ٻيو سبب ھي آھي تھ ڪو ڪم ٻين کي ڪندي ڏسي ماڻھو
پاڻ بھ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آھي ۽ ھا ۾ ھا پيو
ملائيندو آھي. مثلا جيڪڏھن پنھنجا رفيق ۽ محفل
وارا ڪنھن جي برائي بيان ڪن تھ ان وقت ھو ائين
سمجھندو آھي تھ جيڪڏھن انھن وانگر مان بھ نھ چوندس
تھ ساري سنگت ناراض ٿي ويندي يا مون کي خراب
سمجھندا ۽ مون کان پاسو ڪندا تھ انھن وانگر ھي بھ
چوڻ شروع ڪري ڏيندو آھي ۽ انھيءَ کي ھو ملي جلي
زندگي بسر ڪرڻ ۽ ميلاپي ٿي رھڻ جو سھڻو طريقو
تصور ڪندو آھي ۽ جڏھن ٻيا غصي جي حالت ۾ ڪنھن کي
برو ٿا چون تھ ھي بھ غصي ۾ انھن جي پيروي ڪري خراب
بيان ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڏئي.
ٽيون سبب آھي پيش بندي ڪرڻ – يعني جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ بابت
معلومڪ ٿئي تھ ھي شخص وڏي ماڻھوءَ وٽ منھنجي برائي
ڪندو يا منھنجي خلاف گواھي ڏيندو تھ ھن کان اڳ ۾
اٽلندو ھن جي برائي جو بيان شروع ڪري ڏيڻ، انھيءَ
لاءِ تھ پوءِ جيڪڏھن ھو ڪجھھ چوي تھ ھن جي ڪوئي نھ
ٻڌي. پھريائين مخاطب جي دل ۾ ڄمي وڃي تھ فلاڻو
ماڻھو لغو ۽ فضول ڳالھيون ڪندڙ آھي. يا پھريائين
شروعات ۾ تھ ھن جا سچا ڪم بيان ڪري ۽ پوءِ ڪوڙا
معاملا بھ ان جي طرف لڳائي بيان ڪري انھيءَ لاءِ
تھ اڳين سچين ڳالھين وانگر ھي پويون ڪوڙيون
ڳالھيون بھ مخاطب صحيحؤ تصور ڪري ۽ ھن جو ڪوڙو ۽
فريبي ھئڻ اھڙيءَ طرح مشھور ٿي وڃي ۽ انھيءَ ڳالھھ
کي اھڙيءَ طرح بيان ڪري تھ منھنجي عادت ڪوڙ
ڳالھائڻ جي ڪانھي مگر مون توسان فلاڻيون فلاڻيون
ڳالھيون جيڪي ڪيون سي سڀ منھنجون سچيون نڪتيون ۽
جيئن مون چيو ٿي تيئن ئي ثابت ٿيون.
چوٿون سبب اھو اھي تھ ڪنھن عيب يا نقص کان پاڻ کي پري ثابت ڪرڻ
جو مقصد ھوندو آھي تھ اھڙي حالت ۾ ٻئ: جو نالو وٺي
چيو ويندو آھي تھ ھن بھ ائين ئي ڪيو آھي يا ھو مون
سان شريڪ ھو. مان انھيءَ ۾ معذور آھينا. حالانڪھ
گھربو ھيئن ھو تھ پاڻ ڪو عذر ڏئي ھا ۽ ٻئي جو نالو
نھ وٺي ھا.
پنجون سبب فخر ۽ شان رکڻ جو ارادو ھوندو آھي. ھن حالت ۾ ٻئي کي
ناقص ۽ نالائق پڌرو ڪري پنھنجو افضل ۽ بھتر ھئڻ
ثابت ڪيو ويندو آھي. مثلا ڪنھن کي ھي چوڻ تھ ھو
جاھل آدمي آھي ھن جي سمجھھ ٺيڪ ناھي اجائي بڪواس
ڪندو آھي تھ ھن جو مطلب اھو ئي ھوندو آھي تھ مان
ھن جي مقابلي ۾ زياده ڄاڻڻ وارو آھيان. يا وري اھو
خوف ھجي تھ متان مون جھڙي تعظيم ھن جي بھ نھ ٿيڻ
لڳي تنھنڪري ھن جا عيب ڪڍڻ شروع ڪري ڏيندو آھي.
ڇھون سبب آھي حسد يعني جڏھن ماڻھن کي ڪنھن ڏٺو تھ فلاڻي ماڻھوءَ
جي تعريف ۽ تعظيم ٿا ڪن ۽ ھن سان محبت سان پيش ٿا
اچن تھ ھن جي حسد جي رڳ جوش ٿي کائي ۽ دل ۾ ائين
ٿو چاھي تھ ھيءَ نعمت جيڪر ھن وٽ نھ رھي، پوءِ ٻيو
تھ ڪجھھ ٿئي ڪو نھ ٿو سگھيس. باقي رڳو ھن جا عيب
ظاھر ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڏئي. انھيءَ لاءِ تھ ماڻھن ۾
ھن جي عزت نھ رھي ۽ تعظيم ۽ عزت ۽ ساراھھ کان باز
اچن. ڇاڪاڻ جو تعريف جو ٻڌڻ ۽ تعظيم جو ڏسڻ ناگوار
ٿو گذريس. انھيءَ جو نالو آھي حسد ۽ ھي غصي ۽ ڪيني
کان الڳ آھي ڇاڪاڻ تھ غصي ۽ ڪيني ۾ تھ ٻيو ماڻھو
ناراض ٿيڻ جو سبب ڏيندو آھي تڏھن تھ ڪاوڙ ۽ ڪينو
پيدا ٿيندو آھي مگر ھسد سان اھو شرط ناھي. نيڪو
ڪار ۽ سچي دوست ۽ دل جي ٺھراء واري مائٽ ۽ عزيز تي
بھ حسد بنا سبب ٿئي ٿو سگھي.
ستون سبب آھي مسخري ۽ دل وندرائڻ يعني ٻئي جي برائي بيان ڪري
کلڻ کلائڻ ۽ وقت گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
اٺون سبب اھي ٻئي جي حقارت ڪرڻ لاءِ ان کي بيوقوف بنائڻ ۽ ھي
سامھون ۽ پرپٺ ٻنھي حالتن ۾ ٿئي ٿو سگھي. ھن ۾
پنھنجي وڏائي ۽ ٻئي جي ذلت مقصود ھوندي آھي.
باقي ٽي سبب جيڪي خاص ماڻھن ۾ غيبت جو باعث ٿا بڻجن اھي ڏاڍا
دقيق ۽ باريڪ آھن. شيطان انھن کي نيڪي ۽ خير جي
شڪل ۾ ٿو پيش ڪري. انھن ۾ خير واقعي ھوندو آھي
شيطان ان سان گڏ شر بھ ملائي ٿو ڇڏي.
پھريون سبب آھي تھ دين جي باري ۾ ڪنھن جي قصور جي خبر پوندي آھي
تھ لامحالھ انسان کي تعجب لڳندو آھي. انھيءَ حالت
۾ ڪي ماڻھو چوندا آھن تھ ڏسو فلاڻي ماڻھوءَ بابت
اسان کي ھڪ عجيب ڳالھھ معلوم ٿي آھي. بيشڪ ديندار
ماڻھوءَ کان ڪنھن قسم جي خطا در حقيقت تعجب پيدا
ڪندي آھي مگر بيان ڪرڻ واري کي کپندو ھو تھ تعجب
تھ کائي ھا پر نالو ڪنھن جو نھ کڻي ھا. ھي نالي جو
کڻائڻ شيطان جو ڪم آھي. انھيءَ ڪري اھو غيبت ۾
داخل ٿي ويو ۽ ھر خوبيءَ ۾ گنھگار ٿي پيو ۽ ھن سبب
۾ اھو بھ داخل آھي جو ڪنھن جي لاءِ چئجي تھ ھيءَ
وڏي تعجب جي ڳالھھ آھي جو فلاڻي جھڙو شخص اھڙي
بدصورت عورت سان محبت رکي يا جاھلن ۾ وڃي بار بار
ويھي.
ٻيو سبب آھي ڪنھن جي خطا ڏسي رحم کائڻ ۽ رنج ڪرڻ. مثلا جڏھن
ڪنھن کي خراب ڪم ڪرڻ ۾ ڪو مبتلا ڏسي ۽ رحم ۽ قياس
کان چوي تھ اسان کي ھن ويچاري جي حال تي ڏاڍو
افسوس آھي جو ھن بلا ۾ گرفتار ٿي ويو آھي. جيتوڻيڪ
افسوس جي دعويٰ ھن جي سچي آھي مگر جيئن جو غم ۾ ھن
جو نالو کڻي ويٺو تھ ايتري ئي ڀل چوڪ کان اھو چوڻ
غيبت ۾ داخل ٿي ويو. بھر صورت ڪنھن مسلمان جي
خطاوار ٿيڻ تي غم ڪرڻ، رحم کائڻ چڱي ڳالھھ آھي مگر
شيطان ان ۾ اھو شر بھ ملائي وڌو جو ان جو نالو بھ
وٺي ويٺو. سواءِ نالي وٺڻ جي بھ تھ رنج، رحم ۽ عجب
کائڻ ممڪن آھي مگر شيطان ھن کي ثواب کان محروم رکڻ
لاءِ ھن جو نالو وٺرائي ڇڏيو.
ٽيون سبب آھي الله جي واسطي غصو يا ڪاوڙ ڪرڻ يعني جڏھن ڪنھن
ماڻھوءَ کي خراب ڪم ڪندي ڏٺو يا ٻڌو ويندو آھي تھ
ديني غيرت کان غصو ضرور ايندو آھي. انھيءَ حالت ۾
بھ جيڪڏھن ڪو نالو وٺي غصو ظاھر ڪندو تھ غيبت ۾
داخل ٿيندو. واجب ائين آھي تھ امر بالمعروف نيڪيءَ
جي ھدايت ڪرڻ) ۽ نھي عن المنڪر (بڇڙائيءَ کان
روڪڻ) لاءِ ڪاوڙ جو اظھار خاص انھيءَ ھڪ ماڻھوءَ ت
روبرو ڪري جيئن انھيءَ جي خبر ٻئي کي نھ پوي يا
ڪاوڙ جي وقت ھن جو نالو وٺي مگر ھن کي ڪجھھ گھٽ وڌ
نھ ڳالھائي. ھي ٽي سبب اھڙا آھن جو عوام تھ ٺھيو
پر علماءَ جي لاءِ بھ ڏاڍا مشڪل آھن. ڇاڪاڻ جو
ظاھر ۾ تھ ھي معلوم ٿيندو آھي تھ تعجب، رحم ۽ ڪاوڙ
جڏھن الله جي واسطي آھن تھ نالي وٺڻ لاءِ ھڪ قوي
سبب آھي حالانڪھ اھا خطا آھي.
