بيان
اٺون
ايثار ۽ ان جي فضيلت
واضح ھئڻ گھرجي تھ سخاوت ۽ بخل جا گھڻا درجا آھن. سخاوت جي درجن
منجھان سڀ کان وڏو درجو ايٿار جو آھي يعني باوجود
پنھنجي حاجت جي مال ٻين کي ڏئي ڇڏڻ ۽ عام سخاوت
انھيءَ جو نالو آھي تھ جيڪا شيءِ پنھنجي حاجت ۾ نھ
ھجي اھا ڪنھن ٻئي محتاج يا غير محتاج کي ڏئي ڇڏجي.
ياد رکڻ گھرجي تھ پنھنجي ضرورت يا حاجت ھوندي ٻئي
کي ڪا شيءِ ڏئي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. جھڙي طرح
سخاوت اھڙي درجي کي ٿي پھچي جو پنھنجي چيز باوجود
سخت ضرورت جي بھ انسان پنھنجي نفس تي خرچ نھ ٿو
ڪري ۽ ٻئي کي ڏئي ٿو ڇڏي. تھڙي طرح بخل بھ ڪڏھن
اھڙي درجي کي ٿو پھچي جو انسان پنھنجو مال باوجود
تمام گھڻي مصيبت ۽ حاجت جي بھ پاڻ تي خرچ نھ ٿو
ڪري. مثلا ڪڏھن بخيل، مال کي اھڙي طرح قابو ڪندا
آھن جو جيڪڏھن پاڻ سخت بيمار ٿي پون تھ ڪا دوا
وغيره نھ ڪن. ڪڏھن ڪڏھن دل کڻي ڪنھن شيءِ جي کائڻ
پيئڻ لاءِ تانگھين تھ اھا ھرگز ملھھ سان وٺي نھ ٿا
کائين. البتھ اھا شيءِ مفت جي ملي وڃين تھ پوءِ
ضرور کائيندا. پوءِ اھڙا شخص باوجود حاجت جي
پنھنجو پاڻ تي بخل ٿا ڪن ۽ ايثار ڪرڻ وارا پنھنجي
اشد ضرورت ھوندي بھ ٻئي جي حاجت کي مقدم ٿو سمجھي.
ڏسڻ گھرجي تھ ھنن ٻنھي ڄڻن ۾ ڪيڏو فرق آھي سچ آھي
تھ اخلاق. الله تعاليٰ جي ھڪ نعمت آھي جيڪا جتي
ڌڻي تعاليٰ کي وڻي ٿو اتي عنايت ٿو ڪري.
سخاوت ۾ ايثار کان مٿي ڪوئي درجو ڪونھي. قرآن ۾ خدا تعاليٰ
اصحابن سڳورن جي تعريف انھيءَ ايثار بابت فرمائي
آھي. ويؤنرون علي انفسھم ولو ڪان بھم خصاصتھ (۽
ٻين کي پاڻ کان وڌيڪ پسند ڪندا آھن توڻيڪ کين ڪا
ضرورت ھوندي آھي).
حديث شريف ۾ پڻ آيو آھي تھ جنھن شخص کي خواھش يا سڌ ٿي ۽ ھن
انھيءَ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي نفس تي ٻئي کي
ترجيح ڏنائين تھ اھڙو شخص بخشيو ويندو.
حضرت عائشه رضي الله عنھا ٿي فرمائي تھ آنحضرت ' جن مرندي
گھڙيءَ تائين ڪڏھن بھ ٽي ڏينھن سانده پيٽ ڀري ماني
نھ کاڌي ھئي. جيڪڏھن حضور ' جن چاھين ھا تھ پيٽ
ڀري کائي سگھن ھا مگر ھڪڙي مھاجرن جو پيٽ ڀرڻ
پنھنجي پيٽ ڀرڻ کان مقدم سمجھندا ھئا.
ھڪڙي دفعي حضور ' جن وٽ ھڪ مھمان آيو. ان وقت حضور ' جن جي گھر
مبارڪ ۾ فقط الله تعاليٰ جو مٺو نالو ھو. ايتري ۾
انصارن منجھان ھڪڙو ماڻھو آيو ۽ انھيءَ مھمان کي
پاڻ سان وٺي ويو. جڏھن گھر پھتو ماني مھمان اڳيان
رکي زال کي سمجھاڻي ڇڏيائين تھ ڏيئو وسائي ڇڏي.
ماني ھئي ٿوري سو انصار سڳورو رڳو ماني ۾ ھر ھر ھٿ
تھ وجھي پيو تھ مھمان سمجھي تھ گھر جو مالڪ بھ مون
سان ماني کائي رھيو آھي مگر حقيقت ۾ کاڌائين ڪين
ٿي. تان جو مھمان سموري ماني کائي ڍو ڪيو. جڏھن
صبح ٿيو تھ حضور ' جن انھيءَ انصاريءَ کي خوشخبري
ڏني تھ رات جيڪو معاملو تو مھمان سان اختيار ڪيو
اھو الله تعاليٰ کي ڏاڍو پسند آيو آھي جو ھيءَ آيت
نازل فرمائي اٿس ويؤثرون علي انفسھم ولو ڪان بھم
خصاصھ (۽ ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏيندا آھن توڙي کڻي
پاڻ کي ڏاڍي بک ھوندي اٿن).
مطلب تھ سخاوت الله تعاليٰ جي اخلاقن منجھان ھڪڙي خلق جو نالو
آھي ۽ ان جي اعليٰ درجي جو نالو آھي ايثار جيڪو
حضور ' جن روزمره عمل ۾ آڻيندا ھئا تان جو الله
تعاليٰ حضور ' جن جي ھن خلق جي باري ۾ ارشاد
فرمايو تھ انڪ لعليٰ خلق عظيم (تحقيق تون ھڪ اعليٰ
خلق تي قائم آھين).
