بيان
پنجون
حرص ۽ طمع جو علاج ۽ قناعت واسطي دوا
ڄاڻن گھرجي تھ ھيءَ دوا ٽن منفرد شين جو مرڪب آھي
ھڪ صبر ٻيو علم ۽ ٽيون عمل ۽ اھي ٽئي ھيٺين پنجن
ڳالھين ۾ اچي ٿيون وڃن.
پھرين ڳالھھ آھي عمل: يعني وچولو گذران ڪرڻ ۽ خرچ ۾ ڪفايت ڪرڻ
پوءِ جيڪو قناعت واري بزرگيءَ کي پھچڻ چاھي ان کي
گھرجي تھ جيترو ٿي سگھيس پنھنجي نفس تي خرچ ڪرڻ جا
دروازا بند ڪري ۽ رڳو تمام ضروري خرچ تي اڪتفا ڪري
ڇاڪاڻ تھ جنھن جو خرچ ۽ ڏيتي ليتي گحني ھوندي آھي
اھو قناعت نٿو ڪري سگھي. انھيءَ لاءِ لازمي اھي تھ
جيڪڏھن ماڻھو اڪيلي سر آھي تھ ھڪڙي ٿلھي ڪپڙي تي
قناعت ڪري ۽ ڪنھن مختصر غذا تي اڪتفا ڪري ۽ جيتري
قدر ٿي سگھيس تھ ٻوڙ يا ڪنھن وڏي ڳنڌڻ کان پاسو
ڪري ۽ سادي خوراڪ ۽ غذا جو عادي بڻجي.
مگر جيڪڏھن ڪٽنب ۽ ٻارن ٻچن وارو آھي تھ گھرجي تھ سڀني ڀاتين کي
بھ انھيءَ ھال ۾ ھلائي ڇاڪاڻ تھ گذران جون اھي
مختصر شيون تمام ٿوري محنت سان ملي ٿيون سگھن. ھن
حالت ۾ ماڻھوءَ کي گھڻو پاڻ پتوڙڻو ڪو نھ ٿو پوي ۽
زندگي وچٿري نموني سان ٿي گذري ۽ اھا ئي قناعت جي
پاڙ آھي ۽ انھيءَ جو ئي نالو آھي رفق في الانفاق
يعني خرچ ۾ نرمي ڪرڻ جنھن جو ذڪر ھن حديث شريف ۾
آھي تھ ”تحقيق الله تعاليٰ ھر ڪم ۾ نرمي ڪرڻ کي
سند ٿو ڪري“! ٻي حديث ۾ آيو آھي تھ ”جيڪو درمياني
روش ٿو اختيار ڪري اھو ڪڏھن بھ مفلس نٿو رھي“. ٽين
حديث ۾ ارشاد آھي تھ ”ٽي شيون انسان جي ڇوٽڪاري جو
باعث آھن. ھڪ خدا تعاليٰ جو خوف ظاھر ۾ توڙي باطن
۾، ٻيو ھوندي ۽ اڻ ھوندي ٻنھي ھالتن م درميانو
گذران ڪڙن ۽ ٽيولن رضامندي توڙي ڪاوڙ جي وقت ٻنھي
ھالتن ۾ انصاف ڪرڻ“.
روايت اھي تھ ھڪ شخص حضرت ابودردا رضھ کي زمين تان ان جا داڻا
چونڊيندي ڏٺو. پاڻ اھي داڻا کڻندا بھ پئي ويا ۽
چوندا بھ پئي ويا تھ اھا ماڻھوءَ جي سمجھھ جي
نشاني آھي جيڪڏھن ھو پنھنجو گذران نرمي (يعني
ڪفايت قناعت) سان ٿو ڪري.
حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ' جن فرمايو آھي تھ:
1.
وچٿرو گذران، سھڻي چال چلت ۽ نيڪ ھدايت آھي ھڪ
جزا آھن نبوت جي ويھن کان ڪجھھ مٿي جزن منجھان.
2.
تدبير يعني سھڻي رٿ ڪٿ اڌ معيشت يعني سھڻي گذران
جو ذريعو آھي.
3.
”جيڪو وچٿرو ٿو ھلي الله تعاليٰ ان کي غني يا
تونگر بڻائي ٿو ڇڏي ۽ جيڪو فضول خرچ ٿو ڪري تنھن
کي فقير ٿو بڻائي ۽ جيڪو الله تعاليٰ جو ذڪر ٿو
ڪري ان کي ھو پنھنجو پيارو ٿو بڻائي.“
4.
”جڏھن تون ارادو ٿو ڪرين ڪنھن ڪم جو تھ لازم ڪر
پاڻ تي تاخير يا ڌيرج جيسين الله تعاليٰ تنھنجي
لاءِ انھيءَ ڪم ۾ ڪا ڪشادگي يا انھيءَ منجھان نڪرڻ
جي ڪا صورت پيدا ڪري.“
ھن منجھان معلوم ٿيو تھ خرچ ۽ ڪفايت ڪرڻ نھايت
ضروري آھي. ٻيو تھ جيڪڏھن ماڻھوءَ وٽ ڪفايت جي
مقدار جيترو رزق موجود آھي تھ آئنده لاءِ ھن کي
بيقرار ۽ بي چين نھ ٿيڻ کپي ۽ انھيءَ بي چينيءَ کي
دور ڪرڻ لاءِ ماڻھوءَ کي مختصر آرزو کان مدد وٺڻ
گھرجي ۽ اھو ھن کي پڪو يقين ھئڻ کپي تھ جيڪو مقدر
ٿي چڪو آھي اھو ضرور ملندو ۽ ھن کي زياده حرص ۽
ھٻڇ نھ ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ گھڻو حرص ڪرڻ رزق حاصل
ڪرڻ جو ذريعو ناھي بلڪھ ماڻھو کي لازمي آھي تھ
الله تعاليٰ جي وعدي وما من دابّه في الارض اِلاّ
علي الله رزقھا (۽ ڪو چرندڙ زمين ۾ آھي ئي نھ پر
سندس روزي الله تي آھي) تي پورو پورو ڀروسو رکي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ حرص ماڻھوءَ ۾ شيطان جي طرف کان ٿو اچي. ھو ملعون
ھميشه مفلسي ۽ تنگيءَ جو خوف ٿو ڏياري ۽ بڇڙا ڪم
ٿو ڪرائي. ھو ماڻھوءَ جي دل ۾ اھو وسوسو وجھندو
آھي تھ جيڪڏھن تون مال گڏ ڪري رکڻ جي ڪوشش نھ
ڪندين تھ اڳتي ھلي جيڪڏھن تون بيمار يا عاجز يا
محتاج ٿي پوندين تھ پوءِ تنھنجي لاءِ پنڻ کانسواءِ
تھ ڪو ٻيو چاروئي ڪو نھ ھوندو ۽ تون ڏاڍو ذليل ۽
خوار ٿيندين. اھڙي طرح شيطان ملعون ھڪ سادي سڌي
انسان کي مال جي طلب جي مشڪلاتن ۽ مشقتن ۾ مبتلا
ڪري ٿو ڇڏي فقط انھيءَ خوف کان تھ متان سڀاڻي ڪا
مصيبت سھڻي پوي. مگر جڏھن انسان ھن جي چوڻ تي لڳي
رات ڏينھن ڳھندو ٿو وتي تھ شيطان ھن جي اھا ٻي
حالت ڏسي کلي ٿو تھ ڪيئن نھ ھڪ محض وھمي ۽ خيالي
مشقت جي خوف کان ھو ايڏو پاڻ پتوڙي رھيو آھي ۽ خدا
تعاليٰ کي ۽ خدا تعاليٰ جي پڪن وعدن کي وساري ڇڏيو
اٿس. ھن کي اھو ڪيئن معلوم ٿيو تھ آئينده ھن لاءِ
ضرور ڪو تڪليف جو وقت ايندو. ممڪن آھي تھ ڪو بھ
اھڙو سختيءَ ۽ تنگيءَ جو وقت ھن تي بلڪل نھ اچي ۽
گھڻو ڪري ائين ئي ٿئي ٿو يعني ڪا بھ سختي ڪا نھ ٿي
اچي.
