن عازب رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙي ڏينھن آنحضرت ﷺ جن خطبو
اھڙو زور سان پڙھيو، جو گھرن ۾ عورتن بھ ٻڌو. ان ۾
فرمايائون تھ، ”اي گروھ انھن ماڻھن جا، جن ايمان
آندو زبان سان ۽ ھرگز نھ ايمان آندو دلين سان!
اوھان مسلمانن جي غيبت نھ ڪريو ۽ نھ پٺيان (ڪاھي)
پئو انھن جي عيبن جي، ڇاڪاڻ تھ جيڪو پنھنجي ڀاءُ
جي عيبن جي پٺيان ٿو پوي. الله تعاليٰ ان جي عيبن
جي پٺيان ٿو پوي ۽ جنھن جي عيبن جي پٺيان الله
تعاليٰ ٿو پوي تھ الله تعاليٰ ان کي پنھنجي گھر ۾
ئي رسوا ۽ بدنام ٿو ڪري.“ حضرت موسيٰ عليه السلام
تي الله تعاليٰ وحي موڪليو تھ جيڪو شخص غيبت کان
توبه ڪري مرندو. اھو سڀ کان پوءِ جنت ۾ ويندو ۽
جيڪو بنا توبه جي مرندو، اھو سڀ کان اڳ ۾ دوزخ ۾
ويندو.
حضرت انس رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ جن ھڪ ڏينھن روزي رکڻ جو
ارشاد فرمايو ۽ ھي بھ فرمايائون تھ جيسين مان
اجازت نھ ڏيان روزو ڪوئي نھ کولي. خير ماڻھن روزو
رکيو ۽ جڏھن شام ٿي تھ حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ ھڪ ھڪ
ٿي ماڻھو اچڻ لڳا ۽ عرض ڪندا ويا تھ مون روزو رکيو
ھو ۽ مون کي افطار جي اجازت ملي. پاڻ اجازت ڏيندا
ويا. ھڪ شخص عرض ڪيو تھ يا رسول الله ﷺ ٻھ عورتون
بھ آھن جن روزو رکيو ھو، انھن کي اوھان اجازت ڏيو
تھ اھي بھ روزو کولن. پاڻ اھو ٻڌي منھن مبارڪ
ڦيرايائون. ھن بيو دفعو عرض ڪيو تھ ٻيو دفعو بھ
منھن ڦيرايائون. ھن وري ٽيون دفعو عرض ڪيو، تنھن
تي پاڻ فرمايائون تھ انھن روزو نھ رکيو آھي، جيڪو
ماڻھو سارو ڏينھن پيو ماڻھن جو گوشت کائيندو ان جو
روزو ڪيئن ٿيندو. تون وڃي انھن کي چئو تھ جي توھان
کي روزو آھي تھ الٽي ڪريو. ھن وڃي انھن عورتن کي
حضور ﷺ جن جو حڪم ٻڌايو. ھنن جو الٽي ڪئي تھ انھن
جي وات منجھان ڄميل رت نڪتو. ھن جي اچي حضور ﷺ جن
جي خدمت ۾ ساري ماجرا بيان ڪئي. پاڻ فرمايائون تھ
قسم آھي انھيءَ ذات پاڪ جو جنھن جي قدرت ۽ قبضي ۾
منھنجي جان آھي تھ جيڪڏھن اھي رت جا دڳ انھن جي
پيٽ ۾ رھجي وڃن ھا تھ انھن کي دوزخ کائي ڇڏي ھا. ۽
ھڪ روايت ۾ ھن طرح آھي تھ جڏھن پاڻ منھن مبارڪ
ڦيرايائون تھ ھو شخص ٻيو دفعو آيو ۽ عرض ڪيائين تھ
بخدا (خدا سنھن) اھي عورتون قريب المرگ (مرڻ تي)
آھن. پاڻ فرمايائون تھ انھن کي ھيڏي وٺي اچ. جڏھن
اھي آيون تھ پاڻ ھڪ وڏو پيالو گھرائي انھن منجھان
ھڪ کي فرمايو تھ ھن ۾ الٽي ڪر. ھن پونءِ ۽ رت جي
الٽي ڪئي ايتري قدر جو پيالو ڀرجي ويو. پوءِ بيءَ
کي فرمايائون تھ الٽي ڪر. ھن بھ اھڙي ئي الٽي ڪئي.
پاڻ فرمايائون تھ ھنن ٻنھي ڄڻين جنھن شيءِ کي الله
تعاليٰ حلال ڪيو ھو ان سان روزو رکيو ۽ جنھن کي
حرام ڪيو ھو تنھن سان افطار ڪيو آھي. ھڪٻئي وٽ
ويھي ماڻھن جو گوشت کائڻ شروع ڪيو اٿن، ۽ اھا بھ
حضرت انس رضھ کان روايت آھي تھ حضور ﷺ جن خطبي ۾
سود (وياج) جو ذڪر فرمايو ۽ ارشاد ڪيائون تھ
جيڪڏھن ھڪ درھم سود جو ماڻھو وٺي تھ خدا تعاليٰ جي
نزديڪ گناھھ ۾ ڇٽيھھ دفعا نا کان وڌيڪ آھي ۽ سود
کان وڌيڪ مسلمان آدمي جي آبرو آھي (جيڪا غيبت ۾
ورتي ٿي وڃي).
