ھي بھ فرمايو اٿن تھ ”دنيا ڪن جي پاڻ طالب آھي.“
(يا درکو تھ) جيڪي ماڻھو آخرت جا طالب آھن انھن کي
دنيا ساري زندگي پڪاريندي ٿي رھي ۽ جيڪي وري دنيا
جا طلاب آھن تن کي آخرت ھردم پڪاريندي ٿي رھي تان
جو موت اچي ٿو انھن جي گردن تي سوار ٿئي.“
حضرت موسيٰ بن يسار رضھ کان ھيءَ حديث بيان ٿيل آھي تھ ”بيشڪ
الله جل شانه پنھنجي نزديڪ ڪا بھ مخلوق، دنيا کان
وڌيڪ خراب ۽ بڇڙي پيدا نھ ڪئي آھي ۽ ڌڻي تعاليٰ
جيئن جو ھن کي پيدا ڪيو آھي تھ وري ھن ڏي ڪرامت
(عزت ۽ شفقت) جي نظر نھ ڪرڻ فرمائي آھي.“
روايت آھي تھ حضرت سليمان بن دائود عليه السلام ھڪ ٻئي اسرائيل
جي عابد وٽ تشريف فرما ٿيو. لشڪر پاڻ سان گڏ ھين.
سڄي کابي جن ۽ ماڻھو قطارون ٻڌيون بيٺا ھئا ۽ پکي
پرنده مٿان ڇانو ڪيون بيٺا ھئا. عابد عرض ڪيو تھ
اي ابن دائود! خداوند ڪريم توکي تھ وڏي سلطنت عطا
فرمائي آھي. پاڻ اھو ٻڌي فرمايائون تھ مؤمن جي
اعمالنامي ۾ ھڪ دفعو سبحان الله چوڻ ھن ساري ڪروفر
۽ شان شوڪت کان بھتر آھي. ڇاڪاڻ تھ ھي جيڪي مون کي
مليو آھي سو سڀ فاني آھي ۽ الله جو ذڪر (موت
کانپوءِ بھ) ھميشه گڏ رھڻ وارو آھي.
آنحضرت ' جن فرمايو تھ قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ
”الھڪم التّڪاثر“ (ي انسانو!) اوھان کي پاڻ ۾
گھڻائي (تي مرڪڻ يا فخر ڪرڻ) ويسلو ڪري ڇڏيو آھي.
ھن جو مطلب آھي تھ انسان ھر دم چوندو ٿو رھي تھ
”ھي بھ منھنجو! ھي بھ منھنجو!“ حالانڪھ ھن جي لاءِ
فقط ايتري قدر آھي جيتري قدر ھن کائڻ ۾ کپايو يا
پائڻ ۾ ڳاريو يا خيرات ۾ ڏئي جمع ڪرايو.“ وڌيڪ
فرمايائون تھ ”دنيا گھر آھي انھيءَ جو جنھن کي گھر
نھ ھجي ۽ مال آھي انھيءَ جو جنھن کي مال نھ ھجي ۽
ھن کي ميڙي يا گڏ اھو ٿو ڪري جنھن کي عقل ڪينھي ۽
ھن تي دشمني يا عداوت اھو ٿو رکي جنھن کي علم
ڪونھي ۽ انھيءَ تي حسد اھو ٿو ڪري جنھن کي سمجھھ
ڪانھي ۽ ھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش اھو ٿو ڪري جنھن
کي يقين ڪونھي.“ ۽ فرمايائون تھ جنھن جو حال اھو
ٿي وڃي جو دنيا ئي ھن جو مقصد ھجي تھ اھو شخص الله
تعاليٰ جي سامھون ڪنھن بھ شمار ۾ نٿو رھي ۽ ڌڻي
تعاليٰ ھن جي دل کي چار عادتون چنبڙائي ٿو ڇڏي. ھڪ
”فڪر ۽ تردد“ جنھن کان ڪڏھن بھ الڳ نٿو ٿئي. ٻي ڪا
نھ ڪا ”مشغولي يا ڌنڌو“ جنھن کان ڪڏھن بھ فراغت
نٿي مليس. ٽين .مفلسي يا غربت“ جو ھو ڪڏھن بھ
تونگر يا غني ٿي نٿو سگھي (يعني دنيا جي لالچي
ماڻھوءَ کي ھڪ نھ ٻي حاجت ھوندي ئي ھوندي آھي)
چوٿين ”آرزو يا ڊگھي اميد“ جنھن جي انتھا يا
پڇاڙيءَ کي ڪڏھن بھ نھ پھچي.
حضرت ابوھريره رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ' جن مون کي ارشاد
فرمايو تھ مان توکي دنيا ۽ جيڪي ڪجھھ ان ۾ آھي اھو
ڏيکاريان. مان عرض ڪيو تھ وڏي مھرباني، پوءِ پاڻ
منھنجي ھٿ کان وٺي مدينھ منوره جي ھڪ جھنگل ۾
تشريف فرما ٿيا. اتي ھڪ جاءِ تي کوپڙيون، پخانو،
اڳڙيون ۽ ھڏن جون ناليون پيل ھيون. حضرت محمد ' جن
فرمايو تھ اي ابوھريره! ھي کوپڙيون بھ اھڙي ئي طرح
سان ذوق شوق، ناز نخرا ۽ آرزو ۽ تمنائون رکنديون
ھيون جھڙيءَ طرح توھان ٿا رکو مگر اچ انھيءَ حال
کي پھتيون آھن جو ھنن جي مٿان کل بھ ڪا نھ بچي آھي
۽ ٿورن ڏينھن اندر ڳري خاڪ ٿي وينديون ۽ ٻيو ھي
پاخانو جو ڏسين ٿو اھو اصل ۾ انھن ماڻھن جي غذا جي
صورت ۾ ھو. خبر ناھي تھ الائي ڪٿان ڪٿان ڪمائي اھا
غذا کاڌي ھئائون ۽ اڄ اھا غذا اھڙي ٿي وئي آھي جو
توکي ان کان نفرت ٿي اچي. ھي اڳڙيون (جيڪي ھوا ۾
ھيڏي ھوڏي ڦرنديون ٿيون وتن انھن جي پوشاڪ جون
نشانيون آھن ۽ ھي ھڏن جون ناليون انھن جي چوپائي
جانورن جون آھن جن تي چڙھي ھڪڙي شھر کان ٻئي شھر
تائين اھي کوپڙيون گھمنديون ڦرنديون وتنديون ھيون.