روايت آھي تھ خالد رصھ جا ٻھ پٽ حضور ' جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا.
پان سڳورن ' انھن کي ارشاد فرمايو تھ جيسين توھان
پنھنجا مٿا ڌوڻيندا رھندو (يعني جيئرا رھندو)
تيسين اوھان رزق لاءِ نااميد يا مايوس نھ ٿجو. ڏسو
انسان کي ماءُ ھڪ ڳاڙھي ٻوٽيءَ جي شڪل ۾ ڄڻي ٿي
جنھن جي مٿان پوري کل مس ھوندي آھي. پوءِ ڌڻي
تعاليٰ ھن کي رزق عنايت ٿو فرمائي (ھو پلجي ھڪ
جوڌو جوان ٿي ٿو پوي).
ھڪ دفعي حضور ' جن ابن مسعود وٽان اچي لنگھيا. ھو ويچارو ڪنھن
غم ۽ ڏک ۾ ويٺو ھو. ھن جو اھڙو غمگين حال ڏسي
فرمايائونس تھ ”اجايو ايترو وڌيڪ رنج ۽ ڏک نھ ڪر.
جيڪو ڪجھھ مقدر ٿي چڪو آھي اھو ضرور ٿيڻ وارو آھي
۽ جيڪو رزق تنھنجي لاءِ مقرر ٿي چڪو آھي اھو ضرور
تو وٽ پھچي ويندو.
ھڪ حديث شريف ۾ آھي تھ ”اي انسانو! خبردار، رزق جي طلب ۾ اختصار
ڪريو ڇاڪاڻ تھ انسان کي فقط اھو ملندو جيڪي ھن
لاءِ لکيو ويو آھي ۽ ڪو بھ انسان دنيا منجھان گذر
نھ ڪندو جيسين ھو ماڻيندو اھو جيڪو دنيا ۾ ھن لاءِ
لکجي چڪو آھي. توڙي دنيا ذليل ۽ خوار آھي.“
ڄاڻڻ گھرجي تھ انسان حرص کان تيسين الڳ ٿئي نٿو سگھي جيسين خدا
تعاليٰ جي تدبير يعني رٿ ڪٿ تي پڪو نٿو رھي يعني
جيسين رزق جي مقدر ھئڻ تي پڪو پختو يقين نٿو رکي.
اھو خيال رکڻ بھ غلط آھي تھ جيڪڏھن مان طلب، ڍر
ڪندس تھ ضرور مون کي رزق ملي ويندو. بلڪھ اھو تصور
گھرجي تھ گھڻو ڪري ائين آھي تھ الله تعاليٰ بندي
کي اھڙي جڳھھ کان ٿو رزق پھچائي ڏئي جتان ھن کي ڪو
گمان ئي ڪو نھ ھوندو آھي. خدا تعاليٰ خود قرآن
شريف ۾ فرمايو آھي تھ .َمن يتّق الله يجعل لهءُ
مخرجا ويرزقه من حيث لا يحتسبُ.
(۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جي نڪرڻ جي الله ڪا واھھ ڪندو ۽
کيس اتاھو روزي ڏيندو جتان گمان ئي نھ ھوندس).
پوءِ اھڙي حالت ۾ جيڪڏھن ڪنھن ذريعي ڪنھن کي روزي
ملندي ھجي ۽ اھا بند ٿي وڃي تھ دل ۾ پيچ تاب نھ
کائڻ گھرجي. بلڪھ انھيءَ جو يقين رکجي تھ مالڪ
سائين جيڪڏھن ھڪ در لٽيندو تھ سو پٽيندو. حصور '
جن بھ فرمايو آھي تھ ”خدا تعاليٰ کي بھ اھو منظور
آھي تھ پنھنجي مؤمن بندي کي اھڙي ھنڌان رزق پھچائي
ڏئي جتان مؤمن کي ڪو گمان ئي نھ ھجي.“
حضرت سفيان ٿو فرمائي تھ خدا تعاليٰ کان ڊڄڻ گھرجي. مان ڪنھن بھ
شخص کي جيڪو خدا تعاليٰ کان ڊڄي ٿو محتاج نھ ڏٺو
آھي. يعني خداوند ڪريم خوف ۽ تقويٰ رکندڙ جون
ضرورتون ائين نھ ڇڏي ڏيندو آھي بلڪھ مسلمانن جي دل
۾ وجھي ڇڏيندو آھي ۽ اھي ھن کي روزي پھچائي ويندا
آھن.
مفضل ضبي ٿو ڳالھھ ڪري تھ مان ھڪڙي اعرابي کان پڇيو تھ تنھنجي
معاش جو ذريعو ڇا آھي. جواب ڏنائين تھ حاجين جي
اچڻ تي حياتي بسر ڪندو آھيان. مان چيومانس تھ حاجي
جڏھن ھليا ويندا آھن تھ پوءِ ڇا ڪندو آھين. ھن تي
ھو روئڻ لڳو ۽ چيائين تھ جيڪڏھن روزيءَ جي ملڻ جو
سبب معلوم ھجي ھا تھ فلاڻي جڳھھ کان ھوندي آھي تھ
پوءِ تھ زندگي ئي نھ ھجي ھا.
