حضرت انس رضھ ٿو فرمائي تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ جڏھن قيامت جي
ڏينھن بندا اٿندا تھ ھڪڙو پڪارڻ وارو پڪاريندو تھ
جنھن جي مزدوري الله تعاليٰ ڏي رھيل آھي اھو ھلي ۽
جنت ۾ داخل ٿئي. ان کان پڇيو ويندو تھ اھڙو ڪير
آھي جنھن جي مزوري الله تاعليٰ ڏي رھيل آھي. ھو
چوندو تھ اھي ماڻھو آھن جن پنھنجن ڀائرن کي ھق
معاف ڪري ڇڏيا ھئا. پوءِ ڪيترائي ماڻھو اٿندا ۽
بنا ڪنھن حساب جي، جنت ۾ وڃي داخل ٿيندا.
حضرت ابن مسعود رضھ ٿو فرمائي تھ حضورﷺ جن فرمايو تھ ” ڪنھن
حاڪم کي نھ جڳائي سواءِ انھيءَ جي تھ جيڪڏھن ڪائي
حد، ھن وٽ پيش ٿي ٿئي تھ ان کي قائم ڪري يعني جڏھن
حد، قائم ٿئي تھ اھا ضرور قائم ڪرڻ کپي“ ۽ وڌيڪ
فرمايائون تھ ” الله عفو ڪرڻ وارو آھي ۽ عفو ڪرڻ
واري سان راضي ٿو رھي.“ ۽ پوءِ ھيءَ عايت وليعفوا
وليصفحوا آخر تائين تلاوت فرمايائون.
حضرت جابر رضھ ٿو فرمائي تھ حضورﷺ جن فرمايو تھ ٽي ڳالھيون
اھڙيون آھن جيڪو انھن کي ايمان سان اداڪري تھ جنت
۾ جھڙي دروازي کان چاھي اندر ھليو وڃي ۽ جھڙيءَ
حور سان چاھي نڪاح ڪري ۽ جتي وڻيس اتي وڃي جنت ۾
پنھنجو مڪان مقرر ڪري. پھريون پوشيده قرض
جنھن جي ڏيڻ وٺڻ جو ڪنھنکي پتو نھ ھجي) ادا ڪري،
ٻيو ھر نماز کان پوءِ ڏھھ دفعا صورت اخلاص پڙھي ۽
ٽيون قاتل کي پنھنجو خون معاف ڪري. حضرت ابوبڪر
صديق رضھ عرض ڪيو تھ توڙي ڪو انھن منجھان ھڪ ئي
کڻي ادا ڪري. پاڻ فرمايائون تھ ھا توڙي ڪو کڻي
ھڪڙو ئي ادا ڪري.
آثار (بزرگن جا قول):-
حضرت ابراھيم تيمي رحمت الله عليه ٿو فرمائي تھ
جيڪڏھن ڪو شخص مون کي ظلم ڪندو آھي تھ مان ھن تي
رحم کائيندو آھيان قيامت جي ڏينھن ھي ويچارو ھن
ظلم ڪري پڪريو ويندو ۽ جڏھن ھن کي پڪر پڇاڙ ٿيندي
۽ ھن کان پڇاڻو ڪيو ويندو تھ ھن ويچاري وٽ ڪو بھ
جواب ڪونھ ھوندو. ھي درجو، ”عفو“ کان وڌيڪ آھي. ھن
کي ” احسان“ ڪري سڏيندا آھن.
ڪن بزرگن جو قول آھي تھ خداتعاليٰ جڏھن ڪنھن بندي کي ڪو ھديھ يا
عفو عنايت ڪرڻ فرمائيندو آھي تھ ان تي اھڙو شخص
مقرر ڪندو آھي جو ھن تي ظلم ڪندو آھي ۽ انھيءَ ظلم
جي باعث ظالم جو نيڪيون مظلوم ڏي اچي وينديون آھن.
اھري طرح بنا عمل جي نيڪين جو اچڻ گويا ڌڻي تعالي
جي طرف کان ھڪ تحفو يا ھديھ آھي.
ھڪڙي شخص عمر بن عبدالعزيز رحھ وٽ اچي شڪايت ڪرڻ شروع ڪئي تھ
ڦلاڻي ماڻھوءَ مون تي ظلم ڪيو آھي ۽ ھن گھٽ وڌ
ڳالھائڻ لڳو تھ پاڻ فرمايائونس تھ تون خدا تعالي
جي سامھون اھو ظلم جھڙو آھي تھڙو ئي سڄو سارو کڻي
وڃي تھ اھو بھتر آھي انھيءَ کان جو تون ھن کان ھتي
ئي گھٽ وڌ ڳالھائي بدلو وٺي ڇڏين.
حضرت يزيد بن ميسره رحھ ٿو فرمائي تھ جيڪڏھن ڪوئي شخص پنھنجي
ظالم کي پٽي ٿو يا بد دعا ٿو ڪري تھ الله تعالي
انھيءَ مظلوم کي ٿو فرمائي تھ جنھن شخص وري تو ظلم
ڪيو آھي ۽ اھو توکي ٿو ويٺو پٽي بد دعا ڪري ۽ تون
پنھنجي ظالم کي ٿو پيو پٽين. ھاڻي جيڪڏھن تون
چاھين تھ اوھان ٻنھي جون پٽون ۽ بددعائون اسان
ٻڌون يا چاھين تھ ٻنھي کي قيامت تائين صبر ڪرڻ تي
پنھنجي عفو جي دامن ۾ جڳھھ ڏيون.
حضرت مسلم بن سيار رحھ ھڪڙي شخص کي چيو جنھن پنھنجي ظلم ڪريڻ
ڪرڻ واري کي بد دعا ڪئي ھئي تھ ظالم جو ظلم ان جي
حوالي ڪري ڇڏ. تنھنجي بد دعا کان اڳ ۾ ئي اھو ظلم
وڃي پاڻ کي لڳندس بشرطيڪ ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ سان وري
انھي ظلم جو تدارڪ نھ ڪري ڇڏي مگر اھڙي حالت ۾
ممڪن ۽ مناسب تھ اھو آھي تھ تدارڪ نھ ڪري سگھندو.
ھشام بن محمد جو قول آھي تھ خليفي نعمان بن منذر وٽ ٻھ شخص حاضر
ڪيا ويا. ھڪڙي، جنھن وڏي خطا ڪئي ھئي ان کي تھ
معاف ڪري ڇڏيائين ۽ ٻئي جنھن ٿوري خطا ڪئي ھئي
تنھن کي سزا ڏنائين ۽ ٻھ شعر پڙھيائين جن جو ترجمو
ھي آھي! رباعي: بادشآھھ جو وڏا قصور معاف ڪندا آھن
۽ ٿوري ڏوھھ تي سزا ڏيندا آھن. نادان ۽ جاھل کان
ھيءَ ڳالھھ نھ ٿي ٿي سگھي. ھڪ ۾ ڪن ٿا حلم جي شھرت
۽ ٻئي ۾ ڄاڻن ٿا رعب، (يعني حلم جي عادت کي مشھور
ڪرڻ لاءِ وڏي خطا واري کي بعضي معافي ڏيڻ جائز
آھي).