پوءِ ھاڻي جڏھن اھو حال آھي ھن ناپائدار ۽ بي بقا
گھر جو تھ ھي رڳو عبرت ۽ روئڻ جو مقام آھي. حضرت
ابوھريره ٿو فرمائي تھ جيسين اسان چڱي طرح سان اتي
روڄ راڙو نھ ڪيوسين تيسين انھيءَ جاءِ تان نھ
ھٽياسين يعني) خوب روئي پوءِ اھا جاءِ ڇڏيون.
روايت آھي تھ الله تعاليٰ جڏھن آدم عليه السلام کي دنيا تي لاٿو
تھ ھن کي ارشاد فرمايو تھ ”(دنيا ۾) عمارت
بڻائيندين (آخر) ويران ٿيڻ لاءِ ۽ ٻار ڄڻيندين
(آخر) فوت ٿيڻ واسطي“. يعني تون دنيا ۾ جيڪي بھ
اڏيندين سو آخر ويران ٿي ويندو ۽ جيڪي ڄڻيندين اھو
آخر فوت ٿي ويندو. اھا آھي دنيا جي اصليت ۽ ماھيت.
حضرت دائود بن ھلال رضھ ٿو فرمائي تھ حضرت ابراھيم عليه السلام
جي مصحيفن يعني آسماني يا مقصدس پچن ۾ لکيل آھي تھ
اي دنيا! صلاح بندن جي اڳيان ڏاڍي ذليل آھين. ھن
جي اڳيان تون گھڻو ئي بڻجي سينگار ڪري ٿي اچين مگر
مان انھن جي دلين ۾ تنھنجي خلاف بغض وجھي ڇڏيو
آھي. ھو تنھنجي طرف ڪڏھن بھ منھن نھ ڪندا. ڪا بھ
ٻي شيءِ، مان توکان وڌيڪ ذليل پيا نھ ڪئي آھي.
تنھنجي ھر ھڪ حالت ذليل آھي ۽ آخر تون فنا ٿيڻ
واري آھين، جنھن ڏينھن مان توکي پيدا ڪيو آھي
انھيءَ ڏينھن ئي حڪم ڪري چڪو آھيان تھ تون ڪڏھن بھ
ڪنھن وٽ نھ رھندينءَ ۽ نھ وري ڪو ٻيو تو وٽ رھندو
پوءِ ھو ڪيترو بھ کڻي بخل يا ڪنجوسي ڪري خوش نصيب
آھن اھي نيڪ ماڻھو جن جي دلين ۾ منھنجي رضا ۽ جن
جي ضميرن ۾ راستي (سچائي) ۽ استقامت (پڪي بيھڪ)
آھي. انھيءَ جو عيوض ۽ حواب مون وٽ اھو ھوندو تھ
جڏھن قبرن منجھان اٿي منھنجي طرف ايندا تھ انھن جي
اڳيان اڳيان نور ھوندو ۽ فرشتا انھن جي چوڌاري
ھوندا. جيتري قدر بھ رحمت جي ھو مون کان توقع يا
اميد رکندا مان انھن کي اوتري عطا ڪندس.
ھڪڙي حديث ۾ آنحضرت ' جن ٿا فرمائين تھ ”دنيا کي جڏھن کان الله
تعاليٰ پيدا ڪيو آھي تھ ھوءَ اجڙيل حال ۾ آھي ۽
ڌڻي تعاليٰ ان جي طرف نظر نٿو فرمائي. قيامت جي
ڏينھن عرض ڪندي تھ اي منھنجا الله! اڄ ڪنھن پنھنجي
ادنيٰ وليءَ کي مون منجھان ڪو حصو عطا فرماءِ.
ارشاد ٿيندو تھ ناچڇيز چپ ڪر! دنيا ۾ تھ مان توکي
انھن لاءِ پسند نھ فرمايو باقي اڄ اچي مان پسند
ڪندس تھ تون انھن وٽ ھجين.“
حضرت آدم عليه السلام جي قصي ۾ ذڪر آيل آھي تھ جڏھن انھن منع
ڪيل وڻ منجھان ڪجھھ کاڌو تھ انھن جي ڀيٽ ۾ گڙ ٻڙ
ٿي ۽ اھا ڳالھھ جنت جي ٻين غذائن ۾ نھ ھئي جو کائڻ
سان پاخاني جي ضرورت پوي. صرف انھيءَ وڻ ۾ اھا
خاصيت رکي وئي ھئي ۽ منع بھ انھيءَ سبب جي ڪري ڪئي
وئي ھئي. غرض تھ حضرت آدم عليه السلام قضاء حاجت
(پاخاني ڪرڻ) لاءِ ھيڏي ھوڏي گھمڻ شروع ڪيو. ھڪ
فرشتي کي الله تعاليٰ حڪم ڪيو تھ ھن کان پڇ تھ ڇا
کپيس. حضرت آدم عليه السلام چيو تھ مان ھي ٿو
چاھيان تھ منھنجي ڀيٽ ۾ جيڪا بلا آھي ان کي جيڪر
ڪٿي ڪڍي ڦٽو ڪريان. فرشتي الله تعاليٰ جي ارشاد ۽
اشاري موجب چيس تھ ھتي ڪھڙي جاءِ انھيءَ جي لائق
ٿئي ٿي سگھي. ھتي تھ فرش، تخت، نھرون ۽ وڻن جون
ڇانئون لڳيون پيون آھن، انھن منجھان ڪا بھ جاءِ
انھيءَ جي قابل ناھي انھيءَ لاءِ تون دنيا ۾ (لھي)
وڃ.