حضرت ابو حازم رحھ جو قول آھي تھ منھنجي خيال ۾ دنيا ۾ ٻھ شيون
آھن. ھڪ اھا جيڪا منھنجي لاءِ آھي ۽ اھا مون کي
مقرر وقت تي ضرور ملي ويندي. وقت کان اڳ مان اھا
وٺي نٿو سگھان پوءِ کڻي مان زمين آسمان جو زور
لڳايان. ٻي شيءِ اھا آھي جيڪا ٻين لاءِ آھي، اھا
شيءِ نھ مون کي اڳي ملي آھي ۽ نھ اھا اميد آھي تھ
اڳتي ملندي ڇاڪاڻ تھ جيڪا ھستي منھنجي حصي کي ٻين
کان ئي بچائي اھا ئي ٻين جي شيءِ بھ مون کان بچائي
ٿي. پوءِ انھن ٻنھي شين لاءِ مان پنھنجي جان ڇو
کپايان.
ڄاڻڻ گھرجي تھ ھي علاج انھيءَ ڳالھھ کي ٽارڻ لاءِ آھي جيڪا
شيطان جي طرف کان مفلسي ۽ تنگي جو خوف دل تي طاري
ٿي ڪري. مٿي ذڪر ڪيل نموني ۾ سوچڻ ۽ خيال ڪرڻ سان
اھو مفلسي ۽ اڻ ھوندائپ جو خوف بلڪل دفع ٿئي ٿو
وڃي.
ٽين ڳالھھ اھا آھي تھ ماڻھو قناعت جي فائدن کان آگاھھ ھجي تھ
قناعت ڪرڻ سان ماڻھو کي استغنائي ۽ بي پرواھي جي
زندگي حاصل ٿي ٿئي ۽ حرص ۽ طمع سببان رسوائي ۽ ذلت
جي. جڳڏھن اھا ڳالھھ دل ۾ ويھجي وئي تھ ماڻھو
قناعت جي طرف ئي رغبت رکندو ڇاڪاڻ تھ حرص ۾ مشقت
آھي ۽ طمع ۾ ذلت کان ھو بچي ٿو سگھي. قناعت ۾ فقط
شھوتن ۽ فضول ڳالھين کان صبر ڪرڻ جي ٿوري مشقت
برداشت ڪرڻي ٿي پوي مگر ھيءَ مشقت ۽ تڪليف اھڙي
آھي جنھن جي خبر خدا تعاليٰ کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي
پئجي نٿي سگھي ۽ انھيءَ ڪري الله تعاليٰ انھيءَ
لاءِ آخرت جو ثواب ٿو عطا فرمائي. انھيءَ جي برعڪس
حرص ۽ طمع جون خرابيون اھڙيون آھن جن کي سڀ ماڻھو
ڏسي ٿا سگھن ۽ گناھن جو بار انھيءَ کان علاوه ٿو
پوي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ طمع ۽ حرص ۾ نفس جي بزرگي ۽ حق جي فرمانبرداري
اھي ٻئي شيون موجود نھ ٿيون رھن. حرص ۽ طمع جي
ڪثرت جي تقاضا اھا ھوندي آھي تھ ماڻھن کان گھڻا ڪم
نڪرن، انھيءَ لالچ واري حالت ۾ ٻين کي سڄي ڳالھھ
ڏانھن مائل ڪرڻ ڪٿي ٿو ٿي سگھي بلڪھ انھن جون ظاھر
ظھور واريون برايون ڏسي پنھنجي غرض حاصل ڪرڻ لاءِ
انھن سان نرم نرم ڳالھيون ۽ چشم پوشي ڪرڻي ٿي پوي.
ياد رکڻ گھرجي تھ بري ماڻھوءَ کي براين کان آگاھھ
نھ ڪرڻ سان ۽ ھن جي بدعنوانين کي گدرءزر ڪرڻ سان
دين کي تمام سخت نقصان ٿو پھچي. پوءِ جيڪڏھن ماڻھو
پيٽ جي خواھش تي نفس جي بزرگي کي ترجيح نٿو ڏئي
اھو وڏو بيوقوف ۽ ناقص الايمان يعني ضعيف ايمان
وارو آھي. آنحضرت ' جن فرمايو آھي تھ ”ماڻھن کان
بي پرواھھ رھڻ ۾ ايماندار جي عزت آھي.“ ھن منجھان
معلوم ٿيو تھ آزادي ۽ عزت ٻئي قناعت منجھان ٿيون
حاصل ٿين. انھيءَ بناھھ تي ڪنھن بزرگ جو قول آھي
تھ ڪيڏو بھ کڻي ڪو وڏوماڻھو ھجي. اوھان ھن کان بي
پرواھھ ۽ لاغرض رھو تھ اوھان بلڪل ھن ھن جھڙي
حيثيت وارا ۽ ھن جا نظير يعني ھن جھڙا ٿي ويندا.
ٻئي پاسي وري ڪيترو بھ ڪو گھٽ درجي وارو نيچ ماڻھو
ھجي ۽ اوھان انھيءَ وٽ پنھنجو غرض کڻي وڃو تھ
توھان ھن کان نيچا ليکبا ۽ ھن جا ڄڻ تھ مطيع ۽
پابند رھندا. ساڳيءَ طرح اوھان جنھن تي احسان ٿا
ڪريو تھ اوھان ھن جا ھڪ قسم جا امير بنجي ٿا وڃو.
چوٿين ڳالھھ اھا آھي تھ يھودين، نصارن، رذيل ماڻھن، احمقن،
ڪمينن ۽ بيدينن جي نعمتن جي نمائش ۽ انھن جي زندگي
جي نموني تي غور ڪرڻ گھرجي ۽ پوءِ وري انبيائن،
اوليائن، خلفاءِ راشدين، اصحابن سڳورن ۽ تابعين جي
زندگي جا حالات مطالعھ ڪيا وڃن. پوءِ انسان فيصلو
ڪري تھ رذيلن ۽ ڪمينن جي روش اختيار ڪئي وڃي يا
انھن بزرگن جي پيروي ڪري جو خدا تعاليٰ جي مخلوق ۾
سڀ کان وڌيڪ عزت ٿا رکن. اھو يقين آھي تھ جيڪڏھن
چڱن ماڻھن جي پيروي ڪندو تھ ٿوريءَ شيءِ تي قناعت
ڪندو ۽ قوت لايموت تي صبر ڪرڻ آسان ٿي پوندس ۽ سڀ
کان وڌيڪ اھا ڳالھھ آھي تھ ھو انبيائن ۽ اوليائن
جي ٽولي مان شريڪ ٿي پوندو. مگر جيڪڏھن ذيلن جي
راھھ ورتائين تھ ڪجھھ بھ حاصل ڪو نھ ٿيندس. مثلا
جيڪڏھن پيٽ ڀرڻ واري صفت اختيار ڪيائين تھ انھيءَ
ڳالھھ ۾ گڏ ھن کان افضل ٿيندو جو ھو سڀ کان وڌيڪ
کائيندو آھي. جيڪڏھن زنا تي زور رکندو تھ سوئر
انھيءَ ڪم ۾ پاڻ کان بھتر نظر ايندس ۽ جيڪڏھن زيب
زينت ۾ وڃي پيو تھ ان ۾ وري ڪيترا ڪفار ھن کان
وڌيڪ تجمل وارا پيا آھن.
