بيان ڇھون
دل جو مثال عملن مطابق
واضح رھي تھ علم جو محل يعني رھڻ جي جاءِ آھي قلب يا دل يعني
اھو لطيفو جيڪو سڀني عضون جو ڪاروبار ھلائي ٿو ۽
سڀئي عضوا ان جي تابعداري ۽ خدمت ڪن ٿا. ھن قلب جي
نسبت، معلومات سان اھڙي آھي جھڙي آئيني جي تصويرن
سان. يعني جھڙيءَ طرح توير آئيني ۾ نقش بڻجي ان ۾
موجود رھي ٿي تھڙيءَ طرح ھر ھڪ معلوم شيءِ يعني
اھا شيءِ جيڪا علم ۾ آندي وڃي ٿي پنھنجي تصوير قلب
جي آئيني تي عڪس جي صورت ۾ اڇلائي ان تي واضح ٿي
وڃي ٿي. ڄاڻڻ گھرجي تھ جھڙيءَ طرح آئينو ھڪ جدا
شيءِ آھي. تصوير ٻي شيءِ آھي ۽ ان تصوير جو آئيني
۾ اچڻ وري ٽين نرالي شيءِ آھي. تھڙيءَ طرح دل جي
باري ۾ بھ ٽي جدا جدا شيون آھن. ھڪڙو قلب، ٻي ڪنھن
شيءِ جي حقيقت ۽ ٽيون انھيءَ حقيقت جو قلب ۾ اچڻ.
ھن حساب سان قلب آھي عالم، جنھن ۾ شين جون حقيقتون
حلول ٿيون ڪن يا سماجن ٿيون ۽ شين جون حقيقتون آھن
معلوم ۽ انھن حقيقتن جو قلب ۾ حاضر ٿيڻ آھي علم.
ٻيو مثال عالم، معلوم ۽ علم جو ھي آھي تھ ڪنھن بھ شيءِ جي قبضي،
گرفت يا پڪڙ لاءِ ٽي شيون ضروري آھن. ھڪ گرفت يا
پڪڙ ڪرڻ واري شيءِ جھڙوڪ ھٿ، ٻي اھا شيءِ جنھن جي
گرفت يا پڪڙ ڪئي وڃي ٿي. جھڙوڪ ترار ۽ ٽين شيءِ
آھي ھٿ ۽ ترار جو پاڻ ۾ ملڻ، جنھن کي اصل ۾ قبضو
يا گرفت ٿو سڏيو وڃي. ساڳيءَ طرح معلوم جي تصوير
جو دل ۾ پھچڻ جو نالو آھي علم. بعضي ڪا شيءِ موجود
ھوندي آھي ۽ قلب بھ موجود ھوندو آھي مگر علم ڪو نھ
ھوندو آھي ڇاڪاڻ تھ علم نالو آھي ڪنھن شيءِ جي
حقيقت جو دل تائين پھچي وڃڻ. جھڙيءَ طرح تلوار بھ
ھجي ۽ ھٿ بھ ھجي، مگر جيستائين تلوار ھٿ ۾ نھ ٿي
اچي تيستائين قبضو يا گرفت يا پڪڙ جو نالو انھن کي
ڏيئي نٿو سگھجي.
ھنن ٻن مثالن ۾ البت فرق اھو آھي تھ گرفت ۾ جنسي شيءِ يعني ترار
ھٿ ۾ اچي وڃي ٿي. مگر معلوم شيءِ جنسي طرح دل ۾
نٿي اچي. مثلا جيڪڏھن ڪو ماڻھو باھھ کي سمجھي وڃي
ٿو تھ انھيءَ باھھ کي معلوم ڪرڻ ۾ خود باھھ ان ۾
نٿي وڃي، مگر باھھ جي حقيقت جيڪا ھن جي ظاھري شڪل
جي مطابق آھي اھا دل ۾ اچي وڃي ٿو. انھيءَ ڪري ئي
ھن کي ائيني سان مشابھت ڏيڻ مناسب آھي ڇاڪاڻ تھ
آئيني ۾ خود انسان نٿو ھليو وڃي. بلڪ ھڪ نقش يا
صورت ھوبھو آئيني ۾ اچي وڃي ٿي.
اھڙيءَ طرح دل ۾ بھ معلوم جي فقط صورت ئي اچي وڃي ٿي. انھيءَ
کان سواءِ آئيني سان مشابھت جو وڏو سبب ھي بھ آھي
تھ آئيني ۾ (دل يا قلب وانگر) ھيٺين پنجن سببن ڪري
صورت معلوم نٿي ٿئي.
پھريون سبب: تھ آئينو خود چڱو نھ ھجي يعني ان جي جوھر ۾ ڪو نقص يا ڪا
گھٽتائي ھجي يا ان جي شڪل ٺيڪ نھ ھجي.
ٻيو: تھ ھن ۾ ڪنھن سبب ڪري ڪدورت يا خرابي اچي ويئي ھجي.
ٽيون: تھ جنھن شيءِ جو آئيني ۾ عڪس پوڻ وارو آھي، اھا ان جي سامھون
نھ ھجي جھڙوڪ ھن جي پٺيان کڻي ھجي.
چوٿون:
تھ انھيءَ شيءِ ۽ آئيني جي وچ ۾ ڪا آڙ يا رنڊڪ ھجي.
پنجون: تھ جنھن شيءِ جي صورت آئيني ۾ ڏسڻي آھي ان جي جاءِ يا ان جو
طرف معلوم نھ ھجي جو ان جي مطابق آئينو پوري جاءِ
يا پوري طرف تي رکيو وڃي.
ياد رکڻ گھرجي تھ قلب وارو آئينو بھ اھڙي شيءِ آھي جو ان ۾ ھر
قسم جي شيءِ منڪشف ٿي سگھي ٿي مگر قلب ۾ جو. ڪي
علم نٿا اچن انھيءَ جو سبب اھي پنج ڳالھيون ئي آھن
جيڪي مٿي بيان ڪيون ويون آھن.
(1)
پھريون قلب جو ناقص ھئڻ، جھڙوڪ ٻارن جو قلب ٿيندو
آھي جنھن ۾ معلومات جو انڪشاف ان جي ذاتي
گھٽتائيءَ يا ڪچائي يا نقص ڪري نٿو ٿئي.