حضرت سھل تستري رحمت الله ٿو فرمائي تھ حضرت موسيٰ عليه السلام
ھڪ دفعي دعا گھري تھ اي منھنجا الله! مون کي محمد
' ۽ ان جي امت جا ڪي درجا ڏيکار. حڪم ٿيس تھ اي
موسيٰ تون تاب جھلي نھ سگھندين مگر بھرحال ھڪ وڏو
رتبو آنحضرت جو توھان کي ڏيکاريون ٿا جنھن سبب
انھن کي اوھان تي ۽ ساري خلق تي فضيلت ڏني وئي
آھي. پوءِ يڪدم عالم ملڪوت جو پڙدو ھٽايو ويو ۽
موسيٰ عليه السلام حضور ' جن جو ھڪ درجو ڏٺو تھ
تجليءَ جي نورن ۽ قرب الاھيءَ ڪري حضرت موسيٰ عليه
السلام جي ڄڻ تھ جان پئي نڪتي. ھضرت موسيٰ عليه
السلام اتي جناب باريءَ ۾ عرض ڪيو تھ اي منھنجا
الله! ھي رتبو ڪھڙي سبب ۽ ڪھڙي خصوصيت ڪري عطا ڪيو
ويو آھي. ارشاد ٿيو تھ اھو ھڪ عادت جي سببان آھي
جيڪا انھن ۾ خاص طرح رکي وئي ھئي يعني ھي سڀ ايثار
جي برڪت آھي. اي موسيٰ ڪنھن بھ ماڻھوءَ ڪڏھن بھ
پنھنجي حياتيءَ ۾ ايثار ڪيو ھوندو تھ جڏھن ھو مون
وٽ ايندو تھ مون کي ھن کان حساب وٺندي شرم ايندو ۽
بنا حساب ڪتاب جي جتي بھ جنت ۾ رھڻ چاھيندو اتي ان
کي رھايو ويندو.
روايت آھي تھ حضرت عبدالله بن جعفر رحھ پنھنجي ڪنھن زمين ڏسڻ
لاءِ نڪتو. واٽ تي ڪنھن باغ ۾ وڃي ترسيو. اتي ھڪڙو
حبشي غلام ڪم ڪري رھيو ھو. ھن ڏٺو تھ جڏھن غلام جي
ماني آئي تھ ھڪڙو ڪتو بھ انھيءَ باغ ۾ اوچتو گھڙي
آيو ۽ اچي انھيءَ غلام جي ڀرسان بيٺو. غلام ھن کي
ھڪ ماني ڏني. جڏھن کائي چڪو تھ ٻي ماني ڏنائينس ۽
پوءِ ٽين ماني. اھڙيءَ طرح پنھنجي سڄي ماني انھيءَ
ڪتي کي کارائي ڇڏيائين. حضرت عبدالله اھا سڄي
ماجرا ويٺي ڏٺي. آخر انھيءَ غلام کان پڇيائين تھ
تنھنجي غذا ھر روز ڇا آھي؟ جواب ڏنائينس تھ بس اھا
ئي غذا آھي جيڪا اوھان ڏٺي. تنھن تي چيائونس تھ تو
سموري ماني ڪتي کي ڇو کارائي ۽ پاڻ ڇو نھ کاڌءِ.
ھن عرض ڪيو تھ ھتي ڪوئي ڪتو ڪو نھ ٿو رھي. معلوم
ٿو ٿئي تھ ھي ڪتو ڪو مسافر آھي. پري کان ھتي آيل
ٿو ڏسجي ۽ بک ۾ باھھ ٿو ٿئي. مون کي ھن جو اھو حال
ڏسي ماني پاڻ کائڻ ۽ ھن کي نھ ڏيڻ ڏاڍو برو ٿو
معلوم ٿئي. پوءِ پڇيائونس تھ ڀلا ھاڻي سارو ڏينھن
تون ڇا کائيندين. جواب ڏنائين تھ بک ڪڍندس. تنھن
تي حضرت عبدالله سوچڻ لڳو تھ مان ھن غلام کي سخاوت
تي ملامت ڪري رھيو آھيان مگر ھي تھ ڪو مون کان بھ
وڌيڪ سخي آھي. پوءِ پاڻ اھو باغ، اھو غلام ۽
اتاھون جو ٻيو سمورو سامان خريد ڪري غلام کي آزاد
ڪيو ۽ اھو باغ ھن کي بخشش طور ڏئي ڇڏيو.
حضرت عمر رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙي اصحابيءَ ڏي ڪنھن ماڻھو ھڪ منڍي
ھديھ ڪري موڪلي. ھن اصحابي اھو خيال ڪندي تھ مون
کان فلاڻو منھنجو ڀاءُ وڌيڪ محتاج آھي تنھنڪري
انھيءَ ڏي موڪلي ڇڏيائين. ٻئي اصحابيءَ بھ اھو ئي
خيال ڪندي ٽين ڏي موڪلي ۽ اھڙيءَ طرح اھا منڍي ستن
گھرن منجھان ڦري موٽي انھيءَ پھرين اصحابي جي گھر
پھتي. سچ پچ ايثار انھيءَ جو نالو آھي.
روايت آھي تھ جنھن رات (يعني ھجرت واريءَ رات) حضرت علي مرتضيٰ،
آنحضرت ' جن جي بستري تي ستا تھ خدا تعال:ٰ حضرت
جبرئيل ۽ حضرت ميڪائيل علھيما السلام کي ارشاد
فرمايو تھ مان اوھان ٻنھي جي وچ ۾ ڀائي بندي ڪري
ڇڏي آھي ۽ اوھان منجھان ھڪڙي جي عمر ٻئي کان زياده
ٿو ڪرڻ گھران. ھاڻي ٻڌايو تھ ڪنھن کي وڏي عمر
بخشان يعني ڪير ٿو اوھان منجھان پنھنجي لاءِ ننڍي
عمر ۽ ٻئي لاءِ وڏي عمر چاھي. ٻنھي ڄڻن اھو چاھيو
تھ منھنجي عمر زياده ٿئي يعني ايثار جو مضمون ڪنھن
بھ پسند نھ ڪيو. باري تعاليٰ جي طرفان ارشاد ٿيو
تھ ٻئي حضرت عليءَ جي برابر بھ نھ ٿي سگھيا جو مان
ھن ۾ ۽ پنھنجي حبيب محمد ۾ ڀائيبندي ڪئي آھي تھ ھو
اڄ رات محمد ' جي بستري تي ھن جي جان بدران پنھنجي
جان فدا ڪرڻ لاءِ ليٽيو پيو آھي ۽ چاھي ٿو تھ
منھنجي زندگيءَ کان محمد ' جي زندگي زياده ٿئي.
ھاڻي توھان ٻئي ڄڻا وڃو ۽ وڃي حضرت عليءَ جي جان
جي حفاظت ڪريو. پوءِ خداوندي ارشاد موجب حضرت
جبرئيل سيرانديءَ کان ۽ حضرت ميڪائيل پيرانديءَ
کان ٿي بيٺو ۽ حضرت جبرئيل فرمايو تھ واه! واه!