حضرت جابر ٿو فرمائي تھ اسان ھڪ سفر ۾ حضور ﷺ جن سان ھئاسين،
اوچتو پاڻ سڳورا ٻن قبرن کان اچي لنگھيا، جن جي
ميتن کي عذاب ٿي رھيو ھو. پاڻ فرمايائون تھ ھنن ڪو
وڏو گناھ ڪو نھ ڪيو ھو ۽ (تڏھن بھ) مٿن عذاب ٿو
ٿئي، انھن منجھان ھڪڙو ماڻھن جي گلا ڪندو ھو ۽ ٻيو
پيشاب (جي ڦڙن) کان نھ بچندو ھو. پوءِ پاڻ ھڪڙي يا
ٻھ آليون ڪاٺيون گھرائي انھن کي ڀڳائون ۽ ٻنھي
قبرن تي انھن جا ٽڪرا ٽنبي ڇڏيائون ۽ فرمايائون تھ
جيسين اھي ڪاٺيون آليون ھونديون تيسين انھن کي
عذاب ۾ تخفيف ٿيندي. جڏھن ماعز کي آنحضرت ﷺ جن زنا
جي ڪري سنگسار ڪيو ھو تڏھن ھڪڙي ماڻھوءَ پنھنجي ڀر
واري کي چيو تھ ھن کي ڪتي وانگر انھيءَ جاءِ تي
ماري ڇڏيائون. پلءِ دڳ تي حضور ﷺ جن جو گذر اچي
ھڪڙي مردار (ڍونڍ) وٽان ٿيو تھ انھن ٻنھي شخصن کي
فرمايائون تھ ھن کي ڏندن سان پٽيو. ھنن عرض ڪيو تھ
ڇا اسان ھڪ مردار کي ڏندن سان پٽيون. پاڻ
فرمايائون تھ جيڪو بيان اوھان ماعز جو ڪيو ھو اھو
تھ ھن کان بھ وڌيڪ مردار ھو.
غرض تھ صحابھ رضوان الله تعاليٰ عليھم اجمعين (الله شل راضي رھي
سڀني تي) پاڻ ۾ کليل پيشانيءَ سان ملندا رھندا ھئا
۽ غيبت ڪنھن جي بھ نھ ڪندا ھئا ۽ غيبت نھ ڪرڻ کي
افضل اعمال ڪري ڄاڻندا ھئا ۽ انھيءَ جي ابتڙ ڪرڻ
کي منافقن جي عادت ڪري سمجھندا ھئا ۽ حضرت
ابوھريره رضھ ٿو فرمائي تھ جيڪو ماڻھو دنيا ۾
پنھنجي ڀاءُ جو گوشت ٿو کائي قيامت ۾ بھ اھو ئي
گوشت ان جي اڳيان آندو ويندو ۽ حڪم ٿيندس تھ
جھڙيءَ طرح دنيا جي حياتيءَ ۾ تو کاڌو ھو اھڙيءَ
طرح ھتي بھ کاءُ تھ پوءِ ھو لاچار کائيندو، ٻوٿ
بڇڙو ڪندو ۽ رڙيون ڪندو رھندو ۽ ھي مضمون حضور ﷺ
جن کان بھ مروي آھي.
ھڪڙي دفعي ٻھ ماڻھو مسجد جي ڪنھن دروازي وٽ ويٺا ھئا، اتان اچي
ھڪڙي کدڙي جو گذر ٿيو جنھن پنھنجو ڪم ڇڏي ڏنو ھو.
ھنن ٻنھي ھن کي ڏسي چيو تھ کدڙائپ جو اثر ھن ۾ اڃا
ڪجھھ رھيل آھي. ايتري ۾ نماز لاءِ تڪبير ٿي. ھي
ٻئي بھ جماعت ۾ شامل ٿيا مگر دل ۾ ھي خيال رھين تھ
اسان ھن شخص جي باري ۾ اھڙي ڳالھھ ڪئي آھي. خبر
ناھي تھ نامز ٿي الائي نھ. انھيءَ ڪري عطاء رحمت
الله عليه کي ھيءَ ماجرا ٻڌايائونس، انھن حڪم ڏنن
تھ ٻيو دفعو وضو ڪري نماز وري پڙھو ۽ جيڪڏھن روزه
بھ اوھان کي ھو تھ اھو بھ قضا ڪريو.
ويلءٌ لکل ھمزتِِ نمزتِِ جي تفسير ۾ حضرت مجاھد رضھ ٿو فرمائي
تھ ھمزه منجھان اھو شخص مراد آھي جو ماڻھن تي
اعتراض ڪري ۽ طعنا ھڻي ۽ لمزه منجھان غيبت ڪرڻ
واري جي مراد ورتي وئي آھي ۽ حضرت قناده رضھ ٿو
فرمائي تھ اسان کي ھن طرح پھتو آھي تھ قبر جو عذاب
ٽن حصن ۾ ورھايل آھي. ھڪ ٽھائي غيبت جي ڪري ٿو
ٿئي. ھڪ ٽھائي چغليءَ کان ۽ ھڪ ٽھائي پيشاب (جي
ڦڙن) کان نھ بچڻ ڪري ۽ حضرت حسن رضھ ٿو فرمائي تھ
خدا جو قسم آھي غيبت جو اثر آڪلھ (کاڌ يا خارش
جيڪا بدن کي ڳاري ڇڏي) واري بيماريءَ کان بھ زياده
مسلمانن جي دين تي ٿو پوي يعني جھڙيءَ طرح آڪلھ جي
بيماري تن بدن کي کائي ڇڏيندي آھي تھڙيءَ طرح غيبت
بھ دين کي کائي چٽ ڪري ٿي ڇڏي ۽ ھي بھ انھن جو قول
آھي تھ اان سلف (وڏن) کي انھيءَ حال ۾ ڏٺو تھ نماز
روزي منجھان ڪنھن کي بھ عبادت ڪري نھ سمجھندا ھوا
مگر غيبت کي ترڪ ڪرڻ ھڪ وڏي عبادت ڪري ليکيندا
ھئا.
حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ جڏھن توھان جي دل چاھي تھ بين
جا عيب ظاھر ڪري تھ پھريائين پنھنجا عيب ياد رکڻ
گھرجن ۽ ڪن جو ھي قول آھي تھ توھان ٻين ماڻھن جي
اک جو ڪک بھ ڏسي ٿا سگھو مگر پنھنجي اک جو ھڪ وڏو
شھتير بھ اوھان کي نظر نٿو اچي. حضرت امام حسين
رضھ ٿو فرمائي تھ اي آدم جي اولاد! ايمان جي حقيقت
کي صرف تڏھن پھچندين جڏھن جيڪا برائي تو ۾ آھي
انھيءَ لاءِ ٻين کي برو نھ سمجھندين ۽ پنھنجي
برائيءَ جو اصلاح يا سڌارو پھريائين ڪندين ۽ جڏھن
پھريائين پنھنجي نفس جو اصلاح مقدم سمجھندين تھ
توکي اھو ھڪ شغل ئي ڪافي ٿيندو (ڇاڪاڻ تھ تو ۾
ايترا گھڻا عيب آھن جو انھن کي مس سڌاري سگھندين)
۽ ٻين جي طرف ڌيان ڏيڻ جي نوبت اچڻ ئي مشڪل آھي ۽
الله تعاليٰ وٽ وڌيڪ محبوب اھو ھوندو آھي جنھن جو
اھو حال آھي (يعني پھريائين پنھنجا عيب ٿو ڏسي ۽
سڌاري).
حضرت مالڪ ابن دينار ٿو فرمائي تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو
گذر پنھنجن حوارين سميت ھڪ مئل ڪتي وٽان ٿيو تھ
حوارين چيو تھ ھن ڪتي منجھان ڪھڙي نھ خراب ڌپ ٿي
اچي. پاڻ فرمايائون تھ ھن جي ڏندن جي اڇاڻ ڪھڙي نھ
تيز آھي. ان منجھان معلوم ٿو ٿئي تھ حضرت عيسيٰ
ڪتي جي غيبت کان بھ انھن کي منع فرمائي ۽ تنبيه
ڪئي تھ الله تعاليٰ جي ھر ھڪ خلقيل شيءِ جي خوبين
کانسواءِ ٻيو ڪنھن بھ شيءِ جو ذڪر ڪرڻ نھ گھرجي.
حضرت امام زين العبادين رضھ ھڪڙي ماڻھوءَ کي ٻڌو
جو ٻئي جي گلا پيو ڪري. پاڻ فرمايائونس تھ خبردار
گلا نھ ڪجانءِ. ھيءَ شيءِ انھن ماڻھن جو ٻوڙ آھي
جيڪي انسانن منجھان ڪتا آھن. حضرت عمر رضھ ٿو
فرمائي تھ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪندا ڪريو جو ان ۾
شفا آھي ۽ ماڻھن جو ذڪر (بيان) نھ ڪريو جو انھيءَ
۾ روڳ يا بيماري آھي. الله تعاليٰ شل اسان کي سھڻي
توفيق عطا فرمائي.
بيان ٻيو: غيبت جي معنيٰ ۽ وصف
غيبت جي تعريف (يا وصف) آھي ٻئي جي اھڙي ڳالھھ ڪرڻ جو جيڪڏھن ھو
ٻڌي تھ ھن کي بڇان لڳي. پوءِ اھا ڳالھھ بدن يا نسب
(خاندناي) يا خلق (عادتون) يا فعل يا قول يا دين
يا دنيا يا گھر يا ڪپڙي يا سواريءَ جي عيبن جي ھجي
يا ڪنھن ٻيءَ شيءِ جي، بدن جا عيب ھي آھن: ڳالھھ
ڪندي ماڻھو چوندا آھن تھ ھا ادا! ھو فلاڻو ماڻھو
جنھن جو نالو نٿو اچي پر جنھن جون اکيون چنجھيون
آھن يا جنھن جي اکين منجھان شت وھندو آھي يا جيڪو
تيڏو يا گنجو يا بندرو يا ڊگھو يا ڪارو يا پيلو
وغيره آھي. انھن کان سواءِ ٻيا بھ ڪيئي بدلي عيب
آھن جيڪي ڪو ٻڏي تھ ھن کي بڇڙا لڳن.
نسب (خاندان) جو عيب ھي آھي جو ڪنھن جي لاءِ چئجي تھ ھن جو پيءُ
غلام (ٻانھو) آھي يا خسيس يا بدڪار يا موچي يا
چھڙو يا چمار يا نيچ آھي يا اھڙي قسم جي ٻئي ڪنھن
سادي ۽ مڪروھ پيشي جو حقارت سان نالو وٺي ڪنھن
ماڻھوءَ سان لائڻ.