(2)
ٻيو گناھن ۽ خطائن جي ڪدورت پيدا ٿيڻ، ڪدورت شھوتن
جي ڪثرت ڪري قلب تي ھڪٻئي جي پٺيان گڏ ٿيندي رھي
ٿي ۽ قلب جي آئيني جي صفائي ۽ اوجر کي وڃائي ڇڏي
ٿي. انھيءَ ڪري ڪا بھ چڱي يا سچي ڳالھھ ان تي ظاھر
ٿي نٿي سگھي. ھڪ حديث شريف جو بھ ھن طرف ئي اشارو
آھي تھ ”جيڪو شخص ڪو گناھھ ڪري ٿو تھ عقل ھن کان
جدا ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ھن وٽ وري ڪڏھن بھ نھ ٿو
اچي. يعني ھن جي دل ۾ اھڙي ڪدورت اچي وڃي ٿي جو ان
جو اثر ڪڏھن بھ نھ ٿو وڃي ڇاڪاڻ تھ ڪنھن گناھھ جي
ڪرڻ سبب ڪدورت اچي وڃڻ کانپوءِ جيڪڏھن ڪو نيڪي بھ
کڻي ڪندو تھ انھيءَ نيڪيءَ ڪري رڳو گناھھ جو اثر
دور ٿيندو. مگر جيڪڏھن گناھھ نھ ڪري ھا تھ بيشڪ ھن
جي دل جو نور زياده ٿئي ھا. مگر جيئن جو پھريائين
گناھھ ڪري چڪو آھي تنھن ڪري نيڪيءَ جو ڪو بھ اثر
نھ ٿو ٿئي. قلب جو حال جھڙو پوئين نيڪي ڪرڻ کان اڳ
۾ ھو اھڙو ئي رھجي وڃي ٿو. نور ۾ ڪو بھ واڌارو نھ
ٿو ٿئي. حقيقت ۾ ھيءُ وڏو نقصان آھي جنھن جي تلافي
ڏاڍي ڏکي آھي. ڏسو جنھن آئيني تي ڪٽ چڙھي ويندي
آھي ۽ ريگمال سان ان کي کوڙي لاھبو آھي تھ اھو
آئينو انھيءَ آئيني جھڙو ھرگز نٿو ٿئي جنھن کي رنگ
يا ڪٽ اچڻ کان اڳ ۾ اوجر ڪيو وڃي ٿو. مطلب تھ الله
ترعاليٰ جي اطاعت جي طرف متوجھ ٿيڻ ۽ شھوتن جي
تقاضائن کان منھن موڙڻ سان قلب جو اوجر ۽ باطن جي
صفائي حاصل ٿئي ٿي. انھيءَ ڪري الله تعاليٰ فرمايو
آھي تھ ”والذين جاھدوا فينا لنھدينھم مبُلنا“ (جن
اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور پنھنجون واٽون
ڏيکارينداسون) آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”جيڪو
شخص عملڪري ٿو انھيءَ علم تي (جيڪو بھ پرائي ٿو
تھ) الله تعاليٰ ھن کي اھڙين شين جو علم عطا
فرمائي ٿو جن جي ھن کي اڳي خبر ئي ڪا نھ ھئي.“
ٽيون قلب جو گھربل حقيقت جي طرف کان ڦريل ھئڻ.
مثلا ھڪڙو شص فرمانبردار ۽ صالح تھ آھي پر ھن جو
قلب حق جي ڳالھھ جو طالب يا ڳولائو ناھي ۽ پنھنجي
ھمت کي ھو گھڻو ڪري پنھنجي بدن جي سنوارڻ ۽ روزگار
جي ذريعن حاصل ڪرڻ ۾ مصروف ۽ مشغول رکي ٿو ۽
پنھنجي فڪر جي قوت کي قدرت جي مخفي حقيقتن ۽
ربوبيت جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جي غور ۾ نٿو لڳائي. ھن
صورت ۾ جيتوڻيڪ ھن جو قلب صاف رھي ٿو. مگر ھن ۾ حق
جو جلوه نٿو ٿئي. ھن کي فقط اھي شيون ٿيون منڪشف
(يا ظاھر) ٿين جن جو ھن کي خيال ٿو رھي، جيڪڏھن ھن
جو خيال عملن جي افتن جي باريڪين ۾ رڌل ھوندو يا
نفس جي لڪل عيبن جي ڄاڻڻ ۾ مصروف ھوندو يا روزگار
سڌارڻ جي باري ۾ لڳل ھوندو تھ ھن جي قلب تي فقط
اھي شيون ظاھر ٿينديون. ھاڻي جڏھن اھا ڳالھھ ثابت
ٿي تھ اطاعتن جي تفصيل ڄاڻڻ ۾ ھمت صرف ڪرڻ حق جي
جلوه جي انڪشاف ٿيڻ يا کلڻ کي روڪي ٿو تھ پوءِ
جيڪي ماڻھو پنھنجي ھمت کي دنيوي شھوتن ۽ انھن جي
لذتن ۽ لاڳاپن ۾ مصروف رکن ٿا انھن کي ڪيئن ٿو قلب
جي آئيني تي حقيقي ڪشف حاصل ٿي سگھي.
چوٿون قلب کي ڪو حجاب اچي وڃڻ – ھي حجاب بھ انڪشاف کي گھڻو روڪي
ٿو ۽ ھن حجاب جو تفصيل ھن طرح آھي تھ ڪوئي اطاعت
گذار ماڻھو جنھن پنھنجي شھوتن کي دٻائي ڇڏيو آھي
جيڪڏھن ڪنھن حقيقت جي دريافت ۾ فڪر ڪري ٿو تھ ان
کي انھيءَ حقيقت جو انڪشاف (کلڻ) حاصل نٿو ٿئي.
ڪڏھن ڪڏھن اھو انھيءَ ڪري ٿئي ٿو جو اھو ماڻھو
پنھنجن ابن ڏاڏن جي انڌي تقليد (پيروي) يا ڪنھن
ٻئي حسن ظن جي سبب کان ڪنھن ڳالھھ جو اعتقاد رکي
ٿو جيڪو خدا تعاليٰ جي امر ۽ قلب يا دل جي وچ ۾ ھڪ
وڏو حجاب بڻجي وڃي ٿو. انھيءَ کان سواءِ جنھن
ڳالھھ جو اھو ماڻھو ننڍپڻ کان وٺي معتقد آھي ۽
تقليد جو سبب ھن جي دل تي ڄمي ويو آھي تھ اھو پڪو
پختو اعتقاد منع ڪري ٿو يا روڪي ٿو يا محروم رکي
ٿو ھن کي انھيءَ کان جو انھيءَ اعتقاد جي ابتڙ ڪجھ
بھ ھن جي دل تي منڪشف ٿئي يا کلي. ھي ھڪ وڏو حجاب
آھي جنھن جي سبب کان ڪيترا متڪلمين (وعظ ۽ تقرير
ڪندڙ) ۽ مذھب يا متعصب ماڻھو خدا تعاليٰ جي امر
کان محبوب رھجي ويندا آھن. بلڪھ ڪيترا صالحين (وڏا
نيڪ ٻانھا خدا جا) جن جو فڪر ھر وقت زمين ۽ آسمان
جي ملڪوت يعني (بادشاھي) ۾ رھي ٿو. اھي بھ انھيءَ
بلا ۾ گرفتار ھوندا آھن ڇاڪاڻ تھ ڪي اعتقاد جن جي
ھو تقليد ڪندڙ آھن اھي انھن ۾ اھڙا تھ ڄمي وڃن ٿا
جو حقيقتن جي ادراڪ يا پروڙڻ کي صفا روڪي ڇڏين ٿا.