ابو طالب جا فرزند! جو الله تعاليٰ اڄ توتي فرشتن
۾ فخر جو اظھار ٿو فرمائي. پوءِ ھيءَ آيت لٿي تھ
ومن الناس من يشري نفسه ابتغاءِ مرضات الله والله
رؤوف بالعباد (۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي
راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪڻندو آھي ۽ الله
ٻانھن تي مھربان آھي).
حضرت ابو الحسن انطاڪي رحھ وٽ ھڪ دفعي ري جي متصل ھڪ ڳوٺ منجھان
اٽڪل ٽيھن کان وڌيڪ ماڻھو اچي گڏ ٿيا. ھن وٽ ڪجھھ
ٿوريون مانيون ھيون جيڪي سڀني جي لاءِ ڪافي نھ
ھيون. مانين کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڏيئو گل ڪري ڇڏيو ۽
سڀئي ماني کائڻ ويٺا. جڏھن دسترخوان کنيو ويو تھ
معلوم ٿيو تھ سموري ماني بچي پئي ھئي ۽ ڪنھن بھ
ڪجھھ نھ کاڌو ھو. ھر ڪنھن اھو خيال ڪيو تھ ٻيو
کائي ڍو ڪري، مان بکيه ئي سھي. تنھنڪري جھڙي ماني
رکيائون تھڙي دسترخوان تان کنيائون.
روايت آھي تھ شعبھ رحھ وٽ ھڪ سوالي آيو. ھن بزرگ وٽ ڪجھھ بھ ڪو
نھ ھو جو کڻي سواليءَ کي ڏئي. يڪدم گھر جي در
منجھان ڪڙو ڪنڊو ڪڍي کڻي سواليءَ کي ڏنائين ۽ ان
کان معذرت گھريائين.
حذيفھ عدوي ٿو ڳالھھ ڪري تھ مان شام جي پسگردائيءَ ۾ يرموڪ جي
لڙائي واري ڏينھن پنھنجي سوٽ جي تلاش ۾ ويس انھيءَ
ارادي سان تھ اڃا ڪجھھ ساھھ ھوندس تھ پاڻي
پياريندو مانس. تنھنڪري ٿورو پاڻي پاڻ سان کنيون
ويو ھوس. ڳولھا ڪرڻ سان جنگ جي ميدان ۾ منھنجو سوٽ
لڀي پيو. اشارو ڪري پڇيومانس تھ پاڻي پياريانءِ.
ھن اشاري ۾ جواب ڏنو تھ ھائو. جڏھن مان پاڻي پيارڻ
شروع ڪيو تھ پر منجھان ھڪ آءِ جو آواز آيو. سوٽ
چيو تھ پھريائين ھن کي وڃي پيار. اتي جو وڃي ڏسان
تھ ھشام بن عاص رضھ ھو. مان پڇيومانس تھ پاڻي
پياريانو تھ ايتري ۾ ھڪڙي ٻي آءِ ٿي. حضرت ھشام
اشارو ڪيو تھ پھريائين ھن آءِ واري ڏي کڻي وڃ. مان
اڃا ھن شخص وٽ پھتس ئي ڪين تھ ھن جو دم پرواز ڪري
ويو. اتان ھشام رضھ وٽ آيس تھ اھي بھ دارالبقا ڏي
راھي ٿي چڪا ھئا. جڏھن سوٽ وٽ پھتس تھ اھو بھ
شھادت جو جام پي چڪو ھو. خدا تعاليٰ سڀني تي رحم
فرمائي.
عباس بن دھقان جو چوڻ آھي تھ بشر بن حارث رحھ کانسواءِ ٻيو ڪو
بھ شخص اھڙو ڪونھي جيڪو جھڙو دنيا ۾ آيو ھجي تھڙو
ئي ان منجھان موٽيو ھجي. بشر بن حارٿ البتھ جھڙو
آيو ھو تھڙو ئي موٽي ويو. موت جي پٿاريءَ تي ھڪڙو
سائل ھن وٽ آيو ۽ ڪنھن ضرورت جو سوال ڪيائين. پاڻ
پنھنجو چولو لاھي سائل جي حوالي ڪيائون ۽ پاڻ ھڪڙي
ٻئي شخص کان ڪپڙو وٺي بدن ڍڪيائون ۽ انھيءَ ڪپڙي ۾
دم پورا ڪيائون.
ڪن صوفين کان روايت آھي تھ اسان پاڻ ۾ ڪي ڄڻا گڏ ٿي طرسوس جي
باب جھاد منجھان ٻاھر نڪتاسين ۽ ھڪڙو ڪتو اسان جي
پٺيان لڳي پيو. اسان ٻاھر نڪري ھڪڙي مٿاھين زمين
تي ويٺاسين. انھيءَ جاءِ جي لڳ ھڪ مردار پيو ھو.
ڪتي مردار کي ڏسي شھر ڏي موٽ کاڌي ۽ ٿوري دير
کانپوءِ جو واپس آيو تھ ويھھ کن ڪتا ھن سان گڏ
ھئا. اھي اچڻ سان سڀئي وڃي مردار تي ڪريا ۽ ھي
اسان وارو ڪتو ويھي رڳو ٻين کي تڪيندو رھيو تان جو
مردار جو گوشت سمورو کائي ويا ۽ باقي ھڏيون وڃي
بچيون. جڏھن شھر جا ڪتا کائي پي ھليا ويا تڏھن
اسان واري ڪتي وڃي ھڏين کي ڪرٽڻ شروع ڪيو ۽ انھن
منجھان پنھنجو پيٽ ڀري موٽي ويو. اھو آھي ڪن
جانورن جي ايثار جو حال.
ھن باري ۾ وڌيڪ حديثون ۽ اولياءِ ڪرام جا حالات اسان فقر ۽ زھد
جي ڪتاب ۾ ڏئي چڪا آھيون ھتي وري لکڻ جي ضرورت
ڪانھي.