ھڪ حديث ۾ آھي تھ قيامت جي ڏينھن ڪي ماڻھو اھڙا ايندا جن جا عمل
تھامھ جي ماٿريءَ جي ٽڪرن جيڏا ھوندا. انھن لاءِ
حڪم ٿيندو تھ دوزخ ۾ وٺي وڃون. ماڻھن عرض ڪيو تھ
يا رسول الله! اھي شخص نمازي ھوندا؟ پاڻ فرمايائون
تھ ھا نماز بھ پڙھندا ھوندا. روزا بھ رکندا ھوندا
۽ ڪجھھ رات جو جاڳندڙ بھ ھوندا مگر انھن ۾ اھا
ڳالھھ ھوندي تھ جڏھن دنيا جي ڪا اعليٰ چيز بھ انھن
جي سماھون اچي ويندي ھئي تھ انھيءَ ۾ وڃي ٽپو ڏئي
پوندا ھئا.
ڪن خطبن ۾ پاڻ ڪريم ' جن ارشاد فرمايو تھ مؤمن ٻن خوفن جي وچ ۾
آھي. ھڪ خوف جو وقت اھو اٿس جيڪو گذري ٿو وڃيس.
پتو نٿو پويس تھ الله تعاليٰ انھيءَ لاءِ الائي ڇا
ڪريس ۽ ٻيو خوف جو وقت اھو اٿس جيڪو اڃا اچڻ وارو
آھي. پتو نٿو پويس تھ الله تعاليٰ انھيءَ لاءِ
ڪھڙو حڪم فرمائيندو. پوءِ بندي کي گھرجي تھ پنھنجي
نفس لاءِ توشو (يعني سفر جو سامان) پنھنجي نفس کان
وٺي ۽ دنيا منجھان آخرت لاءِ ۽ زندگي منجھان موت
لاءِ ۽ جواني منجھان ٻڍاپي لاءِ سامان تيار ڪري
ڇاڪاڻ تھ دنيا بيشڪ اوھان جي لاءِ پيدا ڪئي وئي
آھي ۽ اوھان آخرت جي لاءِ. قسم آھي مون کي انھيءَ
ذات جو جنھن جي قبضي ۾ منھنجي جان آھي تھ موت کان
پوءِ معافي گھرڻ جي ڪا بھ جاءِ ڪانھي ۽ ھن دنيا
(منجھان وڃڻ) کانپوءِ ڪو بھ گھر ڪونھي سواءِ بھشت
يا دوزخ جي.
حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ارشاد آھي تھ مؤمن جي دل ۾ دنيا ۽
آخرت ٻنھي جي محبت ڪٺي رھي نٿي سگھي جھڙيءَ طرح ھڪ
ٿانءَ ۾ باھھ ۽ پاڻي گڏ رھي نھ ٿا سگھن. روايت آھي
تھ حضرت جبرائيل عليه السلام حضرت نوح عليه السلام
جي خدمت ۾ عرض ڪيو تھ اوھان جي عمر سڀني نبين کان
وڏي رھي آھي. اوھان دنيا کي ڪيئن ڏٺو. پاڻ
فرمايائون تھ مون کي ائين معلوم ٿيو تھ ھڪ گھر کي
ٻھ دروازا آھن. ھڪڙي منجھان اندر وڃي ٻئي منجھان
نڪري آيو آھيان. حضرت عيسيٰ عليه السلام کي ماڻھن
عرض ڪيو تھ گھر لاءِ ڪا عمارت ٺھرايو. فرمايائين
تھ اسان کان اڳيئي ٻين ماڻھن جا کنڊر يعني ويران
ٿيل محلاتن ۽ ماڙين جا ڍير ڪافي لڳا پيا آھن.
آنحضرت ' جن فرمائن ٿا تھ ”دنيا کان حذر (پاسو) ڪريو، ھوءَ
ھاروت ۽ ماروت کان بھ وڌيڪ جادو ڄاڻي.
حضرت حسن رضھ کان روايت آھي تھ ھڪڙي ڏينھن آنحضرت ' جن پنھنجن
اصحابن وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ فرمائڻ لڳا تھ توھان
منجھان ڪنھن کي اھا ڳالھھ کپي تھ الله تعاليٰ ھن
کي بينا (اکين وارو) ڪري ۽ نابينائي ھلي وڃيس.
سمجھي ڇڏيو تھ جيتري قدر جنھن شخص جي رغبت دنيا جي
طرف ھوندي ۽ ان ۾ ڊگھيون اميدون رکندو اوتري قدر
الله تعاليٰ ھن کي انڌو رکندو ۽ جيڪو پنھنجا ڌنڌا
بھ مختصر ڪندو ۽ دنيا ۾ زھد ۽ پرھيزگاري ڪندو تھ
خداوند ڪريم ھن کي بنا سکڻ جي علم ڏيندو ۽ بنا
ڪنھن جي ٻڌائڻ جي سڌو رستو ڏيکاريندو ۽ ھي بھ ياد
رکو تھ توھان کانپوءِ عنقريب اھڙا ماڻھو ايندا جن
وٽ سلطنت سواءِ ظلم ۽ خون ۽ قتل جي نھ رھندي.
تونگري سواءِ فخر ۽ ڪنجوسيءَ جي نھ ھوندي ۽ محبت
سواءِ غرض جي نھ رکندا، پوءِ جيڪو شخص اوھان
منجھان اھو زمانو ڏسندؤ ۽ باوجود تونگري حاصل ڪرڻ
جي سگھھ ھئڻ جي فقر (يعني مسڪيني حال) تي صبر ڪندو
۽ دشمني ۽ ذلت کي (باوجود عيوضي وٺڻ جي طاقت ھئڻ
جي) برداشت ڪندو ۽ انھيءَ صبر ۽ تحمل منجھان سواءِ
موليٰ پاڪ جي رضامندي جي ٻيو ڪو بھ مطلب نھ رکندو
تھ اھڙي شخص کي الله تعاليٰ پنجاھ صديقن جو ثواب
عنايت فرمائيندو.
روايت آھي تھ ھڪڙي دفعي حضرت عيسيٰ عليه السلام تي ڏاڍو اچي
مينھن وسيو ۽ ڪڪر بھ ڏاڍيون پيا گجگوڙيون ڪن. پاڻ
خيال ڪيائون تھ ڪنھن جاءِ تي پناھھ وٺڻ گھرجي. پري
کان ھڪڙو تنبو نظر آين، ان جي ڀرسان آيا تھ معلوم
ٿين تھ ان ۾ ھڪ عورت ويٺي آھي. ھن کي ڏسي اتاھون
ٻئي طرف ڏي لاڙو ڪيائون. آخر تڪر جي ھڪ غار ۾ وڃڻ
جو ارادو ڪيائون. ڏسن تھ ان م شينھن بيٺو آھي.