مبارڪ بن قضالھ ٿو ڳالھھ ڪري تھ سواءِ بن عبدالله مون کي بصري
وارن سان گڏ آيو جعفر خليفھ ڏانھن موڪليو. مان
خليفھ وٽ ويٺو ھوس تھ ايتري ۾ ھڪڙي ماڻھوءَ کي
پڪڙي آيا. خليفي حڪم ڏنو تھ ھن کي قتل ڪيو وڃي.
مان دل م خيال ڪيو تھ منھنجي سامھون ھن ويچاري
مسلمان جو قتل ٿيندو. مان خليفي صاحب کي چيو تھ اي
امير المؤمنين مان ھڪڙي حديث ٿو بيان ڪريان جيڪا
مان حضرت حسن رضي الله عنه کان ٻڌي آھي. پڇيائون
تھ اھا ڪھڙي حديث آھي. مان چيو تھ ”جڏھن قيامت جو
ڏينھن تڏھن الله تعاليٰ ماڻھن کي ھڪ اھڙي ميدان ۾
گڏ ڪندو جو ڏسڻ وارو انھن کي ڏسي سگھي ۽ پڪارڻ
واري جو آواز اھي ماڻھو ٻڌي سگھن. پوءِ پڪارڻ وارو
پڪاريندو تھ جنھن جو خدا تعاليٰ ڏي ڪجھھ حق رھيل
ھجي اھو اٿي بيھي. ان وقت سواءِ معاف ڪرڻ وارن جي
ٻيو ڪو بھ ڪو نھ اٿندو. اھو ٻڌي ابو جعفر چيو تھ
ھيءَ حديث سچ پچ تو حضرت حسن رضھ کان ٻڌي آھي. مان
چيو تھ بيشڪ مان انھن کان ئي ٻڌي آھي. پوءِ پنھنجي
ماڻھن کي چيائين تھ انھيءَ ماڻھوءَ کي ڇڏيو تھ وڃي
ھليو. ھضرت امير معاويھ رضھ جو قول آھي تھ
جيستائين اوھان کي انتقام جو موقعو يا وس ھٿ نھ
لڳي تيستائين حلم ۽ برداشت اختيار ڪريو ۽ جڏھن
انتقام جو مقوعو ملي تھ ان وقت ”عفو“ ۽ ”احسان“
ڪريو.
روايت آھي تھ ھڪڙو راھب حضرت ھشام بن عبدالمالڪ وٽ آيو ۽ اچي
پڇيائينس تھ ھي تھ ٻڌايو تھ ذوالقرنين نبي ھو يا
نھ – حضرت ھشام چيو تھ نبي تھ نھ ھو مگر ھن کي اھو
رتبو چئن خصلتن ڪري مليو ھو. ھڪ اھو تھ جڏھن
انتقام جي پوري پوري سگھھ ھوندي ھيس تھ معاف ڪري
ڇڏيندو ھو. ٻيو تھ وعدو پورو ڪندو ھو. ٽيون تھ سچ
ڳالھائيندو ھو ۽ چوٿون تھ اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نھ
ڇڏيندو ھو.
ڪن اڪابرن جو قول اھي تھ حليم انھيءَ جو نالو ناھي جو ظلم جي
وقت چپ ڪري ۽ جڏھن سگھ ٿيس تھ بدلو وٺي بلڪھ حليم
اھو آھي جو ظلم جي وقت حلم ڪري ۽ قدرت يا سگھھ جي
وقت معاف ڪري.
حضرت زياد رحھ ٿو فرمائي تھ ڪنھن تي قدرت ۽ قابو حاصل ڪرڻ سان
ڪينو ۽ غصو ھليو ٿو وڃي.
ھشام بن عبدالمالڪ وٽ ھڪ شخص گرفتار ٿي آيو جنھن بابت ڪا ڳالھھ
ھن جي ڪن ۾ پھتي ھئي. جڏھن سامھون آيو تھ پنھنجي
حجت بيان ڪرڻ لڳو. خليفي چيس تھ تون بھ ڳالھائين
ٿو. ھن چيو تھ امير المؤمنين! الله تعاليٰ ٿو
فرمائي ”يوم تاتِي ڪل نفس تجادل عن نفسھا-“
(انھيءَ ڏينھن سڀ ڪو جيءُ پنھنجي طرفان جھيڙو ڪندو
ايندو). ڇا خدا تعاليٰ جي اڳيان تھ ڳالھائينداسون
باقي اوھان جي اڳيان نھ ڳالھايون. خليفي چيس تھ
چڱو ڀلا چئو جيڪي چوڻو اٿئي.
روايت آھي تھ ھڪڙو چور حضرت عمار بن ياسر جي تنبوءَ ۾ گھڙيو ۽
پڪڙيو ويو. ماڻھن ھن کي عرض ڪيو تھ ھن جا ھٿ ڪپي
ڇڏيو. پاڻ فرمايائون تھ نھ – مان ھن جي پرده پوشي
ڪندس الله تعاليٰ شل منھنجي پرده پوشي فرمائي.
ھڪڙي دفعي حضرت ابن مسعود رضھ جن بازار ۾ ويٺي ڪو سودو ورتو.
پئسن ڏيڻ لاءِ جڏھن کيسي منجھان پئسا ڪڍڻ لڳا تھ
معلوم ٿين تھ ڪو پئسا چورائي ويو آھي. پاڻ
فرمايائون تھ جيترو وقت مان ھتي ويٺو ھئس تھ پئسا
مون وٽ ھيا. ماڻھو انھن پئسن کڻڻ واري کي بد
دعائون ڪرڻ لڳا تھ خدا يا! انھيءَ جا ھٿ ڪپجن ۽ ھو
خراب خوار ٿئي. تنھن تي پاڻ چوڻ لڳا تھ الاھي!
جيڪڏھن ھن کانم ضرورت ھئي ۽ کڻي ويو آھي تھ ھن کي
برڪت ڏئي تھ ھن ڪم انھيءَ منجھان نڪري وڃي.
جيڪڏڌھن ھو گناه جي جرات سان کڻي ويو آھي تھ
انھيءَ گناه کي ھن جو آخري گناھھ مقرر فرماءِ جيئن
اڳتي ائين نھ ڪري.
فضيل بن عياض رحھ ٿو فرمائي تھ خراسان جي ھڪ شخص جي مقابلي ۾،
مان ڪو ٻيو وڌيڪ زاھد ڪونھ ڏٺو. ھو مون سان گڏ
مسجد حرام ۾ ويٺو ھو. اوچتو طواف لاءِ اٿيو ۽
انھيءَ دوران ۾ ھن جا دينار چورائجي ويا. مان جڪو
ڏٺو تھ ھن وٺي اوچتو روئڻ شروع ڪيو. مان پڇيومانس
تھ دينارن لاءِ ٿو روئين ڇا؟ چيائين تھ بلڪ ھن وقت
منھنجي دماغ اھو تصور ويھجي ويو آھي تھ مان ۽ چور
ٻئي خدا تعالي جي سامھون موجود آھيون ۽ ھن کي ڪا
حجت ڪانھي جو کڻ ي پيش ڪري. انھيءَ ڪري مون کي رحم
آيو ۽ مان روئي پيس.