پنجون عدم واقفيت يا اڻ ڄاڻائي انھن اسبابن جي، جن جي ذريعي طلب
واري شيءِ ملي. مثلا ڪوئي طالب علم يا شاگرد
جيڪڏھن ڪا مجھول يا اڻ ڄاتل شيءِ دريافت ڪرڻ چاھي
تھ جيسين مطلوب شيءِ سان تعلق رکندڙ سڀني معلومات
جو خيال نھ رکندو ۽ انھي معلومات کي انھيءَ خاص
ترتيب سان نھ رکندو جيڪا علمائن جي نزديڪ صحيح ۽
اعتبار واري آھي، تيسين ھن کي اھا مجھول يا اڻ
ڄاتل ڳالھھ حاصل ٿي نٿي سگھي. اھا ڳالھھ سڀڪو ڄاڻي
ٿو تھ دنيا جون معلومات جبلي يا فطرتي طرح انسان
جي خميري ۾ نھ ٿيون رھن ۽ انھن جو علم سواءِ ٻين
معلومات حاصل ڪرڻ ھٿ نٿو اچي. بلڪھ ھر ھڪ علم لاءِ
ھي ضروري آھي تھ ٻھ علم ان کان اڳ حاصل ھجن ۽ انھن
جي مخصوص ترڪيب (ملائڻ جو طريقو) ۽ ازدواج (نرماد
جو ميلاپ) عمل ۾ اچي. تنھن کان بعد وڃي ٿو ٽيون
علم حاصل ٿئي. جھڙيءَ طرح ٻار نر ۽ ماديءَ منجھان
پيدا ٿئي ٿو. مثالطور جيڪڏھن ڪنھن کي ”ٻھاڻ“ گھرجي
تھ اھو اٺ. گڏھھ ۽ انسان منجھان ھرگز نٿو ملي
سگھي. انھيءَ لاءِ گھوڙو ۽ گھوڙي گھرجن ۽ انھن
ٻنھي جو پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ٿئي تھ پاڻ ”ٻھاڻ“ حاصل
ٿي سگھي ٿو. اھڙيءَ طرح ھر ھڪ علم لاءِ ٻھ خاص
بنيادي شيون ۽ ٽيون انھن جي ترڪيب جو (طريقو)
گھرجي جنھن منجھان گھربل علم حاصل ٿئي. ڄاڻڻ گھرجي
تھ انھن ٻن اصولي ۽ بنيادي شين ۽ انھن جي ميلاپ ۽
ملاوٽ جي ناواقفيت يا اڻ ڄاڻائي ڪنھن علم جي حاصل
ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رھي ٿي. جھڙوڪ آئيني ۾ گھربل شيءِ
جي طرف جي خبر نھ ھئڻ ڪري تصوير پنھنجو عڪس آئيني
تي نٿي اڇلائي سگھي. ھن باري ۾ ھڪ وڌيڪ چٽو مثال
ھي آھي تھ مثلا ڪوئي ماڻھو ھي گھري تھ آئيني ۾ ھو
پنھنجي پٺي ڏسي. ھن لاءِ جيڪڏھن ھو آئيني کي
پنھنجي منھن جي سامھون رکندو تھ پٺي نظر ڪا نھ
ايندس ڇاڪاڻ تھ آئينو پٺيءَ جي سامھون رکيل نھ
آھي. جيڪڏھن آئينو کڻي پٺي جي سامھون رکندو تھ
تڏھن بھ پٺي نھ ڏسي سگھندو ڇاڪاڻ تھ اک کان آئينو
وري اوجھل ٿي ويندو. تنھنڪري ھن ھالت ۾ مجبورا ھڪ
ٻئي آئيني جي ضرورت پوندي انھيءَ لاءِ تھ ھڪ کي ھو
پٺيءَ جي سامھون رکي ۽ ٻئي کي اھڙي طرح اک جي
سامھون رکي جو ٻئي آئينا ھڪ ٻئي جي سامھون رھن.
اھڙي ترڪيب سان ھو پنھنجي پٺي ڏسي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ
تھ ھن جي پٺيءَ جو عڪس پوئين آئيني ۾ پوندو ۽ ان
جو عڪس وري ٻئي آئيني ۾ پوندو جيڪو ھن جي سامھون
رکيل آھي. ھن آئيني جي عڪس ۾ پٺيءَ جو عڪس بھ پيل
ھوندو جيڪو ھن کي چٽيءَ طرح نظر ايندو.
اھڙي طرح ھوھڪ علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ تصرفات (مٽائون سٽائون) ۽
تحريفات (ڦيريون ڦاريون) ھن مثال کان بھ وڌيڪ عجيب
۽ غريب ھونديون آھن ۽ وري زمين تي اھڙو ڪو بھ
انسان ڪونھي جنھن کي ھنن تحريفات جي ڪيفيت از خود
معلوم ٿيويندي ھجي. حقيقت ۾ ھن قسم جي اڻ واقفيت
ئي آھي جيڪا دلين لاءِ حقيقي ڳالھين جي معرفت حاصل
ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏي رڪاوٽ رھي ٿي. نڪي وري ھو ھڪ قلب
۾ پيدائشي طرح انھن حقيقتن جي از خود پروڙڻ جي ڪا
صلاحيت يا لياقت رکي وئي آھي. ڄاڻڻ گھرجي تھ
انھيءَ معرفت جو حاصل ٿيڻ محض الله تعاليٰ جي خاص
حڪم تي مدار رکي ٿو ۽ اھو حڪم ئي سڀني جوھرن ۾
پنھنجي نرالي خاصيت سبب سڀ کان ممتاز ۽ اشراف آھي
۽ انھيءَ جي طرف ئي الله تعاليٰ ھن آيت شريف ۾
اشارو فرمايو آھي تھ ”اِنا عرضنا الامانته علي
السمٰواتِ ولارض والجبَال فابَين ان يحِملنھا
واشفقن منھا وحملھا اِلانسان“ (بيڪ اسان آسمانن ۽
زمينن ۽ جبلن کي امانت آڇي تھ انھن (ان بار) جي
کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ کانئس ڊنا ۽ ان کي انسان
کنيو)
معلوم ٿي چڪو تھ انسان ۾ ھڪ خاصيت آھي جنھن سبب ھو آسمانن ۽
زمين ۽ جيلن کان ممتاز يا نراو ٿيو ۽ الاھي امانت
جي کڻڻ جي لائق رھيو.اھا امانت معرفت ۽ توحيد جي
امانت آھي جنھن جي کڻڻ لاءِ ھر شخص جي دل لياقت
رکي ٿي مگر جيڪي سبب اسان بيان ڪيا آھن انھن جي
باعث ھو واجبي امر يا حڪم تائين پھچي نٿو سگھي.
ساڳيءَ طرح آنحضرت ﷺ جن بھ فرمايو آھي تھ ”ھر ڪو
ٻار فطرت يعني اسلام تيڄمي ٿو ۽ (پوءِ) ھن جا
پيءُ ماءُ ھن کي يھودي يا نصراني يا مجوسي (باھ جو
پوڄاري) بڻائي ڇڏين ٿا.“ ٻي حديث ۾ وري آيو آھي تھ
”جيڪڏھن بني آدم جي دلين تي شيطان نھ ڦرندا وتن ھا
تھ ھو جيڪر آسمانن جي فرشتن ۽ اسرارن کي ڏسن ھا.“
ھي اشارو آھي ڪن اسبابن ڏانھن جيڪي قلب ۽ ملڪوت جي
وچ ۾ حجاب جو پڙدو ٿئي ٿا پون. ساڳيو ئي اشارو آھي
ان قول ۾ جيڪو حضرت ابن عمر رضي الله عنه کان
منقول آھي تھ آنحضرت ﷺ کان ماڻھن پڇيو تھ يا حضرت
ﷺ! خدا تعاليٰ ڪٿي آھي؟ زمين تي يا آسمان ۾؟ پاڻ
ارشاد فرمايائون تھ خدا تعاليٰ ايمان وارن بندن جي
دل ۾ آھي. حديث قدسي ۾ پڻ ارشاد آھي تھ نھ منھنجي
گنجائش زمين ۾ آھي ۽ نھ آسمان ۾، منھنجي گنجائش
مؤمن بندي جي دل ۾ اھي جيڪا نرم ۽ ھڪ جاءِ تي ساڪن
آھي.