عامر بن واسله رضھ ٿو روايت ڪري تھ ھڪڙو شخص آنحضرت ﷺ جن جي
حياتيءَ ۾ ھڪڙي ميڙ وٽان اچي لنگھيو ۽ انھن کي
سلام ڪيو. سڀني ھن جي سلام جو جواب ڏنو. جھن ھو
اڳتي وڌيو تھ انھيءَ ميڙ منجھان ھڪڙي ماڻھوءَ چيو
تھ مون کي ھن شخص سان بغض الله (خدا واسطي جو بغض
يا وير) آھي. ماڻھن چيو تھ ھيءَ تو ڏاڍي خراب
ڳالھھ ڪئي آھي. اسان ھن کي ٻڌڏايون ٿا. ۽ انھيءَ
مھل ھڪڙي ماڻھوءَ کي موڪليائون تھ تون وڃي فلاڻي
کي ٻڌاءِ تھ فلاڻو شخص تنھنجي لاءِ ھي ٿو چوي ۽
ائين ٿيو جيئن چيو پئي ويو. ھو شخص بڌنديئي وڃي
آنحضرت ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ جيڪي ھن شخص سندس
باري ۾ چيو ھو سمورو عرض ڪيائين. حضور ﷺ جن انھيءَ
شخص کي سڏائي پڇيو تھ تو اھڙا ڪلما ھن شخي جي باري
۾ چيا آھن ڇا؟ ھن جواب ڏنو تھ ھا سائين. پاڻ
فرمايائون تھ بغض جو سبب ڪھڙو آھي. ھن عرض ڪيو تھ
مان ھن شخص جو پاڙيسري آھيان ۽ ھن جي حالتن مان
خوب ٿو ڄاڻان. ھي شخص سواءِ فرض نماز جي ٻي ڪائي
نماز ڪا نھ پڙھندو آھي. ھن عرض ڪيو تھ سائين ھن
کان دريافت ڪريو تھ مان فرض نماز ۾ ڪڏھن دير ڪئي
آھي يا وضو چڱيءَ طرح نھ ڪيو اٿم يا رڪوع ۽ سجدو
بريءَ طرح ڪيو اٿم. جڏھن حضور ﷺ جن ھن کان پڇيو تھ
چيائين تھ اھا ڳالھھ ڪا نھ ٿي آھي. وري چيائين تھ
يا حضرت سواءِ رمضان مبارڪ جي ٻيو ڪو روزو ھن کي
مان رکندي نھ ڏٺو آھي ۽ ھن مھيني جا روزا تھ نيڪ
بد سڀ ٿا رکن. ھن جواب ۾ عرض رکيو تھ سائين دريافت
ڪرڻ فرمايو تھ ڪڏھن مان ڪنھن رمضان جا روزا نھ
رکيا ھجن يا ڪن روزن جو حق ادا نھ ڪيو ھجيم. پاڻ
جو دريافت فرمايائون تھ ھن چيو تھ اھا ڳالھھ تھ ڪا
نھ ٿي آھي. وري عرض ڪيائين تھ مان ھن کي سائل ۽
مسڪين کي ڪڏھن ڏيندي نھ ڏٺو آھي تھ ۽ نھ خدا واسطي
ڪڏھن خرچ ڪندي ڏٺو آھي البتھ مال جي زڪوات ڏيندو
آھي ۽ اھا تھ سڀئي ٿا ڏين. ھن عرض ڪيو تھ مھرباني
ڪري اھو پڇوس تھ ڪڏھن بھ ڏٺو اٿئين تھ مان زڪوات
گھٽ ڏني ھجي يا وقصت کي ٽاريو ھجيم. پاڻ جو دريافت
فرمايائون تھ ھن عرض ڪيو تھ اھا ڳالھھ تھ ڪا نھ ٿي
آھي. پاڻ ﷺ ارشاد فرمايائونس تھ ھليو وڃ، شايد ھي
شخص تنھنجي مقابلي ۾ بھتر ھجي. ھن سان بغض ڇو ٿو
رکين.
چوٿون بيان: غيبت کان باز رھڻ جون تدبيرون
اھو معلوم ھئڻ کپي تھ سڀني بد اخلاقن جو علاج علم ۽ عمل جي
معجون سان ٿيندو آھي ۽ ھر مرض جي دوا ان جي سبب جي
ابتڙ ٿيندي آھي يعني جيڪڏھن مرض جو سبب ٿڌ آھي تھ
علاج گرم دوائن سان ٿيندو ۽ سبب گرمي آھي تھ علاج
ٿڌين دوائن سان ٿيندو. غيبت جا سبب مٿي بيان ٿي
چڪا آھن. ھاڻي اھا خبر ھئڻ کپي تھ زبان کي غيبت
کان روڪڻ ٻن نمونن ۾ مڪن آھي. ھڪ اجمالي (يعني
گڏيل يا سڀني لاءِ ساڳيو يا مختصر) ۽ ٻيو تفصيلي
(يعني وچور سان يا ھر ھڪ لاءِ ڌار ڌار).
اجمالي علاج اھو آھي تھ ماڻھو يقين ڪري وٺي تھ غيبت جي ڪري
خدائي غضب يا ڏمر ۾ گرفتار ٿيندس. جھڙوڪ حديثن ۽
بزرگن جي قولن منجھان معلوم ٿي چڪو آھي ۽ اھو پڻ
سمجھي تھ انھيءَ جي ڪري قيامت جي ڏينھن نيڪيون
بيڪار ٿي وينديون ڇاڪاڻ تھ غيبت ۾ جنھن شخص جي ھتڪ
ٿيندي، نيڪيون ان کي ملي وينديون ۽ جيڪڏھن گلا
ڪندڙ وٽ نيڪيون تھ ھونديون تھ ٻئي ماڻھوءَ کان
سواءِ مٿان رھندو. خدا تعاليٰ جي اڳيان گويا ھي
شخص مردار خور آھي. بلڪھ جيڪڏھن بدين جو پڙ ڳورو
ٿي جھڪي پيو تھ ماڻھو دوزخي پوندو. فرض ڪيو تھ ھن
جون نيڪيون ۽ بديون برابر آھن. مگر عيبت جي سبب ھڪ
نيڪي ٻئي کي ملي وئي يا ھڪڙي بدي وڌيڪ اچي ھن جي
پڙ ۾ پئي تھ ٻنھي صورتن ۾ بدين جو پڙ ڳرو ٿي ويندو
۽ ان وقت ھن لاءِ سواءِ دوزخي ھجڻ جي ٻيو ڪھڙو
نتيجو نڪرندو يا گھٽ ۾ گھٽ درجو سزا جو اھو آھي تھ
نواب گھٽ ملي يعني جڏھن مواخذه ۽ پڇاڻو ۽ سوال
جواب ۽ حساب ڪتاب ٿي چڪي ۽ فرض ڪيون تھ ڪجھھ
نيڪيون باقي رھيون تھ جيترو نواب غيبت نھ ھئڻ ڪري
ھن کي بدلي ۾ ملي ھا اوترو غيبت ھئڻ ڪري نھ ملندو.
حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”باھھ خشڪيءَ کي ايترو جلد
نٿي لڳي جيترو غيبت بندي جي نيڪين کي ٿي لڳي (۽
ساڙي).“ ۽ ھڪ روايت ۾ آھي تھ ڪنھن حضرت حسن رحمت
الله عليه کان پڇيو تھ مان ھي ٻڌو آھي تھ توھان
منھن جي غيبت ٿا ڪريو. پاڻ فرمايائونس تھ منھن جي
نظرن ۾ تنھنجو ايترو قدر ڪونھي جو پنھنجون نيڪيون
تنھنجي حوالي ڪريان. مطلب تھ جڏھن ماڻھو انھن
حديثن تي يقين ڪندو جيڪي غيبت جي باري ۾ وارد ٿيل
آھن تھ ڀو کان غيبت تي زبان نھ کلندس.
ٻي اجمالي تدبير اھا آھي تھ جڏھن غيبت جو خيال اچي تھ پنھنجي دل
۾ فڪر ڪري تھ ڪو عيب مون ۾ بھ آھي يا نھ. جيڪڏھن
ڪوئي عيب پاڻ ۾ لڀيس تھ پھريائين ان کي دور ڪرڻ
لاءِ مشغول ٿي وڃي ۽ آنحضرت ﷺ جن جي ھن قول کي ياد
ڪري تھ ”خوشخبري ھجي ان کي جنھن کي پنھنجي عيب بين
جي عيبن کان مشغول رکيو (يعني پنھنجي عيب ٻين جي
عيبن ڏي ڌيان ئي نھ ڏيڻ ڏنس).“ ۽ جڏھن ماڻھوءَ کي
پاڻ ۾ عيب ٻين جي عيبن کان مشغول رکيو (يعني
پنھنجي عيب ٻين جي عيبن ڏي ڌيان ئي نھ ڏيڻ ڏنس).“
۽ جڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ ۾ عيب موجود ھجي تھ ھن کي
گھرجي تھ ھن ڳالھھ جو شرم ڪري جو پاڻ کي تھ بڇڙو
نھ چوي باقي ٻين کي بدنام ڪندو وتي. ھن کي اھا
ڳالھھ سمجھڻ گھرجي تھ جھڙيءَ طرح مان پنھنجو عيب
دور ڪري نھ سگھيو آھيان. تھڙيءَ طرح اڳلو بھ
ويچارو اصلاھ نھ ڪري سگھڻ ۾ جبور ھوندو ۽ ھيءَ
حالت بھ انھيءَ صورت ۾ آھي جو ٻئي ماڻھوءَ ۾ عيب
اھڙي قسم جو ھجي جيڪو ھن جي اختيار کان ٿيو ھجي
ورنھ جيڪڏھن ڪو پيدائشي يا طبعي يا ظاھري عضون جو
عيب آھي تھ انھيءَ عيب کي برو سمجھڻ تھ معاذ الله
خالق حقيقي کي بري سمجھڻ جي برابر آھي. جھڙوڪ
ڳالھھ ٿا ڪن تھ ھڪڙي ماڻھوءَ ڪنھن سياڻي ماڻھوءَ
کي چيو تھ ”اي بد صورت!“ ھن جواب ڏنس تھ صورت ٺاھڻ
تھ منھنجي ھٿ ۾ نھ ھئي جو مان پاڻ کي چڱو بڻايان
ھا.