انھيءَ شينھن تي ھٿ رکي چوڻ لڳا تھ اي منھنجا
الله! تو سڀني لاءِ رھڻ جي جاءِ ٺاھي آھي. مگر
منھنجي لاءِ ڪا بھ جاءِ ڪانھي. غيبي آواز ٻڌڻ ۾
آين تھ تنھنجي جاءِ منھنجي رحمت ۾ آھي. قيامت جي
ڏينھن تنھنجو وھانءُ سو حورن سان ڪندس جن کي مان
پنھنجي ھٿ سان ٺاھيو آھي. چئن ھزار سالن تائين
تنھنجي ويليمي جي دعوت کارائيندس جن منجھان ھڪ
ڏينھن، دنيا جي عمر جي برابر ھوندو ۽ ھڪڙي
پڙھيواري (منادي) کي حڪم ڪندس تھ پڙھو ڏئي تھ
جيترا بھ دنيا جا زاھد ۽ پرھيزگار آھن انھن کي چوي
تھ ھلو عيسيٰ پٽ مريم دنيا کي ترڪ ڪندڙ جي وليمي
(شاديءَ جي دعوت) ۾ ھلي شامل ٿيو.
ٻي روايت ۾ آھي تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام ٿو فرمائي تھ مون کي
دنيا واري جي حال تي وڏو افسوس آھي تھ ڪيئن ھو ھن
جي فريب ۾ اچي آخر پاڻ مري ٿو وڃي ۽ ان کي ڇڏي ٿو
وڃي. دنيا تھ ھن کي رسوا ٿي ڪري ۽ ھو وري ان تي
وڏو اعتبار رکيون ويٺو آھي ۽ ھن جي دوکن کان بيخوف
ٿو رھي ۽ وڏو افسوس آھي انھن جو جن دوکو کائي جنھن
شيءِ کي برو ٿي سمجھيو (يعني آخرت) ھاڻي انھن جي
سامھون ايندي ٿي رھي ۽ پنھنجن (دنيا وارين) محبوب
شين کان جدا ٿي ٿا وڃن ۽ جيڪ وعدو (قيامت وغيره
جو) ان سان ڪيو ويندو ھو اھو ان وقت اچي ٿو پھچي ۽
ارمان آھي انھيءَ تي جيڪو دنيا کي نظر ۾ رکي خطائن
۽ بدڪارين کي پنھنجو دستور العمل ٿو بڻائي نيٺ
انھن گناھن ۽ خطائن جي نصيحت ۽ رسوائي اکين جي
اڳيان اچي بيھندس.
روايت آھي تھ الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام تي وحي موڪليو
تھ اي موسيٰ! تنھنجو انھن ظالمن جي گھر ۾ ڪھڙو ڪم
آھي. ھي تنھنجو گھر ناھي، پنھنجي ھمت کي انھيءَ
دنيا کان الڳ ڪري ڇڏ ۽ پنھنجي عقل سان انھيءَ کان
جدا ٿي وڃ. ھي ڏاڍو بڇڙو گھر آھي مگر جيڪو نيڪ ڪم
ڪندو ان لاءِ ھي چڱو بھ آھي. اي موسيٰ! مان ظالم
جي تاڙ ۾ لڳو پيو ھوندو آھيان جيسين ھن کان مظلوم
جو بدلو نھ وٺان.
حضرت ابو عبيده بن الجراح رضھ کي آنحضرت ' جن بحرين موڪليو ھو.
اتان جڏھن ھو موٽيو تھ ڪجھھ مال آندو ھئائين. ھن
جي اچڻ جي خبر ٻڌي سڀئي انصار اچي صبح جي نماز ۾
حضور ' جن سان شريڪ ٿيا. جڏھن حضور ' جن نماز پڙھي
چڪا ۽ تشريف وٺي وڃڻ تي ھئا تھ سڀئي روڪجي بيھي
رھيا. حضور ' جن انھن کي ڏسي مسڪرايو ۽ چيو تھ مون
کي ائين پيو معلوم ٿئي تھ اوھان ٻڌو آھي تھ ابو
عبيده ڪجھھ مال کڻي آيو آھي. انھن عرض ڪيو تھ ھائو
سائين، تنھن تي حضور ' جن فرمايو تھ اوھان کي
خوشخبري ھجي جو الله تعاليٰ اوھان کان تڪليف پري
ڪئي. خدا ٿو ڄاڻي تھ مون کي انھيءَ ڳالھھ جو خوف
ڪونھي تھ ڪو اوھان محتاج ٿي ويندو مگر ھن ڳالھھ جو
البتھ خوف آھي تھ توھان تي دنيا جي زيادتي نھ ٿي
وڃي جيتري اوھان کان اڳين ماڻھن تي ٿي ۽ انھن جھڙي
رغبت اوھان ۾ بھ پيدا ٿي وڃي ۽ پوءِ دنيا اوھان کي
بھ انھن وانگر تباھھ ڪري ڇڏي.
حضرت ابو سعيد خدري رحھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ' جن فرمايو آھي تھ
”سچ پچ مون کي سڀ کان وڌيڪ جيڪا شيءِ اوھان جي
باري ۾ خوف ۾ ٿي وجھي سا اھا آھي جيڪا الله تعاليٰ
اوھان جي لاءِ زمين جي برڪتن جي صورت ۾ اڀاريندو.“
اصحابن عرض ڪيو تھ اھي ”زمين جون برڪتون“ ڇا آھن؟
فرمايائون تھ ”زھرت الدنيا يعني دنيا جي رونق يا
سونھن ۽ تروتازگي“ ٻي حديث ۾ وري فرمائن ٿا تھ
”دني جي ذڪر يا بيان ڪرڻ ۾ پنھنجن دلين کي مشغول
نھ ڪريو. ”ھيءَ ھڪ وڏي غور ۽ فڪر جي ڳالھھ آھي جو
پاڻ ڪريم ' جن دنيا جي ڳالھھ ڪرڻ کان بھ منع
فرمائي آھي ان کي حاصل ڪرڻ تھ درڪار رھيو.
