حضرت شعبي رحھ ٿو فرمائي تھ مون کي معلوم ناھي تھ دوزخ ۾ بخل ۽
ڪوڙ منجھان ڪھڙو وڌيڪ ھيٺ تري ۾ ويندو. ابن السماڪ
رحھ ٿو فرمائي تھ ڪوڙ ڇڏڻ ۾ مون کي ڪو ثواب نھ
ٿيندو، ڇاڪاڻ جو مان ان کي دنيا جي غيرت يا ننگ
لاءِ ٿو ڇڏيان. (ھن جي معنيٰ آھي تھ ڪوڙ ھميشه
مانھو خدا تعاليٰ جي خوف کان ڇڏي تھ چڱو). خالد بن
صبيح رحھ کان ڪنھن پڇيو تھ ھڪڙي دفعي جي ڪوڙ
ڳالھائڻ سان بھ ماڻھو ڪوڙو ليکبو ڇا؟ جواب ڏنائين
تھ بيشڪ.
مالڪ بن دينار رحھ ٿو فرمائي تھ ڪنھن ڪتاب ۾ منھنجي نظر کان
گذريو آھي تھ واعظ (وعظ ڪندڙ) جو وعظ ھن جي عمل
سان ڀيٽيو ويندو. جيڪڏھن ٻئي ھڪ جھڙا نڪتا تھ
ٺھيو. باقي جي ڪوڙو نڪتو تھ ھن جون واڇون باھھ جي
قينچين سان چيريون وينديون ۽ جيترا دفعا چيربيون
تھ وري سڳي حالت ۾ اچي پيون وينديون ۽ ھي بھ
انھيءَ جو قول آھي تھ سچ ۽ ڪوڙ ماڻھوءَ جي دل ۾
لڙندا ٿا رھن، تان جو ھڪڙو غالب ٿي ٻئي کي ٻاھر
ڪڍي ٿو ڇڏي. ھڪڙي دفعي عمر بن عبدالعزيز، وليد بن
عبدالملڪ کي ڪجھھ چيو، تنھن تي ھن چيو تھ توھان
ڪوڙ ٿا ڳالھايو. مگر ھن ٻڌايو تھ جڏھن کان مون کي
معلوم ٿيو آھي تھ ڪوڙ ڳالھائڻ جو ڪوڙي ماڻھوءَ کي
عيب لڳايو ٿو وڃي، تڏھن کان وٺي مان ڪوڙ نھ
ڳالھايو.
اھي مقامات (جايون) جتي ڪوڙ ڳالھائڻ جي اجازت آھي
واضح ھجي تھ ڪوڙ ذاتيءَ طرح حرام ناھي، بلڪھ انھيءَ ڪري حرام
آھي، جو ٻئي کي انھيءَ منجھان ضرر ٿو پھچي. ھن ۾
گھٽ ۾ گھٽ اھا ڳالھھ ٿي ٿئي، جو مخاطب ھڪ اصل
ڳالھھ جو اعتقاد ڪري ٿو وڃي ۽ شيءِ جي حقيقت کان
جاھل يا اڻ ڄاڻ رھجي ٿو وڃي. ائين ڪرڻ سان ڪڏھن
ڪڏھن ٻئي جو نقصان بھ ٿي ٿو وڃي. ائين ڪرڻ سان ڪڏھ
ڪڏھن ٻئي جو نقصان بھ ٿي ٿو وڃي. پوءِ جيڪڏھ ڪنھن
ڪم جي حقيقت کان جاھل رھڻ ۾ نفعو ۽ مصلحت نظر اچي
تھ ڪوڙ جي اجازت ھئڻ گھرجي. بلڪھ ڪن حالتن ۾ تھ
اجازت واجب ٿيڻ گھرجي.