خلق (يعي عادتن) جا عيب ھي آھن جو ڪنھن جي لاءِ چئجي فلاڻو شخص
بد مزاج يا بخيل يا ڪنجوس يا چيڙاڪ يا ريا ڪار يا
متڪبر يا وڏائي خور يا نامرد ۽ بزدل وغيره آھي.
افعالن جا عيب جيڪي دين سان ٿا تعلق رکن اھي ھي آھن جو چئجي تھ
فلاڻو چور يا ڪوڙو يا شڙابي يا زاني يا ظالم يا
خيانت ڪرڻ وارو آھي نماز ۽ زڪوات ۾ سستي ڪرڻ وارو
آھي يا رڪوع ۽ سجدو چڱيءَ طرح نٿو ادا ڪري يا
پليدي ۽ نجاست کان نٿو بچي يا والدين سان سلوڪ نٿو
ڪري يا زڪوات کي غير واجبي طرح ٿو خرچ ڪري يا چڱي
طرح نٿو تقسيم ڪري يا روزي ۾ خراب ڪمن يا گندين
عادتن جو بيان ٿو ڪري يا گلا خور ۽ بڇڙو آھي وغيره
وغيره.
جيڪي افعال دنيا سان تعلق رکن ٿا سي ھي آھن تھ فلاڻو شخص ماڻھن
کي ادب ۽ تعظيم سان نٿو ملي يا ھو پنھنجو حق تھ
سنڀالي ٿو وٺي باقي ٻين جو حق پاڻ تي ڪو نھ ٿو
سمجھي يا وڏو بڪواسي يا وات راڌو آھي يا پيٽي يا
نينڊي يا کپ کوڙي ويھڻ وارو آھي.
ڪپڙي جا عيب ھي آھن تھ ھن جون ٻانھون ويڪريون آھن يا دامن ڊگھي
اٿس يا ڪپڙا ميرا مٽيءَ جھڙا اٿس وغيره وغيره.
ڪي ماڻھو چوندا آھن تھ دين جي باري ۾ جيڪي ڪجھھ ڪو ڪنھن کي چوي
ٿو تھ اھو غيبت ۾ داخل ناھي ڇاڪاڻ تھ جنھن شيءِ کي
خدا تعاليٰ برو سڏيو آھي ان جي مذمت ڪرڻ ۾ ۽ اھڙي
شخص کي گناھھ جي باعث خراب سڏڻ ۾ ڪھڙي خرابي آھي.
ڏسو آنحضرت ﷺ جي سامھون جڏھن ذڪر انھيءَ عورت جو
ھليو جيڪا ڏاڍو نماز روزو ڪندي ھئي ۽ ان سان گڏ
پاڙيسرين کي پنھنجي زبان سان ستائيندي ھئي تھ پاڻ
فرمايائون تھ ھوءَ دوزخ ۾ ويندي ۽ ساڳيءَ طرح ھڪ
عورت جو ذڪر حضور ﷺ جن جي سامھون ٿيو تھ ھوءَ بخيل
آھي تھ پاڻ فرمايائون تھ ھن ۾ ڪا چڱي ڳالھھ ڪانھي.
سو جيڪڏھن انھي قسم جون ڳالھيون ڪرڻ ممنوع ھجن ھا
تھ پاڻ ماڻھن کي منع ڪرڻ فرمائن ھا تھ اھڙن لفظن
سان ڳالھھ نھ ڪندا ڪيو. اسان ٿا چئون تھ ھي قول ۽
دليل انھن ماڻھن جا ٺيڪ ناھن ڇاڪاڻ جو اصحاب سڳورا
جو ماڻھن جون ڳالھيون حضور ﷺ جن جي اڳيان انھن
لفظن ۾ بيان ڪندا ھوا تھ انھيءَ جو مقصد ھي نھ
ھوندو ھو تھ ڪنھن جي ھتڪ يا خرابي ٿئي بلڪھ مسئلن
جي حقيقت معلوم ڪرڻ جو مقصد ھوندو ھو. سواءِ حضور
ﷺ جن جي مجلس يا ڪچھريءَ جي ٻئي ھنڌ اھڙين ڳالھين
جي ضرورت نھ ھئي، انھيءَ ڪري تحقيق ڪرائڻ جي خاطر
اھڙيون ڳالھيون بيان ٿينديون ھيون ۽ انھن ڳالھين
جو غيبت ۾ داخل ھئڻ جي سند ھيءَ آھي تھ سڀني علماء
امت جو اجماع (ڪٺو رايو يا متفق فتويٰ) آھي تھ ٻئي
ماڻھوءَ لاءِ اھا ڳالھھ چوڻ جيڪا ھو ٻڌي تھ ان کي
بڇڙي لڳي انھيءَ جو نالو غيبت آھي ڇاڪاڻ جو حضور ﷺ
جن غيبت جي وصف ۾ ساڳيو ارشاد فرمايو آھي. اھو بھ
انھيءَ صورت ۾ آھي جڏھن جيڪا ڳالھھ ڪنھن جي بيان
ڪئي وڃي اھا ھن ۾ موجود ھجي. اھڙي ڳالھھ ڪرڻ سان
ماڻھو عيبت بھ ٿو ڪري، خدا تعاليٰ جي نافرماني بھ