پنجين ڳالھھ اھا آھي تھ مال جي گڏ ڪرڻ کان پوءِ جيڪو خطرو ۽ خوف
پيدا ٿو ٿئي ان تي غور ڪرڻ گھرجي تھ ڪيئن ٿو ماڻھن
جو مال ھر روز چوري ٿيندو رھي ۽ ڪيئن ٿو ان جي تلف
ٿيڻ ۽ ڦرلٽ ھيٺ اچڻ جو انديشو ۽ خوف رھي. ٻئي پاسي
جڏھن وري ماڻھو ھٿين خالي ھوندو آھي تھ انھن سڀني
ڳالھين کان ھو امن ۽ چين ۾ ھوندو آھي. انھيءَ
کانسواءِ مال جون آفتون جيڪي اسان بيان ڪيون آھن
تن کي سوچي ۽ خيال ڪري ڏسي تھ مال گڏ ڪرڻ سببان
جنت جي دروازي کان پنج سؤ سالن تائين دور رھڻو
پوندو. يعني جڏھن ھو ٿوري تي قانع بھ رھندو تھ ھو
تونگرن جي ٽولي ۾ داخل ٿي ويندو ۽ فقيرن جي ٽولي
کان خارج ٿي ويندو جيڪي شاھوڪارن کان پنج سو ورھيھ
اڳي بھشت ۾ ويندا. ھن باري ۾ ڪيئي حديثون وارد ٿي
چڪيون آھن.
ڄاڻڻ گھرجي تھ ھي غور ۽ فڪر تڏھن نصيب ٿيندو جڏھن ماڻھو ھميشه
پاڻ کان گھٽ درجي واري تي نظر ڪندو ۽ وڏي درجي
واري تي نظر ڪندو ۽ وڏي درجي کي نھ ڏسندو ڇاڪاڻ
تھ شيطان ھميشه ماڻھو کي بھڪائي يا ورغلائي زياده
مالدارن جي طرف رغبت ڏياريندو آھي ۽ چوندو آھي تھ
تون ڇو ٿو سستي ڪري. ڏس! مالدار ڪھڙا نٿا مزا وٺن
۽ پنھنجي خوراڪ ۽ پوشاڪ ھميشهعمدي ۽ سٺي رکن. ٻئي
طرف دين جي ڳالھين ۾ وري شيطان ھميشه ٿورين
ڳالھين ڏي ڌيان ڏياريندو آھي ۽ چوندو آھي تھ
پنھنجي نفس تي ايتري تنگي ڇو ٿو ڪرين ۽ ايترو خدا
تعالي کان ڇو ٿو ڊڄين. ھو تھ وڏو غفور رحيم آھي.
فلاڻو شخص ڏس. ھو توکان وڌيڪ علم ٿو رکي. ھو تھ
خدا تعالي کان ڊڄي ئي نھ ٿو. ٻيا ماڻھو بھ سڀ عيش
عشرت کي لڳا پيا آھن. تون ڇو ٿو اجيو انھن نعمتن
کان پاڻ کي محروم رکين. مطلب تھ دنيا ۾ ھميشه پاڻ
کان گھٽ حال واري تي نظر ڪرڻ گھرجي. جھڙيءَ طرح
حضرت ابوذر رضھ ٿو فرمائي تھ مون کي پنھنجي دوست '
جن وصيت فرمايو آھي تھ دنيا مان پاڻ کان گھٽ وارن
تي نظر ڪريان ۽ وڌيڪ حيثيت واري ڏي نھ نھاريان.
انھيءَ کانسواءَ حضرت ابوھرير رضھ کان بھ ھيءَ
حديث مروي آھي تھ ” جڏھن چاھي اوھان منجھان ڪو نظر
ڪرڻ انھيءَ ڏانھن جنھن کي الله تعالي مال ۽ خلق جي
فضيلت ڏني آھي تھ ھن گھرجي تھ تھ نظر ڪري انھيءَ
ڏانھن جيڪو ھن کان گھٽ حيثيت وارو آھي ۽ پاڻ کي
فضيلت حاصل اٿس.“
اميد تھ ھن پنھنجي ڳاليھن جي ذريعي ماڻھوءَ ۾ قناعت جي صفت اچي
ٿي سگھي ۽” سو جي ڳالھھ ھڪ“ تھ ماڻھوءَ صبر اختيار
ڪري ۽ اميدن کي ڪوتاه ڪري ۽ سمجھي تھ ابدا لاباد
يعني ھميشه ھميشه واري حياتي جي آرام ۽ مزي لاءِ
دنيا ۾ ٿورن ڏينھن صبر ڪرڻو آھي جھڙيءَ طرح بيمار
ماڻھو دوا جي ڪوڙاڻ تي صبر ڪندوآھي تھ تندرست ٿي
پوءِ ھميشه پيو مزا ماڻيندس.
بيان ڇھون
سخاوت جي فضيلت
ڄاڻڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ماڻھوءَ وٽ مال ناھي تھ ھن
کي قانع ۽ گھٽ حرص سان رھڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن مال اٿس
تھ ايثار، سخاوت ۽ نيڪ سلوڪ ڪرڻ ۾ ڪوتاھي نھ ڪري
۽بخل ۾ امساڪ ( ڪنجوسي) کان ڪوھن جا ڪوھ پري ڀڄي،
ڇاڪاڻ تھ سخاوت انبياءَ عليھم السلام جي اخلاقن
منجھان آھي ۽ ڇوٽڪاري اصل پاڙ بھ اھا ئي آھي. حديث
شريف ۾ آنحضرت ' جن بھ سخاوت جي باري ۾ ھن طرح
ارشاد فرمايو آھي تھ ” سخاوت جنت جي وڻن منجھان ھڪ
وڻ آھي جنھنجون ٽاريون زمين تي جھڪيون پيون آھن.
جيڪو انھن منجھان ھڪڙي ٽاري کي پڪڙيندو آھي انھيءَ
کي اھا ٽاري جنت ڏانھن ڇڪي ويندو آھي”.