ميمون بن مھران رحھ جو قول آھي تھ ڪوڙ ڪن جاين تي سچ کان چڱو
ھوندو آھي. مثلا جيڪڏھن ڪو شخص ڀڄندو اچي ھڪڙي گھر
۾ تنھنجي سامھون لڪي وڃي ۽ ٻيو شخص ھن کي ناحق
مارڻ لاءِ ترار کنيون پٺيان اچي ۽ توکان پڇي تھ
فلاڻو ماڻھو ڪٿي آھي؟ تھ اھڙي صورت ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ
جائز آھي. انھيءَ جو وڌيڪ تفصيل ھي آھي تھ جتي
عمدو مقصد ۽ مطلب ڪوڙ ۽ سچ ٻنھي سان حاصل ٿي ٿو
سگھي تھ اتي ڪوڙ ڳالھائڻ حرام آھي. پر جيڪڏھن رڳو
ڪوڙ ڳالھائڻ سان اھو مطلب حاصل ٿيندو ھجي تھ ڪوڙ
مباح آھي. بشرطيڪ اھو مطلب بھ مباح ھجي ۽ جيڪڏھن
مطلب واجب آھي تھ ڪوڙ بھ واجب ٿي ويندو. جھڙيءَ
طرح مٿين مثال ۾ ناحق قتل کان بچائڻ واجب ھو تھ
اتي ڪوڙ ڳالھائڻ بھ واجب ٿيو. بيو تھ جيڪڏھن لرائي
جھيڙي جو ۽ ٻن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جو مقصد، سواءِ
ڪوڙ ڳالھائڻ جي حاصل ٿي نھ سگھي تھ اھڙن ھنڌن تي
ڪوڙ ڳالھائڻ مباح آھي. مگر جيترو ٿي سگھي، ايترو
انھيءَ کان بھ بچڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ڪوڙ جي عادت ٿي
وڃڻ کانپوءِ انھيءَ ڳالھھ جو خوف ٿو رھي تھ جنھن
ڪوڙ جي ضرورت نھ ھجي تھ اھو بھ زبان منجھان متان
نڪري وڃي يا ضروري مقدار کان زياده نڪري وڃي. ھن
منجھان معلوم ٿيو تھ اصل ۾ ڪوڙ حرام آھي، مگر
ضرورت جي وقت جائز ٿي ٿو سگھي. جھڙيءَ طرح حضرت ام
ڪلثوم رضھ کان روايت آھي تھ مان حضور ﷺ جن کان
ڪڏھن بھ نھ ٻڌو تھ ڪا ڪوڙ جي اجازت فرمائي ھجين،
مگر ٽن جاين تي (مباح فرمايو اٿن). پھريون ٻن
ماڻھن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ وقت، ٻيو لڙائيءَ ۾ ۽
ٽيون زال مڙس جي وچ ۾ (جھيڙي ٽارڻ ۽ محبت وڌائڻ جي
نيت سان) ۽ ھيءَ بھ انھيءَ جي روايت آھي تھ پاڻ
فرمايائون تھ، ”ھر ھڪ ڪوڙ آدم جي اولاد تي لکيو ٿو
وڃي. مگر انھيءَ ماڻھوءَ (تي نٿو لکيو وڃي)، جيڪو
ڪوڙ ڳالھائي ٻن مسلمانن جي وچ ۾ انھيءَ لاءِ تھ
ٻنھي جي وچ ۾ صلح ڪرائي.“
ابو ڪاھل رضھ روايت ٿو ڪري تھ ٻن اصحابن جي وچ ۾ ڇيڙ ڇاڙ ايتري
قدر وڏڌي ويئي، جو ٻئي ھڪ ٻئي کي خون ۽ قتل ڪرڻ
لاءِ تيار ٿي ويا. مون سان جو انھن منجھان ھڪڙو
صاحب مليو تھ مان چيومانس تھ تون فلاڻي سان ڇو ٿو
وڙھين؟ ھو تھ تنھنجي تعريف پيو ڪري. وري ٻئي سان
ملي ان کي بھ ساڳيءَ طرح ڳالھھ ڪيم. تان جو معاملو
اھو بڻيو، جو ٻنھي جي وچ ۾ صلح ٿي ويو. پوءِ مان
دل ۾ سوچيو تھ مان ھنن ٻن کي تھ راضي ڪري وڌم. مگر
منھنجي مٿان تھ ڏوھھ مڙھبو، جو ڪوڙ ڳالھايو اٿم.
انھيءَ ڪري حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي. اھا ساري
ماجرا عرض رکيم. پاڻ فرمايائون تھ اي ابو ڪاھل،
پاڻ ۾ صلح ڪرائڻ گھرجي. پوءِ کڻي ڪوڙ ڳالھائڻ سان
ھجي. عطار بن يسار ٿو فرمائي تھ ھڪ شخص حضور ﷺ جن
کان پڇيو تھ مان پنھنجي زال سان ڪوڙ ڳالھائيندو
ڪريان؟ پاڻ فرمايائونس تھ ڪوڙ ۾ خير ڪونھي. تنھن
تي ھن وري عرض ڪيو تھ ڀلا وعدو ڏيندو ڪيانس؟ پاڻ
فرمايائون تھ ان ۾ مضائقو ڪونھي.