ٿو ڪري ۽ پنھنجي ڀاءُ جو گوشت کائڻ وارو بھ ٿو
بڻجي. انھيءَ لاءِ تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ توھان
کي معلوم آھي تھ غيبت ڇا کي چوندا آھن. ماڻھن عرض
ڪيو تھ خدا تعاليٰ ۽ ان جو رسول وڌيڪ ڄاڻي ٿو. پاڻ
فرمايائون تھ ”تنھنجو بيان ڪرڻ پنھنجي ڀاءُ جي
اھڙي ڳالھھ جو جيڪا ھن کي خراب لڳي“. ماڻھن عرض
ڪيو تھ جيڪا ڳالھھ ڪنھن جي ڪئي وڃي ۽ اھا جيڪڏھن
ھن ۾ ھجي تھ پوءِ؟ پاڻ فرمايائون تھ جيڪڏھن اھا
ڳالھھ ھن ۾ آھي تھ پوءِ غيبت ٿي ورنھ اھو بھتان
آھي (جيڪو گلا کان بھ برو آھي). پاڻ
فرمايائون تھ اوھان ھن جي غيبت ڪئي. ھنن عرض ڪيو
تھ سائين جيڪا ڳالھھ ھن ۾ آھي اسان تھ اھا بيان
ڪئي. پاڻ فرمايائون تھ جيڪڏھن اھڙي ڳالھھ ڪيو ھا
جيڪا ھن ۾ ناھي تھ اھو وري بھتان ٿي پوي ھا. حضرت
حذيفه رضھ کان روايت آھي تھ حضرت عائشه رضھ ھڪ
عورت جو ذڪر آنحضرت ﷺ جن جي روبرو ڪيو ۽ چيائين تھ
ھوءَ بندري آھي. پاڻ فرمايائون تھ تو ھن جي غيبت
ڪئي. حضرت حسن رضھ ٿو فرمائي تھ ٻئي جي ڳالھھ ڪرڻ
ٽن قسمن جي ھوندي آھي. غيبت (گلا)، بھتان (ڪوڙ
مڙھڻ) ۽ افک (ٻڌل ڳالھھ ڪرڻ) ۽ ھر ھڪ جو بيان قرآن
مجيد ۾ موجود آھي. غيبت انھيءَ کي ٿو سڏجي جيڪا
ڪنھن ۾ ھجي ۽ بيان ڪئي وڃي. بھتان اھو آھي جو جيڪا
شيءِ ڪنھن ۾ نھ ھجي اھا بيان ڪجي ۽ افک ھي آھي جو
جيڪا ڳالھھ ماڻھو ڪنھن جي ٻڌي اھا بيان ڪري. ابن
سيرين رحھ کان ڳالھھ ڪندي ھڪڙي ماڻھوءَ لاءِ نڪري
ويو تھ ”ھو ڪارو ماڻھو“ يڪدم چيائين تھ
”استغفرالله“ (مان الله تعاليٰ کان بخشش ٿو گھران)
مون ھن جي غيبت ڪئي. ھڪ دفعي ابراھيم رحھ ڪنھن ھڪ
اک واري جو بيان پئي ڪيو تھ نخمي رحھ ٿو چوي تھ
پنھنجو ھٿ ھڪڙي اک تي رکي ڏيکاريائون تھ ھو ھيئن
ھو مگر وات سان ڪاڻو نھ چيائون ۽ حضرت عائشه رضھ
ٿي فرمائي تھ غيبت نھ ڪريو، مان ھڪڙي عورت جي باري
۾ حضور ﷺ جن جي سامھون چيو تھ ھجن جو دامن ڊگھو
ھو. پاڻ فرمايائون تھ ٿڪ اڇل، مون جو ٿڪ اڇلي تھ
وات مان گوشت جو ٽڪرو نڪري پيو.
ھاڻي ڄاڻڻ گھرجي تھ غيبت زبان ئي چوڻ تي منحصر ناھي بلڪھ جھڙيءَ
طرح بھ مخاطب يا اڳلو ٻئي جو عيب سمجھي وڃي اھو
قيمت ۾ داخل آھي. پوءِ اھو کڻي اشاري يا رمز سان
ھجي يا حرڪت (چرپر) ۽ فعل سان ھجي يا چٽائي سان
صاف لفظن ۾ ھجي. اھو سڀ حرام ۽ ناجائز آھي. حضرت
عائشه رضھ فرمائي ٿي تھ ھڪڙي عورت آئي ۽ واپس ھلي
وئي. مون ھٿ سان ھن جي قد ڏي اشارو ڪيو تھ ھوءَ
ڇوٽي قد جي يا بندري ھئي. انھيءَ کانسواءِ اھو بھ
غيبت ۾ داخل آھي جيڪڏھن منڊي ماڻھوءَ جي ڪو وڏ ڪڍي
۽ ان جي اھل ڪري پاڻ منڊي وانگر ھلي ڏيکاري. اھا
اھل ڪرڻ تھ وري غيبت کان بھ وڌيڪ آھي ڇاڪاڻ تھ
ائين ڪرڻ سان ٻئي ماڻھوءَ جي تصوير وڌيڪ چٽيءَ طرح
ٿي ڏھن ۾ ويھي ڄڻ تھ اھو پاڻ اڳيان اچي ٿو وڃي.