حضرت مالڪ بن دينار رحھ ٿو فرمائي جنھن وقت حڪم بن ايوب، بصري
جو حاڪم ھو تھ مان ھن جي گھر رات جو ويس ۽ حسن رضھ
بھ ڊنل حالت ۾ آيو. پوءِ مان ۽ ھو گڏجي ان وٽ
وياسين مگر اسان حضرت حسن رضھ جي مقابلي ۾ ڄڻ تھ
ٻار پيا ڏسڻ ۾ اچون. ايتري ۾ حسن رضھ حضرت يوسف
عليه السلام جو قصو بيان ڪيو تھ ڪيئن ھن جي ڀائرن
ھن کوھھ ۾ اڇلايو ۽ ھن سان ڇا ڇا ڪري چڪا. مطلب تھ
ڀاءُ کي تھ وڪڻي ڇڏيائون مگر پنھنجي پوڙھي پيءُ کي
بھ سخت رنج ڏنائون. پوءِ حضرت يوسف عليه السلام
عورتن جي مڪر کان قيد ۾ ويو ۽ سخت مشقتون
ڪاٽيائين. مگر الله تعاليٰ ھن کي ڪيڏي نھ عزت
بخشي. ھن جي سڀ ڪا ڳالھھ مٿي ٿي ۽ ھن کي خزانن جو
مالڪ بڻايو ويو. مگر جڏھن ھڪومت اوج کي وڃي پھتي ۽
گھر ٻار سڀ ھڪ جاءِ تي اچي ويا تھ ان وقت يوسف عھ
پنھنجي ڀائرن کي چيو تھ ”لا تثِريبَ عليڪم اليوم
يغفر الله لڪم وھو ارحم الراحِمين (توھان تي اڄ
ميار ڪانھي. الله اوھان کي بخشيندو ۽ سڀني ٻاجھارن
کان وڌيڪ ٻاجھارو آھي). ھن قصي بيان ڪرڻ سان حضرت
حسن رضھ جو مقصد اھو تھ حڪم بن ايوب بھ پنھنجي
ساٿين کي معاف ڪري ڇڏي. ڌني تعاليٰ جي قدرت سان
ٿيو بھ ائين ئي. حڪم اھو قصو ٻڌي فوري چوڻ لڳو تھ
مان بھ اڄ چوان ٿو تھ لا تثِريبَ عليڪم اليوم“ ۽
جيڪڏھن بدن تي ڪپڙن کان سواءِ ٻي ڪا چادر وغيره
مون وٽ ھن وقت ھجي ھا تھ مان اوھان کي انھيءَ ۾
لڪائي ڇڏيان ھا. (يعني پنھنجي جسم سان لائي ھڪ ڪري
ڇڏيان ھا.)
چون ٿا تھ ابن مقنع ڪنھن پنھنجي دوست ڏي پنھنجي ڪنھن ڀاءُ لاءِ
سفارش جو خط لکيو. خط جو مضمون ھي ھو. ”فلاڻو شخص
پنھنجي قصور کان جي اچي تنھنجي عفو جو خواھان ٿيو
آھي، تنھنجي غصي کان ڊڄي تنھنجي ئي پناھھ ٿو گھري.
توکي معلوم ھئڻ گھرجي تھ جيترو گناھھ وڏو ھوندو
آھي ايترو ئي عفو جو فضل بھ زيادھ ھوندو آھي.
عبدالملڪ بن مروان وٽ جڏھن ابن اشعث جي قبيلي جا قيدي آيا تھ
رجا بن حيات سان خليفي انھن جي باري م صلاح ڪئي.
ھن عرض ڪيو تھ جيڪا شيءِ توکي پسند ھئي اھا خداوند
ڪريم توکي ڏني يعني توکي دشمنن تي فتح عنايت ڪئي.
انھيءَ عنايت جي عيوض ۾ تون بھ اھا ڳالھھ ڪر جيڪا
الله تعاليٰ کي پسند آھي. يعني الله تعاليٰ بندن
جي قصور معاف ڪري ڇڏڻ کي ڏاڍو پسند ٿو ڪري تنھن
ڪري تون بھ انھي قبيلي وارن کي معافي ڏئي ڇڏ.
عبدالملڪ انھيءَ مھل سڀني قيدين کي معافي ڏئي ڇڏي.
روايت آھي تھ زياد ھڪڙي خارجيءَ کي پڪڙيو. اتفاق سان ھو ڀڄي
ويو. زياد ھن جي ڀاءُ کي پڪڙيو ۽ چيائين تھ پنھنجو
ڀاءُ يڪدم پيدا ڪر نھ تھ توکي ماري ڇڏيندس. ھن
جواب ڏنس تھ جيڪڏھن مان توکي امير المؤمنين جو ھن
باري م ھڪ فرمان آڻي ڏيان تھ پوءِ تھ ڇڏيندين. ھن
وڌيڪ چيو تھ مان توکي عزيز حڪيم (يعني ڌڻي تعال:ٰ
ڄلله شآڻح) جو فرمان ٿو کني ڏيکاريان جنھن تي ٻن
نبين جي گواھي بھ گذري چڪي اھي. پوءِ ھيءَ آيت
شريف پڙھيائين ”ام لم ينبّا بِما في صحف موسيٰ و
اِبراھيم الذي و في الاّ تزر وازرتهءٌ وزر اخريٰ
(انھيءَ جي کيس خبر نھ ڏني وئي ڇا جيڪي موسيٰ جي
صحيفن ۾ لکيل آھي ۽ جيڪي ابراھيم جي صحيفن ۾ آھي
جنھن الله جي حقن کي پورو ڪيو يعني ھيءُ حڪم تھ ڪو
بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي جي گناھھ جو بار نھ کڻندو)
زياد ھي ٻڌي چيو تھ ھن کي ڇڏيو تھ ھليو وڃي. ھن کي
حجت ڏاڍي عمدي ھٿ لڳي وئي.
ھڪ روايت م آيو آھي تھ انجيل ۾ مذڪور آھي تھ جيڪو پنھنجي ظالم
لاءِ مغفرت جي دعا ٿو گھري شيطان ان کان پري ٿو
ڀڄي.
ھاڻي اھو مناسب ٿو نظر اچي تھ - ”عفو“ جي بيان جو خاتمو نرمي جي
فضائل تي ڪيو وڃي.