ھڪ حديث ۾ آھي تھ ماڻھن عرض ڪيو تھ يا رسول الله ﷺ! سڀ کان چڱو
ماڻھو ڪير آھي؟ پاڻ فرمايائون تھ ”ھر ھڪ مؤمن جيڪو
مخموم القب ھجي.“ ماڻھن عرض ڪيو تھ مخموم القلب
ڪير آھي. پاڻ فرمايائون تھ اھو پڪو پختو متقي مؤمن
جنھن ۾ ڪا کوٽپڻي جي مير ۽ سر ڪشي ۽ فريب ۽ خيانت
۽ حسد نھ ھجي. حضرت عمر رضي الله عنه جن بھ تڏھن
تھ فرمايو تھ منھنجي دل خدا تعاليٰ کي تڏھن ڏٺو
جڏھن تقويٰ جي باعث حجاب دور ٿي ويو.
معلوم ٿيو تھ جنھن شخص ۽ خدا تعاليٰ جي وچ ۾ حجاب لھي ٿو وڃي تھ
ملڪ ۽ ملڪوت جي صورت ھن جي دل۾ ظاھر ٿي پوي ٿي۽ ھن
کي اھڙي جنت ٿي نظر اچي جو انھيءَ منجھان ٿوري
ٽڪري جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جي بربار آھي. ساريجنت
تھ اھڙي آھي جيڪا آسمانن ۽ زمينن ۾ ھرگز نٿي
سمائجي سگھي ڇاڪاڻ تھ ھي شيون ھن حس واري جھان جون
آھن ۽ ھي جھان جيتوڻيڪ ڪافي لمبو جوڙو يعني ڊگھو ۽
ويڪرو آھي تڏھن بھ ھن جي ڪا حد ۽ چوٽي مقرر آھي.
مگر ملڪوت جو عالم يا جھان يعني اھي ڳجھھ ۽ اسرار
جيڪي ظاھري اک سان نظر نٿا اچن ۽ انھن لاءِ بصيرت
جو نور کپي اھي بي حد ۽ بي پايان آھن. ھا، ايترو
ضرور آھي تھ جيڪو معرفت جو انداز ڪنھن بھ قلب ۾
ظاھر ٿئي ٿو. ان جي پڇاڙي ضرور آھي مگر پوري معرفت
کي جيڪڏھن بذات خود ڏنو وڃي يا الله تعاليٰ جي علم
جو خيال رکيو وڃي تھ انھن اسرارن ۽ رازن جو تھ ڪو
اٿو مٿو ئي ڪينھي ۽ نڪا وري انھن جي ڪا انتھا يا
پڇاڙي آھي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ ملڪ ۽ ملڪوت کي جيڪڏھن ھڪ جاءِ تي ورتو وڃي تھ ان
جو نالو آھي ”ربوبيت“. ڇاڪاڻ تھ حضرت ربوبيت سڀني
موجودات کي ويڙھيل ۽ وڪوڙيل آھي. ھن اصول تي سواءِ
خدا تعاليٰ جي ٻيو جيڪي ڪجھھ موجود آھي اھو يا تھ
ھن جي افعالن جو مظھر آھي يا ان جي مملڪت آھي يا
ان جا بندا آھن. انھيءَ ڪري جيتري قدر قلب تي ظاھر
ٿئي ٿو اھو ڪن جي نزديڪ بعينه اھا ئي جنت آھي. مگر
اھل حق يعني حق وارا ان کي حققي جنت جو ھڪ سبب ڪري
ٿا ليکين. جنت ۾ ملڪ جي وسعت يا ويڪرائي معرفت جي
وسعت يا ويڪرائي مطابق رھندي آھي يعني الله تعاليٰ
جي صفتن ۽ افعالن منجھان جيتري قدر جنھن کي زياده
معلوم ھوندو اوتري قدر ھن جي معرفت جي وسعت بھ
زياده ھوندي. سڀني عبادتن ۽ عضون جي اعمالن جو اول
مقصد اھو ئي آھي تھ دل صاف ۽ شستھ ھجي ۽ ھميشه
اجريل رھي ۽ ھن جي اوجر جو مطلب اھو آھي تھ ايمان
جو نور يعني معرفت جا ڪرڻا ان ۾ اچي وڃن ۽ اھا ئي
مراد آھي ھنآيت شريف جي تھ – ”فمن يرد الله ان
يھديه يشرخ صدرت للاِ شلام.“ (پوءِ الله جنھن کي
گھرندو آھي تھ ھدايت ڪري تنھن جو سينو اسلام لاءِ
ڪشادو ڪندو آھي) ۽ ھن ٻي آيت ۾ بھ ساڳيو فرمان آھي
تھ ”افمن شرح الله صدره لللا سلام فھو عليٰ نور من
ربِه“ (ڀلا جنھن جو سينو (دين اسلام لاءِ الله
کوليو آھي ۽ اھو پنھنجي پالڻھار جي نور (جي
سوجھري) تي ھجي (سو سخت دل ڪافرن جھڙو ٿيندو ڇا؟)
مٿي ذڪر ڪيل ايمان ۽ تجليءَ جا ٽي درجا آھن، پھريون درجو عوام
جي ايمان جو آھي. ھن ايمان جي پاڙ محقق تقليد تي
ھوندي آھي. ٻيو درجو آھي متڪلمين جي ايمان جو. ھن
۾ ڪجھھ حجت ۽ دليل بھ ٿيندو آھي مگر ھن جو درجو بھ
عوام جي ايمان جي قريب ئي ھوندو آھي. ٽيون درجو
آھي عارفن جي ايمان جو جيڪو يقين جي نور سان
دريافت ٿي ٿو سگھي. اسان ھنن درجن کي ھڪ مثال سان
بيان ڪريون ٿا. اھو مٿال ھي آھي تھ مثلا زيد جي
گھر ۾ ھجڻ جي تصديق ماڻھوءَ کي ٽن نمونن ۾ ملي
سگھي ٿي.
ھڪ تھ ڪوئي اھڙو ماڻھو ٻڌائي جنھن جي راست گوئي جو امتحان بار
بار ٿي چڪو ھجي ۽ ڪنھن بھ قسم جي ڪوڙي ڳالھھ ان جي
باري ۾ مشھور نھ ٿي ھجي ۽ نھ وري ھن جي قول ۾ ڪنھن
شڪ شبھ جو ڪو امڪان ھجي. اھڙي شخص جي چون سان ئي
يقين اچي ويندو تھ بيشڪ زيد گھر ۾ آھي. ھي مثال
انھيءَ ايمان بابت آھي جيڪومحض تقليد تي ٻڌل رھي
ٿو يعني عوام جو ايمان- ڄاڻڻ گھرجي تھ عوام جو اھو
حال آھي تھ جڏھن تميز جي عمر کي پھچي پنھنجي
والدين کان الله تعاليٰ جي وجود، علم، قدرت، اراده
۽ ٻين خدائي صفتن بابت ۽ نبين جو موڪلڻ برحق ھئڻ
بابت ۽ جيڪي حڪم انھن آندا آھن، انھن جي سچي ھئڻ
بابت ٻڌن ٿا تھ ان تي فورا ايمان ٿا آڻن ۽ انھيءَ
تي ثابت قدم ٿا رھن. انھن جي خلاف ڪجھھ بھ انھن
آندا آھن، انھن جي سچي ھئڻ بابت ٻڌن ٿا تھ ان تي
فورا ايمان ٿا آڻن ۽ انھيءَ تي ثابت قدم ٿا رھن.