عمار بن سعيد رحھ ٿو روايت ڪري تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو
گذر اچي ھڪڙي ڳوٺ وٽان ٿيو جنھن جا باشندا سڀ گھرن
جي اڱڻ ۽ رستن تي مئا پيا ھئا. حوارين (پوئلڳن) کي
فرمايائون تھ ھي ماڻھو غضب الھٰي ھيٺ ھلاڪ ٿيا آھن
نھ تھ ھو جيڪو ھڪٻئي کي دفن ڪن ھا. حوارين عرض ڪيو
تھ انھن جي حقيقت جيڪڏھن ڪنھن طرح معلوم ٿئي ھا تھ
ڏاڍو چڱو. ھضرت عيسيٰ عليه السلام الله پاڪ جي
حضور ۾ عرض ڪيو. ارشاد ٿيس تھ رات جي وقت انھن کي
پڪارجانءِ تھ توکي جواب ڏيندا. جڏھن رات ٿي تڏھن
حضرت عيسيٰ عليهلام ھڪ دري تي چڙھي سڏ ڪيو تھ اي
ڳوٺ وارو! اتاھون ڪنھن جواب ڏنو تھ ڪھڙو حڪم آھي
اي روح الله! پاڻ فرمايائونس تھ پنھنجي حال جي خبر
ڏي. ھن جواب ڏنو تھ شام جو چڱيءَ طرح کائي پي
ستاسين. صبح جو سڌو وڃي دوزخ ۾ پياسين. پاڻ
فرمايائونس تھ ان جو سبب ڇا ھو؟ ھن عرض ڪيو تھ
اسان ماڻھن کي دنيا جي محبت ھئي ۽ گناھگارن جي
فرمانبرداري ۽ تابعداري ڪندا ھئاسين. پاڻ
فرمايائونس تھ توھان دنيا کي ڪيتري قدر پيار ڪندا
ھيو. ھن عرض ڪيو تھ جيترو ھڪڙو ٻار پنھنجي ماءُ کي
پيار ڪندو آھي جو جڏھن ھوءَ سامھون ايندي آھي تھ
خوش ٿيندو آھي ۽ جڏھن پري ھلي ويندي آھي تھ ڏک ۾
ڀرجي روئڻ لڳندو آھي. پاڻ فرمايائونس تھ تنھنجا
ساٿي جواب ڇو نھ ٿا ڏين. ھن عرض ڪيو تھ انھيءَ ڪري
جو انھن جي وات ۾ باھھ جا لڳام لڳا پيا آھن ۽ انھن
جون واڳون تيز ماج فرشتا ڇڪيون بيٺا آھن. پاڻ
فرمايائونس تھ انھن منجھان تون ڪيئن ٿو ڳالھائين.
ھن عرض ڪيو تھ مان انھن منجھان تھ ڪو نھ ھيس. پر
جيئن جو مان انھن سان گڏ رھندو ھوس تنھنڪري عذاب
مون کي بھ نھ ڇڏيو. ھاڻي مان دوزخ جي ڪپر تي ٽنگيو
پيو آھيان. خبر نھ ٿي پوي تھ انھيءَ کان بچندس يا
انھيءَ ۾ اڇليو ويندس. پاڻ يڪدم حوارين ڏانھن
متوجھ ٿي فرمايائون تھ جون جي ٿلھي ماني لوڻ سان
کائي، سڻيءَ جو ٿلھو ڪپڙو ڍڪي ۽ ڪنھن ڍير تي سمھي
پوڻ ڪافي آھي جيڪڏھن انسان کي دنيا ۽ آخرت جي
تندرستي نصيب ٿئي.
حضرت انس رصھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ' جن جي ھڪ ڏاچي غضباء نالي
ڏاڍي تکي ھوندي ھئي ۽ ڪائي بھ سواري واري ڏاچي ھن
کان اڳ ڪڏھن اڳ ڪڍي نھ سگھندي ھئي. ھڪڙو اعرابي
پنھنجي ھڪ ڏاچي وٺي آيو. اھا ھن کان اڳ ڪڍي وئي.
مسلمانن کي ھيءَ ڳالھھ ڏاڍي اڻ وڻندڙ لڳي.“ پاڻ
فرمايائون تھ تحقيق الله تعاليٰ تي اھو واجب آھي
تھ نھ بلند ڪري ڪنھن بھ شيءِ کي دنيا ۾ مگر انھيءَ
لاءِ تھ آخر پست ڪري ان کي“ (يعني ھر ڪمال کي زوال
ضرور اچڻو آھي).
حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ارشاد آھي تھ ڪوئي سخص سمنڊ جي موج
تي عمارت نٿو اڏائي سگھي. (سمنڊ جي موج منجھان
مراد دنيا آھي) تنھن ڪري ان کي پنھنجو قرار گاھھ
نھ سمجھو ۽ ڪن حوارين عرض ڪيو تھ اسان کي ھڪ ئي
ڳالھھ ٻڌائي ڇڏيو جنھن سان الله تعاليٰ اسان سان
محبت ۽ پيار ڪري، پاڻ فرمايائون تھ دنيا سان بغض
رکو خدا تعاليٰ اوھان سان محبت ڪرڻ فرمائيندو.