مگر جيڪڏھن ڪو شخص پاڻ ۾ عيب ڪو بھ ڪو نھ ٿو ڏسي تھ خدا تعاليٰ
جا شڪرانا بجا آڻي ۽ انھيءَ صورت ۾ غيبت جيڪا سڀ
کان وڏو عيب آھي انھي ۾ مبتلا نھ ٿئي. مئل ڀاءُ جي
گوشت کائڻ کان زياده بڇڙي ۽ خراب ٻي ڪھڙي شيءِ
ھوندي. پوءِ جيڪڏھن سچ پچ پاڻ کي عيبن کان صاف ٿو
سمجھي تھ ھن کي گھرجي تھ زبان ويچاريءَ کي ھن غليظ
۽ گندي شيءِ سان نھ ڀري. مگر جيڪڏھن انصاف جي نظرن
سان ڏٺو ويندو تھ ڪو بھ انسان عيب کان خالي ڪونھي.
جيڪڏھن ڪو پاڻ کي عيب کان پاڪ ٿو سمجھي تھ اھا محض
حماقت ۽ ناداني آھي. پوءِ بھتر اھو آھي تھ بين جي
غيبت ڪرڻ وقت اول پنھنجي نفس جي اصلاح جو خيال
ضرور رکي.
ٽين اجمالي تدبير اھا آھي تھ ماڻھو ھي خيال ڪري تھ جيڪڏھن ڪوئي
شخص منھنجي غيبت ڪري تھ مون کي ڪيتري نھ بڇان لڳي.
اھڙيءَ طرح جيڪڏھن مان ٻين جي غيبت ڪندس تھ انھن
کي بھ ايترو ئي رنج ۽ صدمو پھچندو. پوءِ جھڙيءَ
طرح اھا ڳالھھ چڱي نٿي لڳي جو ٻيو ڪو پنھنجي گلا
ڪري تھ پاڻ کي بھ کپي تھ ٻئي جي گلا ۾ مشغول ٿيڻ
جي ڪوشش نھ ڪجي. ھي آھن اجمالي تدبيرون.
تفصيلي علاج اھو آھي تھ جيڪو سبب غيبت جو ھجي ان کي دور ڪرڻ
گھرجي ڇاڪاڻ تھ بيماري تڏھن ڇڏيندي آھي جڏھن ان جي
سبب کي ختم ڪبو آھي.
جيڪڏھن غيبت جو سبب غضب يا ڪاوڙ ھجي تھ ان کان ھن طرح بچڻ
گھرجي. دل ۾ تصور ڪجي تھ جيڪڏھن مان ھن تي غصو
ڪڍندس تھ خدا تعاليٰ غيبت جي ڪري مون تي غصو يا
ڪاوڙ ھاريندو ڇاڪاڻ تھ ھن تھ حڪم ڪيو ھو تھ گلا نھ
ڪجانءِ مگر مان ھن جي حڪم جي انحرافي ڪئي ۽ ھن جي
روڪڻ جي حقيقت کي ڪجھھ بھ نھ سمجھيم. حديث ۾ آھي
تھ ”دوزخ جو ھڪ دروازو آھي جنھن ۾ ڪوئي بھ داخل
نھ ٿيندو سواءِ انھيءَ ماڻھوءَ جي جيڪو پنھنجو غصو
خدا تعاليٰ جي نافرماني ڪرڻ سان ٿو لاھي.“ حضور ﷺ
جن اھو پڻ فرمايو آھي تھ ”جيڪو الله تعاليٰ کان
ڊڄندو آھي ان جي زبان بند ھوندي آھي ۽ ڪڏھن بھ غصو
نھ ڪڍندو آھي.“ ۽ فرمايائون تھ جنھن شخص کي غصي
ڪڍڻ جي پوري پوري طاقت ھجي ۽ ھو ان کي پي وڃي تھ
الله تعاليٰ يامت جي ڏينھن سڀني ماڻھن جي سامھون
ان کي مڏائي فرمائيندو تھ حورن منجھان جيڪا توکي
پسند ڪرڻي آھي سا ڪر. ڪن نبين عليھم السلام جي
صھيفن ۾ آھي تھ خداوند ڪريم جل شانه ٿو فرمائي تھ
اي آدم جي اولاد! جڏھن تون ڪاوڙ ڪرين تھ مون کي
ياد ڪندو ڪر تھ مان توکي پنھنجي غصي جي وقت ياد
ڪندس يعني تباھھ ڪرڻ وارن سان گڏ توکي تباھھ نھ
ڪندس.
جيڪڏھن عيبت جو سبب دوستن يارن سان ھيڪڙائي ڪرڻ ۽ انھن کي ڏسي
انھن وانگر ڪرڻ واري حالت ھجي تھ جنھن ڳالھھ کان
ڏئي سڳورو ناراض رھي انھيءَ ۾ جيڪڏھن مخلوق راضي
ٿي تھ ڇا ٿي پيو. اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو ٻانھو
مانھو ٻين جي خاطر پنھنجي آقا کي ناخوش ڪري ۽ جيڪو
ائين ڪري تھ ان جھڙو نادان ۽ نمڪ حرام ڪوئي ڪونھي.
ھا اھا ڳالھھ ٻي آھي تھ غصو الله واسطي ھجي مگر ان
۾ بھ انھيءَ ڳالھھ جو خيال رھي تھ جنھن تي غصو ھجي
ان جي باري ۾ ڪو بيجا ڪلمو نھ نڪري بلڪھ دوستن کان
بھ جيڪڏھن ھن بابت ڪا بيجا ڳالھھ صادر ٿئي تھ
انھيءَ تي بھ غصو ڪري ڇاڪاڻ تھ انھن اھو ھڪ وڏو
گناھھ ڪيو جنھن جو نالو غيبت آھي.
جيڪڏھن عيبت جو سبب پنھنجي نفس کي پاڪ ۽ آزاد ڪرڻ آھي يعني ٻئي
جو نالو انھيءَ ڪري ٿو وٺي تھ ماڻھو ھن کي بي خطا
تصور ڪن، انھيءَ خيال کان تھ اھرو ڪم چڱا ماڻھو بھ
ڪن ٿا تھ ان جو علاج ھي آھي تھ خيال ڪري تھ مخلوق
جي ناراضپي کان خالق جي ناراضگي ڏاڍي سخت آھي ۽
غيبت جي ڪري ڌڻي تعاليٰ جي ناراضگي تھ قطعا ھوندي
آھي. ازانسواءِ جنھن مطلب جي واسطي غيبت ڪريان ٿو
اھو ھڪ وھمي ڪم آھي ڇاڪاڻ تھ ڪھڙي خبر تھ غيبت ڪرڻ
کانپوءِ بھ ماڻھو ھن کي برو ڪري ليکن الائي نھ.
بھر صورت ھن ۾ خدا تعاليٰ جو غصو ۽ آخرت ۾ تباھھ
ٿيڻ ۽ نيڪين جو نقصان تھ گرو خاص موجود آھي ۽ دنيا
جي اڳيان ٿوري سرخروئي آھي. انھيءَ معاملي کانپوءِ
بھ ماڻھن جي زبان بند ڪرڻ ھڪ وھمي ڳالھھ آڌار جي
مثال آھي تنھنڪري اھو ڪم سراسر جھالت ۽ ذلت آھي.
انھيءَ چوڻ مان ڪھڙو فائدو تھ مان حرام کاڌو تھ ڇا
ٿي پيو فلاڻو بھ تھ حرام کائيندو آھي يا جيڪڏھن
مون گناھھ ڪيو آھي تھ مان اڪيلو ناھيان فلاڻو بھ
تھ ساڳي ڳالھھ ڪندو آھي. انھيءَ ڪري تقليد ۽ اقتدا
(پيروي) انھيءَ ئي ماڻھوءَ جي مقبول ھوندي آھي
جيڪو خدا تعاليٰ جي مرضي موجب ڪم ڪندو آھي ۽
جيڪڏھن انھيءَ جي خلاف حڪم ڪري تھ اھڙي جي اقتدار
(پيروي) ھرگز نھ ڪرڻ گھرجي خواه ھو ڪير بھ کڻي
ھجي. فرض ڪيو تھ ڪو شخص باھھ ۾ ٽپو ٿو کائي ۽
توھان کي انھيءَ باھھ کان بچڻ جي طاقت حاصل آھي تھ
پوءِ اھڙي ماڻھوءَ سان ڪڏھن بھ اوھان ساٿ ڏيندؤ
ڇا؟ ۽ جيڪڏھن ڏدنؤ تھ پاڻ کي بيوقوف سڏائيندؤ. غور
ڪرڻ جي ڳالھھ آھي، تھ جيڪو ماڻھو پنھنجي جان ڇڏائڻ
لاءِ ٻئي ماڻھوءَ جو نالو ٿو وٺي ان جي ذمي ٻھ
گناھھ ٿا ٿين. ھڪ تھ غيبت ۽ ٻيو ان گناھھ جي
زيادتي ڇاڪاڻ جو عذر گناھھ بدتر از گناھھ (يعني
گناھھ لاءِ ڪو بھ عذر پيش ڪرڻ گناھھ ڪرڻ کان بھ
وڌيڪ خراب آھي). پوءِ اھڙي ماڻھوءَ تي جھالت ۽ ڪند
فھمي ٻئي ختم آھن. ھن جو مٿال اھو آھي جو ڪائي
ٻڪري ھڪڙي ٽاڪرو ٻڪر کي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان
ڪرندو ڏسي پاڻ بھ ان سان گڏ ڪري پوي. ھاڻي جيڪڏھن
انھيءَ ٻڪريءَ جي زسبان ڳالھائي ۽ چوي تھ ٻڪرو مون
کان وڌيڪ داناءُ ھو ۽ پھريائين ھو ڪريو ھو تنھن
ڪري مان بھ ڪري پيس تھ اھا ڳالھھ ٻڌي بيشڪ ماڻھن
کي کلي ايندي تھ ڪھڙو نھ جھالت جو جواب آھي. مگر
حضرت انسان جو ھوبھو اھو حال آھي. پنھنجي نفس تي
ھن کي کل نھ ٿي اچي تھ خطا جو عذر ڪھڙو نھ نامعقول
ٿو پيش ڪري.