حضرت جابر رضھ کان روايت آھي تھ حضور ' جن فرمايو تھ ” مون کي
جبرئيل عليه جي معرفت ھي قول الله تعالي جو پھتو
آھي تھ اسلام اھو دين آھي جنھن کي مان پنھنجي لاءِ
پسند ڪيو آھي ۽ ان جي اصلاح، سخاوت ۽ حسن خلق تي
ٻڌل آھي. پوءِ توھان کي گھرجي تھ انھن سين سان
جيتري قدر ٿي سگھي اسلام جي تعظيم ڪريو.“ ( ٻي
روايت ۾ ھن طرح آيو آھي تھ جيسين اسلام سان گڏ
رھو تيسين انھن ٻنھي ڳالھين سان ھن جي عزت ڪريو).
حضرت عائشه صديق رضھ کان پڻ روڳايت آھي تھ ڪنھن حضور' جن ارشاد
فرمايو آھي تھ خدا تعالي پنھنجن سڀني اوليائن کي
سخاوت ۽ حسن خلق سان ئي پيدا ڪيو آھي. حضرت جابر
رضھ کان روايت آھي تھ ڪنھن حضور' جن کان پڇيو تھ
اعمالن ۾ افضل ڪھڙو عمل آھي، تھ حضور' جن فرمايو
تھ ”صبر ۽ سخاوت“.
حضرت عبدالله بن عمر رضھ کان روايت ٿيل آھي تھ آنحضرت ' جن
فرمايو اھي تھھ الله تعالي کي ٻھ عادتون چڱيون
لڳنديون آھن ۽ ٻھ بريون. جيڪي عادتون ھن کي محبوب
آھن، اھي آھن: حسن خلق ۽ سخاوت ۽ جيڪي ناپسند اٿس
اھي آھن: بخل ۽ بد خلق. ۽ جڏھن خدا تعالي ڪنھن
ٻانھي جي بھتري چاھيندو آھي تھ ھن جي مٿان ماڻھن
جون حاجتون پوريون ڪرائيندو آھي ( يعني ھو سخاوت
ڪندو آھي )
حضرت مقدام بن شريح پنھنجي پيءُ کان ۽ ھن جو پيءُ پنھنجي پيءُ
کان روايت ٿو ڪري تھ انھن آنحضرت ' جن جي خدمت ۾
عرض ڪيو تھ مون کي ڪوئي اھڙو عمل ٻڌايو جنھن سان
مان جنت ۾ وڃان. پان فرمايائونس تھ ” مغفرت جي
لاءِ ھي ڳالھيون واجبي آھن. بذل الطعام ( ماني
کارائڻ)، انشاءَ السلام ( ٻئي تي سلام ڦھلائڻ) ۽
حسن الڪلام ( سھڻيءَ طرح گفتگو ڪرڻ)“
حضرت ابو ھريره رضھ کان روايت آھي تھ حضور' سخاوت جنت ۾ ھڪ وڻ
آھي. جيڪو سخي ٿو ٿئي اھو انھيءَ وڻ جي ٽاريءَ کي
پڇڪڙي ٿو وٺي ۽ انھيءَ جي ذريعي جنت ۾ داخل ٿئي ٿو
وڃي ۽ بخل وري ھڪ درخت آھي دوزخ جو. بخيل ھن جي
ٽاريءَ کي پڪڙي ٿو تان جو اھا ٽاري ھن کي وڃي دوزخ
۾ ٿي داخل ڪري.
حضرت ابو سعيد خدري رضھ کان ھيءَ حديث قدسي مروي آھي تھ حضور'
جن فرمايو تھ خدا تعالي ارشاد ٿو فرمائي تھ منھنجن
رحمدل بندن کي بخشش جي درخواست ڪريو ۽ انھن جي
پناه ۾ زندگي بسر ڪريو. مان انھن ۾ پنھنجي رحمت
ڀري ڇڏي آھي. خبردار! سخت دل وارن کان ڪجھ بھ نھ
گھرجو. انھن تي مان پنھنجو غضب نازل ڪري ڇڏيو آھي.
حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ' جن فرمايو تھ سخيءَ جي
گناه کي در گذر ڪري ڇڏيندا ڪريو ڇاڪاڻ تھ جڏھن سخي
مرد ڪا لغزش ٿو کائي تھ خدا تعالي ھن جو ھٿ جھلي
ٿو وٺي ( ۽ ھو گناه جي کڏ ۾ ڪرڻ کان بچي ٿو وڃي).
حضرت ابن مسعود رضھ کان روايت آھي تھ پاڻ سڳورن ' فرمايو تھ
ماني کارائڻ واري ايترو جلد ٿو رزق پھچي جو اٺ جي
ڪونھٺ تي ڇري بھ ايترو جلد ڪارگر نھ ٿي ٿئي ۽
خداوند ڪريم ماني کارائڻ وارن تي فرشتن اڳيان فخر
ٿو ڪري ٿو تھ ڏسو! انسان ۾ اھي صفتون آھن جيڪي
اوھان منجھھ ناھن.“
ھڪڙي حديث شريف ۾ آيو آھي تھ” تحقيق الله تعالي وڏو سخي انسان ۾
اھي صفتون آھن جيڪي اوھان منجھھ ناھن.
ھڪڙي حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ” تحقيق الله تعالي وڏو سخي آھي ۽
سخاوت کي پسند ٿو ڪري ۽ پڻ پسند ٿو ڪري نيڪ اخلاقن
کي ۽ برو ٿو سمجھي بيڪار ڳالھين کي.“
حضرت انس رضھ کان روايت آھي تھ حضور سرور ڪائنات ' کان جنھن بھ
اسلام جي نالي تي جيڪي بھ گھريو اھو انھيءَ کي
عنايت ڪيو. انھيءَ حد تائين جو ھڪڙو ماڻھوءَ جي
سوال ڪرڻ تي ھن کي صدقي جي ٻڪرين منجھان ايتريون
ٻڪريون ڏنيون جيڪي ٻن جبلن جي وچ ۾ ان وقت ڪٺيون
بيٺيون ھيون. اھو شخص پنھنجي قوم ۾ وڃي چوڻ لڳو تھ
مسلمان ٿيو! محمد ' جن ايترو ڏئي ٿا ڇڏن جو فاقھ
جو خوف بلڪل ڪو نھ ٿو رھي.
حضرت ابن عمر رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ' جن فرمايو تھ الله
تعاليٰ پنھنجن بندن کي نعمت چونڊي چونڊي ٿو ڏئي
جيئن انھن جي ھٿان ٻين جو ڪم نڪري. پوءِ جيڪو ٻين
کي نفعي پھچائڻ ۾ بخل ٿو ڪري تھ الله تعاليٰ
پنھنجي نعمت ان کان کسي ٻئي جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي.