بيان نائون
سخاوت ۽ بخل جي وصف ۽ حقيقت
اھا ڳالھھ شرعي دليلن سان ثبوت جي پائي کي پھچي چڪي آھي تھ بخل
مھلڪات منجھان آھي. پر انسان کي ڪھڙين ڳالھين ڪري
بخيل سمجھيو ٿو وڃي ۽ بخل اصل ۾ ڪھڙي شيءِ جو نالو
آھي اھا ڳالھھ ڏاڍي ڳوڙھي آھي. ڇاڪاڻ تھ سڀ ڪو
ماڻھو پنھنجي خيال ۾ اڻ کي سخي سمجھندو آھي
حالانڪھ ٻين جي نظرن ۾ ھو بخيل ھوندو آھي. يا وري
ڪنھن ماڻھوءَ کان ڪو ڪم ٿي ويندو آھي تھ ان لاءِ
ڪي چوندا آھن تھ اھو بخيل ناھي. انھيءَ کانسواءِ
ماڻھوءَ جو نفس مال جي محبت کان خالي نٿو ٿئي ۽
انھيءَ محبت سببان ھن جي ھردم حفاظت ڪندو ۽ ان کي
خرچ ڪرڻ کان روڪيندو ٿو اچي. پوءِ جيڪڏھن رڳو
”امساڪ“ يعني خرچ کان روڪڻ کان ئي ماڻھو بخيل ٿو
بڻجي تھ انھيءَ حالت کان تھ ڪوئي بھ خالي ڪونھي ۽
جيڪڏھن وري ”امساڪ“ کان بخل نھ ٿو ٿئي تھ پوءِ آخر
بخل جي معنيٰ ڇا آھي؟ بخل تھ امساڪ جوئي ٻيو نالو
آھي. وءِ ڪھڙو امساڪ ھلاڪ ڪندڙ آھي ۽ سخاوت جي وصف
ڪھڙي آھي جنھن سان ماڻھو سخي ٿو سڏجي ۽ سخاوت جو
ثواب حاصل ٿو ڪري انھيءَ باري ۾ مختلف قول آھن.
ڪي چون ٿا تھ بخيل اھو آھي جيڪو واجبي حق ادا نھ ڪري. انھيءَ
لحاظ کان جيڪو ماڻھو پنھنجا واجبي حق ادا ٿو ڪري
اھو بخيل نھ ليکبو. مگر اھا وصف ڪافي ناھي. ڇاڪاڻ
تھ مٿال طور جيڪو شخص ڪاسائيءَ کان گوشت يا
نانوائي کان ماني پيسن سان وٺي اچي ۽ پوءِ وري
ڪجھھ رقم وٺي انھن کي واپس موٽائي ڏئي تھ اھڙي شخص
کي بالاتفاق بخيل سڏيو ويندو آھي. ساڳيءَ طرح جيڪو
شخص پنھنجي اھل و عيال کي ڪو روزينو مقرر ڪري ڏئي
۽ ھو جيڪڏھن ھڪڙو لقمو بھ انھيءَ مقدار کان وڌيڪ
گھرن يا ڪا ٻي معمولي شيءِ ھن جي مال منجھان کائن
۽ ھو انھيءَ کي جائز نھ سمجھي تھ اھو بھ بالاتفاق
بخيل آھي. اھڙيءَ طرح جيڪڏھن ڪو ماني کائيندو ھجي
۽ ٻيو ڪوئي شخص اھڙو اچي جو کائڻ وارو سمجھي تھ ھو
مون سان مانيءَ ۾ زوري شريڪ ٿيندو ۽ انھيءَ خيال
کان ماني لڪائي ڇڏي تھ اھو تھ بخيل چئبو. حالانڪھ
انھن ٽنھي مثالن ۾ اھا ڳالھھ ڪانھي تھ ھن ڪو واجبي
حق ادا نھ ڪيو ھجي.
ڪن جو وري قول آھي بخيل اھو آھي جيڪو ”ڏيڻ کي ڏکيو سمجھي. ھيءَ
وصف بھ ناقص آھي ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ھن منجھان مراد
اھا آھي تھ ھر قسم جو ”ڏيڻ“ ھن لاءِ ڏکيو ھجي تھ
ڪيترا بخيل اھڙا آھن جن کي ٿورو ڪجھھ ”ڏيڻ“ ڏکيو
نھ لڳندو آھي. ٿورو گھڻو داڻو ڪڻو ڏئي ڇڏيندا آھن.
باقي گھڻو ”ڏيڻ“ البتھ انھن کي ڏکيو لڳندو آھي. يا
جيڪڏھن ھن منجھان اھو غرض آھي تھ ڪي شيون ”ڏيڻ“ ھن
کي ڏکيون ٿيون لڳن تھ اھا ڳالھھ سخيءَ ۾ بھ موجود
ٿي رھي. مثلا جيڪڏھن ڪنھن سخيءَ کي پنھنجو سمورو
مال ھڪ وقت ڏيڻو پوي يا ڪو وڏو حصو مال جو يڪدم
ڏيڻو پوي تھ اھا ڳالھھ ھن کي ڏکي لڳي. مگر انھيءَ
ڏکي لڳڻ ھوندي بھ سخي مرد شوم يا ڪنجوس ڪڏھن بھ نھ
سڏبو.
ساڳيءَ طرح سخاوت ۽ جود جي باري ۾ بھ جدا جدا قول آھن.
1.
ڪي چون ٿا تھ سخاوت انھيءَ جو نالو آھي جو
ماڻھو ٻئي جي حاجت بنا ڪنھن دير مدار جي فورا پوري
ڪري ۽ بنا ڪنھن احسان جتائڻ جي ڪنھن کي ڪجھھ ڏئي
ڇڏي.
2.
ڪن ماڻھن جو قول آھي تھ جود انھيءَ ڏيڻ کي ٿا سڏين
جيڪو بنا گھرڻ جي ڪنھن کي ڏنو وڃي ۽ جيڪي ڪجھھ ڏئي
انھيءَ لاءِ تصور ڪري تھ تمام ٿورو يا ڪجھھ بھ نھ
ڏئي سگھيو آھيان.
3.
ڪي چون ٿا تھ سائل کي ڏسي خوش ٿيڻ ۽ پنھنجي ڏيڻ تي
ھن کي فرحت حاصل ٿيڻ جو نالو آھي جود.
4.
ڪي ماڻھو وري چون ٿا تھ مال کي انھيءَ خيال سان
ڏيڻ تھ مال بھ خدا تعاليٰ جو آھي ۽ بندا بھ انھيءَ
جا آھن تنھنڪري خدا تعاليٰ جو بندو خدا تعاليٰ جو
مال ٿو ڏئي ۽ غربت ۾ بک کان نٿو ڊڄي انھيءَ کي جود
سڏبو آھي.