جيڪڏھن غيبت جو سبب ھي آھي تھ ٻئي ان منھنجي فضيلت زياده ٿئي ۽
ماڻھو ٻئي جي بديءَ کان آگاھھ ٿي ھن جي تعظيم گھٽ
ڪن تھ ان جو علاج ھي آھي تھ غيبت ڪرڻ سان ڌني
تعاليٰ جي اڳيان جيڪو مرتبو ھو اھو تھ ويندو رھيو
باقي ماڻھن ۾ بھ افضل ليکجڻ ھڪ شڪي ڳالھھ آھي بلڪھ
ممڪن آھي تھ ھو بھ بداعتماد ٿي وڃن جڏھن انھن کي
معلوم ٿئي تھ ھي ماڻھو رڳو ٻين جون بديون ظاھر
ڪندو ٿو وتي. بھرحال پنھنجي عزت ۽ وقعت ڌڻي تعاليٰ
جي اڳيان تھ يقينا وڃائي ويٺو ۽ دنيا جي خيالي عزت
جو خريدار ٿيو ۽ جيڪڏھن بالغرض ماڻھن ۾ ڪجھھ عزت ۽
تعظيم ٿي بھ پئي تھ قيامت ۾ اھا ڪھڙي ڪم ايندي.
قرآن شريف ۾ آيو آھي تھ، ”مگر الله تعاليٰ جو عذاب
ڏاڍو سخت آھي.“ اتي قيامت ۾ ڪوئي پنھنجو يا پرايو
ڪنھن بھ قسم جو نفعو ڏئي نھ سگھندو.
جيڪڏھن غيبت جو سبب حسد آھي تھ ٻھ عذاب ۽ ٻيڻي مصيبت پاڻ تي
کڻئي آھي. دنيا ۾ اھڙو ماڻھو حسد جي ڪري ھميشه
سڙندو بچندو ٿو رھي ۽ اھو ڪافي نھ سمجھي بلڪھ غيبت
ڪري آخرت جو عذاب بھ پنھنجي ڳچيءَ ۾ ٿو وجھي. يعني
قرآني آيت موجب دنيا ۽ آخرت جو خسارو حاصل ڪيائين.
ارادو تھ ھي ھيس تھ ٻئي جي بدنامي ٿئي مگر اٽلندو
پنھنجي برائي ٿي پيس ۽ ٻئي کي گھٽ ڪرڻ جي نيت کان
پنھنجو نڪ ڪبي ڇڏيائين. گلا ڪرڻ ڪري پنھنجون
خوبيون ھن ڏي ھليون ويندس يا ھن جون برايون اچي ھن
جي براين ۾ واڌارو ڪنديون. ٻنھي صورتن ۾ ٻئي سان
تھ از خود ڀلائي ۽ دوستي ٿي وئي ۽ پاڻ سان برائي ۽
دشمني ڪيائين. ڪڏھن وري ھي بھ ٿيندو آھي تھ حسد ۽
غيبت جي ڪري ٻئي جي فضيلت ويتر زياده مشھور ٿيندي
آھي ۽ انھيءَ صورت ۾ پنھنجي جھالت ۽ حماقت تي ويتر
سخت افسوس ۽ پشيماني حاصل ٿي ٿئي.
جيڪڏھن غيبت جو سبب استھزا (کل مسخري يا مذاق ڪرڻ) آھي تھ سمجھڻ
گھرجي تھ جيتوڻيڪ ھڪڙو ماڻھو ڏاڍو شڪي ۽ شرمندو ٿو
ٿئي ۽ ماڻھن ۾ رسوا ۽ بدنام بھ ٿو ٿئي مگر گلا ڪرڻ
وارو وري الله تعاليٰ جي اڳيان رسوا ۽ بدنام نھ ٿو
ٿئي ڇا ۽ فرشتن ۽ انبياء عليھم السلام جي اڳيان
ذليل نھ ٿو ٿئي ڇا؟ پوءِ جيڪڏھن ماڻھو نتيجي کي
سوچي تھ ڪھڙي نھ حسرت، ذلت ۽ پشيماني قيامت جي
ڏينھن سھڻي پوندي ۽ ڪيئن ٻين جا گناھھ ھن جي مٿي
تي اچي پوندا ۽ ھو اھا ڳٺڙي گناھن جي کڻي دوزخ ۾
داخل ٿيندو. اميد آھي تھ ھن سوچ ويچار کانپوءِ ھن
جي دل ۾ خدا جو خوف پيدا ٿيندو ۽ آئينده ماڻھن کي
بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش نھ ڪندو ۽ نھ دل ئي چاھيندس.
ڇاڪاڻ تھ دنيا ۾ ڪنھن سان ٺٺول ۽ تعدي صرف ڪن ٿورن
ماڻھن اڳيان ٿيندي ۽ قيامت جي رسوائي ساري خلق
اڳيان ٿيڻ واري آھي. انھيءَ وقت ٻيو ماڻھو پنھنجي
گلا ڪندڙ کي ڏسندو تھ گڏھھ وانگر بار کنيو دوزخ ۾
پيو ويندو ۽ ھو انھيءَ وقت ھن جي رسوائي ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيندو ۽ چوندو تھ کل مسخريءَ جو نتيجو ڏٺئي.
ڏس! الله تعاليٰ ڪيئن منھنجي مدد ڪئي آھي ۽ ڪھڙو
نھ منھنجو عيوضو توکان ورتو اٿس.
جيڪڏھن ٻئي تي رحم کائڻ جي نيت سان ڪنھن کي ڪجھھ غيبت جا لفظ ڪم
آڻڻا ٿا پون تھ ٻئي جي مصيبت تي رحم کائڻ تھ چڱو
آھي مگر شيطان جيڪو انسان جو ويري آھي اھو اھڙو
ڪلمو ٿو ھن جي وات منجھان ڪڍرائي جو انھيءَ ڪلمي
جي ڪري جنھن تي رحم ڪيو ٿو وڃي ان جا گناھھ گھٽجي
ٿا وڃن ۽ گلا ڪندڙن جي گردن ۾ اچي ٿا پون. پوءِ
انھيءَ صورت ۾ سچ پڇو تھ ھو ماڻھو رحم جي قابل نھ
رھيو ڇاڪاڻ تھ ھن جي خطا جو نقصان گلا ڪندڙ جي
نيڪين ملڻ سان ختم ٿي ويو. بلڪھ ھاڻي تھ قابل رحم
گلا ڪندڙ ٿي پيو جو ويچاري کي ڪجھھ وٺڻ جي بدران
گھڻو ڪجھھ ڏيڻو پئجي ويس. ثواب ھڪ طرف ضايع ٿيو ۽
نيڪيون ٻئي طرف خواھ مخواھ گھٽ ٿي ويون. اھڙيءَ
طرح جيڪڏھن ڪاوڙ الله جي واسطي ڪئي ٿي وڃي تھ اھا
غيبت ناھي مگر شيطان فريب ڏئي انھي غصي جي ثواب
ختم ڪرڻ لاءِ زبان منجھان اھڙي ڳالھھ ٿو ڪڍرائي
جيڪا ڌڻي تعاليٰ جي ناراضپي جو سبب بڻجي ٿي پوي.
جيڪڏھن تعجب کائڻ جي ڪري ماڻھو وڃي غيبت ۾ پوي تھ ھن کي گھرجي
تھ پھريائين پنھنجي نفس تي تعجب کائي تھ ٻي جي دين
جي ڀلائي خاطر ڪيئن ٿو ھن جي گلا ڪري پنھنجو دين
برباد ڪري ۽ سڀ کان وڏي ڳالھھ وري اھا آھي تھ اھڙو
ماڻھو دنيا جي عذاب کان بھ امن ۾ رھي نٿو سگھي
ڇاڪاڻ تھ ٿي سگھي ٿو تھ جھڙيءَ طرح ھن ٻئي جي
توھين ڪئي آھي تھڙيءَ طرح الله تعاليٰ ھن جو ڪيو
(ڪيتو) ھن جي آڏو آڻي ۽ ھي بھ اھڙو ئي ٿي وڃي.
خلاصو ھي آھي تھ سڀني سببن جو علاج صرف انجام يا پڇاڙيءَ جي
نتيجي تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۾ آھي ۽ انھيءَ ڪرڻ سان
مٿيون ڳالھيون ھن جي دل ۾ ڄمي وڃڻ گھرجن ۽ جنھن جو
ايمان انھن ڳالھين تي پڪو ھوندو ان جي زبان بيشڪ
غيبت کان باز رھندي.