نرميءَ جي فضيلت: ”نرميءَ لفظ جو ضد آھي تيزي يا بد مزاجي يا شوخي“ –
نرمي ھڪ عمدي صفت آھي جيڪا حسن خلق منجھان ٿي پيدا
ٿئي. انھيءَ جي برعڪس تيزي ۽ بدمزاجي غصي ۽
درشتيءَ جو نتيجو آھي. ڪڏھن تيزي غصي کان ٿيندي
آھي ۽ ڪڏھن حرصن جي غلبي کان ڇاڪاڻ تھ ھن حالت ۾
آدميءَ کي ڪا سوچ سمجھھ ڪا نھ ٿي رھي. انھيءَ ڪري
استقلال يعني پنھنجي طبيعت تي ضابطو صفا ويندو ٿو
رھي. مگر نرمي بھر صورت حسن خلق جو پل آھي ۽ حسن
خلق فقط تڏھن ٿو ميسر ٿئي جڏھن غضب ۽ شھوت جي قوتن
کي اعتدال جي حد تي رکيو ٿو وڃي. انھيءَ سبب ڪري
رفق يعني نرمي جي تعريف ۾ حديث شريف ۾ تمام گھڻو
ڪجھھ اچي چڪو آھي.
1.
ھڪ حديث ۾ حضور جن فرمايو تھ ”اي عائشه،
جنھن کي مليو حصو نرميءَ جو، بيشڪ مليو ان کي دنيا
۽ آخرت جي خير ۽ نيڪيءَ جو حصو ۽ جنھن کي محروم
رکيو ويو نرميءَ کان بيشڪ ان کي محروم رکيو ويو
دنيا ۽ آخرت جي خير ۽ نيڪيءَ کان.“
2.
ٻي حديث ۾ فرمايو اٿن تھ ”جڏھن الله تعاليٰ ڪن گھر
وارن سان محبت يا پيار ڪندو آھي تھ انھن جي وچ ۾
رفق يا نرمي پيدا ڪندو آھي.“
3.
ٽين حديث ۾ آھي تھ ”جڏھن الله تعاليٰ نرميءَ تي
ايترو ٿو عطا ڪري جو جھالت (زبردستي) تي ايترو
ھرگز نٿو عطا ڪري ۽ جڏھن الله تعاليٰ ڪنھن کي
چاھيندو آھي تھ نرمي عطا فرمائيندو آھي ۽ جنھن گھر
وارا نرميءَ کان محروم ٿا رھن اھي الله تعاليٰ جي
جنت کان ۾محروم ٿا رھن.
4.
حضرت عائشه رضھ ٿي فرمائي تھ حضور جن جو قول
آھي تھ ”الله تعاليٰ رفيق آھي ۽ رفيق يعني نرميءَ
کي پسند ٿو ڪري ۽ ڌڻي تعاليٰ نرميءَ کان اھا شيءِ
ٿو عنايت فرمائي جيڪا درشتي يا شوخيءَ سان ڪڏھن
نٿو ڏئي.
5.
حضرت عائشھ رضھ کي ھڪ دفعي پاڻ فرمايائون تھ
”اي عائشھ! نرمي اختيار ڪر ڇاڪاڻ تھ الله تعاليٰ
جڏھن ڪنھن خاندان جي بزرگي چاھيندو آھي تھ ان کي
نرميءَ جي واٽ سمجھائي ڇڏيندو آھي”“
6.
اھو بھ حديث ۾ آھي تھ .جيڪو نرميءَ کان مھروم ٿو
رھي اھو ھر قسم جي نيڪيءَ کان محروم ٿو رھي.“
7.
فرمايو اٿن تھ ”جيڪو حاڪم پنھنجي عھد ۾ نرمي ۽
ھيٺانھين اختيار ڪندو، تنھن سان قيامت ۾ سھولت
وارو برتاءُ ڪيو ويندو.“
8.
فرمايائون تھ ”توھان کي خبر اھي تھ دوزخ ڪھڙن
ماڻھن تي حرام آھي. ھر ھڪ ماٺيڻي، نرم دل ۽ نماڻي
ماڻھوءَ تي دوزخ حرام آھي.“
9.
فرمايائون تھ ”نرمي برڪت واري شيءِ آھي ۽ جھالت
نحوست آھي.“
10.
فرمايائون تھ ”ڌيرج الله تعاليٰ جي طرف کان آھي ۽
تڪڙ شيطان جي طرفان کان.“
ھڪ روايت ۾ آھي تھ ھڪڙو شخص آنحضرت ﷺ جي خدمت ۾
حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين تھ يا رسول الله! ٻيا تھ سڀ
مسلمان الله تعاليٰ جي مھرباني سان اوھان منجھان
فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. ڪائي عمدي ڳالھھ منھنجي
لاءِ بھ خاص ڪرڻ فرمايو. پاڻ حضور ﷺ جن ٻھ يا ٽي
دفعا الحمدلله فرمائي ان شخص جي طرف متوجه ٿي ٻھ
يا ٽي دفعا پڇيائونس تھ ”توئي نصيحت ٿي چاھي؟“ ھن
عرض ڪيو ھائو، پاڻ فرمايائونس تھ جڏھن تون ڪنھن
ڳالھھ جو ارادو ڪرين تھ ان جو انجام سوچيندو ڪر.
جيڪڏھن انجام يا پڇاڙي انھيءَ ڪم جي چڱي نظر اچي
تھ ڪندو ڪر نھ تھ باز رھندو ڪر. (يعني ڌيرج کان
سواءِ ڪو بھ ڪم نھ ڪندو ڪر.)
ھڪ دفعي حضرت عائشه رضھ حضور ﷺ جن سان سفر ۾ ساڻ ھئي ۽ ھن جي
سواريءَ ۾ ھڪ شوخ اٺ ھو جنھن کي ڪڏھن کٻي پاسي تھ
ڪڏھن سڄي پاسي پئي ڦيرايائين. ان تي آنحضرت ﷺ جن
ارشاد فرمايو تھ اي عائشه! سھولت ۽ نرمي اختيار
ڪر. ھيءَ اھڙي شيءِ آھي جو جنھن بھ شيءِ ۾ ھوءَ
اچي تھ ان جي زينت بڻجي وڃي ۽ جنھن ۾ نھ ھجي ان کي
عيبدار ڪريو ڇڏي.“
آثار (بزرگن جا قول): حضرت عمر بن خطاب رضھ جن کي خبر پھتي تھ
ڪي عامل (گورنر) ظلم ٿا ڪن. انھن سڀني کي پاڻ وٽ
گھرايائون. جڏھن اھي حاضر ٿيا تھ پاڻ بعد حمد و
ثنا جي ارشاد فرمايائون تھ ”اي رعيت اسان جو حق
اوھان تي اھو آھي تھ پرپٺ خير خواھي ڪريو ۽ چڱين
ڳالھين ۾ مددگار ھو. اي عاملو! رعيت جو اوھان تي
حق آھي پوءِ سمجھي ڇڏيو تھ جھڙو امام جي نرمي ۽ ھن
جو حلم الله تعاليٰ کي پسند آھن تھڙو ٻيو ڪو بھ
حلم محبوب ۽ عام ناھي. ساڳيءَ طرح ڪائي بھ شيءِ
الله تعاليٰ جي نزديڪ امام جي ظلم ۽ جھل کان وڌيڪ
بري ڪانھي ۽ اھو بھ ياد رکو تھ جيڪو شخص پنھنجن
سامھون وارن کي سلامتي ۽ عافيت سان ٿو رکي. انھيءَ
کي عائب وارن ماڻھن کان عافيت ۽ آسائش پھچندي آھي.