انھن جي خلاف ڪجھھ بھ انھن جي دل ۾ نٿو گذري ڇاڪاڻ
تھ پنھنجي پيءُ ماءُ ۽ استاد لاءِ ھميشه انسان کي
حسن ظن يا نيڪ گمان رھندو آھي. پوءِ اھڙي قسم جو
ايمان آخرت جي نجات جو باعث ٿئي ٿو ۽ اھڙا
ايماندار اصحاب يمين منجھان ادنيٰ درجي وارا ليکيا
وڃن ٿا. اھڙا ايماندار ”مقربين“ منجھان نٿا ٿي
سگھن ڇاڪاڻ تھ ”تقرب“ يعني الله تعاليٰ جي قرب ۽
ويجھڙائي لاءِ ڪشف، بصيرت ۽ يقين جي نور سان منور
ھئڻ بھ نھايت ضروري ٿو ٿئي. اھي ڳالھيون ھن قسم جي
ايمان ۾ نٿيون ملي سگھن. علاوه ازين ھن قسم جي
تقليدي ايمان ۾ غلطي بھ ممڪن ٿئي ٿي سگھي. مثلا
يھودين ۽ نصارن جا ٻار پنھنجي والدين جي تلقين
موجب ايمان رکن ٿا مگر انھن جو اھو ايمان غلط آھي.
ٻيو تھ ڪوئي زيد جو آواز گھر منجھان ٻڌي ۽ پاڻ ڀت جي اوٽ ھجي تھ
ان کي بھ معلوم ٿيندو تھ زيد گھر ۾ آھي. ھن حالت ۾
جيتري قدر تصديق ٻئي ماڻھوءَ جي چوڻ تي ٿي ھئي آاز
ٻڌڻ ۾ بيشڪ ان کان ڪجھھ قدر زياده ٿيندي. مثلا
پھريائين اوھين ٻڌي ڇڏيو ھو تھ زيد گھر ۾ آھي ۽
پو٣ وري ھن جو آواز بھ اندر کان ٻڌو تھ انھيءَ
صورت ۾ ضرور زياده يقين ٿي ويندو. ڇاڪاڻ تھ آواز
ٻڌڻ سان ڳالھائيندڙ جي پوري شڪل ڌيان ۾ اچي وڃي ٿي
۽ دل ۾ اھا ڳالھھ اچي وڃي ٿي تھ ھي آواز فلاڻي شخص
جو آھي. پوءِ ھي مثال ٻئي قسم جي ايمان جو آھي
جنھن ۾ دليل جي بھ ڪجھھ ملاوٽ ٿئي ٿي. مگر غلطي ھن
۾ بھ ممڪن آھي ڇاڪاڻ تھ ھڪڙو آُآذ ٻئي سان ملي
سگھي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ٻئيماڻھو جي اھل ڪندي ڪوماڻھو
صفا ھن وانگر ڳالھائڻ لڳي ويندو آھي ۽ ھي ڳالھھ
ٻڌندڙ کي معلوم نھ ٿيندي آھي ڇاڪاڻ تھ ھن جو دماغ
انھن ٻنھي آوازن جي اثرن کان خالي ھوندو آھي ۽ ھن
جي آواز جي مشابھت يا نقل ڪرڻ وغيره سان ڪو بھ غرض
نھ ٿو ٿئي.
ٽيون طريقو ھي آھي تھ ماڻھو پاڻ وڃي اندر گھر ۾ زيد کي ڏسي تھ
ھو گھ ۾ موجود آھي. ھي مثال عارفن مقربن ۽ صديقن
جي ايمان جو آھي. ھن کي معرفت يا يقيني مشاھدو ڪر
سڏيندا آھن.انھن جو ايمان مشاھدي کان پوءِ ٿيندو
آھي. ھنن جي ايمان ۾ عوام ۽ مڪلمين وارو ايمان بھ
شامل آھي مگر ھن ۾ ھڪ مشاھدي جي ھڪ اھڙي زيادتي
ٿئي ٿي وڃي جو ھن ۾ غلطيءَ جو ڪو بھ امڪان ڪو نھ
ٿو رھي. ھا ھن حالت ۾ بھ علوم ۽ ڪشف جي مقدار ۾
ضرور تفاوت ھوندو آھي. علم جي درجي جو تفاوت تھ ھن
طرح سمجھڻ گھرجي تھ مثلا اکين سان ڏسڻ واري حالت ۾
ھڪڙو ماڻھوزيد کي گھر جي اڱڻ ۾ ويجھو وڃي خوب
روشنيءَ ۾ ڏسي ۽ ٻيو شخص ھن کي ڪنھن ڪوٺي ۾ يا پري
کان يا شام جي وقت ڏسي تھ ھن صورت ۾ پھرين ماڻھوءَ
جو ڏسڻ وڌيڪ ڪامل ٿيندو ۽ ٻئي جو ادراڪ بھ جيتوڻيڪ
انھيءَ سبب کان عمدو آھي جو ڏسڻ کان پوءِ ھن جي
ھجڻ جو يقين ٿو ٿئي مگر ھن جي تصور ۾ زيد جي شڪل
صورت ۾ جيڪي علامتون ھونديون آھن چڱي طرح نھ
اينديون. اھڙيءَ طرح امور جي مشاھدي ۾ بھ فرق
ٿيندو آھي جو ڪن کي خوب مخفي باريڪين تائين معلوم
ٿي ويندو آھي ۽ ڪي انھيءَ کان محروم رھجي ويندا
آھن. جھڙي طرح علم جي تفاوت ۾ ٿئي ٿو. ھي آھي حال
قلب جو علم جي اعتبار کان. والله اعلم بالصواب.
بيان ستون
جدا جدا علمن مطابق دل جو حال
مٿي بيان ٿي چڪو آھي تھ قلب پنھنجي فطرت يا جبلت جي لحاظ کان
معلومات جي حقيقتن کي قبول ڪرڻ جي لياقت رکندڙ
آھي. ھاڻي ھي بيان ڪيو وڃي ٿو تھ جيڪي علم ھن ۾
اچن ٿا انھن جا ٻھ قسم آھن ھڪڙا عقلي ٻيا شرعي.
عقلي علم جا وري ٻھ قسم آھن. ھڪڙا عقلي بيا شرعي.
عقلي علم جا وري ٻھ قسم آھن ھڪڙا اھي جيڪي بديھي
آھن ۽ ٻيا اھي جيڪي سکڻ سان اچن ٿا، جيڪي سکڻ سان
اچن ٿا اھي بھ وري ٻن قسمن جا ٿين ٿا. ھڪڙا ينيوي
(دنيا بابت) ٻيا اخروي (آخرت بابت).