جڏھن حضور ﷺ جن ڏٺو تھ حضرت عائشه رضھ ھڪڙي عورت
جي اھل ڪري رھي آھي تھ پاڻ فرمايائون تھ ”مون کي
نٿو وڻي جو مان ڪنھن جي اھل ڪريان ۽ مون کي ھيترو
ھيترو ڪجھھ ملي (يعني مون کي ڪيترو بھ کڻي ڪو ڏئي
تھ بھ مون کي اھل ڪرڻ ڏاڍي خراب ٿي لڳي).“
اھو ئي حال آھي لکت جو. ڇاڪاڻ جو قلم بھ اڌ زبان آھي جيڪڏھن
ڪوئي مصنف ڪنھن ھڪ مقرر ماڻھوءَ بابت ڪجھھ خراب
لکي يا ھن جو ڪلام پنھنجي ڪتاب ۾ نقل ڪري تھ اھو
غيبت ۾ داخل آھي سواءِ ڪن خاص حالتن جي جن جو ذڪر
اڳتي ايندو. ھا اھڙيءَ طرح چوڻ تھ ڪي ماڻھو ھي ٿا
چون تھ اھو غيبت ۾ داخل ناھي. غيبت انھيءَ جو نالو
آھي جنھن ۾ ڪنھن مقرر ماڻھوءَ ڏانھن اشارو ڏنل
ھجي، پوءِ ھو زنده ھجي يا مرده ۽ ھيءَ بھ غيبت ئي
آھي جو چوي تھ جنھن سان اڄ ملاقات ٿي ھئي يا جيڪو
شخص اسان وٽ آيو ھو وغيره بشرطيڪ مخاطب ماڻھو
انھيءَ چوڻ منجھان ڪو خاص مقرر ماڻھو سمجھي ڇاڪاڻ
تھ مقصد اھو ئي آھي تھ مخاطب ماڻھو ڪا ڳالھھ سمجھي
وڃي. جيئن جو آنحضرت ﷺ جن کي جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو
فصل نھ وڻندو ھو تھ فرمائيندا ھئا تھ ماڻھن جو
ڪھڙو حال ٿي ويو آھي جو اھڙا ڪم ٿا ڪن. مقرر ڪري
ڪجھھ بھ نھ فرمائيندا ھئا. پوءِ ڪلام ۾ ڪو اھڙو
لفظ چوڻ جنھن منجھان ڪو مقرر ماڻھو سمجھيو وڃي تھ
اھو غيبت ۾ شمار ڪيو ويندو.
سڀ کان وڌيڪ بڇڙي گلا اھي ماڻھو ٿا ڪن جيڪي پڙھيل ۽ رياڪار آھن.
اھي پنھنجو مقصد بھ ظاھر ڪري ٿا وڃن ۽ نيڪ جا نيڪ
بھ بڻيا ٿا وتن ۽ ماڻھن کي اھو خيال ٿو رھي تھ اھي
غيبت نٿا ڪن حالانڪھ اھي جھالت سببان اھو نٿا ڄاڻن
تھ ائين ڪرڻ سان ھو ٻن خطائن جا ڪندڙ ٿئي ٿا پون.
عيبت جي غيبت مٿي تي ٽين ۽ رياء انھيءَ کان علاوه
ڪيائون. مثلا ڪنھن شخص جو ذڪر جيڪڏھن ان جي سامھون
ٿئي تھ چون تھ خدا جو شڪر آھي جو اسان جو حاڪمن ۾
ڪم نھ وڌو اٿس، نھ انھن جي اڳيان اسان کي دنيا جي
واسطي ذليل ڪيو اٿس. يا چون تھ بي شرميءَ کان بھ
خدا پيو بچائي. انھن لفظن مان مراد اھا ئي ھوندي
اٿن تھ ٻيو ماڻھو عيب وارو آھي مگر انھيءَ ڳالھھ
کي شڪر ۽ دعا جي پيرائيي ۾ بيان ڪندا آھن ۽ ڪڏھن
ڪڏھن وري انھيءَ ماڻھوءَ جي ساراھھ بھ ڪندا آھن ۽
چوندا آھن تھ فلاڻو ماڻھو ڪھڙو نھ نيڪ آھي. افعال
سڀ درست عبادت ۾ چت مگر ھڪ اھڙي بلا ۾ ڦاٿل آھي
جنھن ۾ اسان سڀ گرفتار آھيون ۽ اھا ھيءَ آھي تھ
صبر گھٽ ٿو ڪري. اھڙيءَ طرح پھريائين پنھنجي نفس
جو ذڪر ڪندا آھن ۽ انھيءَ جي اوٽ ۾ غرض فقط ٻئي جي
برائي ظاھر ڪرڻ ۽ پاڻ کي صالح بندن سان مشابھت ڏيڻ
جو ھوندو اٿن. مگر اھڙي صورت ۾ ئي خطائون ھڪ جاءِ
تي ڪٺيون ٿي ٿيون وڃن. غيبت ۽ ريا ۽ پنھنجي نفس کي
پاڪ صاف سمجھڻ. مگر انھيءَ ھوندي بھ ھو پنھنجي دل
۾ وري ائين سمجھندا آھن تھ اسان نيڪ آھيون ۽ اسان
جو ٻئي جي غيبت سان ڪو واسطو ئي ڪونھي. انھيءَ سبب
ڪري جي آدمي بنا ڪجھھ ڄاڻڻ جي عبادت ٿا ڪن شيطان