پنجون بيان: دل سان بھ غيبت ڪرڻ حرام آھي
واضح رھي تھ بد گماني (ڪنھن لاءِ اجايو راب خيال رکڻ) بھ ساڳيءَ
طرح حرام آھي جھڙيءَ طرح ڪنھن کي گھٽ وڌ چوڻ حرام
آھي. جھڙيءَ طرح ٻئي جي غيبت زبان سان نھ ڪرڻ
گھرجي تھڙيءَ طرح ھي بھ نھ جڳائي جو دل ۾ خواه
مخواھھ ڪنھن لاءِ بدگماني رکجي ۽ بد گماني منجھان
اسان جو غرض آھي تھ دل ۾ قصدا ٻئي کي بد سمجھڻ،
جيڪڏھن ڪنھن جي بدي يا بڇڙائيءَ خاطر (يعني دل تي
اوچتو اچڻ وارا خيال) ۽ حديث نفس (نفس جي خيالي
گفتگو) جي صورت ۾ دل تان گذري وڃي تھ اھا معاف آھي
بلڪھ شڪ بھ معافي ۾ داخل آھي. منع ٿيل جيڪا ڳالھھ
آھي سا آھي ”ظن“ (گمان) يعني دل جو لاڙو ۽ غالب
خيال بڇڙائي جي طرف ڪرڻ جنھن جي لاءِ الله تعاليٰ
جو ارشاد آھي تھ ”ياٰيھا اّلذين آمنوا اجتنبُوا
کثِيرا من الظن اِن بَعض الظن اِثمءٌ.“ .اي ايمان
وارؤ، پاسو ڪريو گمان ڪرڻ کان بيشڪ ڪي گمان گناھھ
آھن.“ ۽ سوءِ ظن (خراب گمان) جي ھرام ھجڻ جو اھو
سبب آھي تھ سواءِ علاّم الغيوبِ (ڳجھن ڄاڻڻ واري
يعني ڌڻي تعاليٰ) جي دلين جي راز کي ڪوئي بھ نٿو
ڄاڻي. تنھنڪري بندي کي نٿو جڳائي جو ٻئي جي لاءِ
بڇڙو خيال پنھنجي دل ۾ ڄمائي. ھا البتھ انھيءَ
صورت ۾ جو بدي جو معائنو اھڙيءَ طرح ٿي وڃي جنھن ۾
تاويل يعني ٻي ڪنھن صورت يا معنيٰ جي جاءِ نھ رھي
تھ پوءِ تھ ان جي ابتڙ تصور دل ۾ وھارڻ ڏاڍو ڏکيو
آھي. مگر جيسين ڪنھن جو حال ڏٺو يا ٻڌو نھ ويو
آھي، تيسين خواھ مخواھ ڪنھن لاءِ بدگمان ٿيڻ شيطان
جو ڪم آھي. انھيءَ صورت ۾ انھي اعتقاد کي ڪوڙو ڪرڻ
گھرجي ۽ انھيءَ شيطاني وسوسوي کي ڪوڙي ڪرڻ جي
پٺيان پوڻ گھرجي. شيطان وڏو فاسق آھي ۽ فاسق جي
خبر کي مڃڻ جو حڪم ناھي. جيئن تھ الله تعاليٰ ٿو
فرمائي تھ ”ياٰيھا الذين آمنوا اِن جاءَ ڪم فاسقءٌ
بِنبَاِِ فتبَينوا ان تصيبوا قوما بِجھالته“. ”اي
ايمان وارؤ! جيڪڏھن ڪو بدڪار (يا فاسق) ڪا خبر
اوھان وٽ آڻي تھ ان کي جاچي ڏسو متان ڪنھن قوم تي
اوھان (اوچتا) وڃي ڪڙڪو ۽ بي خبريءَ ۾ ان کي نقصان
پھچايو ۽ پوءِ جيڪي اوھان ڪريو تنھن تي پشيمان
ٿيو.“ انھيءَ منجھان ثابت ٿيو تھ شيطان جي خبر کي
سچ نھ سمجھڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن ان سان گڏ ڪا ڳالھھ
اھڙي بھ کڻي ھجي جنھن منجھان ھي عقيدو (يعني ڪوڙو
سمجھڻ) وارو فاسد بھ کڻي ھجي يا ان جي ابتڙ ھئڻ جو
امڪان نڪرندو ھجي تڏھن بھ افضل ۽ بھتر ائين آھي تھ
ان کي سچ نھ سمجھڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ ممڪن آھي تھ
فاسق خبر سچي ڏيندو ھجي ليڪن بنا تحقيق ڪرڻ جي
تصديق ڪيئن ٿي ٿئي سگھي. مثال طور ڪنھن ماڻھوءَ جي
وات منجھان شراب جي بوءِ ٿي اچي تھ ان تي شراب جي
حد جاري نھ ٿيندي. ڇاڪاڻ تھ ٿي سگھي ٿو تھ شراب
سان گرڙي ڪئي ھجيس يا زبردستي ڪنھن ھن جي وات ۾
کڻي وڌو ھجي ۽ ھن پيتو نھ ھجي. پوءِ انھن شڪن ۽
شبھن ھوندي دلي تصديق ڪرڻ ۽ مسلمان تي بدگماني ڪرڻ
نھ گھرجي. ھن باري ۾ حديث شريف ۾ بھ آيو آھي تھ
”بيشڪ الله تعاليٰ حرام ڪيو آھي مسلمان جو خون ۽
مال ۽ اھو بھ جو ھن تي بدگماني ڪئي وڃي (يعني
مسلمان جي خون ۽ مال وانگر ان تي بدگماني ڪرڻ بھ
حرام آھي)“ ٻين لفظن ۾ ائين بھ کڻي چئجي تھ جن
دليلن ۽ ثابتين سان خون ۽ مال مباح ٿو ٿئي انھن
دليلن سان سوءِ ظن (بدگمان) بھ مباح ٿو ٿئي يعني
جڏھن اھڙو ڪم ڪو ماڻھو اکين سان ڏسي يا عادل گواھن
کان ثابت ٿيو ھجي. مگر جيڪڏھن اھا اکين ڏٺي يا پڪي
ثابتي نھ ھجي ۽ بد گماني جو خطرو دل تي اچي تھ اھو
دور ڪرڻ گھرجي ۽ نفس کي سمجھائڻ گھرجي تھ ھن شخص
جو حال اڄ تائين توکان مخفي رھيو آھي ۽ جنھن سبب
کان تون ھاڻي ان تي گمان ٿو ڪرين ان ۾ خير ۽ شر
ٻنھي جو امڪان آھي تھ پوءِ اجايو شر جي طرف وڃڻ ۽
ان جي وسواسن کي دل ۾ آڻڻ جو ڪھڙو ضرور.
ھاڻي جيڪڏھن اوھان ھي چئو تھ شڪ تھ انسان جي دل ۾ ھميشه چڀندو
ٿو رھي ۽ نفس جو خيالي گفتگو بھ ھميشه جاري ٿو رھي
پوءِ اھا خبر ڪيئن پوي تھ ھن نشيءِ جو نالو ظن يا
گمان آھي. اھا ڳالھھ ضرور سمجھڻ گھرجي. ھاڻي اوھان
کي خبر ھجي تھ ظن جي مستقل ۽ مستحڪم (پڪي پختي)
ھئڻ جي ھيءَ نشاني آھي تھ اڳئين کان جيڪو اعتقاد
ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ھجي ظن اچڻ کانپوءِ اھا ڳالھھ نھ
رھي بلڪھ انھيءَ ڪري دل ۾ ڪجھھ نفرت بھ پيدا ٿئي ۽
جيڪڏھن ڀرسان اچي ويھي تھ گران معلوم ٿئي. رعايت،
مھرباني، عزت ۽ تعظيم ڏيڻ ۾ سستي ڪئي وڃي ۽ جيڪڏھن
ڪو گناھھ ڪري تھ ان جو رنج نھ ٿئي. ھي نشانيون آھن
ظن (گمان) جي پختي ٿي وڃڻ جون. انھن منجھان سمجھي
وڃڻ گھرجي تھ مون کي ٻئي لاءِ ظن پيدا ٿي ويو آھي.
ھڪ حديث شريف ۾ مذڪور آھي تھ ”مؤمن ۾ ٽي شيون آھن
۽ ھن جي لاءِ انھن کان نڪرڻ جي صورت بھ آھي ۽ سوءِ
ظن (بدگماني) کان نڪرڻ جي صورت اھا آھي تھ ان کي
(دل ۾) ڄمي ويھڻ نھ ڏجي.“
يعني بدگماني کان بچڻ جي صورت اھا آھي تھ ان کي دل ۾ يا ظآھري
عضون ۾ ڄمي ويھڻ نھ ڏنو وڃي. دل ۾ ڄمي ويھڻ جي
صورت تھ ھي آھي جو ان ڪري ماڻھو نفرت ۽ ڪراھت ڪرڻ
لڳي ۽ ظاھري عضون جي صورت اھا آھي جو دل جي حالتن
جي مطابق عضوا بھ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏين (جھڙوڪ ھن
کان پري ڀڄڻ، ھن جو منھن نھ ڏسڻ، ھن جي ڳالھھ نھ
ٻڌڻ وغيره وغيره). غرض تھ شيطان تمام ٿوري ڳالھھ
تي ماڻھن لاءِ دل ۾ برائي وجھي ٿو ڏئي ۽ انھيءَ
سان گڏ ائين بھ تصور دل ۾ وجھندو آھي تھ اسان ڪيئن
نھ ٻين کي جلد سمجھي ۽ سڃاڻي ورتو. ڪھڙا نھ اسان
عقل وارا ۽ ذڪي آھيون. ائين ڇو نھ ٿئي؟ مؤمن کي تھ
ڌڻي تعاليٰ جي نور جي مدد سان سڀ ڪجھھ روشن ٿي
ويندو آھي. حالانڪھ حقيقت ۾ ھو شيطان جي دوکي سان
ٿو ڏسي ۽ سمجھي سوچي. ان جو انڌيرو ھن تي ڇانيل
ٿئي ٿو. الائي خدا تعاليٰ جو نور ڪٿي ٿو اچي.
البتھ جيڪڏھن عادل گواه ڪا خبر ٻڌائي ۽ دل انھيءَ
جي تصديق جي طرف مائل ھجي تھ پوءِ ڪجھھ تصور ڪرڻ ۾
انسان معذور آھي ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن انھيءَ عادل کي
ڪوڙو سمجھندو تھ وري ان بابت سوءِ ظن (بدگماني) جو
امڪان ٿئي ٿو پوي ۽ جيئن جو ترجيح بلا مرجع ٿي نٿي
سگھي جو ھڪ طرف بدظن ھجي ۽ ٻئي طرف حسن ظن تھ
انھيءَ صورت ۾ ماڻھوءَ کي گھرجي تھ ھن ڳالھھ جي
جاچ ڪري تھ انھن ٻنھي ماڻھن جي وچ ۾ عداوت يا حسد
وغيره تھ ڪونھي جنھن ڪري ھن تھمت رکي ھجي ۽ تھمت
جي حالت ۾ جيڪڏھن پيءُ عادل ھجي تھ ھن جي گواھي پٽ
جي فائدي لاءِ شرعا جائز ناھي ۽ انھيءَ سبب ڪري
دشمن جي شاھدي غير معقول ليکي ويندي آھي. پوءِ
جيسين ھي چڱي طرح معلوم نھ ھجي تيسين عادل جي خبر
تي بھ ڌيرج ڪرڻ گھجرجي نھ ھن کي سچو سمجھي نھ
ڪوڙو، بلڪھ دل ۾ ھي سوچي تھ جنھن شخص جو حال ھن
ٻڌايو آھي ھن وقت تائين اڳين وانگر مون کي ھن جي
ڪا بھ خبر ڪا نھ پئي آھي، جيڪا حالت پھريائين ھئي
ھينئر بھ ساڳي آھي. بعضي آدمي ظاھر ۾ عادل تھ
ھوندو آھي ۽ ھن جي ۽ ٻئي ماڻھوءَ جي وچ ۾ عداوت بھ
ڪا نھ ھوندي آھي مگر ھن جي عادت اھڙي آھي جو ٻين
جي بدي ڪندو وتندو آھي. ماڻھو ھن جي ظاھري اعمالن
کي ڏسي سمجھندا آھن تھ ھو عادل آھي مگر حقيقت ۾
عادل ناھي. انھيءَ ڪري جو ھو غيبت ٿو ڪري ۽ غيبت
ڪندڙ فاسق آھي، جنھن کي غيبت جي عادت ھوندي آھي ان
جي گواھي نھ وٺڻ گھرجي مگر ماڻھن کي غيبت لاءِ
اھڙي سھل انگاري (معمولي ڪري سمجھڻ جي عادت) آھي
جو ان جي پرواھھ ئي نھ ٿا ڪن ۽ ھڪٻئي جي برائي
ڪندا ٿا رھن.