5.
ڪن جو خيال آھي تھ ڏيڻ جا ٽي درجا آھن. ھڪ درجو
اھو آھي جو ماڻھو ڪجھھ مال ڏئي ڇڏي ۽ ڪجھھ بچائي
تھ اھا آھي سخاوت. ٻيو درجو اھو آھي جو گھڻو مال
ڏئي ڇڏي ۽ باقي ڪو ٿورو وڃي پاڻ لاءِ بچائي تھ اھو
آھي جود، ٽيون درجو اھو آھي تھ انسان پاڻ تڪليف
برداشت ڪري ۽ ٻئي جي تمنا پوري ڪري اھو آھي ايثار
جڏھن وري صفا خرچ نھ ڪيو وڃي تھ اھو آھي بخل.
ھن قسم جا قول تمام گھڻا آھن مگر بخل ۽ جود جي
حقيقت ڪنھن منجھان بھ صاف معلوم نٿي ٿئي. انھي
واسطي اسان انھيءَ کي تفصيل سان ٿا لکون. اصلي
ڳالھھ ھيءَ آھي تھ مال ھڪ حڪمت ۽ مقصد لاءِ پيدا
ڪيو ويو آھي يعني مال خلق خدا جي حاجتن کي پوري
ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو آھي. ھاڻي اھا ڳالھھ
ممڪن آھي تھ جنھن ڳالھھ ۾ ان کي خرچ نھ ڪرڻو ھجي
انھيءَ ۾ خرچ ڪيو وڇي ۽ انھن ٻنھي ڳالھين جي
درميان اھو بھ ممڪن آھي تھ خرچ پوري ھنڌ ڪيو وڃي
يعني جتي روڪڻ ضروري آھي اتي روڪيو وڃي ۽ جتي خرچ
ڪرڻ ضروري آھي اتي خرچ ڪيو وڃي. پوءِ معلوم ٿيو تھ
خرچ ڪرڻ واري جاءِ تي خرچ نھ ڪرڻ کي بخل ٿو سڏجي ۽
خرچ نھ ڪرڻ واري جاءِ تي رچ ڪرڻ کي اسراف ٿا چون.
انھن ٻنھي ڳالھين جي وچ ۾ درميانو خرچ ڪرڻ ۽
درميانو خرچ نھ ڪرڻ سڀ کان بھتر حالت آھي ۽ سخاوت
۽ جود بھ انھيءَ درمياني حالت جو نالو آھي ڇاڪاڻ
تھ آنحضرت ' جن کي بھ سخاوت جو حڪم ھيو مگر انھيءَ
سان گڏ خداوند ڪريم جو اھو ارشاد بھ ھو تھ ”ولا
تجعل يدڪ مغلوله اليٰ عنقڪ ولا تبسطھا کل البسط (۽
نڪي پنھنجي ھٿ کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ بند ڪر ۽ نڪي اھو
سارو کولي ڇڏ).
۽ اھو پڻ بار بار واضح ڪيو ويو تھ ”والذين اذا
انفقوا لم يسرفوا ولم يفتروا وڪان بين ذالڪ قواما
(۽ اھي جڏھن خرچ ڪندا آھن تڏھن نڪي اجايو خرچيندا
آھن ۽ نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن ٻنھي جي وچ ۾ پورا
ھلندا آھن).
ھنن مثالن ۽ اشارن منجھان معلوم ٿيو تھ اوسط يا
درمياني درجي خرچ ڪرڻ واري حالت جيڪا اسراف ۽
ڪنجوسي يا قبض ۽ بسط يا خرچ ۽ امساڪ جي وچ ۾ آھي
ان کي جود سمجھڻ گھرجي. مگر ھن ۾ بھ ھڪڙي ڳالھھ
تمام ضروري آھي تھ ھيءُ ڪم فقط ظآھري عضون سان ٿيڻ
ڪافي ناھي جيسين دل بھ انھيءَ تي راضي نھ ھجي ۽
تڪرار نھ ڪري. مثلا جنھن جاءِ تي خرچ ڪرڻو ھو اتي
خرچ نھ ڪيو ويو مگر نفس انھيءَ لاءِ جھڳڙو ٿو ڪري
۽ خرچ ڪرڻ وارو انھيءَ جھڳڙي کي برداشت ٿو ڪري تھ
اھڙي ماڻھوءَ کي سخي نھ سڏبو بلڪھ ھو ھڪ بناوتي
سخي سڏبو. ھن منجھان ثابت ٿيو تھ دل جو مال سان
صرف ايترو تعلق رھڻ گھرجي جو ان کي فقط ضروري خرچن
لاءِ خرچ ڪرڻ واسطي ھجي ۽ انھيءَ کان وڌيڪ ان مان
ڪو بھ واسطو يا لاڳاپو نھ ھئڻ کپي. باقي رھي اھا
ڳالھھ تھ ھيءُ معاملو واجب مقدار جي ڄاڻڻ تي ٿو
دارومدار رکي تھ ڪھڙو ۽ ڪيترو خرچ ڪرڻ واجب آھي.
انھيءَ باري ۾ معلوم ھئڻ گھرجي تھ واجب ٻن قسمن جا
آھن. ھڪڙا اھي جيڪي شرعي حڪم سان واجب ھجن ۽ ٻيا
اھي جيڪي عادت ۽ مروت جي لحاظ کان واجب ٿا ٿين
انھيءَ حساب سان سخي اھو ئي ٿيندو جيڪو پنھنجي مال
کي نھ شرعي واجبات تي خرچ ٿيڻ کان روڪيندو ۽ نھ
مروت جي ضرورتن کي پوري ٿيڻ کان جھليندو. انھن
ٻنھي منجھان جيڪڏھن ھڪ کي بھ ڇڏي ڏيندو تھ بخيل
بڻبو. البتھ جيڪو شرعي واجبات ادا نھ ڪندو اھو
زياده بخيل بڻبو. مثلا ڪو شخص مال جي زڪوات نھ ڏئي
يا پنھنجي اھل و عيال کي واجب خرچ نھ پھچائي يا
زڪوات ڏئي مگر ھن جي دل تي بار محسوس ٿئي تھ اھڙي
ماڻھوءَ کي طبيعت جو بخيل سڏبو جيتوڻيڪ ھو تڪليف
سان ڏئي بھ ٿو. يا جيڪو شخص ڏيڻ مھل خراب مال ڏئي
۽ چڱو چڱو مال يڻ لاءِ دل نھ چويس ۽ نھ اوسط درجي
جي مال ڏيڻ تي راضي ٿئي تھ اھو بھ بخيل ئي آھي.