وھب بن منبھ رحھ ٿو فرمائي تھ نرمي حلم جي برابر آھي. ھڪ موقوف
۽ مرفوع حديث ۾ وارد آھي تھ ”علم“ مؤمن جو جاني
دوست آھي. ”حلم“ ان جو وزير، ”عقل“ رھنما، ”عمل“
سر براه ڪار، ”رفق“ ھن جو والد، ”نرمي“ ھن جو ڀاءُ
۽ ”صبر“ ھن جو سپه سالار آھي.
ڪن اڪابرن جو قول آھي تھ علم ايمان کي ڪھڙي نھ سھڻي زينت ٿو
بخشي ۽ انھيءَ علم جي ڪھڙي ڳالھھ ڪجي جنھن کي عمل
سان سينگاريو ويو ھجي ۽ ڪيڏو نھ سھڻو اھو عمل آھي
جنھن جي آرائش رفق (نرمي) سان ٿي ھجي. مطلب تھ
جھڙو رتبو علم ۽ حلم جو آھي اھڙو ڪنھن جو ڪينھي.
حضرت عمرو بن عاص پنھنجي پٽ عبدالله کان سوال پڇيو تھ رفاق ڪھڙي
شيءِ آھي. انھن جواب ڏنو تھ جنھن صورت ۾ آدمي حاڪم
ھجي تھ عالمن (گورنرن) سان نرميءَ وارو برتاءُ
ڪري. وري چيائونس تھ خرق يعني جھالت يا درشتي ڪھڙي
شيءِ آھي. جواب ڏنائون تھ امام سان ۽ اھڙن ماڻھن
سان جن کي ضرر پھچائڻ جو اختيار ۽ طاقت ھجي دشمني
رکڻ.
حضرت سفيان ٿوري رحھ پنھنجن يارن کان پڇيو تھ رفق جي توھان کي
خبر آھي. انھن عرض ڪيو تھ توھان ئي ارشاد فرمايو.
فرمايائون تھ ھر ھڪ ڪم کي پنھنجي موقعي ۽ پنھنجي
جاءِ تي ادا ڪرڻ يعني شدت جي جڳھھ شدت ۽ نرمي جي
جڳھھ نرمي ڪرڻ. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ نرميءَ سان
گڏ سختيءَ جو ٿورو گھڻو ھجڻ بھ نھايت ضروري آھي.
مطلب تھ ٻين اخلاقن وانگر ھتي نرمي ۽ سختيءَ ۾ بھ
درميانو درجو سھڻو ۽ بھتر آھي. مگر جيئن جو فطرتي
طرح انسان جو لاڙو درشتيءَ جي طرف زياده ھوندو آھي
تنھنڪري رفق جي ترغيب تمام وڏي درجي ڏيڻ ضروري
آھي. انھيءَ لحاظ کان شريعت ۾ بھ فقط رفق جي تعريف
گھڻي ڪئي وئي آھي ۽ درشتي جي ڪٿي بھ ساراھھ ڪيل ڪا
نھ آھي توڙي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي مصلحت جي وقت
ٻئي چڱيون ۽ فائدي واريون آھن. مگر جنھن جاءِ تي
درشتي ضروري ھوندي آھي اتي سچي يا حق واري ڳالھھ
نفساني خواھش سان ملي ٿي وڃي ۽ گھھ کنڊ کان بھ
وڌيڪ مزو پيو ايندو آھي.
حضرت امير معاويھ رضھ جي طرف کان حضرت عمرو بن العاص تي عتاب
ھيو تھ تون تاخير ۽ سستي گھڻي ٿو ڪرين. حضرت عمرو
بن العاص جواب ۾ لکيو تھ خير جي ڪم ۾ تامل (سوچ
ويچار يا ڌيرج) ۽ فڪر سان بھتري ۽ ھدايت زياده ٿي
ٿئي. ”رشيد“ اھو ئي شخص آھي جيڪو جلدي يا تڪڙ کي
ڇڏي سڌي رستي تي اچي وڃي. ”مجرم“ اھو ماڻھو آھي
جيڪو وقار (بردباري) کان رھجي وڃي. ”مستقل“ ماڻھو
ھميشه ثواب کي پھچندو آھي ۽ جلد باز ھميشه غلطي
ڪري ويھندو آھي، جنھن کي ”رفق“ کان فائدو نٿو پھچي
ان کي حماقت کان نقصان پھچندو آھي، جيڪو تجربن
منجھان نصيحت برائي فائدو نٿو وٺي اٿو وڏو رتبو
حاصل نٿو ڪري سگھي.
ابو عون انصاري رحھ ٿو فرمائي تھ جيڪي سخت لفظ ماڻھو پاڻ ۾ ٿا
ڳالھائن. انھن سان جھڙا ٻيا بھ تھ لغت جا لفظ اھڙا
ضرور آھن جيڪي انھيءَ مطلب لاءِ مفيد ٿين ۽ انھن
جي ڀيٽ ۾ نرم بھ ھجن (پوءِ ڇو نھ نرم لفظن منجھان
ئي ڪم وٺڻ گھرجي.)
ابو حمزه ڪوفي رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا جي ڪاروباري انسان کي حاجت
کان وڌيڪ سختي رکڻ نھ گھرجي ڇاڪاڻ تھ ھر ھڪ
ماڻھوءَ کي ھڪ شيطان لڳل آھي ۽ ياد رکڻ گھرجي تھ
سختيءَ سان ماڻھو پنھنجو ڪم اھڙو نٿو ڪري سگھي
جھڙو نرميءَ سان ٿو ڪري.
حضرت حسن رضھ ٿو فرمائي تھ مؤمن متين (يعني پڪو پختو) ٿيندو آھي
۽ رکي رکي ڌيرج سان ڪم ڪندو آھي. ھو رات جي وقت
ڪاٺين گڏ ڪرڻ واري وانگر نھ ٿيندو آھي جو اوندھھ ۾
جيڪي ڪک ھٿ لڳندا اٿس اھي ڪاٺين جي بدران گڏ ڪري
ڍير ڪندو آھي.