ھن ساري ڳالھھ جو خلاصو ھي آھي تھ جڏھن ڪنھن مسلمان جي طرف دل ۾
بدگماني ھجي تھ انسان کي گھرجي تھ پھريان کان وڌيڪ
ھن سان لھھ وچڙ ۽ رعايت ڪري ۽ ھن لاءِ خير جي دعا
گھري. ائين ڪرڻ سان بدگماني ويندي رھندي ۽ شيطان
کي اھا ڳالھھ خراب لڳندي ۽ وري ڪڏھن بھ ڪنھن جي
لاءِ بدگماني دل ۾ نھ وجھندو انھيءَ ڀو کان تھ ھي
ھن جي خير جي دعا ۽ وڌيڪ رعايت ۾ مصروف نھ ٿي وڃي
۽ جڏھن ڪنھن مسلمان ماڻھوءَ جي لغزش يا گھٽ وڌائي
دليلن سان ثابت ٿي ملي تھ ان وقت کپي تھ شيطان جي
فريب ۾ اچي ھن جي غيبت ڪرڻ کي نھ لڳي وڃي بلڪھ ھن
کي مخفي طرح نصيحت ڪري ۽ نصيحت ۾ بھ ھي خيال رھي
جو ھن ڳالھھ جي خوشي ظاھر نھ ٿئي تھ مون کي ٻئي جو
ديني عيب يا نقص معلوم ٿي ويو ۽ مون کي وعظ ۽
نصيحت جو رتبو حاصل ٿي ويو آھي، منھنجو رتبو ھاڻي
وڏو ٿي ويو ۽ ھن کي ھاڻي منھنجي تعظيم ڪرڻ گھرجي
بلڪھ جھڙيءَ طرح پنھنجي پاڻ ۾ ڪو ديني نقصان ٿيڻ
ڪري رنج ٿيندو آھي اھڙو ئي رنج دل ۾ رکي اھو قصد
ڪري تھ اھو گناھھ ھن کان ڇتي وڃي ۽ دل ۾ اھو خيال
ڪري تھ ھو شل منھنجي نصيحت کانسواءِ ئي سڌي راھھ
تي اچي وڃي. اھڙيءَ طرح نيت ۽ ڪم ڪرڻ سان ماڻھو ٽن
ثوابن جو مستحق ٿئي ٿو وڃي. پھريون ثواب ٻئي کي
نصيحت ڪرڻ جو، ٻيو ثواب ھن جي خطا تي غم ڪرڻ جو ۽
ٽيون ثواب دين جي ڪم ۾ ھن جي مدد ڪرڻ جو.
جاسوسي ڪرڻ بھ بدگمانيءَ جو نتيجو آھي يعني جڏھن ڪنھن جي واسطي
ڪو گمان ھوندو آھي تھ دل کي اھو گمان ڪافي نھ
ھوندو آھي ۽ ماڻھو ان جي سچي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ
جاسوسي ڪرڻ شروع ڪندو آھي ۽ ھن جي منع بھ آھي.
الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”جاسوسي نھ ڪريو (يعني
ٻين جي ڀيدن ۽ رازن معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪريو)“ ۽
انھيءَ ھڪڙي ئي آيت ۾ غيبت، سوءِ ظن (بدگماني) ۽
جاسوسي جي منع فرمائي آھي ۽ جاسوسي جي ھيءَ معنيٰ
آھي تھ جنھن ماڻھوءَ جو حال پوشيده ھجي ۽ اھا خبر
نھ پوي تھ ھو ڇا ڇا ٿو ڪري انھيءَ جي حال معلوم
ڪرڻ جي ڪڍ لڳڻ ۽ ھن جي مخفي حالتن جي تلاش يا جاچ
۾ پوڻ تان جو ھن جون اھي حالتون معلوم ٿي وڃن جيڪي
جيڪڏھن ھن کي معلوم نھ ٿين ھا تھ ھن جي دل ۽ دين
لاءِ بھتر ٿئي ھا. جاسوسي جي حڪم ۽ ان جي حقيقت
تفصيل سان امر بالمعروف جي باب ۾ گذري چڪي آھي.
اتان ڏسڻ گھرجي.
ڇھون بيان: اھي عذر جن سان غيبت درست آھي
اھو ڄاڻڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ٻئي جي برائي بيان ڪرڻ ۾ شريعت جي
لحاظ کان جيڪڏھن ڪو صحيح مقصد آھي تھ انھيءَ غيبت
جو گناھھ نھ ٿو ٿئي ۽ اھي ڇھھ ڳالھيون آھن:
پھريائين ”ظلم جي داد رسي لاءِ غيبت ڪرڻ.“ مثلا مظلوم ماڻھو
جيڪڏھن بالا آفيسر يا حاڪم جي اڳيان چوي تھ فلاڻي
ماتحت آفيسر يا حاڪم مون تي ظلم ڪيو آھي يا مون
سان خيانت ڪئي آھي يا مون کان رسوت ورتي آھي تھ
اھو غيبت ۾ داخل ناھي ڇاڪاڻ تھ انھيءَ کان سواءِ
داد رسي ڪا نھ ٿي سگھندي. مگر اھو ياد رکڻ گھرجي
تھ سواءِ مظلوم جي پنھنجي سر جي جيڪڏھن ٻيو ڳو اھي
لفظ چوندو تھ اھا غيبت ٿي پوندي. مظلوم جو طالم کي
برو چوڻ درست آھي جھڙيءَ طرح حديث شري ۾ بھ آيو
آھي تھ ”جنھن جو حق آھي اھو (ضرور ڪجھھ نھ ڪجھھ)
چوندو.“ ۽ اھا بھ حديث آھي تھ ”تونگر يا ھوندي
وارو ماڻھو ٻئي جي حق ادا ڪرڻ ۾ دير ڪندو تھ اھو
ظلم آھي.“
ٻيو ”بڇڙي ڳالھھ کي دور ڪرڻ يا گنھگار کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ
مدد ڪرڻ جي نيت ھئڻ“ جھڙيءَ طرح حضرت عمر رضھ
ڳالھھ ڪئي تھ ھڪ دفعي جڏھن ھو حضرت عثمان رضھ يا
حضرت طلحھ رضھ وٽان اچي لنگھيو ۽ السلام عليڪم ڪيو
تھ انھن جواب نھ ڏنو. پاڻ اھا شڪايت وڃي حضرت
ابوبڪر رضھ جن سان ڪيائون. حضرت ابوبڪر رضھ جن پاڻ
تشريف کڻي وڃي انھن جي وچ ۾ صلح ڪرايو. اھا شڪايت
اصحاب سڳورن جي نزديڪ غيبت ۾ داخل نھ ھئي. ڇاڪاڻ
جو انھيءَ منجھان اصل مقصد صلح ۽ ٺھراءُ ڪرائڻ جو
ھو. اھڙيءَ طرح جڏھن حضرت عمر رضھ کي خبر پئي تھ
شام جي ملڪ ۾ ابو جندل شراب پيئڻ شروع ڪري ڏنو آھي
تھ ھيءَ آيت لکي موڪليائينس:
بِسم الله الرحمٰن الرحِيم - حٰم – تنزيل الکتابِ من الله
العزيز العليم ه غافر الذنبِ وقابِل التّوبِ شديد
العقابِ.“
(ھن ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله زبردست ڄاڻندڙ وٽان آھي جيڪو گناھھ
بخشيندڙ ۽ توبھ قبول ڪندڙ سزا ڏيندڙ سگھھ وارو
آھي.) ھن آيت پڙھڻ سان ئي توبھ ڪئي. انھيءَ ڪري
جنھن شض حضرت عمر رضھ سان اھا حقيقت بيان ڪئي ھئي
تھ اھا غيبت طور نھ ھئي ۽ نھ وري حضرت عمر رضھ بھ
انھيءَ کي غيبت تصور ڪيو ڇاڪاڻ تھ بيان ڪندڙ جو
مقصد اھو ھو تھ حضرت عمر رضھ ٻڌندو تھ انھيءَ ڪم
کي خراب سمجھي ضرور ھن کي نصيحت ڪندو ۽ ھن جي لاءِ
جھڙي نصيحت حضرت عمر رضھ جي ڪارگر ٿيندي تھڙي ٻئي
جي نھ ٿيندي ۽ ٿيو بھ وري ائين ئي. مطلب تھ مقصد
صحيح ھئڻ جو شرط آھي ورنھ غيبت جي حرام ھجڻ ۾ ڪھڙو
شڪ آھي.
ٽيون ”ڪنھن مسئلي بابت شرعي حڪم معلوم ڪرڻ“. مثال طور متفتين وٽ
وڃي ڪو سوال ڪري تھ منھنجي پيءُ ماءُ يا زال مون
تي ظلم ڪيو آھي. شرعا مون کي ڇا ڪرڻ کپي جو ھن طلم
کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريان مگر ھن ۾ بھ ڪنايتا يا
ڳجھيءَ طرح سان بيان ڪرڻ کپي. جھڙوڪ ھن کي ھن طرح
پڇن گھرجي تھ ”توھان انھيءَ باري ۾ ڇا ٿا فرمايو
تھ جيڪڏھن ڪنھن تي ڪو مائٽ مٽ يا عزيز قريب ظلم
ڪري تھ ھن کي ڇا ڪرڻ کپي.“ انھيءَ باري ۾ جيڪڏھن
چٽائي يا ڪا خاص ڳالھھ بھ پيش ڪرڻي پويس تھ اھا
جائز آھي. جيئن جو روايت آھي تھ ھنده، عتبه جي
ڌيءُ آنحضرت ﷺ جن جي خدمت ۾ پنھنجي مڙس جي شڪايت
ڪئي تھ ابو سفيان ڪنجوس ماڻھو آھي مون کي ايتور
نٿو ڏئي جيڪو مون کي ۽ منھنجي اولاد کي ڪافي ٿئي
جيڪڏھن اجازت ھجي تھ مان ھن کان ڪجھ رقم لڪائي
وڌيڪ ڪجھھ وٺان. پاڻ فرمايائونس تھ جيتري قدر ٺيڪ
ٺيڪ توکي ۽ تنھنجي اولاد کي خرچ پورو ٿي وڃي اوتري
قدر وٺندي ڪر. ھاڻي باوجود انھيءَ جي جو ھن پنھنجي
مڙس جي ظلم ۽ بخل جي شڪايت ڪئي.