مروت جي لحاظ کان جيڪو خرچ ضروري آھي اھو ھيءُ آھي تھ ادنيٰ ۾
ادنيٰ شين جي ڏيڻ وٺڻ ۾ تنگي نھ ڪري. ھيءُ ھڪ بري
ڳالھھ آھي ۽ اھا برائي حالتن ۾ ماڻھن جي لحاظ کان
جدا جدا قنديون آھن جو انھن ۾ تونگر ماڻھوءَ جي
تنگي ڪرڻ بري معلوم ٿيندي آھي ۽ فقير ماڻھوءَ جي
نھ. يا ماڻھو پنھنجي اھل و عيال سان تنگي ڪري تھ
بري معلوم ٿي ٿئي ۽ اجنبين سان بري معلوم نھ ٿي
ٿئي. يا پاڙيوارن سان تنگي ڪرڻ بنسبت پري وارن سان
تنگي ڪرڻ جي پري ٿي لڳي. يا مھماني ڪرڻ ۾ تنگي ڪرڻ
بنسبت خريد فروخت ۽ معاملات ۾ تنگي ڪرڻ جي بھ بري
ٿي لڳي. مطلب تھ نگي ڪرڻ ۾ چئن شين جي اختلاف ھئڻ
ڪري چار جدا جدا حالتون پيدا ٿيون ٿين.
1.
پھرين ڳالھھ آھي تھ ”ڪم“ مختلف ھجن. ھڪڙي ڪم ۾
تنگي ڪرڻ بڇڙو ڪم آھي ۽ ٻئي ۾ نھ. جھروڪ مھمانيءَ
۾ تنگي ڪرڻ بڇڙي آھي ۽ ڏيتي ليتي ۾ نھ.
2.
ٻي ڳالھھ آھي تھ جنھن ”شي“ ۾ تنگي ڪئي وڃي اھا ھڪ
ٻئي کان جدا ھجي. اھا ڳالھھ سڀڪو ماڻھو سمجھي سگھي
ٿو. کائڻ جي شين ۾ تنگي ڪرڻ ٻين شين ۾ تنگي ڪرڻ
کان وڌيڪ خراب آھي. ساڳيءَ طرح ڪفن، يا قرباني يا
صدقي جي شين جي خريد ڪرڻ ۾ تنگي ڪرڻ ۾ جھڙي برائي
ٿي ٿئي اھا ٻين شين ۾ نٿي ٿئي.
3.
ٽين شيءِ آھي اھو آدمي جنھن سان تنگي ڪئي وڃي.
جھروڪ دوست، ڀاءُ، ويجھا مائٽ، پٽ ۽ اجنبي. ھن
حالت ۾ پنھنجن سان تنگي ڪرڻ نھايت بڇڙي شيءِ آھي.
4.
چوٿين ڳالھھ آھي انھيءَ شخص جي جيڪو تنگي ڪري رھيو
آھي. سڀڪو ڄاڻي ٿو عورت جي مقابلي ۾ مرد جو تنگي
ڪرڻ، جوان جي مقابلي ۾ پوڙھي جو، جاھل جي مقابلي ۾
عالم جو ۽ مفلس جي مقابلي ۾ مالدار جو بخل ڪرڻ
نھايت برو آھي.
ھاڻي معلوم ٿيو تھ بخيل ان کي ٿو سڏجي جيڪو مال کي
اھڙيءَ طرح جاءِ تي ٿو خرچ ڪرڻ کان روڪي جتي شريعت
جي حڪم ۽ مروت جي تقاضا موجب روڪڻ نھ گھرجي ۽ ھن م
ڪو مقدار مقرر ڪونھي. ٿوري مال روڪڻ ۽ گھڻي مال
روڪڻ لاءِ حڪم ساڳيو آھي. انھيءَ کانسواءِ بخل جي
وصف ھن طرح بھ ٿئي ٿي سگھي تھ جيڪو بھ مطلب يا ڪم
يا غرض تمام اھم ۽ ضروري آھي ۽ ان تي جيڪو خرچ
ڪرڻو آھي اھو مقابلي ۾ تمام ٿورو آھي ۽ اھڙي حالت
۾ خرچ نٿو ڪجي تھ اھو بخل آھي. مثلا دين جو بچائڻ
مال جي بچائڻ بھ نسبت وڌيڪ ضرري آھي. ھاڻي جيڪڏھن
ڪو زڪوات نھ ڏيندو يا واجبي خرچ (اولاد وغيره تي)
نھ ڪندو اھو ضڙور بخيل ليکبو. ساڳيءَ طرح مروت جي
حفاظت مال جي حفاظت جي مقابلي وڌيڪ ضروري آھي.
تنھنڪري جيڪو ماڻھو ٿورين ۽ خسيس ڳالھين ۾ بھ اھڙن
ماڻھن سان تنگي ڪندو جن سان تنگي ڪرڻ مناسب ناھي
تھ اھو شص مال جي محبت سببان مروت کي ٽوڙي ٿو ڇڏي
۽ پاڻ کي بخيل سڏائڻ جو مستحق ٿو بڻائي.
ھتي ھڪرو ٻيو درجو رھجي ويو آھي. اھو ھي آھي تھ ھڪرو شخص اھڙو
آھي جيڪو شڙيعت جي حڪمن مطابق بھ خرچ ڪري ٿو ۽
مروت جو لحاظ بھ رکي ٿو يعني دوست يار ۽ آئي وئي
جي بھ خدمت چڱيءَ طرح ۽ دل کولي ٿو ڪري مگر ھن وٽ
اصل ۾ دولت تمام گھڻي آھي ۽ اھا زائد دولت فقيرن ۽
محتاجن تي خرچ نھ ٿو ڪري. ھن حالت ۾ ھن جو خيال
آھي تھ مان خدا تعال:ٰ جا ضروري حڪم سڀ مڃان ٿو پر
مون کي بھ تھ زماني جي مشڪلاتن کي اويل سويل منھن
ڏيڻ لاءِ کپي. اھڙي ماڻھوءَ کي آخرت جي نيڪيءَ جو
بھ اونو آھي ۽ ھن دنيا جي بھتريءَ جو بھ خيال رکي
ٿو. پوءِ اھڙي مطلب لاءِ مال کي روڪي پاڻ وٽ رکڻ
دانائن جي نزديڪ نھ بخل آھي مگر عوام جي اڳيان بخل
ناھي ڇاڪاڻ تھ عوام جي نظر فقط دنيا جي معاملن تي
ھوندي آھي. ھنن جي نزديڪ دنيا جي مصيبتن کي منھن
ڏيڻ لاءِ مال جو گڏ ڪري رکڻ ھڪ تمام ضروري ڪم آھي.