حضرت ھلالي رضھ ٿو روايت ڪري تھ آنحضرت ' جن وٽ بني عنبر جي
قبيلي جا ڪي قيدي پڪڙي آيا. پاڻ سڳورن ' سڀني جي
قتل جو حڪم صادر ڪرڻ فرمايو مگر ھڪڙي ماڻھوءَ کي
ڪڍي ٻاھر ڪيائون. حضرت علي ڪرم الله وجھھ عرض ڪيو
تھ يا رسول الله ' خدا تعاليٰ ھڪ آھي. ھن جو دين
بھ ھڪ آھي ۽ گناھھ جيڪو ھنن ماڻھن ڪيو آھي اھو بھ
ھڪڙو ئي آھي. پوءِ ھي شخص ڪيئن پنھنجي قوم کان الڳ
ٿيو ۽ قتل کان بچي ويو. پاڻ فرمايائون تھ حضرت
جبرئيل عليه السلام مون وٽ آيو ۽ چيائين تھ ھنن
سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ھن ھڪڙي کي ڇڏي ڏيو. الله
تعاليٰ ھن جي سخاوت قبول فرمائي آھي.
ھڪ حديث ۾ آھي تھ حضور ' جن فرمايو تھ ھر شيءِ جو ڦل ٿيندو آھي
۽ احسان جو ڦل آھي جلد نجات جو حاصل ٿيڻ.
حضرت نافع حضرت ابن عمر کان راوي آھي تھ آنحضرت ' جن فرمايو تھ
”سخي مرد جو طعام دوا آھي ۽ بخيل جو طعام بيماري
آھي.“
ھڪ حديث ۾ آيو آھي تھ جنھن کي خدا تعاليٰ زياده نعمت ٿو ڏئي ان
کي ماڻھن جي مشقت زياده برداشت ڪرڻي ٿي پوي. پوءِ
جيڪو اھا مشقت (کارائڻ پيارڻ وغيره جي) برداشت نٿو
ڪري سگھي تھ ان جي نعمت الله تعاليٰ الڳ ڪري ٿو
ڇڏي.
حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمائيندو ھو تھ اھا ڳالھھ وڌيڪ ڪندا
ڪريو جنھن کي باھھ نھ کائي. ماڻھن عرض ڪيو تھ اھا
ڪھڙي شيءِ آھي. جواب ڏنائون تھ ”احسان“ (يعني ڪنھن
تي ڏيڻ وٺڻ جو ٿورو ڪرڻ).
حضرت عائشه رضي الله عنھا ٿي فرمائي تھ آنحضرت ' جن فرمايو تھ
”جنت سخي مردن جو گھر آھي.“
حضرت ابوھريره رضھ روايت ٿو ڪري تھ حضور ' جن فرميو تھ سخي مرد
الله جي، جنت جي ۽ ماڻھن جي ويجھو ٿو ٿئي ۽ دوزخ
کان دور ٿو رھي. ۽ بخيل الله تعاليٰ، جنت ۽ ماڻھن
کان دور ۽ دوزخ جي ويجھو ٿو رھي. ۽ جاھل سخي خدا
تعاليٰ وٽ عالم بخيل جي بنسبت زياده محبوب آھي ۽
سڀني بيمارين کان سخت بخل جي بيماري آھي.“ اھو پڻ
فرمايائون تھ ”احسان ڪر انھيءَ سان جيڪو اھل ھجي
ان جو يا اھل نھ بھ ھجي ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن تون اھل
تي احسان ڪندين تھ اھو تھ اھل ۽ لائق تي احسان ٿيو
۽ جيڪڏھن نااھل تي ٿيندو تھ تون گھٽ ۾ گھٽ احسان
ڪرڻ جو اھل ليکيو ويندين.“
ٻي حديث شرف ۾ حضور ' جن فمرائين ٿا تھ منھنجي امت جا ڪي ابدال
جنت ۾ روزي نماز سببان داخل نھ ٿيندا بلڪھ نفس جي
سخاوت، سيني جي صفائي ۽ مسلمانن جي خير خواھيءَ
سبب جنت ۾ ويندا.
حضرت ابو سعيد خدري رضھ کان روايت آھي تھ حضور ' جن فرمايو تھ
خاوند ڪريم پنھجن بندن لاءِ احسان جي باري ۾ ڪيئي
صورتون بڻائي ڇڏيون آھن. پھريون تھ سلوڪ ڪرڻ خود
پاڻ کي ڏاڍو پسند اٿس. ٻيو تھ احسان ۽ سلوڪ ڪرڻ
وارن جي محبت خلق جي دلين ۾ وجھي ڇڏي اٿس. ٽيون تھ
اھسان جي طلب ڪرڻ وارن جو رخ احسان ڪندڙن جي طرف
ڦيري ڇڏيو اٿس. چوٿون خير خيرات انھن تي ايتري
آسان ڪري ڇڏي اٿس جيترو پاڻ پنھنجي سخاوت جي خزاني
منجھان خشڪ زمين تي بارش عنايت فرمائيندو آھي ۽
زمين کي ۽ انسانن کي ٤ جي ذريعي زنده ڪندو آھي.“
اھو پڻ فرمايو اٿن تھ ”ماڻھوءَ جو ھر سلوڪ صدقي يا
خيرات ۾ داخل آھي ۽ جيڪي ڪجھھ ماڻھو پنھنجي نفس تي
۽ پنھنجي گھر وارن تي خرچ ٿو ڪري اھو بھ ھن جي حق
۾ خيرات ۽ صدقو لکيو ٿو وڃي، جنھن خرچ سان ماڻھو
پنھنجي عزت بچائي اھو بھ خيرات ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي
۽ انسان ڪھڙيءَ طرح بھ خرچ ڪري الله تعاليٰ تي
انھيءَ جو عيوض پھچائي ڏيڻ ضروري آھي.“ ازانسواءِ
پاڻ فرمايو اٿن تھ ”خدا تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه
السلام ڏانھن وحي موڪليو تھ سامري کي قتل نھ ڪيو
وڃي ڇاڪاڻ تھ ھو سخي آھي.
حضرت جابر رضھ کان روايت آھي تھ آنحضرت ' جن ھڪ لشڪر موڪليو ۽
ان جي مٿان قيس بن سعد بن عباده کي ”حاڪم“ مقرر
ڪيو. جڏھن جھاد ٿيو تھ حضرت قيس رضھ لشڪر وارن
لاءِ ٽي وڳ اٺن جا ذبح ڪري ڇڏيا. ماڻھن اھا ڳالھھ
وڃي حصور ' جن سان ڪئي. پاڻ فرمايائون تھ سخاوت تھ
انھيءَ خاندان جي ھڪ خاص خصلت ۽ نشاني آھي.