چوٿون ”ڪنھن مسلمان کي شر کان بچائڻ“ – مثلا ڪنھن فقيه ديندار
کي ڪنھن ڏٺو تھ ھڪ بدعتي ۽ فاسق وٽ ٿو اچي وڃي ۽
ھن کي ھي خوف ٿيو تھ متان ھي بھ ھن جي بدعت ۽ فسق
۾ مبتال ٿي وڃي تھ انھيءَ صورت ۾ جائز آھي تھ
بدعتي يا فاسق جي بدعت ۽ فسق جو اظھار ھن فقيه سان
ڪري انھيءَ غرض سان تھ ھن جو اثر ھن ۾ اچي نھ وڃي
۽ ٻئي ڪنھن بھ طرح سان جائز ناھي ڇاڪاڻ جو ھن ۾
دوکو بھ ٿي ويندو آھي. ڪڏھن چڱائيءَ جي ڪري ٻئي جي
بدعت ۽ فسق ظاھر ڪرڻ جي نوبت اچي ويندي آھي ۽
شيطان وري اھي خيال وجھندو آھي تھ انھيءَ اظھار
منجھان بدعتي ۽ فاسق کان ماڻھن جي بچڻ جو مقصد
رکيو ويو آھي. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪوئي ماڻھو ڪنھن
کي نوڪر رکڻ ٿو چاھي ۽ انھيءَ نوڪر جو عيب آقا جي
ڪنھن دوست کي معلوم آھي تھ انھيءَ دوست کي گھرجي
تھ آقا کي ھن جو حال ٻڌائي ڇڏي. انھيءَ ۾ نوڪر جو
ضرر (نقصان) ضڙور ٿيندو ۽ آقا جي فائدي ٿيڻ ۽
نقصان نھ ٿيڻ جو پھريائين لحاظ رکڻ گھرجي.
ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪوئي حاڪم يا آفيسر گواھيءَ جي باري ۾ ڪنھن
جو احوال پڇي تھ ھي شخص ڪھڙي قسم جو گواھھ آھي.
عادل آھي يا نھ تھ انھيءَ وقت تي بھ جيڪڏھن ھن جي
ڪا خرابي معلوم ھجي تھ اھا بيان ڪرڻ گھرجي. انھيءَ
لاءِ تھ گواھن جي گواھيءَ تي مقدمي جو سارو
دارومدار ٿيندو آھي. جيڪڏھن ھي سچ نھ چوندو تھ
انھيءَ ۾ ڪھڙو عنب تھ ٻئي جو نقصان ٿي وڃي.
ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو شخص نڪاح جي باري ۾ يا امانت رکڻ لاءِ
ڪنھن جو احوال پڇي تھ جيتري ھن کي خبر آھي اوتري
ٻڌائي ڏي. انھيءَ صورت ۾ عيب جو اظھار ڪرڻ عيبت ۾
داخل ناھي ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ سان مقصد آھي مشوري
وٺڻ واري جي خير خواھي ڪرڻ جو ۽ نھ ٻئي کي خوار
ڪرڻ جو. مگر جيڪڏھن مشوري ڏيڻ وارو ڏسي تھ اڳلو
رڳو منھنجي منع ڪرڻ تي باز اچي ويندو تھ فقط ھي
لفظ چوي تھ ادا! تنھنجو ائين ڪرڻ مون کي مناسب نطر
نٿو اچي. پر جيڪڏھن ڄاڻي تھ ٻئي جي بڇڙائي زبان تي
آڻڻ کانسواءِ ھي ھرگز نھ ايندو تھ انھيءَ حالت ۾
ھن جو حال صاف صاف ٻڌائي ڏي جيئن جو حديث شريف ۾
آيو آھي تھ ”ڇا اوھان برو ٿا سمجھو بدڪار جي خصلت
جي ذڪر ڪرڻ کي. ھن جي ھتڪ ڪريو انھيءَ لاءِ تھ
ماڻھو ھن کي سڃاڻي وڃن ۽ ظاھر ڪريو جيڪي بھ
(خرابيون) ھن ۾ آھن انھيءَ لاءِ تھ ماڻھو ھن کان
عذر يا پاسو ڪن.“ ۽ اڳوڻن اڪابرن جو قول آھي تھ ٽن
ماڻھن جي برائي بيان ڪرڻ غيبت ناھي. ھڪ ظالم، ٻيو
بدعتي ۽ ٽيون ظاھر ظھور فاسق.
پنجون عذر ھي آھي تھ ڪو شخص اھڙي لقب سان مشھور معروف ٿي ويو
ھجي جيڪو ڪنھن عيب جو نالو ھجي جھڙوڪ منڊو يا انڌو
يا گنجو (مثال طور تيمور لنگ، ھڪيم ذينھ وغيره) تھ
انھيءَ صورت ۾ بھ انھن لفظن جي استعمال ۾ گناھھ
ناھي. انھيءَ جو ٻيو سبب اھو بھ آھي تھ اھي لقب
ماڻھن جا اھڙا عام جام ٿي ٿا وڃن جو اھي انھن کي
برا نٿا لڳن. تڏھن بھ مناسب آھي تھ اھڙن لفظن کي
اشاري سان يا ڪنايتا ڪم آڻڻ بھتر آھي. انھيءَ ڪري
انڌي کي (اکين کان ويٺل) ۽ ٻوڙي کي (ڪنن کان ويٺل)
جھڙا محاورا ڪم آندا وڃن تھ بھتر آھي.
ڇھون ھڪ کلم کلا ۽ ظاھر ظھور فاسق لاءِ ڪجھھ چوڻ يعني اھڙي
ماڻھوءَ جي گلا ڪرڻ جيڪو فسق کلي عام ڪندو ھجي ۽
ڪنھن کان بھ ھن جي برائي لڪل نھ ھجي جھروڪ مخنث
(کدڙو)، شراب خور، ڀنپيئڻ وارو، ماڻھن کي ڇڙٻيون
ڏيڻ وارو وغيره، جيڪي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون ڪندا
ھجن ۽ جيڪڏھن ڪوئي انھن جو عيب ظاھر ڪري تھ ھو ان
کي برو نھ لڳي تھ اھڙن ماڻھن جي غيبت جائز آھي
جيئن جو حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”جنھن شخص اڇلي
ڇڏيو پري حيا جو پردو يا برقعو پنھنجي منھن تان (۽
خطا ڪرڻ ۾ ڪو بھ شرم نھ ٿو ڪري) ان جي (ڳالھھ ڪرڻ)
غيبت ناھي“، ۽ حضرت عمر رضھ ٿو فرمائي تھ فاجر جي
ڪا بھ عزت ۽ حرمت ڪانھي يعني جيڪو شخص کلم کلا
بدڪاري ڪري ان جي برائي بيان ڪرڻ ۾ عزت جي ھڪ يا
غيبت ناھي مگر جيڪو لڪي ٿو بڇڙا ڪم ڪري ان جي عزت
جي رعايت ڪرڻ گھرجي ۽ صلت بن طيف ٿو ڳالھھ ڪري تھ
مان حسن بصري رحھ کان پڇيو تھ جيڪڏھن مان ھڪڙي
ظاھر ظھور فاسق جي برائي بيان ڪريان ۽ جيڪا ھن ۾
بدي آھي اھا ظاھر ڪريان تھ غيبت ٿيندي ڇا. ھن
ورندي ڏني تھ غيبت تھ ناھي مگر انھيءَ ۾ ڪا بزرگي
بھ ڪانھي ۽ اھو بھ ھن جو قول آھي تھ ٽن شخصن جي
برائي بيان ڪرڻ غيبت ناھي. ھڪ نفسياتي خواھش جي
پيروي ڪندڙ، ٻيو ظاھر ظھور فاسق ۽ ٽيون ظالم امام.
ڇاڪاڻ جو اھي ماڻھو پنھنجا ڪم پڌرا ۽ کلم کلا ڪندا
آھن ۽ گھڻو ڪري انھن تي فخر بھ ڪندا آھن. ھا جيڪا
ڳالھھ ھو لڪائي ڪندا ھجن ان جي ذڪر ڪرڻ ۾ البتھ
گناھھ ٿيندو ۽ عوف رحھ ٿو بيان ڪري تھ ھڪ دفعي مان
حضرت ابن سيرين رحھ جي خدمت ۾ حاضر ٿي حجاج بن
يوسف کي ڪجھھ برو ڀلو چوڻ لڳس تھ انھن فرمايو تھ
الله تعاليٰ عادل حاڪم آھي. جھڙيءَ طرح حجاج کان
ھن جي ظلمن بابت انتقام (بدلو) وٺندو تھڙيءَ طرح
جيڪو ان جي غيبت ڪندو ان کان بھ انھيءَ جو بدلو
وٺندو ۽ ياد رک تھ سڀاڻي جڏھن تون خدا تعاليٰ جي
سامھون ويندين تھ تنھنجو ھي ننڍڙو گناھ حجاج جي
وڏن گناھن کان توکي سخت معلوم ٿيندو.
ستون بيان : غيبت جي ڪفاري بابت
غيبت ڪندڙ تي لازم آھي تھ غيبت کان توبھ ڪري ۽ پشيمان ٿي پنھنجي
انھيءَ فعل تي افسوس ڪري، انھيءَ لاءِ تھ الله
تعاليٰ جي طرف کان ھن تي ذميواري نھ رھي. پوءِ
جنھن شخص جي غيبت ڪئي اٿس انھيءَ کان وڃي معافي
وٺي. انھيءَ لاءِ تھ ان جي حق کان بھ پري رھي. مگر
ضروري آھي تھ مغموم، پشيمان ۽ پر افسوس ٿي قصور
معاف ڪرائي. ڇاڪاڻ تھ رياڪار ماڻھو تھ انھيءَ ڪري
بھ معافي وٺڻ جا خواھان ٿيندا آھن تھ ائين ڪرڻ سان
ڪو انھن کي وڏو پرھيزگار سمجھي، حالانڪھ انھن جي
دل ۾ ندامت جو نالو ئي ڪو نھ ھوندو آھي ۽ ائين ڪرڻ
سان ويتر ٻيو گناھھ بھ ذمي لڳي ٿو وڃي ۽ حضرت حسن
رضھ ٿو فرمائي تھ جنھن شخص جي غيبت ڪئي ٿي وڃي
تنھن لاءِ مغفرت جي دعا ڪرڻ ڪافي آھي، معاف ڪرائڻ
جي ضرورت ڪانھي ۽ ھو پنھنجو قول جي تائيد ۾ حضرت
انس بن مالڪ رضھ کان روايت ٿيل حديث ٿو پيش ڪري تھ
آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ ”جنھن جي تون غيبت ٿو ڪرين
ان جو ڪفارو يا تدارڪ اھو آھي تھ تون ھن لاءِ خدا
تعاليٰ کان معفرت جي دعا گھرين“ ۽ حضرت مجاھد رضھ
ٿو فرمائي تھ ڪنھن جي گوشت کائڻ جو ڪفارو اھو آھي
تھ ھن جي ثنا يا ساراھھ ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ خير جي
دعا گھري وڃي.