مگر ڪڏھن ڪڏھن عوام جي اڳيان بھ اھڙيءَ طرح وڌيڪ
مال منجھان نھ خرچ ڪرڻ بخل ليکيو ٿو وڃي. مثلا
جيڪڏھن ڪنھن مالدار جي پاڙي ۾ ھڪ غريب مفلس ۽
محتاج ماڻھو ٿو رھي ۽ مالدار ھن کي ڪا بھ مدد نھ
ڪري ۽ چوي تھ بس زڪوات جيڪا مون تي واجب ھئي اھا
تھ مان ادا ڪر ڇڏي آھي ۽ ھاڻي انھيءَ کان وڌيڪ ڏيڻ
مون لاءِ ضروري ناھي تھ اھا ڳالھھ انھيءَ پاڙيواري
کي يا ٻيو ماڻھو جيڪو اھا حالت ڏسندو يا ٻڌندو تھ
ان کي ضرور بري لڳندي ۽ انھيءَ جي برائيءَ جو درجو
محتاج جي ضرورت موافق ٿيندو. جيتري قدر اھو محتاج
سخت ضرورتمند، صالح، ديندار ۽ امداد جو مستحق
ھوندو اوتري قدر نھ ڏيڻ جي برائي بھ وڌيڪ ٿيندي.
ھن بيان جو خلاصو اھو ٿيو تھ جيڪو شخص شريعت ۽ معروف جي لحاظ
کان واجبي ۽ مناسب خرچ ٿو ڪر اھو بخل جي تھمت کان
تھ بَري ٿئي ٿو وڃي مگر جود ۽ سخا جي صفت وارو
تڏھن ٿيندو جڏھن انھيءَ مقدار کان وڌيڪ ڪجھھ خرچ
ڪندو. ڄاڻڻ گھرجي تھ فضيلت ۽ بلند درجا انھيءَ
وڌيڪ خرچ ڪرڻ سان نصيب ٿا ٿين. پوءِ جنھن جاءِ تي
شريعت ۽ مروت جي لحاظ کان خرچ ڪرڻ واجب ناھي اتي
ڪنھن جي دل خرچ ڪرڻ چاھي ۽ انھيءَ خرچ ڪرڻ ۾ ھن جي
دل تي بھ ڪنھن قسم جو بار نھ ٿئي تھ پوءِ جيتري
قدر اھو ائد خرچ ڪيو ويندو اوتري قدر ھو سخي ليکيو
ويندو. ھاڻي اھا ڳالھھ صاف ظاھر آھي تھ ھن خرچ ڪرڻ
جا ڪيترائي درجا ۽ ڏاڪا ٿي ٿا سگھن تنھنڪري ئي
ھڪڙا ماڻھو ٻين کان وڌيڪ سخي سڏيا ٿا وڃن.
بھرحال جود انھيءَ جو نالو آھي جو ماڻھو شريعت، مروت ۽ پنھنجي
معمولي عادت جي حد کان زياده خرچ ڪري. مگر ياد رکڻ
گھرجي تھ ھن ۾ ھڪ شرط آھي تھ ھي ڳالھيون سڀ دل جي
خوشيءَ سان ڪيون وڃن ۽ ڪنھن بھ قسم جي خدمت يا
تمنا يا مڪافات (يعني بدلو يا عيوضو) يا شڪر گذاري
يا ثنا خواني جي اميد يا توقع نھ ھجي ڇاڪاڻ تھ
جيڪو شخص شڪر گذاري يا ثنا خواني جي تمنا ٿو رکي
اھو سخي ناھي. بلڪھ ھو پنھنجي مال سان پنھنجي ثنا
۽ تعريف خريد ڪرڻ ٿ چاھي. بھتر اھي تھ ھن کي ھڪ
سوداگر ڪري ليکيو وڃي جيڪو دولت جي بدلي ۾ مدح
خواني جو مزو ۽ لطف حاصل ڪرڻ ٿو چاھي. حقيقت ۾ جود
انھيءَ خرچڻ جو نالو آھي جيڪو ڪنھن غرض جي ھجي ۽
ھن قسم جو جود سواءِ ذات پاڪ خداوندي جي ٻئي ڪنھن
بھ شخص ۾ ٿئي نھ ٿو سگھي. ماڻھوءَ لاءِ جنھن جود
جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي اھو مجازن آھي ڇاڪاڻ تھ ھن جو
ڪو بھ خرچ غرض کان خالي نٿو ٿئي. مگر جيڪڏھن
انھيءَ جو غرض صرف آّخرت جو ثواب ۽ جود جي فضيلت
حاصل ڪرڻ ھجي ۽ نفس کي بخل جي آلودگيءَ کان پاڪ
ڪرڻ جو ھجي تھ اھ ماڻھو جواد ليکبو. مگر جيڪڏھن
خرچ جو سبب ڀلا جو خوف يا ماڻھن جي ملامت جو ڏر يا
جنھن کي ڏئي ٿو ان منجھان ڪنھن نفعي جي توقع ھجي
تھ ھن قسم جو خرچڻ جود ۾ داخل ناھي ڇاڪاڻ تھ ھي
شيون گويا ھتي جو ھتي ان جو عيوضو ٿي ٿيون وڃن ۽
عيوض وٺڻ وارو جواد سڏجي نٿو سگھي.