انھن کي پنھنجو مسخرو بنائي ٿو ڇڏي ۽ انھن کي
لاعلمي ڪري ڪو پتو نٿ پوي. ھو جھڙيءَ طرح چاھي ٿو
انھن کي لاعلمي ڪري ڪو پتو نٿو پوي. ھو جھڙيءَ طرح
چاھي ٿو انھن تي کلي ٿو ۽ انھن جي اعمالن کي
پنھنجي فريب ۾ وڪوڙي ٿو وٺي. ھنن ڳالھين ۾ ھيءَ
ڳالھھ بھ اچي ٿي وڃي. ڪو ماڻھو جلسي ۾ ھڪڙي
ماڻھوءَ جي عيب جو ذڪر ڪندو آھي مگر ڪي ماڻھو
انھيءَ کي ڪن لائي نھ ٻڌندا آھن تھ ھو چئي وٺندو
آھي تھ ”سبحان الله ڪھڙي نھ عجيب ۽ غريب ڳالھھ
آھي!“ ھي لفظ انھي لاءِ چوندو آھي تھ ماڻھو متوجھ
ٿي ٻڌن. اھڙيءَ طرح پنھنجي اندر جي پليديءَ جي
اظھار ڪرڻ لاءِ خدا تعاليٰ جو نالو ڪم آندو ٿو وڃي
۽ ڌڻي تعاليٰ کي بھ معاذ الله دوکو ڏنو ٿو وڃي.
مگر ھو تھ دلين جا ڀيد ڄاڻڻ وارو آھي ۽ خوب ٿو
ڄاڻي تھ انھيءَ بيان منجھان انھن جو دلي غرض ڪھڙو
ٿو رھي. بعضي وري چوندا آھن تھ ااسن جي دوست تي
جيڪي ڪجھھ ٿي گذريو آھي تنھنجو اسان کي ڏاڍو رنج
ٿيو آھي جو ھن ويچاري جي ڏاڍي ذلالت ٿي آھي. خدا
تعاليٰ شل ھن کي ان جي عيوض ڪا راحت عطا فرمائي.
ھن ۾ غم جي دعويٰ ۽ دعا جو اظھار ڪرڻ ٻئي ڪوڙا آھن
ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن دعا جي نيت ھجي ھا تھ خلوت
(اڪيلائي) ۾ نماز کانپوءِ ھن لاءِ دعا گھري ھا ۽
جيڪڏھن ھن جي رنج جو انھن کي رنج پھچي ھا تھ جنھن
ڳالھھ جي اظھار ڪرڻ ۾ ھن کي بڇان لڳي اھا ڇو ظاھر
ڪن ھا. اھڙي طرح ڪڏھن چوندا آھن تھ ھو ويچارو ھڪ
خراب آفت ۾ ڦاسي پيو آھي. الله تعاليٰ ھن کي ۽
اسان کي ٻنھي کي توبه جي توفيق فرمائي. ظاھر ۾ نھ
ھي دعا آھي مگر الله تعاليٰ اندر جي پليديءَ کي
خوب ٿو ڄاڻي تھ دل ۾ ڇا ڇا ڀريو پيو آھي مگر ماڻھن
کي جھالت جي سببان نٿو معلوم ٿئي تھ ھي ڪم جاھلن
کان بھ وڌيڪ آھي.
غيبت ٻڌي تعجب جو اظھار ڪرڻ بھ غيبت آھي ڇاڪاڻ تھ تعجب ظاھر ڪرڻ
سان غيبت ڪرڻ وارو خوش ٿو ٿئي ۽ زياده ڪجھھ چوڻ
لاءِ تيار ٿو ٿئي. مثلا ڪنھن ماڻھوءَ ٻي جي عيب جي
ڳالھھ ڪئي ۽ ٻڌڻ واري چيو تھ ادا! اسان تھ ھن کي
اھڙو نھ سمجھندا ھئاسين. اڄ تائين اسان کي تھ ھن
جي باري ۾ خيال ئي ٻيا ھئا. ھيءَ تھ تو عجيب ڳالھھ
ٻڌائي آھي. ڌڻي پيو بچائي! اھو عجب ڏسي گلا ڪندڙ
ويتر وٺي اھڙيون ڳالھيون ڪندو آھي جو اڃا بھ ھن کي
وڌيڪ تعجب لڳي ۽ ھو وري ھائوس سائين! ھائو سائين!
چوندو رھي. غرض تھ غيبت جو ٻڌڻ ۽ تصديق ڪرڻ بھ
غيبت ۾ شامل آھن. بلڪھ جيڪو چپ ڪري ٻڌندو رھي اھو
بھ غيبت ۾ شريڪ لکيو ٿو وڃي، جيئن حديث شريف ۾ آيو
آھي تھ ”ٻڌڻ وارو بھ غيبت ڪرڻ وارن منجھان ھڪڙو
آھي.“ ھڪ دفعي حضرت ابوبڪر صديق رضھ ۽ حضرت عمر
رضھ منجھان ھڪڙي ٻئي کي چيو تھ فلاڻو ماڻھو تھ
ڏاڍو نينڊي آھي. پوءِ ٻنھي ڄڻن آنحضرت ﷺ کان
مانيءَ لاءِ ٻوڙ گھريو. پاڻ فرمايائون تھ ٻوڙ تھ
اوھان وٺي چڪا آھيو. عرض ڪيائون تھ اسان کي تھ
معلوم ناھي تھ ڪڏھن ورتوسين. پاڻ فرمايائون تھ
اوھان پنھنجي مسلمان ڀاءُ جو گوشت کائي چڪا آھيون.