عطاء ابن ابي رباح کان پڇيو ويو تھ غيبت کان توبھھ ڪيئن ٿيندي
آھي. پاڻ چيائون تھ ماڻھو ھيئن ڪري جو جنھن جي گلا
ڪئي اٿس ان وٽ روبرو وڃي ۽ چوي تھ جيڪي ڪجھھ مان
اوھان جي باري ۾ چيو اھو سڀ جک ھنيم. تنھنجي حق ۾
مون کان ظلم ۽ زيادتي ٿي وئي آھي. ھاڻي مان حاضر
آھيان. اوھان جي مرضي بدلو وٺو يا معافي ڏيو ۽ ھي
عطاء وارو قول سڀ کان وڌيڪ صحيح آھي ۽ ھي جو ماڻھو
چوندا آھن تھ (عزت) جو ڪجھھ بدلو ڪونھي ۽ انھيءَ
لاءِ معافي وٺڻ واجب ناھي جھڙيءَ طرح مال جي صورت
۾ معاف ڪرائڻ جي ضرورت ھوندي آھي تھ ھي ھڪ بي اصول
۽ بي معنيٰ قول آھي ڇاڪاڻ تھ آبرو ھڪ اھڙي شيءِ
آھي جنھن جي سزا گارين ۾ ڏني ٿي وڃي ۽ ان جي باز
پرس بھ ڪئي ٿي وڃي. بلڪھ حديث شريف ۾ ان جي تصريح
(صفائي ۽ چٽائي) بھ موجود آھي جو پاڻ فرمايو اٿن
تھ ”جنھن جي ذمي ان جي ڀاءُ جو حق ھجي آبرو جو
خواھ مال جو، تھ ھن کي گھرجي تھ ھن کان معاف ڪرئي
انھيءَ ڏينھن کان اڳ ۾ جڏھن ھن وٽ نھ درھم (پيسو)
ھوندو نھ دينار (رپيو) بلڪھ ھن جون نيڪيون بدلي ۾
ڏنيون وينديون ۽ جيڪڏھن ھن جون نيڪيون نھ ھونديون
تھ مظلوم جون برايون وٺي ھن جي براين ۾ اضافو ڪيو
ويندو.“ حضرت عائشه رضھ ھڪ عروت کي فرمايو، جنھن
ٻيءَ عورت جي باري ۾ چيو ھو تھ ھوءَ ڊگھي دامن
واري آھي تھ تو ھن جي غيبت ڪئي آھي. ھن کان وڃي
پنھنجو قصور معاف ڪراءِ. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ
عفو ڪرائڻ يعني معافي وٺڻ بيشڪ گھرجي بشرطيڪ ممڪن
ھجي ۽ جيڪڏھن ڪنھن شخص کي غيبت جو ڪو پتو ڪو نھ
ھجي يا مري ويو ھجي تھ پوءِ البتھ ھن لاءِ خير جي
دعا گھرندو رھي ۽ ھن کي نيڪين جو ثواب بخشيندو
رھي. ھاڻي باقي اھا ڳالھھ رھي تھ معاف ڪرڻ اڳلي
لاءِ واجب آھي يا نھ، سو انھيءَ جو جواب آھي تھ
واجب تھ ناھي ڇاڪاڻ تھ ھي ھڪڙي قسم جو احسان ڪرڻو
آھي. البتھ مستحب آھي. جيڪڏھن معاف ڪندو تھ ثواب
ملندس. ٻي صورت ۾ ھو عتاب جو مستحق ناھي ۽ معاف
ڪرائڻ جو طريقو ھي آھي تھ پھريائين انھيءَ ماڻھوءَ
جي خوب تعريف ڪري ۽ ھن سان دوستي پيدا ڪري. اھڙي
طرح ھر روز ڪندو رھي تان جو ھن جي دل ھن جي طرف
کان صاف ٿي وڃي ۽ قصور معاف ڪري ڇڏي ۽ جيڪڏھن
بالغرض طبيعت صاف نھ ٿي تھ بھ ھن جو عذر پيش ڪرڻ ۽
دوست بنجڻ بھ ثواب کان خالي نھ ٿيندو ۽ ممڪن آھي
تھ غيبت جي عوض ۾ اھا نيڪي ڪافي ٿي وڃي.
چون ٿا تھ اڳين بزرگن منجھان ڪي ماڻھو معاف نھ ڪندا ھئا جھڙيءَ
طرح حضرت سعيد بن مسيب رحھ ٿو فرمائي تھ جيڪو شخص
مون تي زيادتي ڪندو آھي مان ھن کي معافي نھ ڏيندو
آھيان. حضرت ابن سيرين رحھ ٿو فرمائي تھ غيبت کي
مان تھ حرام ڪيو ئي ڪونھي. ھن کي خدا تعاليٰ حرام
ڪيو آھي. پوءِ مان عافي ڏئي ھن کي حلال ڇو ڪريان.
ھاڻي ڪو ئي جيڪڏھن ھيئن کڻي چوي تھ ھي جو حديث
شريف ۾ آيو آھي تھ ”ڇا توھان منجھان ڪنھن کان نٿو
ٿي سگھي جو آبي زمزم وانگر ٿي وڃي.“ ھو جڏھن گھر
منجھان نڪرندو ھو تڏھن چئي ڇڏيندو ھو تھ ”الاھي
مان ماڻھن تي پنھنجي آبرو خيرات ڪري ڇڏي“. آبروءَ
جو صدقو ڪرڻ ڪيئن ٿو ٿي سگھي ۽ جيڪڏھن ھي صدقو
جائز آھي تھ اھڙي ماڻھوءَ کي برو ڀلو ماڻھو چئي
سگھن ٿا يا نھ ۽ جيڪڏھن اھو صدقو ناجائز آھي تھ ان
جي ترغيب حديث شريف ۾ ڇو آئي آھي تھ انھيءَ جو
جواب ھي آھي تھ معنيٰ ابي زمزم جي قول جي اھا آھي
تھ مان قيامت جي ڏينھن انھيءَ ڳالھھ جي طلب نھ
ڪندس تھ فلاڻي منھنجي گلا ڇو ڪئي ھئي. مون کي ھن
کان پنھنجو حق ملي ۽ ھن چوڻ سان تھ، نھ غيبت اھڙي
شخص جي جائز آھي ۽ نھ ڪو گناھھ کان بري ٿي ٿو
سگھي. ڇاڪاڻ جو گناھھ ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي معافي ڏئي
ڇڏڻ جي ڪا معنيٰ ڪانھي. بلڪھ ھي ھڪ وعدي جي صورت
آھي تھ جيڪڏھن ڪوئي مون کي برو ڀلو چوندو تھ قيامت
جي ڏينھن مان ان جي باري ۾ خصومت يا ڇڪتاڻ نھ
ڪندس. مگر جيڪڏھن ھو ھن وعدي کان ڦري وڃي ۽ پنھنجي
حق جي طلب ڪري تھ ٻين حقن وانگر اھو بھ ٿي ٿو
سگھي. جيئن تھ فقيھن (فقه جي عالمن) انھيءَ ڳالھھ
جي صفائي چٽائي سان ڪري ڇڏي آھي تھ جيڪو ماڻھو ٻين
ماڻھن کي مباح ڪري ڇڏي تھ ھن کي گاريون ڏئي ٿا
سگھن تھ ائين ڪرڻ سان ھن جو حق ختم نٿو ٿئي ۽ آخرت
جا حقوق اھڙا ئي آھن جھڙا دنيا جا حقوق. ھن ساري
ڳالھھ جو مطلب اھو آھي تھ معاف ڪرن افضل آھي. حضرت
حسن رحھ ٿو فرمائي تھ جڏھن قيامت جي ڏينھن سڀ
قومون الله تعاليٰ جي سامھون گوڏن ڀر بيٺيون
ھونديون انھيءَ وقت درٻار ڪبريائي کان ندا ٿيندي
تھ جنھن جي مزدوري الله جل شانه ڏي رھيل آھي اھو
اٿي. ان وقت صرف اھي ماڻھو اٿندا جن دنيا ۾ ماڻھن
کي قصور معاف ڪيا ھوندا ۽ الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾
ٿو فرمائي تھ ”(اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت
اختيار ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪر ۽ جاھلن کان
منھن موڙ.“ آنحضرت ﷺ جن ھن آيت جي تفسير حضرت
جبرئيل عليه السلام کان پڇي. انھن چيو تھ حڪم ھن
طرح آھي تھ جيڪو شخص توتي ظلم ڪري تنھن کي معاف ڪر
۽ جيڪو توسان نھ ملي ان سان وڃي مل ۽ جيڪو توکي نھ
ڏي تنھن کي تون ڏي ۽ ھڪ شخص حضرت حسن رحھ کي چيو
تھ فلاڻي شخص تنھنجي غيبت ڪئي آھي تھ پاڻ انھيءَ
غيبت ڪندڙ ڏي تازيون کارڪون ھڪ ڇٻي يا طباق ۾
موڪليائون ۽ چورائي موڪليائونس تھ مان ٻڌو آھي تھ
تو پنھنجين نيڪين منجھان ڪجھھ مون کي ھديھ طور
ڏنيون آھن، مان انھن جو بدلو ڏيڻ گھريو مگر جيئن
جو پورو عيوض نھ ڏئي سگھيو آھيان تنھن ڪري جيڪي ٿي
سگھيو آھي سو موڪليان ٿو. پوري بدلي نھ ڏئي سگھڻ
کان معافي ڏيندا ۽ معذور رکندا. |