روايت آھي تھ ھڪ عابده عورت، حبان بن ھلال رحھ جي اڳيان اچي
بيٺي. ھو پنھنجن دوستن سان ويٺو ھو. مائيءَ چيو تھ
توھان منجھان ڪو اھڙو آھي جو مان ان کان مسئلو
پڇان. مانھن حبان رحھ ڏانھن اشارو ڪري چيو تھ ھن
کان جيڪي پڇڻو اٿئي سوڪ پڇ. مائيءَ سوال ڪيو تھ
اوھان سخاوت ڇا کي ٿا سڏيو. ھنن چيو تھ دنيا خرچ
ڪرڻ ۽ ايثار ڪرڻ کي. مائي؛ءَ چيو تھ اھا تھ ٿي
دنيا جي سخا، دين جي سخا ڪھڙي آھي؟ جواب ڏنائونس
تھ دين جي سخا اھا آھي تھ خدا تعاليٰ جي عبادت
سخاوت واري دل سان ڪئي وڃي ۽ اھا عبادت دل تي ڳري
بھ نھ گذري. مائي پڇيو تھ انھيءَ ۾ ثواب جي تھ نيت
آھي يا نھ چيائون تھ ھائو ثواب جي اميد آھي.
مائيءَ پڇيو تھ ڇو. ھنن چيو تھ خدا تعاليٰ اسان
سان وعدو ڪيو آھي تھ ھڪ نيڪيءَ جي عيوض ڏھھ نيڪيون
ڏنيون وينديون. مائيءَ چيو تھ سبھان الله! جڏھن ھڪ
ڏئي ڪوئي ڏھھ ٿو وٺي تھ باقي دل جي سخاوت ڪھڙي
چئبي. تنھن تي ھنن مائيءَ کان پڇيو تھ ڀلا تنھنجي
خيال ۾ سخاوت اھا آھي تھ خدا تعاليٰ جي عبادت
اھڙيءَ طرح ڪريو جو اطاعت ۾ لذت ۽ مزو حاصل ٿئي ۽
گران بھ نھ گذري ۽ انھن ڳالھين سان گڏ اجر جي نيت
بھ نھ ھجي ۽ ”مرضي موالي ازھمھ اوليٰ“ (يعني موليٰ
سائينءَ جي مرضي سڀ کان بھتر آھي) وارو قصو بڻجي
وڃي. توھان کي انھيءَ ڳالھھ جو شرم نٿو اچي جو ڌڻي
تعاليٰ کي اوھان جي دلين جو حال معلوم ٿي وڃي تھ
اوھان ھڪ شيءِ جي عيوض ۾ ٻي شيءِ ٿا گھرو. اھڙي
ڳالھھ تھ دنيا ۾ بھ بري لڳندي آھي. جيڪڏھن ڪنھن
ماڻھو٤ کي اھا خبر پئجي وڃي تھ فلاڻو شخص مون سان
سلوڪ انھيءَ واسطي ٿو ڪري تھ مان ھن کي ھڪ جي
بدران ھڪ کان گھڻو ڌيان نھ ھو بيشڪ اھڙي شخص کان
ھرگز خوش ڪو نھ ٿيندو. ساڳيءَ طرح ھڪڙي ٻئي عابده
عورت جو قول آھي تھ اوھان ماڻھن کي ھي خيال آھي تھ
سخاوت درھمن ۽ دينارن مان ٿي ٿئي. ماڻھن پڇيس تھ
ٻي ڪھڙي شيءِ سان ٿي ٿئي. مائيءَ چيو تھ سخاوت
منھنجي خيال ۾ جان جي ڪرڻ گھرجي ۽ انھيءَ جو تفسير
محاسبي رحھ جي قول ۾ آھي جنھن ۾ فرميو اٿن تھ
سخاوت دين ۾ اھا آھي تھ ماڻھو رڳو خدا جي واسطي
پنھنجي نفس سان کيڏي ۽ جان جو ڏيڻ ۽ پنھنجو خون
خدا جي راھھ ۾ وھائڻ برو معلوم نھ ٿئي ۽ اھو سڀ دل
جي سخاوت سان ڪري ۽ حواب جي نيت نھ دنيا ۾ ھجي ۽
نھ آخرت ۾ ھجي ۽ جيڪڏھن ثواب جي ضرورت بھ ھجي مگر
سخاوت جي خوبي دل تي اھڙي ڄمي وڃي جو ثواب کي خدا
تعاليٰ جي اختير تي ڇڏي ڏجي ايتري قدر جو خداوند
ڪريم انھيءَ شخص مان اھو معاملو ڪري جو ھن جي وھم
گمان ۾ ئي نھ گذريو ھجي.
بيان ڏھون
بخل جو علاج
اھو تھ معلوم ٿي چڪو آھي تھ بخل جو سبب مال جي محبت آھي. ھاڻي
معلوم ھئڻ گھرجي تھ مال جي محبت جا وري ٻھ سبب
آھن.
پھريون سبب آھي شھوتن جي محبت جيڪا مال کان سواءِ حاصل نٿي ٿي
سگھي ۽ ھن ۾ طول امل يعني پنھنجي وڏي عمر جي ڊگھي
اميد بھ اچي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ تھ انسان جيڪڏھن اھو
خيال ڪري تھ مان سڀاڻي مري ويندس تھ پوءِ جيڪر مال
جو بخل نھ ڪري. ھن صورت ۾ جيڪو مقدار انسان کي ھڪ
ڏينھن يا ھڪ مھيني يا ھڪ سال لاءِ ڪافي ٿيڻ وارو
آھي اھو بلڪل پورو آھي. انھيءَ کان زياده جيڪي آھي
اھو رکڻ فضول آھي بعضي ڊگھي اميد ھن طرح ھوندي آھي
جو ماڻھوءَ کي پنھنجي زندگيءَ جي تھ توقع ڪا نھ
ھوندي آھي مگر جيئن جو اولاد وارو ھوندو آھي
تنھنڪري اولاد جو فڪر ھن جي لاءِ طول امل جي صورت
اختيار ڪندو آھي. انھيءَ اولاد جو جيئڻ بھ ھو
پنھنجي زندگي ڪري تصور ڪندو آھي ۽ انھن لاءِ مال
کي خرچ ڪرڻ کان روڪيندو آھي ۽ انھيءَ لحاظ کان
آنحضرت ' جن فرمايو آھي تھ ”اولاد، بخل ۽ نامردي ۽
جھالت جو باعث آھي“. جڏھن وري اولاد لاءِ غريب ٿي
وڃڻ جو خوف طاري ٿيندو آھي ۽ رزق جي ملڻ تي پڪو
ڀروسو نھ ھوندو آھي تھ خواھ مخواھھ بخل بھ پڪو
پختو ٿي ويندو آھي. |