ڄاڻڻ گھرجي تھ عقلي علمن منجھان اسان جو مطلب انھن علمن جي آھي
جن کي صرف عقل قبول ڪري تقليد ۽ ٻڌ سڌ جو ان ۾ دخل
نھ ھجي. انھن منجھان بديھي علم وري اھي آھن جن ۾
اھو معلوم نھ ٿئي تھ ھي اصول يا تجربو يا نتيجو
ڪٿان ۽ ڪيئن حاصل ٿيو. مثلا ھن ڳالھھ کي ڄاڻڻ تھ
ھڪ شض ٻن جاين ۾ ھڪ ئي وقت رھي نٿو سگھي ۽ ھڪ ئي
شيءِ قديم (اول کان وٺي) حادث (نئين طرح آيل) يا
موجود (ھجڻ) ۽ معدوم (نھ ھجڻ) گڏوگڏ ٿي نٿي سگھي.
ھن قسم جا علم ۽ اصول ماڻھو ٻاراڻي وقت کان وٺي
ڄاڻي ٿو مگر اھو معلوم نٿو ٿئي تھ ھي علم يا ڄاڻ
ڪڏھن. ڪٿي ۽ ڪيئن حاصل ٿيو يعني انھن جو ڪو بھ
ظاھري يا ويجھو سبب نظر ڪو نھ ٿو اچي. مگر ايترو
ضرور ڄاڻجي ٿو تھ اھي علم خدا تعاليٰ جي طرف کان
دل ۾ اچي ويا آھن ۽ پورءَ طرح سمجھھ ۾ ويھجي ويا
آھن. اھي علم جيڪي سکن سان اچن ٿا انھن ۾ تعليم
(پڙھڻ، تحصيل ڪرڻ) ۽ استدلال (دليل پڇڻ) جي ضرورت
آھي ۽ انھن ٻنھي قسمن کي عقل ڪري سڏيندا آھن جيئن
جو حضرت علي ڪرم الله وجھھ فرمايو آھي، جنھن جو
خلاصو ھي آھي: (رباعي)“ ٻھ قسم آھن عقل جا مون کان
ٻڌو – پھريون طبعي آھي ۽ ٻيو سمعي (يعني ٻڌ سڌ
وارو)- طبعي کان سواءِ سمعي آھي بي فيض – سج کان
جھڙي طرح نھ انڌي کي فائدو ٿئي.“ انھيءَ کان سواءِ
آنحضرت جن جيڪو حضرت علي رضي الله عنه کي ارشآد
فرمايو تھ ”خدا تعاليٰ پنھنجي نزديڪ عقل کان زياده
بزرگ ڪا بھ شيءِ پيدا نھ ڪئي آھي.“ ان منجھان
پھرين عقل جي مراد آھي ۽ ھن ارشاد ۾ تھ ”جڏھن
ماڻھو الله تعاليٰ جو قرب جدا جدا نيڪين سان ڪن تھ
تون پنھنجي عقل سان قرب الي الله ڪر“ سان منجھان
مراد ٻئي عقل جي آھي ڇاڪاڻ تھ تقرب الي الله (الله
تعاليٰ جي ويجھڙائي حاصل ٿيڻ) فطري ۽ عزيزي عيقل
سان ممڪن ناھي ۽ نھ وري بديھي علمن سان حاصل ٿئي
ٿو سگھي. بلڪھ انھيءَ لاءِ ڪسبي علم درڪار آھن.
ڄاڻڻ گھرجي تھ حضرت علي ڪرم الله وجھھ جھڙا شخص ئي
انھن علمن جي حاصل ڪرڻ ۾ عقل کي استعمال ڪري ٿا
سگھن جن سان رب العالمين جو قرب حاصل ٿو ٿئي. ھر
ھڪ ماڻھوءَ جو ڪم ناھي. مطلب تھ قلب کي اک وانگر
تصور ڪرڻ گھرجي ۽ فطري عقل کي ان ۾ بينائيءَ جي
قوت سمجھجي. بينائيءَ جي قوت اھڙو لطيفو آھي جيڪو
انڌي ۾ نٿو ٿئي ۽ بينا ۾ موجود آھي. توڙي پنھنجون
اکيون کڻي بند بھ ڪري يا انڌاري رات ۾ ھجي. قلب کي
جيڪو علم ھن عقل سان حاصل ٿو ٿئي ان کي اک جي ڏسن
واري قوت جي بجاءِ کڻي شمار ڪجي ۽ عقل جي اک سان
جيڪي ٻيا علم ٻاراڻي زماني کان وٺي تميز ۽ بلوغ جي
سال يا وقت تائين مخفي ٿا رھن ان کي ائين سمجھڻ
گھرجي تھ خود اک بھ جيسين آفتاب نٿو چمڪي ۽ ڏسڻ ۾
اچڻ وارين شين تي ان جو نور يا سوجھرو نٿو ڦھلجي،
تسين ڪجھھ ڪم نھ ٿي ڪري.
ڄاڻڻ گھرجي تھ قلم جنھن سان خدا تعاليٰ ڪنھن معلوم شيءِ کي قلب
تي نقش ٿو فرمائي تھ ان کي سج جي ٽڪي ڪري سمجھجي ۽
ٻاراڻي وھيءَ ۾ جو علم حاصل نٿو ٿئي ان جو سبب اھو
ئي آھي تھ ان وقت تائين ھن جي قلب جي تختيءَ ۾
علمن جي نقش وٺڻ جي لياقت ڪا نھ ٿي اچي. قلم
منجھان اسان جي مراد ھيءَ آھي تھ خدا تعاليٰ ھڪڙي
شيءِ اھڙي پيدا ڪئي آھي جنھن سان علمن جو نقش دل
تي اڪري ٿو وڃي. جھڙوڪ خدا تعاليٰ پاڻ فرمايو آھي
تھ ”الذي علم بِالقلم – علم الانسان مالم يعلم“
(جنھن ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو. (ماڻھوءَ
کي) اھو سيکاريائين جو نھ ڄاڻندو ھو). ڄاڻڻ گھرجي
تھ جھڙي طرح الله تعاليٰ جا ٻيا اوصاف اسان مخلوق
جي اوصافن کان بلڪل جدا ۽ نرالا آھن. تھڙيءَ طرح
الله تعاليٰ جو قلم بھ توھان اسان جي قلم جي صورت
جھڙو ناھي. ھن جو قلم ڪانيءَ يا ڪاٺي وغيره جو
ٺھيل ڪو نھ ٿو ٿئي.