ڏسو توڙي اھي لفظ انھن منجھان ھڪڙي چيا ھئا مگر
پاڻ سڳورن ٻنھي کي شريڪ ڪيو. ساڳيءَ طرح ماعز کي
سنگسار ڪرڻ جي موقعي تي جڏھن ٻن شخصن پاڻ ۾ چيو ھو
تھ ڪتي وانگر ھن جاءِ تي ماريو ويو تھ پاڻ ڪريم ﷺ
جن مردار ڏسي ٻنھي کي ارشاد فرمايو تھ ھن ۾ چڪ ھڻو
حالانڪھ چوڻ وارو ھڪڙو ئي ھو ٻيو فقط ٻڌڻ وارو ھو.
انھيءَ منجھان معلوم ٿيو تھ ٻڌڻ وارو بھ غيبت ۾
شريڪ آھي. مگر جيڪڏھن گلا ڪندڙ کي زبان سان منع
ڪندو تھ شريڪ نھ سڏبو ۽ جيڪڏھن زبان سان منع ڪرڻ ۾
خوف ھجي تھ دل ۾ برو سمجھجي ۽ جيڪڏھ زبان سان تھ
برو چيائين مگر دل ۾ ٻڌڻ جي خواھش رھي تھ ان جو
نالو نفاق (منافقت) آھي. گناھھ کان ماڻھو تڏھن
بچندو جڏھن غيبت کي دل سان برو سمجھندو. منع ڪرڻ ۾
اھو ڪافي ناھي جو ھٿ سان يا ابرو (ڀرون) سان يا اک
سان اشارو ڪري جھلي. ائين ڪرڻ سان ڳالھھ کي معمولي
ڪري سمجھڻ ٿو نظر اچي بلڪھ منع چڱيءَ طرح ڪرڻ
گھرجي تھ خبردار! اھڙي ڳالھھ نھ ڪندو ڪر. حديث
شريف ۾ آيو آھي تھ ”جنھن شخص جي اڳيان ايماندار کي
ذليل ڪيو وڃي ۽ ھو ان جي مدد نھ ڪري باوجود انھيءَ
جي جو ھو ان جي مدد ڪري ٿو سگھي تھ اھڙي ماڻھوءَکي
الله تعاليٰ قيامت جي ڏينھن ساري مخلوقات جي روبرو
ذليل ڪندو.“ حضرت ابو درداء رضھ ٿو فرمائي تھ پاڻ
ڪريم ﷺ جن فرمايو تھ ”جيڪو شخص حمايت ٿو ڪري
پنھنجي ڀاءُ جي عزت جي ھن جي پرپٺ، تھ اھو واجب ٿو
ٿعئي الله تعاليٰ تي تھ ھن جي عزت جي حمايت فرمائي
قيامت جي ڏينھن“. اھو پڻ فرمايو اٿن تھ ”جيڪو شخص
حماي ٿو ڪري پنھنجي ڀاءُ جي عزت جي ھن جي پرپٺ تھ
واجب آھي الله تعاليٰ تي جو آزاد ڪري ھن کي دوزخ
جي ڀاءُ کان“ ۽ غيبت جي وقت مسلمان جي مدد جي باري
۾ ۽ ان جي فضيلت جي باري ۾ ڪيتريون ئي حديثون آھن
جيڪي اسان صحبت جي آداب ۽ ”اسلام جي حقوقن“ جي باب
۾ بيان ڪري چڪا آھيون. ھتي وري لکڻ ڪجھھ زائد ڪم
ٿي پوندو.
بيان ٽيون: غيبت جا سبب:
اھو معلوم ھئڻ کپي تھ غيبت جا سبب گھڻا آھن مگر اھي سڀ يارھن
سببن ۾ اچي ٿا وڃن. انھن منجھان اٺ تھ عام ماڻھن
لاءِ عام آھن ۽ تي ديندارن لاءِ خاص آھن.
اٺن سببن منجھان پھريون ھي آھي تھ غصي جي وقت دل
جو غبار ڪڍڻو ھوندو آھي يعني جڏھن ڪوئي اھڙو سبب
بڻجي اچي جو ماڻھوءَ کي ٻئي تي غصو اچي تھ ھو جوش
۾ ھن جي برائي بيان ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آھي ۽ دل
جي ڪسر ڪڍندو آھي ۽ ھي ڪم انسان جي طبع جي تقاضا
کان ٿيندو آھي ۽ بعضي وري ظاھر ۾ ڪجھھ بھ خراب لفظ
نھ چيا ويندا آھن رڳو دل ۾ ڪينو رھجي ويندو آھي.
انھيءَ منجھان گويا آئينده ھميشه لاءِ بڇڙائي بيان
ڪرڻ جو بنياد پئجي وڃي ٿو. تنھنڪري ڪينو ۽ ڪاوڙ
ٻئي غيبت جي وڏن سببن منجھان آھن. |