روايت آھي تھ حضرت عمر رضھ جي خلافت جي وقت ۾ ھڪ شخص ابو عمره
وئيلي جو پٽ ھو. ھن جي عادت ھئي تھ عورتن سان نڪاح
ڪري خلع ڪرائيندو ھو. ماڻھن ۾ اچي انھيءَ ڳالھھ جو
چرچو ٿيو ۽ حضرت عمر رضھ کي اھو برو لڳو. جڏھن ھن
(ابو عمره) کي اطلاع مليو تھ حضرت عمر ناراض ٿيو
آھي تھ عبدالله بن ارقم کي ھٿ کان پڪڙي پنھنجي گھر
وٺي ويو ۽ پنھنجي زال کي چيائين تھ مان توکي قسم
ٿو وجھان تھ تون مون سان بغض رکين ٿي يا نھ؟ھن
جواب ڏنو تھ قسم تي نھ پڇ. ھن چيو تھ مان قسم تي
ئي ٿو پڇان. ھن چيو تھ بغض رکان ٿي. ھن ابن ارقم
کي چيو تھ توھان ھن جا لفظ ٻڌا؟ پوءِ ٻئي ڄڻا حضرت
عمر رضھ جي خدمت ۾ آيا ۽ ابو عمره عرض ڪيو تھ
توھان سڀ ماڻھو چئو ٿا تھ مان پنھنجي زالن تي ظلم
ٿو ڪريان ۽ انھن کي ڇڏي ٿو ڏيان. اوھان مھرباني
ڪري ابن ارقم کان پڇو تھ حقيقت ڇا آھي. پاڻ ھن کان
حال پڇيائون ۽ ھن سارو قصو ڪري ٻڌايو. تڏھن پاڻ ھن
جي زال کي گھرايائون، اھا زال ۽ ان جي پڦي ٻئي اچي
حاضر ٿيون. پاڻ ان کان پڇيائون تھ توئي پنھنجي مڙس
کي چيو آھي ڇا تھ مان توکي بڇڙو ڪري ٿي سمجھان؟ ھن
عرض ڪيو تھ سائين مان ھاڻي توبھ ڪري الله تعاليٰ
ڏي رجوع ٿي آھيان. ھن مون کان قسم تي پڇيو، تڏھن
مان ڪوڙ ڳالھائي نھ سگھيس. ڇا مان انھيءَ حالت ۾
ڪوڙ ڳالھائي ٿي سگھان؟ پاڻ فرمايائونس تھ البتھ
جيڪڏھن عورتن کي مرد پسند نھ اچي تھ ھن کي ھرگز نھ
ٻڌائن، ڇاڪاڻ تھ گھر جي آبادي دوستي (يعني پيار)
تي ٻڌل آھي. ماڻھن کي گھرجي تھ اسلام ۽ احسان سان
زندگي بسر ڪن. نواس بن سمعان ڪلابي رضھ کان روايت
آھي تھ حضور ﷺ جن فرمايو آھي تھ، ”اھا ڪھڙي ڳالھھ
آھي، جو مان ڏسان ٿو تھ اوھان گناھن ۾ اھڙيءَ طرح
ٿا وڃي ڪرو، جھڙيءَ طرح پتنگ وڃي باھھ ۾ ڪرندو
آھي. ماڻھوءَ جا سڀ ڪوڙ يقينا لکيا ٿا وڃن، مگر
انھيءَ کانسواءِ، جو آدمي لڙائيءَ ۾ ڪوڙ ڳالھائي،
ڇاڪاڻ جو لڙائي ھڪ فريب آھي يا ٻن ماڻھن جي وچ ۾
ڪينو ھجي ۽ انھن جي وچ ۾ ڪوڙ سان صلح ڪرائي يا
پنھنجي ال کي ڪوڙ ڳالھائي راضي رکي.“
حضرت ثوبان رضھ ٿو فرمائي تھ سڀني ڪوڙن ۾ گناھھ ٿيندو آھي.