اھڙيءَ طرح عالمن، رفق يعني نرميءَ جي تعريف ايتري قدر انھيءَ
ڪري ڪئي آھي جو اھا ھڪ چڱي شيءِ آھي ۽ گھڻن وقتن
تي ٿي ڪم اچي ۽ درشتيءَ جي ڪڏھن اتفاق سان ضرورت
ٿي پوي. ڪامل انسان اھو آھي جيڪو نرمي ۽ درشتيءَ
جو موقعو باخوبي سڃاڻي ۽ ھر ھڪ ڪم ڄيڪا ڳالھھ
مناسب سمجھي اھا اختيار ڪري، مگر جيڪڏھن ڪنھن جي
بصيرت ۾ قصور آھي ۽ اھا خبر نٿي پويس تھ ھن مقدمي
۾ ڇا ڪرڻ گھرجي تھ انھيءَ صورت ۾ بھتر ائين آھي
نرميءَ جي طرف لاڙو رکي ڇاڪاڻ تھ ھن ڪرڻ سان
جيڪڏھن ڪو گھڻو فائدو نھ ٿيندس تھ ڪم از ڪم نقصان
تھ ڪو نھ ٿيندس جيڪو سختي اختيار ڪرڻ سان ٿئيس ھا.
بيان يارھون
حسد جي برائي
ھاڻي اسان جي برائي ۽ سان ان جي حقيقت ۽ ان جي سببن ۽ علاج جو
بيان ٿا ڪريون ۽ اھو واضع ڪرڻ چاھيون ٿا تھ انھيءَ
جو دور ڪرڻ نھايت ضروري آھي. ڄاڻڻ گھرجي تھ حسد بھ
ڪيني جي ھڪ شاخ آھي ۽ انھيءَ حساب سان غصي جي شاخ
جي ھڪ شاخ ڪري ليکي ويندي ۽ غصو انھن سڀني جي ھڪ
اصلي ۽ذاتي پاڙ آھي. انھيءَ حسد منجھان وري اتريون
وڏيون وڏيون شاخون نيڪرن ٿيون جن جو ڪو عدد ۽ شمار
ئي نھ ٿو ٿي سگھي. ۽ ھن جي برائيءَ ۾ تمام گھڻيون
حديثون آيل آھن جھڙوڪ:-
1.
آنحضرت جن فرمايو تھ ” حسد نيڪين کي اھڙيءَ
طرح ٿو کائي جھڙيءَ طرح باه کائي ڪاٺين کي.“
2.
حسد ۽ ان جي نتيجن ۽ سببن کان منع ڪرڻ لاءِ حضور
جن فرمايو آھي تھ ” پاڻ ۾ حسد نھ ڪريو، نھ ھڪ ٻئي
سان ملڻ جلڻ ترڪ ڪيو، نھ بغض ڪريو ۽ نھ ناتا ٽوڙيو
بلڪ ٿي وڃو الله جا ٻانھا ھڪ ٻئي جا ڀائر.
3.
حصرت انس رضھ فرمائي ٿو تھ ھڪڙي ڏينھن اسان آنحضرت
جي خدمت ۾ ويٺا ھئاسين. حضورجن فرمايو تھ ھاڻي ھن
دڳ کان ھڪڙو جنتي شخص اوھان جي سامھون ايندو.
ايتري ۾ ھڪڙو انصاري شخص کٻي ھٿ ۾ جتي کنيو اچي
ظاھر ٿيو ۽ ھن جي ڏاڙھيءَ منجھان وضوءَ جي پاڻيءَ
جا قطرا پئي ٽميا. اچڻ سان السلام عليڪم چيائين.
جڏھن ٻيو ڏينھن ٿيو تڏھن بھ حضور ﷺ جن ساڳيا لفظ
فرمايا. انھيءَ ڏينھن بھ اھو ئي شخص آيو. ٽئين
ڏينھن بھ اھا ساڳي ماجرا ٿي گذري. جڏھن حضور ﷺ جن
تشريف فرمائي ٿي ويا تھ حضرت عبدالله بن عمرو بن
العاص انھيءَ شخص جي پٺيان ويو ۽ ھن کي چيائين تھ
منھنجي ۽ منھنجي پيءُ جي وچ ۾ ڪجھھ تڪرار ٿي پيو
آھي. انھيءَ تي مان قسم کنيو آھي تھ ٽي ڏينھن ھن
وٽ نھ ويندس. جيڪڏھن اوھان جي اجازت ھجي تھ اوھان
جي جاءِ تي اچي سمھي پوان. ھن چيو تھ ڀلي مون کي
اعتراض ڪونھي. حضرت عبدالله ٽي راتيون اتي ستو. ھن
ڏٺو تھ ھو رات جو ڪونھ ٿو اٿي. رڳو ايترو ھو پاسي
اٿلائڻ مھل الله تعالي جو نالو ياد پئي ڪيائين ۽
صبح جي نماز تي بستري تان نھ اٿيو. البتھ ايترو
معلوم ٿيو تھ جيڪو لفظ ھن ڳالھيو ٿي اھو نيڪيءَ
وارو ٿي ڳالھايو. جڏھن ٽي ڏينھن گذري ويا تھ مون
کي ھن جي عمل جي ڪابھ وقعت دل ۾ نھ آئي. مان رڳو
ڪي ٿورا عمل ھن جا ڏسي سگھيو ھئس. آخر مان ھن کي
چيو تھ اي خدا جا بندا! منھنجي ۽ منھنجي والد جي
وچ ۾ ڪو بھ جڳڙو فساد ڪونھ ھو مگر مان حضورﷺ جن
کان تنھنجي بابت ھي لفظ ٻڌا ھئا تڏھن مون کي خيال
آيو تھ آ خر مان بھ ڏسان تھ اھو ڪھڙو عمل ٿو تون
ڪرين جو جنتي بڻيو آھين. پر عمل تھ تنھنجو ڪو اھڙو
نظر ڪونھ آيو. ھاڻي مھرباني ڪري ٻڌاءِ تھ اھو درجو
توکي ڪيئن حاصل ٿيو. جواب ڏنائين تھ بس منھنجو
اھو ڪجھھ حال آھي. مان نا اميد ٿي پٺتي موٽڻ لڳس
تھ مون کي سڏ ڪري چيائين تھ عمل تھ منھنجا اھي آھن
جيڪي تو ڏٺا مگر ايتري ڳالھھ ضرور آھي تھ الله
تعالي جيڪا شيءِ ڪنھن مسلمان ڀاءُ ۽ عنايت ڪندو
آھي تھ مون انھيءَ لاءِ دل ۾ ڪا بھ ڪدورت يا حسد
نھ ٿيندو آھي. مان چيو تھ بس اھا ڳالھھ اھا ئي آھي
جنھن کان تو کي رتبو حاصل ٿيو آھي. اھا ڳالھھ اسان
کي ڪانھ ٿي ٿئي سگھي.
4.
ھڪڙي حديث ۾ آيو آھي تھ حضورجن ٿا فرمائين تھ ” ٽي
ڳالھيون اھڙيون آھن جن کانم ڪو بھ واندو ڪينھي. ھڪ
گمان ٻيو شگون (سوڻ) ٽيون حسد مگر اوھان کي انھن
کان جنات جي صورت ٻڌائي ٿو ڇڏيان تھ جڏھن ڪو گمان
دل ۾ گذري تھ ان کي سچو نھ سمجھجي، ڪو بدشگون يا
خراب سوڻ نظر اچي تھ ماڻھو پنھنجو ڪم ڪندو رھي (
ھر ھڪ ڪم جو نتيجو اخر الله تعالي جي ھٿ ۾ آھي) ۽
جيڪڏھن ( ڪنھن شيءِ لاءِ) حسد پيدا ٿي پوي تھ ان
شيءِ جي خواھش نھ ڪجي.“
5.