آثار: حضرت علي ڪرم الله وجھھ ٿو فرمائي تھ جڏھن ماڻھوءَ ڏانھن دنيا
رخ رکي تھ انھيءَ منجھان خرچ ڪندو رھي. ڇاڪاڻ تھ
خرچ ڪرڻ سان دنيا فنا نٿي ٿئي ۽ جيڪڏھن دنيا پٺي
ٿي ڏئي ۽ ڪنھن ماڻھو کي ڇڏڻ واري آھي تھ تڏھن بھ
خرچ ڪري ڇاڪاڻ تھ ھوءَ ھاڻي رھندي تھ ھن وٽ ھونءَ
بھ ڪا نھ. ھي فرمائي پوءِ ھڪ رباعي پڙھيائون جنھن
جي معنيٰ آھي.
”بخل نھ ڪر جڏھن دنيا توڏي رخ رکي. خرچ ڪرڻ يا اسراف ڪرڻ ھن کي
گھٽائي نٿو ۽ جڏھن پٺي ڏئي توکي تھ پوءِ بھ خرچ
ڪر. ڇاڪاڻ تھ ھن جي وڇڻ کان پوءِ ماڻھن جو شڪريھ
تولاءِ پٺتي رھجي ويندو.
امير معاويھ رضھ حضرت امام حسن عليه السلام کان پڇيو تھ ”مروت،
رفعت ۽ ڪرم“ ڇا کي چوندا آھن. پاڻ فرمايائون تھ
مروت انھيءَ جو نالو آھي جو ماڻھو پنھنجي دين جي ۽
نفس جي حفاظت ڪري ۽ پنھنجي مھمان کي سھڻيءَ طرح
قيام ڪرائي ۽ ھڪ ٻئي سان جھڳڙي فساد ڪرڻ يا مڪروھھ
ڳالھين ۾ ڦاسي وڃڻ کانپوءِ انھن کي سھڻيءَ طرح
نباھي، رفعت يا بلند اخلاقي اھا آھي تھ ماڻھو
پنھنجي پاڙيسريءَ جي مصيبت کي ٽاري ۽ جن جاين تي
صبر ڪرڻو ھجي. اتي سھڻيءَ طرح صبر ڪري، ڪرم اھو
آھي جيڪو سوال ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنھن سان سلوڪ ڪيو وڃي
۽ پوري وقت تي مھمان کي ماني کارائجي ۽ باوجود مال
ڏيڻ جي سائل سان نرميءَ سان پيش اچجي.
ڪنھن شخص حضرت امام حسن رضي الله عنه جي خدمت ۾ ھڪ چٺي لکي پيش
ڪئي. پاڻ چٺي پڙھڻ کانسواءِ ھن کي فرمايائون تھ ھا
۽ پوءِ کڻي ان جي استدعا مطابق ھن کي ورندي ڏيو
ھا. پاڻ فرمايائون تھ الله تعاليٰ جل شانه مون کان
سوال ڪري ھا تھ ھن شخص کي مان پنھنجي اڳيان ذلت
سان جو بيھاريو جيستائين مان اھا عرضي پڙھي (يعني
ڪجھھ وقت خواھ مخواھھ سائل اسان جي اڳيان نماڻو ٿي
بيھي ھا ۽ اھا ڳالھھ باري تعاليٰ کي ناپسند آھي).
ابن سماڪ رحھ ٿو چوي تھ مون کي ڏاڍو تعجب ٿو لڳي جو ماڻھو
پنھنجي مال سان ٻانھا ۽ ٻانھيون ٿا خريد ڪن ۽ آزاد
انسان کي (مال ڏيڻ سان) احسان جو بندو يا بانھو
نٿا بڻائن.
ھڪڙي عرب کان پڇيائون تھ توھان جو سردار ڪير آھي. چيائين تھ
جيڪو اسان جون اريون برداشت ڪري، اسان جي سائل کي
ڪجھ ڏئي ۽ اسان جي جاھلن جي زيادتين کي درگذر ڪري.
حضرت امام زين العابدين رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ جنھن شخص ۾
اھا وصف ھجي جو گھرڻ تي پنھنجو يندو ھجي تھ اھو
سخي ناھي بلڪھ سخي اھو آھي جيڪو بنا گھرڻ جي سڀ
اھي حقوق ادا ڪري جيڪي خدا تعاليٰ ھوند وارن تي
رکي ڇڏيا آھن ۽ ھن جي نفس ۾ انھيءَ جي شڪريھ حاصل
ڪرڻ جي محبت يا چاھھ نھ ھجي بلڪھ خدا تعاليٰ جي
طرف کان ڪامل ثواب ملڻ جو يقين رکي (يعني ڪامل
ثواب ملڻ جي يقين ھئڻ سببان ڪجھھ بھ ڏيڻ جي عيوض ۾
شڪريھ جي طلب نھ ڪري).
حضرت حسن بصري رحھ کان ڪنھن پڇيو تھ سخاوت ڇا آھي جواب ڏنائين
تھ خدا جي راھھ ۾ مال ڏئي ڇڏڻ. پوءِ پڇيائونس تھ
حزم يا احتياط ڇا کي ٿا سڏين. چيائين تھ خدا
تعاليٰ جي راھھ ۾ مال نھ ڏيڻ کي حرم چوندا آھن وري
پڇيائونس تھ اسراف ڇا ھي – چيائين تھ سرداري يا
افسري حاصل ڪرڻ لاءِ خرچ ڪرڻ کي اسراف سڏيو آبي.
حضرت امام جعفر صادق رحھ ٿو فرمائي تھ عقل کان وڌيڪ مدد ڪرڻ
وارو ڪوئي مال ڪونھي. جھالت کان وڌيڪ ٻي ڪائي
مصيبت ڪانھي ۽ مشوري کان وڌيڪ ٻي ڪا بھ تقويت يا
پٺ ڀرائي ڪانھي. ياد ڪري ڇڏيو تھ خدا تعاليٰ ھيئن
ٿو فرمائي تھ مان جواد (ڏاڍو سخي) ۽ ڪريم آھيان ڪو
بھ بخيل مون کان بچي نھ ھلندو بخل يا ڪنجوسي ڪفر
منجھان آھي ۽ ڪفر وارا دوزخ ۾ ويندا ۽ جود ۽ ڪرم
يعني سخا ايمان منجھان آھي ۽ ايمان وارا جنت ۾
ويندا.
حضرت حذيفھ رضھ ٿو فرمائي تھ ڪيترا ماڻھو آھن جيڪي ظاھر ۾
پنھنجي دين ۾ فاجر يعني گنھگار آھن ۽ روزگار ڏاڍو
تنگ اٿن مگر اھي جنت ۾ ويندا محض پنھنجي سخاوت ۽
دل جي ڪشادگيءَ جي سبب.