حضرت ابودرداء رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ حضور ' جن فرمايو تھ
”جيڪڏھن توھان ڄاڻو اھو جيڪي مان ڄاڻان ٿو تھ جيڪر
کلو ٿورو ۽ روئو گھڻو ۽ ذليل ٿي وڃي دنيا اوھان جي
اڳيان ۽ اوھان جيڪر ترجيح ڏيو (۽ اختيار ڪريو)
آخرت کي.“ ۽ ھي خود حضرت ابودرداء رضھ جو قول آھي
تھ مان ڄاڻان ٿو تھ جيڪڏھن اھو ھال اوھان کي معلوم
ٿئي تھ جيڪر اوھان مٿي جي وڏن دڙن تي نڪري پنھنجي
لآءِ ڙ؟ُ ۽ پنھنجو مال اھڙي حالت ۾ ڇڏيو جو ان جو
ڪو سنڀال ڪرڻ وارو نھ ھجي ۽ نھ وري ڪو ان مال جي
پڇا ٿي ڪري سواءِ ايتري مقدار جي جيڪو ھن جي ضرورت
۾ ھجي مگر اوھان جي دلين منجھان آخرت جي يادگيري
ھلي وئي اھي ۽ انکان پري پئجي ويا آھيو. تڏھن دنيا
اوھان تي ڇانئجي وئي آھي ۽ اوھان پورا پورا جاھل
بڻجي ويا آھيو توھان منجھان ڪي نھ ڍورن کان برا ٿي
ويا آھن ڇاڪاڻ تھ ھو عاقبت جو علم بھ رکن ٿا مگر
تڏھن بھ پنھنجي تمنائن کي نٿا ڇڏين. توھان کي ڇا
ٿيو آھي جو پاڻ ۾ محبت ۽ نصيحت نٿا ڪريو. دين جا
ڀائر تھ سڏايو ٿا مگر اندر جي پليديءَ جي ڪري
اوھان جون سڌون ۽ خواھشون جدا جدا آھن. جيڪڏھن
ڪنھن چڱيءَ ڳالھھ تي اتفاق ڪريو ھا تھ يقينا ھڪ
ٻئي کي محبت بھ ڪريو ھا. اھا ڪھڙي عجيب ڳالھھ آھي
جو دنيا جي ڪمن ۾ تھ ھڪٻئي جي خير خواھي ڪريو ٿا
مگر دين جي ڳالھين ۾ نٿا ڪريو. ڪنھن کان بھ پنھنجي
دوست جي خير خواھي ڪا نھ ٿي ٿئي سگھي ۽ نھ آخرت جي
ڪم ۾ ان جي ڪا مدد ڪئي ٿي وڃي. اھي ڳالھيون ايمان
جي ضعف (ھيڻائي يا گھٽتائي) سببان آھن. جيڪڏھن
آخرت جي خير ۽ شر (نيڪي ۽ بدي) کي يقيني ڪري سمجھو
ھا جھڙيءَ طرح دنيا جي برائي ڀلائيءَ کي يقيني ڪري
ٿا ڄاڻو تھ پوءِ جيڪر رڳو آخرت جي ئي طلب اختيار
ڪريو ھا ڇاڪاڻ تھ انھيءَ منجھان ئي سڀ ڪم درست ٿا
ٿين، جيڪڏھن ھي کڻي چئو تھ آخرت غائب آھي ۽ دنيا
موجود آھي تنھنڪري جيڪا شيءِ نقد ۽ ھن وقت حاضر
آھي انھيءَ جي محبت غالب ٿي ٿئي تھ ھي منطق يا
اصول بھ اجايو آھي ڇاڪاڻ تھ اسان ڏسون ٿا تھ دنيا
۾ جيڪي شيون اوھان جي سامھون موجود ناھن (جھڙوڪ
آئينده جي ترقي جون تمنائون ۽ اميدون وغيره) انھن
لاءِ سون قسمن جون مصيبتون برداشت ڪندا آھيو ۽ ڏک
سھندا آھيو ۽ ويھن نمونن جون اٽڪلون ۽ حرفتون
ويڙھاکئيندا آھيو تھ اھي ڳالھيون ڪيئن بھ ڪري حاصل
ٿي وڃن. ياد رڳو جنھن واسطي ھي سڀ ڪري رھيا آھيو
اھا بھ بلڪل ھڪ وھمي شيءِ آھي. شايد ايتري محنت
سان بھ حاصل ٿي نھ سگھي. جيڪڏھن سچ ڪري پڇو تھ
توھان نيڪ ۽ صالح ناھيو ڇاڪاڻ تھ جن ڳالھين ڪري
اوھان جو ايمان ٺيڪ ۽ سلامت رھي ھا انھن ڳالھين تي
اوھان جو اعتقاد ٺيڪ ناھي. جيڪڏھن اوھان کي انھن
ڳالھين ۾ سڪ ٿو پوي جيڪي رسول ڪريم ' جن آنديون
آھن تھ اسان وٽ اچو تھ اسان اوھان کي صاف ڪري
ٻڌايون ۽ ايمان جي نور سان اھا شيءِ اوھان کي
ڏيکاريون جنھن سان اوھان کي اطمينان ٿي ُڇي. خدا
جو قسم آھي تھ اوھان عقل ۾ گھٽ ناھيو جو اسان
توھان کي معذور سمجھون. دنيا جي ڪمن ۾ اوھان جي
راءِ ڏاڍي پڪي پختي ھوندي آھي ۽ پنھنجا سڀ ڪم وڏي
ھوشياري سان ڪندا آھيو. پوءِ ھيءَ ڪھڙي ڳالھھ آھي
جو ٿوري دنيا ٿي اوھان کي کڻي ملي وڃي تھ انھيءَ
تي اوھان ھشاش بشاش يا گد گد ٿا ٿيو ۽ جيڪڏھن وري
ٿوري ڪا شيءِ نھ ٿي ملي يا ھٿن مان نڪري ٿي وڃي تھ
ان تي رنج ٿا ڪريو ايتري قدر جو اوھان جي چھري تي
رنج جا آثار نمودار ٿا ٿين ۽ زبان تي شڪايتون اچي
ٿيون وڃن. انھ:ءَ کي مصيبت جو نالو ٿا ڏيو ۽ ان
لاءِ وڏو ارمان ۽ ماتم ٿا ڪريو. مگر توھان منجھان
ڪيترن دين کي ڪافي ڇڏي ڏنو آھي تھ انھيءَ ڳالھھ تي
نھ تھ اوھان جو چھرو ٿو بگڙي ۽ نھ توھان جي ڪا
حالت ٿي مٽجي. مون کي ھي ٿو معلوم ٿئي تھ الله
تعاليٰ اوھان تي ناراض ٿي ويو آھي. اوھان پاڻ ۾
ملو ٿا تھ اندر اندر ۾ ائين ٿا چاھيو تھ جيڪر ھڪ
ٻئي کان جلد جدا ٿي وڃون. اوھان منجھان ڪنھن کي
اھا ڳالھھ چڱي نٿي لڳي تھ ٻئي جي سامھون اوھان
اھڙي ڪا ڳالھھ ڪريو جو ھن کي بڇڙي لڳي. انھيءَ خوف
کان متان ھو بھ وري اھڙيءَ طرح پيش نھ اچي (يعني
توھان جا عيب نھ کولي) مطلب تھ ڪيني کي ساڻ کنيون
ٿا وتو. اوھان جون ڳالھيون گند جي ڍير تي سائي
گاھھ جو مثال آھن ۽ اوھان وڏي ڳالھھ کي صفا ڇڏي
ڏنو آھي. منھنجو الله تعاليٰ کي سوال آھي تھ مون
کي توھان کان نجات عطا فرمائي ۽ انھيءَ شخص سان
ملائي جنھن جو ديدار جو مان مشتاق (طالب) آھيان.