حضور جن فرمائين ٿا تھ ” ھڪ مرض اوھان جي
اکين امتن وارو ھليو ٿو اچي يعني حسد ۽ بغض ڪوڙڻ
واري شيءِ آھي. ڪوڙڻ منجھان اھا مراد ناھي تھ وار
ڪوڙيندي آھي بلڪ دين جي مٿي کي صفائي ڏئي ڇڏي. قسم
آھي انھيءَ ذات پاڪ جو جنھن جي قدرت جي قبضي ۾
محمد جي جان آھي تھ توھان جنت ۾ ھرگز داخل نھ
ٿيندءُ جيسين مومن نھ ٿيندءُ ۽ جيسن پاڻ ۾ دوست نھ
بڻبو. مان اوھان کي اھڙي ڳالھھ ٿو ٻڌايان جنھن سان
اوھان جي دوستيءَ جو پاڙون مضبوط ٿينديون. اھا
ڳالھھ ھيءَ آھي تھ پاڻ ۾ اسلام جو طريقو خوب رائج
ڪريو.“
6.
حضور جن فرمايو آھي تھ ”( اھا ڳالھھ امڪان
لي ويجھي اھي تھ فقيري ( يعني ڏک بک جي حالت ) وڃي
ڪفر جي حالت کي رسي ۽ تقدير تي غالب وڃي ( يعني
چڱي تقدير کي).
7.
ھڪڙي دفعي فرمايائون تھ عنقريب منھنجي امت ۾ اڳين
قومن جو مرض ڦھلجي ويندو. اصحابن عرض ڪيو تھ اڳين
امتن جو مرض ڪھڙو آھي پاڻ فرمايائون تھ ”خوشيون
ملھائڻ، ناز نخرا ڪرڻ (يا ڦونڊجي وڃڻ)، ھڪٻئي تي
گھڻائي ظاھر ڪرڻ، حرصا حرصي ڪرڻ، ھڪ ٻئي کان دوري
چاھڻ ۽ پاڻ ۾ حسد ڪرڻ تان جو ماڻھو وڃي بغاوت ۾
پوي يعني سرڪشي ڪري ۽ پوءِ فتنو کڙو ٿي وڃي.“
8.
حديث ۾ آيو آھي تھ ”نھ ظاھر ڪر شماتت (کل ٺٺول)
پنھنجي ڀاءُ جي، نھ تھ ھن کي الله تعاليٰ بچائي
وٺندو ۽ توکي انھيءَ عيب ۾ مبتلا ڪندو.“
روايت آھي حضرت وسيٰ عليه السلام جڏھن پروردگار عالم سان
ڳالھيون ڪرڻ ويو تھ ھڪڙي ماڻھوءَ کي عرش جي پاڇولي
۾ ويٺي ڏٺائين. دل ۾ ھن جي رتبي جو رشڪ ٿيس تھ ھن
جھڙي جڳھھ جيڪر مون کي بھ ملي. ھي شايد ڪو وڏو
رتبو آھي. باري تعاليٰ کي عرض ڪيائين تھ مون کي ھن
جو نالو ٻڌايو وڃي. حڪم ٿيس تھ نالي سان تنھنجو
ڪھڙو واسطو توکي ھن جو ڪم ٻڌايو ٿو وڃي تھ ھي شخص
ٽي ڳالھيون ڪندو ھو. ھڪ تھ ھي ماڻھن جي مٿان
خداوندي انعام ڏسي حسد نھ ڪندو ھو. ٻيو ھي تھ
پنھنجي پيءُ ماءُ جي نافرماني نھ ڪندو ھو. ٽيون تھ
ماڻھن ۾ ھڪڙي جي ٻئي تي چغلي نھ ھڻندو ھو.
حضرت زڪريا عليه السلام ٿو فرمائي تھ الله جل شانه ارشاد ٿو
فرمائي تھ حاسد منھنجي نعمت جو دشمن آھي ڇاڪاڻ تھ
ھو منھنجي حڪم تي ڪاوڙ ٿو ڪري ۽ جيڪي ڪجھھ مان
ماڻھن جي حق ۾ مقرر ڪري چڪو آھيان انھيءَ تي راضي
نٿو ٿئي.
9.
ھڪ حديث ۾ آھي تھ حضور جن ٿا فرمائين تھ
”مون کي وڌيڪ زياده خوف پنھنجي امت جي باري ۾
انھيءَ ڳالھھ جو آھي تھ انھن وٽ مال جي ڪثرت ٿئي ۽
ھو پاڻ ۾ حسد ڪري خونريزي ڪن.“
10.
فرمايائون تھ ”ھي ماڻھو حساب کان اڳي ئي ڇھن
ڳالھين سبب دوزخ ۾ ويندا. اصحابن عرض ڪيو تھ اھي
ڪھڙا ماڻھو آھن. فرمايائون تھ امير ظلم جي باعث ۽
غريب اجائي اصرار ڪرڻ جي سبب، دھقاني تڪبر جي ڪري
۽ واپاري خيانت سببان، ڳنوار يا جھنگلي جھالت جي
سبب ۽ علماءَ حسد جي باعث.
آثار يا بزرگن جا قول:
ڪن متقدمين (اڳين بزرگن) جو قول آھي تھ اول خطا يا
گناھھ جو واقعو ٿيو ھو سو حسد کان ٿيو ھو يعني
ابليس لعين حضرت آدم عليه السلام جي رتبي تي حسد
ڪري سجدي کان انڪار ڪيو ۽ صرف حسد جي باعث خدا
تعاليٰ جي نافرماني ۾ مبتلا ٿيو.
روايت آھي تھ عون بن عبدالله، فضل بن مھلت وٽ انھيءَ زماني ۾
ويو جڏھن ھو ”واسط“ جو حاڪم ھو ۽ چيائينس تھ مان
توکي ھڪ نصيحت ٿو ڪريان. ھن چيو تھ فرمايو. پاڻ
فرمايائونس تھ ھڪ تھ ڪبر کان بچجانءِ. ڇاڪاڻ تھ
شيطان کان خدا تعاليٰ جي پھرين نافرماني تڪبر ڪري
ٿي ھئي. ٻيو تھ حرص کان پاسو ڪندو رھجانءِ. ھيءَ
اھا شيءِ آھي جو حضرت آدم عليه السلام کي جڏھن
خداوند ڪريم جنت ۾ جاءِ ڏني جنھن جي ويڪر آسمانن ۽
زمينن جي برابر آھي ۽ سڀني شين جي کائڻ جي اجازت
بھ ڏئي ڇڏي سواءِ ھڪ وڻ جي تھ حضرت آدم حرص جي
سببان انھيءَ منجھان کاڌو ۽ جنت منجھان ٻاھر ڪڍيو
ويو. ٽين ڳالھھ اھا آھي تھ حسد کان بچجانءِ. ھيءَ
اھا شيءِ آھي جنھن سبب قابيل پنھنجي ڀاءُ ھابيل کي
قتل ڪيو ھو. ھڪڙي ٻي ڳالھھ اھا آھي تھ اصحابن جو
ذڪر ٿئي تھ چپ رھجانءِ ۽ تقدير ۽ نجوم جي ذڪر وقت
بھ ڪجھھ نھ ڪڇجانءِ.