حضرت احنف بن قيس ھڪڙي ماڻھوءَ کي ھٿ ۾ درھم ڏسي پڇيو تھ ھي
ڪنھن جو آھي ھن جواب ڏنو تھ ھي منھنجو درھم آھي.
پاڻ فرمايائونس تھ ھي تنھنجو تھ تڏھن ٿيندو (يعني
توکي فائدو فقط تڏھن پھچائيندو) جڏھن تنھنجي ھٿ
منجھان صفا نڪري ويندو. ھن باري ۾ ڪنھن شاعر چيو
آھي تھ:
”تون مال جو آھين جيسين تون ھن کي پاڻ وٽ روڪي ٿو رکين، جڏھن
تون خرچ ٿو ڪرين ان کي تھ ھو تنھنجي لاءِ ٿي ٿو
پوي.“
”مال جب تک ھاتھھ سي جاتا نھين
آدمي کي کام مين آتا نھين“
چون ٿا تھ واصل بن عطا تي غزال جو نالو ھن ڪري پيو
جو ھر وقت غزالن يعني ڪتڻ وارن وٽ وڃي ويھندو ھو ۽
جيڪا ڪا ضعيف عورت اتان لنگھندي ھئي ان کي
ڪجھھاصمعي کان خيرات ڏيندو ھو.
اصمعي کان روايت آھي تھ امام حسن رضھ، امام حسين رضھ ڏانھن عتاب
لکيو تھ شاعرن کي تون ڇو ٿو ڏئين، جواب ڏنائين تھ
مال بھتر اھو آھي جنھن سان ماڻھو پنھنجي عزت
بچائي.
سفيان بن عينيه کان جڏھن ڪنھن سخاوت ببات پڇيو تھ چيائين تھ
سخاوت اھا آھي جنھن سان ماڻھو پنھنجي ڀائرن سان
ڀلائي ڪري ۽ مال انھن تي خرچ ڪري ڇڏي. وڌيڪ
ٻڌايائين تھ منھنجي پيءُ کي پنجاھھ ھزار درھم ورثي
۾ مليا ھئا. انھن کي ٿيلھين ۾ ڀري ڀائرن ۾ تقسيم
ڪري ڇڏيائين ۽ چيائين تھ مان ھن وقت تائين پنھنجن
ڀائرن لاءِ نماز ۾ جنت گھرندو ايندو ھوس. پوءِ
ھاڻي جڏھن مال مون وٽ آيو آھي تھ انھن کي نھ ڌيان
۽ رڳو پاڻ وٽ رکي ڇڏيان. اھا ڳالھھ ھرگز مناسب نھ
آھي.
حضرت حسن رضھ ٿو فرمائي تھ موجوده شيءِ کي دلي ڪوشش سان يعني
وڏي دل ڪري ڏيڻ اعليٰ درجي جي سخاوت آھي (يعني
سخاوت ھميشه دل کولي ڪرڻ گھرجي. دل ڪيٻايو تھ
سخاوت ڇٽي).
ھڪڙي سياڻي کان ڪنھن پڇيو تھ ماڻھن ۾ سڀ کان وڌيڪ محبوب تنھنجي
اڳين ڪير آھي. جواب ڏنائين تھ اھو شخص جنھن مون کي
گھڻو ڏنو ھجي. تنھن تي ھن چيس تھ ڀلا جيڪڏھن توکي
ڏيڻ وارو ڪو بھ ڪو نھ ھجي تھ پوءِ؟ چيائين تھ اھو
وڌيڪ محبوب آھي. جنھن کي مان گھڻو ڏنو ھجي.
عبدالعزيز بن مروان رحھ جو قول آھي تھ جيڪو شخص مون کي پاڻ تي
احسان ڪرڻ ٿو ڏئي تھ جيتري قدر منھنجو احسان ھن تي
ٿيندو اوتري قدر ھن جو احسان مان پاڻ تي ٿو
ڀانيان.
خليفھ مھديءَ، شبيب بن شيبھ کان پڇيو تھ ماڻھن جو حال تو منھنجي
گھر ۾ ڪھڙو ڏنو. ھن وراڻي ڏني تھ اي امير
المؤمنين! مان ھي حال ڏٺو تھ جيڪو بھ جيڪا اميد
کڻي آيو اھا پوري ڪري موٽيو.
ھڪڙي شخص عبدالله بن جعفر رضھ جي اڳيان ٻھ شعر پڙھيا جن جو
مضمون ھيءُ ھو:
”احسان تڏھن ٿو احسان ٿئي جڏھن ان کي پوري موقعي تي ادا ڪيو ٿو
وڃي. پوءِ انسان احسان ڪري تھ خدا جي راھھ ۾ عزيزن
۾ ڪري نھ تھ احسان ڪرڻ ڇڏي ڏي.“
عبدالله چيو تھ ھن مضمون سان تھ ماڻھو بخيل ٿئي ٿو وڃي. مان تھ
ماڻھن جي مٿان وڏي بارش وانگر مال وسائيندو رھندس.
جيڪڏھن اھو چڱن ماڻھن کي پھچندو تھ اھي انھيءَ جا
اڳيئي مستحق آھن ۽ جيڪڏھن اھو برن کي پھچندو تھ
مان شان جي لائق ٿي ويندس (ڇاڪاڻ تھ چڱن کي سڀڪو
پيو مدد ڪري. کرو ڪو بري کي مدد ڪري).
سخي مردن جون حڪايتون
محمد بن منڪدر، ام دره جيڪا حضرت عائشه رضھ جي خدمت چاڪري ڪندي
ھئي انھيءَ کان روايت ٿو ڪري تھ ھن مائيءَ ڳالھھ
ڪئي تھ ھڪ دفعي حضرت معاويھ ھڪ لک اسي ھزار درھم
ٻن ڳوڻين ۾ وجھي حضرت عائشه رضھ ڏانھن موڪليا. پاڻ
سڳوريءَ ھڪڙو وڏو ٿالھھ گھرائي ان ۾ وجھي سڀ درھم
ورھائي ڇڏيا. شام ٿي تھ مون کي چيائين تھ روزي
ڇوڙڻ جي ماني کڻي اچ. ماني ۽ زيتون جو تيل وڃي
اڳيان رکيومان ۽ چيومان تھ اڄ جو توھان ايڏي ساري
رقم تقسيم ڪئي تھ ايترو بھ اوھان کان نھ پڳو جو ھڪ
درھم جو گوشت ئي کڻي گھرايو ھا. ام المؤمنين جواب
ڏنس تھ جيڪر اڳي يادگيري ڏيارين ھا تھ ائين ڪريان
ھا. |