جيڪڏھن اھو زندھ ھجي ھا تھ اوھان جون اھي ڳالھيون
ھرگز برداشت نھ ڪري ھا. ھاڻي جيڪڏھن توھان ۾ ڪا
ڀلائي آھي تھ مون کان جيڪي اوھان کي ٻڌڻو ھو سو
اوھان ٻڌو. جيڪڏھن اوھان اھا شيءِ ٿا گھرو جيڪا
خدا تعاليٰ وٽ آھي تھ انھيءَ کي حاصل ڪرڻ اوھان کي
ڏاڍو آسان لڳندو ۽ ان جو حاصل ٿيڻ ھرگز ڏکيو يا
مشڪل ڪونھي الله تعاليٰ توھان کي ۽ مون کي مدد ڪري
(يعني نيڪ ڪمن جي توفيق عطا فرمائي!)“
حضرت عيسيٰ عليه السلام ٿو فرمائي تھ اي حوارين جا گروھ! دين
سڄو سارو پورو ھٿ ڪريو ۽ دنيا جي تمام ٿوري حصي تي
قناعت ڪريو جھڙيءَ طرح دنيا جا ماڻھو دنيا ساري
پوري ھٿ ۾ رکندا آھن ۽ دين جي تمام ٿوري حصي تي
راضي رھندا آھن. ھي بھ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو
قول آھي تھ اھو شخص جيڪو دنيا کي انھيءَ واسطي ٿو
طلب ڪري تھ ان سان ڪا نيڪي ڪري تھ ان جي حق ۾ نيڪي
انھيءَ ۾ آھي تھ ھو دنيا کي ترڪ ڪري (يعني دنيا کي
جيڪو ھٿ لائيندو سو ڦاسندو.
آنحضرت ' جن ٿا فرمائين تھ ”اسان کان پوءِ ھڪ دنيا ايندي جيڪا
اوھان جي ايمان کي اھڙي طرح کائيندي جھڙي طرح باھھ
کائي ڪاٺين کي.
حضرت موسيٰ عليه السلام تي خداوند ڪريم وحي موڪلي تھ اي موسيٰ
دنيا جي محبت جي طرف لاڙو نھ ڪجانءِ نھ تھ تنھنجو
ڪوئي بھ ڪبيره گناھھ انھيءَ کان وڌيڪ سخت نھ ليکيو
ويندو. ھڪڙي دفعي پاڻ ھڪڙي شخص وٽان لنگھيا جيڪو
روئي رھيو ھو. وري جڏھن اتان موٽيا تھ بھ ھن کي
روئيندو ڏٺائون. الله تعاليٰ جي حضور ۾ عرض ڪيائون
تھ اي منھنجا الله! ھي ويچارو بندو تنھنجي خوف ۾
ٿو روئي. حڪم ٿيس تھ اي موسيٰ! جيڪڏھن ھي شخص
روئندي روئندي پنھنجو ميڄالو بھ ڳوڙھن ۾ وھائي ڇڏي
۽ ھٿ ھن جا دعا ۾ مٿي کڄي کڄي ڪري ڇڻي پوندا تھ بھ
ھن جي مغفرت نھ ڪندس. ڇاڪاڻ جو دنيا جي محبت ۾
مبتلا آھي.
آثار يعني بزرگن جا قول:
حضرت علي ڪرم الله وجه ٿو فرمائي تھ جنھن شخص ۾ ھي ڇھھ شيون
موجود آھن انھيءَ جنت کي حاصل ڪرڻ لاءِ چئبو تھ
ڪائي ڳالھھ پٺتي ڪا نھ ڇڏي آھي ۽ نھ وري دوزخ کان
بچاءَ جي لاءِ ھن ھڪ دقيقھ يعني سيڪنڊ بھ ھٿ مان
ڇڏيو آھي: ھڪ تھ ھن الله تعاليٰ کي سڃاڻي پوءِ ھن
جي عبادت ڪئي. ٻيو تھ شيطان کي سڃاڻي پوءِ ان جي
نافرماني ڪئي. ٽيون تھ حق کي سڃاڻي پوءِ ان جي
تابعداري ڪئي. چوٿون تھ باطل کي ڄاڻي سڃاڻي پوءِ
ان کان بچيو. پنجون تھ دنيا کي معلوم ڪري پوءِ ان
کي ترڪ ڪيو ۽ ڇھون تھ آخرت کي سمجھي پوءِ ان جي
طلب ڪئي.
حضرت حسن رضھ ٿو فرمائي تھ خدا تعاليٰ رحم ڪري انھن ماڻھن تي جن
وٽ دنيا امانت رھي ۽ اھا ان جي حقدارن کي سونپي
پاڻ ھلڪا سلڪا ٿي (دنيا منجھان) ھليا ويا. اھو پڻ
فرمايائون تھ جيڪو شخص توسان دين جي باري ۾ منافست
يعني حرصا حرصي (چٽا ڀيٽي) ڪري تھ توکي ان سان
اھڙي حرص (جي چٽاڀيٽي) ڪرڻ گھرجي باقي جيڪو دنيا
جي ڳالھين ۾ حرص ڪري تھ اھو دنيا جو حرص ھن جي
سيني ۾ ڇڏي ڏي.