مطلب تھ باطني بصيرت ۽ ظاھري بينائيءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل نمونن ۾
مشابھت تھ ٿي سگھي ٿي، مگر شرف ۽ رتبي جي ڏاڪن يا
درجن ۾ ڪا بھ مناسبت يا ڀيٽ ڪانھي. ڇاڪاڻ تھ باطني
بصيرت ۾ نفس آھي جيڪو لطيفھ، مدرکھ (پروڙيندڙ
لطيفو) سڏيو وڃي ٿو. اھو نفس سوار جي مثال آھي ۽
بدن گھوڙي جي مثال آھي ۽ سوار جيڪڏھن انڌو آھي تھ
اھو وڌيڪ نقصانڪار آھي گھوڙي جي انڌي ھئڻ کان بلڪھ
ھڪ نقصان جو ٻئي نقصان سان ڪو مقابلو ئي نٿو ٿي
سگھي. مگر اھا باطني بصيرت ۽ ظاھري بينائي جي
مشابھت محض سمجھاڻيءَ لاءِ ڏني ويئي آھي. خداوند
ڪريم بھ دل جي ادراڪ کي بينائيءَ سان مشابھت ڏيڻ
فرمائي آھي ۽ ھي ارشاد فرمايو آھي تھ ”ما ڪذبَ
الفواد ما راي“ (جيڪي پيغمبر جي دل ڏنو سو ان ڪوڙ
نھ ڄاتو) ۽ اھڙي طرح ھن آيت شريفھ ”وکذالک نريٰ
اِبراھيم ملکوتِ السمٰواتِ والارض“ (۽ اھڙي طرح
ابراھيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ڏيکاري سون
ٿي) ۾ قلبي ادراڪ کي بينائيءَ جي نالي سان بيان
ڪيو ويو آھي. ھن منجھان ظاھري بينائي ھرگز مقصود
نھ آھي. ڇاڪاڻ تھ ظاھري بينائي سڀ کي مليل ٿي رھي
۽ انھيءَ ۾ اٽلندو اعتراض جي گنجائش رھجي وڃي ھا.
ساڳيءَ طرح مشابھت جي لحاظ کان ادراڪ جي ضد کي وري نابينائيءَ
سان ڀيڻيو ويو آھي جھڙوڪ خدا تعاليٰ ٿو فرمائي تھ
”فاِنھا لا تعمي البصار ولٰکن تعمي القلبُ التِي
في الصدور“ (بيشڪ ھي (حالت) آھي سندن اکيون انڌيون
نھ آھن، پر دليون انڌيون اٿن جيڪي سينن ۾ اٿن) ۽
پڻ ارشاد آھي تھ ”ومن کان في ھٰذه اعمٰي فھو في
الآخِرتِ اعميٰ واضل سبِيلا“ (۽ جيڪو ھن دنيا ۾
انڌو ٿيو سو آخرت ۾ بھ انڌو ھوندو ۽ واٽ کان بنھھ
ڀليل ھوندو).
ھي آھي بيان عقلي علم جو. ھاڻي شرعي يا ديني علمن بابت ٻڌڻ
گھرجي. شرعي يا ديني علم اھي آھن جيڪي تقليد جي
طور انبياء صلوات الله عليھم کان پھتا ھجن. ڄاڻڻ
گھرجي تھ اھي علم الله تعاليٰ جي ڪتاب (قرآن مجيد)
۽ رسول ڪريم ﷺ جي حديث شريف جي سکڻ ۽ انھن جي
معنيٰ سمجھڻ سان حاصل ٿا ٿين. قلبي صفت جو ڪمال
انھن جي وسيلي ئي ٿو حاصل ٿئي ۽ مرضن ۽ دردن کان
بھ قلب انھن جي ذڙيعي ئي ٿو نجات حاصل ڪري. مطلب
تھ عقلوارا علم قلب جي سلماتي لاءِ ڪافي ناھن
جيتوڻيڪ انھن جي ضرورت تمام گھڻي ٿي پوي. جھڙيءَ
طرح رڳو طعام بدن جي صحت لاءِ ڪافي ناھي بلڪھ خاص
دوائن جي ۽ انھن جي اصولن جي طبيبن کان دريافت ڪرڻ
جي ضرورت ٿي پوي. اھي دوا درمل جون ڳالھيون خود
بخود عقل جي ذريعي معلوم ٿي نٿيون سگھن مگر انھن
جي تشريح ٻڌڻ کانپوءِ انھن کي سمجھڻ ۽ سوچڻ لاءِ
ضرور عقل جي ضرورت ٿي پوي. ھن منجھان ثابت ٿيو تھ
عقل کي ٻڌ سڌ کانسواءِ چارو ڪونھي ۽ ٻڌ سڌ وري عقل
کانسواءِ بلڪل بيڪار آھي. انھيءَ ڪري جيڪو شخص رڳو
تقليد جو ٿي رھندو ۽ عقل کي بالائي طاق رکندو اھو
جاھل آھي. ساڳيءَ طرح جيڪو وري صرف عقل کي ڪافي
سمجھي ۽ قرآني انوارن ۽ حديث شريف ڏانھن ڌيان نھ
ڏيندو تھ ھو وري غرور يا دوکي ۾ ورتل آھي. طالب کي
گھرجي تھ انھن ٻنھي طريقن جي الڳ الڳ حيثيت کي
درگذر ڪري ۽ ٻنھي اصولن کي ھڪ جاءِ تي ملائي ان
منجھان پنھنجو عين مقصد حاصل ڪري.
ڄاڻڻ گھرجي تھ عقلي علم آھن غزا وانگر ۽ شرعي علم آھن دوا جي
مثال – بيمار ماڻھوءَ کي جيڪڏھن دوا نھ ملندي تھ
فقط غزا سان ھن کي ضرور تڪليف ٿيندي. تنھنڪري دلين
جي بيماري جو علاج انھن معجونن سان ٿي سگھي ٿو
جيڪي شريعت جي شفاخاني تان ملن ٿا. يعني عبادتن جا
وظيفا ۽ اعمال جيڪي روحاني حڪيمن يعني انبياء
عليھم الصلوات والسلام جن بڻايا ۽ تجويز ڪيا آھن.
پوءِ جيڪو شخص پنھنجي بيمار دل جو علاج شرعي عبادت
سان نھ ٿو ڪري ۽ عقلي علمن کي ڪافي ٿو سمجھي ان کي
ضرور نقصان پھچندو، جھڙيءَ طرح انھيءَ بيمار کي ٿو
پھچي، جيڪو دوا نٿو کائي ۽ رڳو غزا کائيندو رھي
ٿو.
جيڪي ماڻھو اھا ڳالھھ ٿا ڪن تھ عقل ۽ علم، شرعي عملن جي خلاف
آھن ۽ انھن جو ھڪ جاءِ تي ڪٺو ٿيڻ ممڪن ناھي تھ
اھا ڳالھھ انھن جي لا علمي يعني جھالت جي نشاني
آھي. افسوس اھي ماڻھو بصيرت جي نور کان خالي آھن.
بلڪھ اھڙن ماڻھن کي تھ ڪي ڪي شرعي علم بھ ھڪٻئي جي
مخالف معلوم ٿيندا آھن ۽ انھن کي ھڪ ٻئي سان ملائڻ
کان عاجز ٿي ھي گمان ڪندا آھن تھ ھن دين ۾ ئي نقص
آھي ۽ حيران پريشان ٿي دين منجھان ائين نڪري ويندا
آھن جيئن وار اٽي منجھان نڪري وڃي (نعوذ بالله).