بڪر بن عبدالله ٿو ڳالھھ ڪري تھ ھڪڙو ماڻھو ڪنھن بادشاھھ جي
اڳيان بيھي ھي لفظ چوندو ھو تھ ”محسن (يعني احسان
ڪندڙ) جي احسان جي بدلي ۾ ان سان چڱو سلوڪ ڪجي
ڇاڪاڻ تھ بدي ڪرڻ واري کي پنھنجي بدي ئي تنھنجي
طرفان ڪافي آھي.“ ھن شخص جي انھيءَ رتبي تي ھڪڙي
ماڻھوءَ کي اچي حسد ٿيو. بادشاھھ کي وڃي چغلي
ھنيائين تھ ھي شخص جيڪو سائينءَ جن جي سامھون اٿي
بيھي ھڪڙو جملو چوندو آھي اھو چوندو ٿو وتي تھ
بادشاھھ جو وات گندو آھي. بادشاھھ چيو تھ انھيءَ
جي تصديق ڪيئن ٿئي. ھن چيو تھ جڏھن سائين جن جي
اڳيان اٿي بيھي تھ ھن کي پنھنجي ڀرسان سڏايو.
اوھان ڏسندؤ تھ اوھان جي ويجھو ايندو تھ پنھنجو نڪ
بند ڪندو تھ بدبوءِ نھ اچي. بادشاھھ جو چڱو سڀاڻي
امتحان وٺنداسين. ھتي بادشاھھ کي ھي چئي ويو ۽ ھتي
ھن شخص کي دعوت ڪري طعام اھڙو کارايائينس جنھن ۾
تمام گھڻي ٿوم پيل ھئي. ايتري ۾ درٻار جو وقت ٿي
ويو. اھو شخص دستور موجب بادشاھھ جي اڳيان وڃي اٿي
بيٺو ۽ اھو ئي جملو چيائين. بادشاھھ ھن کي پاڻ وٽ
سڏايو. ھن ويچاري انھيءَ خوف کان تھ بادشآھھ کي
منھنجي وات مان ٿوم جي ڌپ نھ اچي سو پنھنجي وات کي
ھٿ کڻي ڏنائين ۽ بادشاھھ جي اڳيان وڃي حاضر ٿيو.
بادشاھھ کي گمان ٿيو تھ فلاڻي ماڻھوءَ جيڪي ڪالھھ
چيو سو سچ آھي. انھيءَ وقت پنھنجي ھڪ عامل (گورنر)
کي ھڪ فرمان ”خاص مھر“ سان لکيو تھ ھن فرمان جو
آڻيندڙ جڏھن تو وٽ اچي تھ ھن کي قتل ڪري ھن جي
چمڙيءَ ۾ بھھ ڀرائي اسان ڏانھن موڪليندا ۽ اھو
فرمان کڻي اھو ماڻھو درٻار کان باھر آيوڳ. ھن
بادشاھھ جو دستور ھو تھ پنھنجي ”خاص مھر وارو
فرمان“ فقط انعام ۽ خلعت بخشڻ جي باري ۾ جاري ڪندو
ھو. رستي تي اھو حاسد انھي شخص سان مليو. ھن جي ھٿ
۾ فرمان ڏسي پڇيائينس تھ اھو ھٿ ۾ ڇا اٿئي. جواب
ڏنائينس ھي ”خاص مھر وارو“ دستي فرمان آھي فلاڻي
عامل جي نالي آھي ھن ڏي کڻي ٿو وڃان. ھن سمجھو تھ
ضرور ھن ۾ ڪنھن انعام يا جاگير جو فرمان ھوندو. ھن
ماڻھوءَ کي چيائين تھ اھو فرمان مون کي ڏي تھ مان
ئي ٿو کني وڃان. تون ڪھڙا پيو ڪشالا ڪڍين. ھن چيو
تھ مان ئي ٿو کڻي وڃان. تون ڪھڙا پيو ڪشالا ڪڍين.
ھن چيو تھ مان ھي توکي ھبھ (بخش) ڪيو. بيشڪ تون
کڻي وڃ. جڏھن فرمان کني عامل وٽ پھتو تھ عامل
فرمان پڙھي ھن ماڻھوءَ کي ٻڌايو تھ ھن ۾ حڪم آھي
تھ توکي قتل ڪري تنھنجي کل ۾ بھھ ڀرائي بادشاھھ
سلامت ڏي موڪلجي. اتي اچي ھن کي سر جي لڳي. چوڻ
لڳو تھ ھن جو اصلي کڻي ايندڙ تھ ٻيو آھي مان
ناھيان. خدا واسطي مون کي اھو فرمان واپس ڏيو تھ
بادشاھھ سلامت ڏي کني وڃان. عامل (گورنر) چيو تھ
بادشاھھ جو فرمان واپس نٿو وڃي سگھي. مطلب تھ ھن
کي قتل ڪرائي ھن جي کل ٺھرائي بادشاھھ ڏانھن موڪلي
وئي. ھاڻي وري ھن ماڻھوءَ جو حال ٻڌو. ھو دستور
موجب مقرر وقت تي وري وڃي بادشاھھ وٽ حاضر ٿيو ۽
جيڪو جملو چوندو ھو اھو ئي چيائين. بادشاھھ حيران
ٿي ھن کان پڇيو تھ فرمان ڪاڏي ڪيئي. ھن عرض ڪيو تھ
فلاڻو شخص مون کي رستي تي مليو ۽ مون کان اھو
فرمان گھريائين ۽ مان ھن کي ھبھ (بخش) ڪري ڇڏيو.
بادشاھھ چيس تھ اھو ماڻھو تھ مون کي چوندو ھو تھ
تون مون کي وات جو گندو ٿو سڏيندو وتين. ھن عرض
ڪيو تھ مان تھ ائين ھرگز ڪو نھ چيو آھي. تنھن تي
بادشاھھ پڇيس تھ ڀلا جڏھن مان توکي پنھنجي ويجھو
سڏايو تھ تو پنھنجي وات تي ھٿ ڇو رکيو ھو. ھن چيو
تھ سائين ھن ماڻھوءَ مون کي اھڙو کاڌو کارايو ھو
جنھن ۾ ٿوم پيل ھئي. مان وات انھيءَ ڪري بند ڪيو
ھو تھ متان اوھان کي ٿوم جي بدبوءِ اچي. بادشاھھ
چيس تھ چڱو تون پنھنجو ڪم ڪندو رھھ. ھن کي پنھنجي
بدي تنھنجي طرفان ڪافي ٿي وئي. |