حضرت لقمان پنھنجي پٽ کي فرمايو تھ دنيا ھڪ اونھو سمنڊ آھي
انھيءَ ۾ ڪيئي ماڻھو ٻڏي ويا. تون دنيا ۾ پنھنجي
ٻيڙي تقويٰ کي بڻاءِ ۽ ايمان کي انھيءَ ۾ رک ۽
توڪل جو بادبان (سڙھھ) چاڙھھ تھ ھن موج کان
ڇوٽڪارو حاصل ڪرين. انھيءَ کان پوءِ بھ مون کي
معلوم ناھي تھ توکي ڇوٽڪارو ملي يا نھ ملي. حضرت
فضيل رحھ ٿو فرمائي تھ مان ھن آيت ۾ ڏاڍو غور ۽
فڪر ڪندو آھيان تھ ”جيڪي زمين تي آھي سو اسان ان
جي سينگار لاءِ ھن ڪري ڪيو تھ سندس آزمائش وٺون ۽
انھن منجھان عملن ۾ چڱو ڪير آھي ۽ ان زمين تي جيڪا
(ساول) آھي سا ھڪ چٽي پٽي ڪرڻ وارا آھيو.“
ڪن حڪيمن جو چوڻ آھي تھ آدميءَ کي جيڪا دنيا جي شيءِ ڪنھن ڏينھن
ملي ٿي انھيءَ جي حقيقت اھا ھوندي آھي تھ انھي
شيءِ جو پھريائين بھ ڪو مالڪ ھوندو آھي ۽ ھن
کانپوءِ بھ ھن جو ٻيو مالڪ ٿيڻ وارو آھي. ھن کي
صرف ايترو ٿو ڦٻي جيڪي صبح کان شام تائين کائي پي
ٿو ڇڏي پوءِ ھڪ روز جي لقمي لاءِ ماڻھوءَ کي تباھھ
ٿيڻ نھ گھرجي. بلڪھ انسان کي کپي تھ دنيا سان روزو
رکي ۽ آخرت سان افطار ڪري.
ياد رکڻ گھرجي تھ دنيا جي موڙي نفس جي سڌ جو نالو آھي ۽ ان جو
نفعو دوزخ جي باھھ آھي. اڳين راھين منجھان ھڪڙي
کان ڪنھن پڇيو تھ دنيا جو ڪھڙو حال آھي. جواب
ڏنائين تھ بدنن کي پراڻو ڪري ٿي ڇڏي. اميد کي تازو
ٿي رکي. موت کي ويجھو ڪندي ٿي رھي ۽ آرزوئن کي
ڊگھو ڪري پري ڇڪيندي ٿي وڃي. وري پڇيائونس تھ دنيا
جي ماڻھن جو ڪھڙو حال آھي. جواب ڏنائين تھ جنھن
ماڻھوءَ کي دنيا ملي ٿي اھو مشقت ۾ پئجي ٿو وڃي ۽
جنھن کي نٿي ملي اھو رنج ۾ ٿو رھي. ھڪڙي سياڻي جو
قول آھي تھ دنيا ھئي ۽ مان نھ ھيس ۽ دنيا ھوندي ۽
مان نھ ھوندس. مان ان جطرف رغبت نٿو ڪريان جو ان ۾
زندگي تلخ آھي ۽ ان ۾ ڪدورت جو نالو صفائي آھي ۽
ان جي ماڻھن کي ان جي طرف کان ھڪ نھ ٻيو خوف لڳو
ئي لڳو ٿو رھي. خواھ نعمت جي دور ٿيڻ جو يا کسجي
وڃڻ جو يا ڪنھن نھ ڪنھن مصيبت جي اچڻ جو يا موت جي
مٿان اچي ڪڙڪڻ جو. ڪن جو چوڻ آھي تھ دنيا ڪنھن کي
سندس حق موجب نٿي ڏئي. گھٽ وڌائي ڪا نھ ڪا ھن ۾
ضرور ھوندي آھي.
حضرت سفيان رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا جي نعمتن لاءِ ائين ڪري سمجھو
تھ انھن تي قدرت جي خفگي يا ناراضگي ٿي آھي ۽ انھن
کي نااھل ماڻھن جي حوالي ڪيو ويو آھي. حضرت ابو
سفيان دراني رحھ ٿو فرمائي تھ جيڪو ماڻھو محبت سان
دنيا جي طلب ڪندو آھي انھيءَ جو بھ اھو حال ٿو ٿئي
جو جيتري بھ ھن کي ملي ٿي ھو انھيءَ کان وڌيڪ طلب
ڪندو ٿو رھي ۽ جيڪو وري آخرت کي ٿو محبت سان طلب
ڪري انھيءَ جو بھ ساڳيو ئي حال آھي جو جيتري ھن کي
ملي ٿي ھو انھيءَ کان زياده جي گھر کي لڳو ٿو رھي
نھ دنيا جي ڪا انتھا آھي ۽ نھ آخرت جي ڪا پڇاڙي.
ھڪڙي ماڻھوءَ ابو حازم رحھ کي دنيا جي محبت جي شڪايت ڪئي تھ
باوجود انھيءَ جي جو مان ڄاڻان ٿو تھ مون کي ھن ۾
رھڻو ناھي تڏھن بھ ھن جي محبت آھي. پاڻ فرمايائونس
تھ جيڪي توکي خدا تعاليٰ ڌڻي اھو ڏسندو ڪر تھ توکي
حلال جي سبب ڪري ٿو ملي ۽ پوءِ جتي مناسب آھي اتي
ان کي خرچ ڪندو ڪر تھ پوءِ دنيا جي محبت توکي
نقصان نھ پھچائيندي ۽ اھو انھيءَ ڪري فرمايائون تھ
جيڪڏھن نفس تي رڳو محبت جي ڪري مواخذه (يعني پڪڙ
پڇاڙ) ٿئي تھ پوءِ تھ جيڪر ھن لاءِ ھڪ وڏي مصيبت
برپا ٿي وڃي ۽ تنگ ٿي جيڪر موت جي آرزو ڪرڻ شروع
ڪري ڏئي. |