ياد رکڻ گھرجي تھ ھيءَ حالت انھيءَ ڪري ئي ٿئي ٿي
جو انھيءَ ماڻھوءَ کي پنھنجي عجز ۽ ناقص سمجھھ ڪري
دين ۾ اختلاف نظر اچي ٿو حالانڪھ دراصل اھا ڳالھھ
ائين ناھي. ھن جو مثال اھڙو آھي جو ڪوئي انڌو
ماڻھو ڪنھن جي گھر ۾ وڃي ۽ اتفاق سان ھن جو پير
وڃي ٿانون جي مٿان پوي ۽ ھو چوڻ لڳي تھ ڏسو تھ
ڪھڙي قسم جا ماڻھ آھن جو ٿانو دڳ ۾ رکي ڇڏيا اٿن،
انھن کي پنھنجي جاءِ تي ڇو نھ رکيو اٿن. ھن تي اھي
ماڻھو ھن کي چون تھ ميان صاحب باسڻ تھ سڀ پنھنجي
پنھنجي جاءِ تي پيا آھن مگر توھان کي نابينائي سبب
دڳ جي خبر نھ پئي آھي. ڪھڙي نھ تعجب جھڙي ڳالھھ
آھي جو پاڻ تھ اوھان پنھنجو خيال نٿا رکو اٽلو ٻين
کي قصور وار ٿا ٺھريو. اھا آھي عقلي ۽ ديني علمن
جي پاڻ ۾ نسبت.
ڄاڻڻ گھرجي تھ ديني يا شرعي علم بھ ٻن قسمن جا آھن. ھڪڙا دنيوي،
جھڙوڪ علم طب، علم حساب، علم صنعت و حرفت وغيره ۽
ٻيا اخروي، جھڙوڪ قلب جي احوال جو علم، اعمال جي
آفتن جو علم ۽ الله تعاليٰ جي صفتن ۽ افعالن جو
علم جيڪو اسان اڳيئي بيان ڪري چڪا آھيون. ھي ٻئي
ھڪٻئي کان الڳ ۽ نرالا آھن انھيءَ لحاظ کان تھ
جيڪڏھن انھن منجھان ھڪ جي طرف پنھنجي پوري ھمت سان
متوجھ ٿيندو تھ گھڻو ڪري ھن جي بصيرت ٻئي کان قاصر
رھجي ويندي. انيھءَ ڪري ھضرت علي ڪرم الله وجھھ جن
دنيا ۽ آخرت جا ٽي مثال فرمايا آھن. ھڪ مثال ۾
فرمايو اٿن تھ ٻئي ھڪ تارازيءَ جا ٻھ پڙ آھن،ٻئي
مثال ۾ ارشاد ٿا ڪن تھ ٻئي مشرق ۽ مغرب جي مثال
آھن ۽ ٽين مثال ۾ فرمائين ٿا تھ ٻنھي جو مثال ٻن
پھاڄن وانگر آھي. جيڪڏھن ھڪ راضي ھوندي تھ ٻي پڪ
ناراض. اھو ئي سبب آھي جو جيڪي ماڻھو دنيا جي ڪمن
۾ خوب ھوشيار ٿين ٿا ۽ علم طب ۽ حساب ۽ انگ اکر ۽
ھنر وغيره چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا اھي آخرت جي معاملن
کان گھڻو جاھل رھن ٿا. ٻئي طرف وري جن ماڻھن کي
آخرت جي معاملن کان گھڻو جاھل رھن ٿا. ٻئي طرف وري
جن ماڻھن کي آخرت جي علمن جي باريڪين جي پوري پروڙ
ھوندي آھي اھي ڪيترن ئي دنيا جي علمن کان اڻ ڄاڻ
ھوندا آھن. ڇاڪاڻ تھ عقلي قوت گھڻن ماڻھن جي انھن
ٻنھي ڳالھين کي ھڪ جاءِ تي ڪٺي ڪرڻ جي لياقت نٿي
رکي. جڏھن ھڪڙي ڳالھھ سکن ٿا تھ ٻي ڳالھھ ۾ ڪمال
حاصل نٿو ٿئي. ھن بناِ تي حديث شريف ۾ آيو آھي تھ
”تحقيق جنت وارا گھڻا ماڻھو اٻوجھھ آھن. يعني اھي
ڀالا ڀولا انسان جن کي دنيا جي ڪمن جو ڪو بھ شعور
ڪو نھ ٿو ٿئي.“
حضرت حسن بصري رحھ پنھنجي ھڪڙي وعظ ۾ فرمايو تھ اسان اھڙن ماڻھن
سان ملاقات ڪئي آھي جو اوھان جيڪڏھن انھن کي ڏسو
تھ انھن کي چريو سڏيو ۽ جيڪڏھن ھو اوھان کي ڏسن تھ
اوھان کي شيطان سڏين. پوءِ انسان کي گھرجي تھ
جيڪڏھن ھو ٻڌي تھ ڪنھن ھڪ عجيب ديني ڪم کان ڪي
ظاھري علم وارا علماِ منڪر آھن تھ ھي شب نھ ڪري تھ
انھن کي اھڙي ڪم جي اقرار کان انڪار آھي بلڪھ ائين
سمجھي تھ ھي ٿي نٿو سگھي جو ڪوئي وڃي تھ مغرب ڏي
مگر ھن کي ڪا مشرق جي شيءِ حاصل ٿي وڃي. دنيا ۽
آخرت جا ڪم بھ ائين آھن (يعني جنھن ڪم جي جيڪو
ڪوشش ڪندو ھن کي فقط اھو ئي حاصل ٿيندو) ڏسو الله
تعاليٰ فرمائي ٿو ”الذين لا يرجون لقاءَنا و رضوا
بِالحيوٰتِ الدنيا و اطما لوا بِھا و الذين ھم عن
اياتِنا غافلون“ (بيشڪ جيڪي اسان جي ملڻ جو آسرو
نٿا رکن ۽ دني اجي حياتيءَ سان ريجھي ويا ۽ انھيءَ
سان آرامي ٿي رھيا ۽ اھي جيڪي اسان جي آيتن کان
بيخبر رھيا).
انھيءَ کان سواءِ ھي فرمان خداوندي بھ انھيءَ باري ۾ آھن تھ
يعلمون ظاھرا من الحياه الدنيا وھم عن الاخِرتِ ھم
غافلون“ (ڄاڻن ٿا رڳو ظاھري دنيا جي حياتيءَ جون
ڳالھيون ۽ اھي آخرت جي علمن کان غافل ويسرا آھن).
۽ ”فاعرض عمن تولي عن ذڪرنا ولم يرد اِلا الحيات
الدنيا ذالڪ مبلغھم من العلم“ پوءِ اي پيغمبر ﷺ!
انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان
منھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتي کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين
گھريائين، اھا انھن جي علم جي پڄاڻي آھي).
حاصل مطلب تھ دين ۽ دنيا جي ڪمن ۾ ڪمال بصيرت انھن ماڻھن کي ئي
حاصل ٿئي ٿي، جن کي الله تعاليٰ پنھنجن بندن
منجھان معاش (ھن دنيا جي زندگي) ۽ معاد (آخرت جي
زندگي) ٻنھي جي تدبير عنايت فرمائي آھي ۽ اھو ھڪ
زمره يا گروھھ آھي انبياِ عليھم الصللوات والسلام
جو جن کي روح القدس يعني حضرت جبرئيل عليه السلام
۽ الاھي قوت کان تائيد ملندي ٿي رھي. انھن جي دلين
۾ سڀني ڪمن جي گنجائش آھي ۽ ڪنھن بھ ڪم ۾ ھنن کي
ڪائي بھ دقت ڪا نھ ٿي ٿئي، مگر عام خلق جا قلب
گھڻو ڪري ھڪ طرف محدود ٿا رھن. جيڪڏھن دنيا ۾ پڪا
آھن تھ آخرت جي ڪمال کان قاصر ٿا رھن يعني معرفت
کي پوريءَ طرح پھچي نٿا سگھن. |