سواءِ انھيءَ جي، جنھن ۾ ڪنھن ملمان جو فائدو يا
نقصان جو ٽارو ھجي. حضرت علي ڪرم الله وجھھ ٿو
فرمائي تھ مان جڏھن ڪا روايت حضور ﷺ جن کان نقل
ڪندو آھيان تھ مون کي آسمان کان ھيٺ ڪرڻ چڱو معلوم
ٿيندو آھي، مگر ان روايت ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ چڱو معلوم
نھ ٿيندو آھي ۽ جڏھن پاڻ ۾ نزاع (جھيڙي فساد) جي
ڳالھھ ڪندو آھيان تھ، لڙائيءَ ۾ تھ فريب ھوندو
آھي. پوءِ معلوم ٿيو تھ اھي ٽي جايون حديث ۾
مستثنيٰ (نراليون ۽ الڳ) ڪيون ويون آھن. جيڪڏھن ڪا
ٻي جڳھھ بھ اھڙي ئي ھجي، جنھن ۾ ڪنھن جو پنھنجو يا
ٻئي ڪنھن جو مطلب درست ٿيندو ھجي تھ اھا بھ ھن ۾
داخل آھي. مثلا ڪوئي ظالم ڪنھن کي پڪڙي ان کان پڇي
تھ تنھنجو مال ڪٿي آھي؟ تھ ھن کي اھو چوڻ جائز آھي
تھ مون کي خبر ڪانھي يا ڪوئي زبردست حاڪم پڪڙي پڇي
تھ جيڪو بڇڙو ڪم تو لڪائي ڪيو ھجي، اھو ظاھر ڪر تھ
انھيءَ حالت ۾ جائز آھي تھ انڪار ڪري ۽ چوي تھ مان
نھ ڪڏھن زنا ڪئي آھي نھ شراب پيتو آھي وغيره.
ڇاڪاڻ تھ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ جنھن کان اھڙيون
پليد شيون ٿي وڃن تھ ان کي گھرجي تھ انھن کي
پوشيده رکي. خدا تعاليٰ ھن جا عيب ڍڪيندو ۽ ھن جو
ھڪڙو ٻيو سبب ھي آھي تھ گناھھ کي ظاھر ڪرڻ بھ ھڪ
گناھھ آھي. تنھن ڪري اھا ڳالھھ واجبي آھي تھ آدمي
پنھنجي جان ۽ مال کي ظلم کان بچائي ۽ پنھنجي عزت
کي زبان جي ذريعي محفوظ رکي، توڙي ڪوڙ سان ئي ھجي.
ٻئي ماڻھوءَ جي مطلب لاءِ ڪوڙ ڳالھائڻ جو مثال ھي
آھي تھ ڪو شخص ڪنھن جو راز پڇڻ چاھي تھ چئي ڏي تھ
مون کي خبر ڪانھي يا ٻن ماڻھن وچ ۾ صلح ڪرائي،
جھڙوڪ مٿي بيان ٿي گذريو آھي يا دوستن جي وچ ۾ صلح
ڪرائي ۽ ھر ھڪ کي ھي چوي تھ مان توکي زيادھ ٿو
گھران يا زال کي راضي رکڻ لاءِ ڪنھن اھڙي شيءِ جو
وعدو ڪري، جيڪا ھن جي طاقت کان زياده ھجي يا ڪنھن
شخص کي عذر پيش ڪري ۽ ڄاڻي تھ جيسين ائين نھ چوندس
تھ اڳتي اھا خطا نھ ڪندس يا زياده دوستي نھ
جتائيندس. تيسين ھو نھ مڃيندو تھ اھڙي صورت ۾ ڪوڙ
ڳالھائڻ ۾ ڪو مضائقو ناھي. مگر جيئن جو ڪوڙ
ڳالھائڻ برو ڪم آھي ۽ جيڪڏھن سچ ڳالھائڻ سان اھڙين
جاين تي نقصان ٿو ٿئي تھ انسان کي گھرجي تھ برائي
۽ نقصان ٻنھي جو پاڻ ۾ مقابلو ڪري ڏسي، جيڪڏھن ڪوڙ
ڳالھائڻ جي مقابلي ۾ سچ ڳالھائڻ سان وڌيڪ خرابي ٿي
ٿئي تھ، ڪوڙ ڳالھائي ۽ سچ ڳالھائڻ جي مقابلي ۾ ڪوڙ
ڳالھائڻ سان گھٽ مطلب حاصل ٿو ٿئي تھ سچ ڳالھائڻ
واجب آھي ۽ ڪن وقتن تي ٻئي ڳالھيون اھڙيون اچي ھڪ
جھڙيون ٿينديون آھن، جو انھن ۾ تردد پئجي ويندو
آھي. انھيءَ صورت ۾ سچ ئي ڳالھائڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ
ڪوڙ ھڪ وڏي ضرورت يا حاجت جو محتاج آھي. پوءِ
جيڪڏھن حاجت جي اھم يا ضروري ھجڻ ۾ تردد ھجي تھ
اصل ۾ ڪوڙ حرام آھي ۽ اھڙيءَ جاءِ تي اصل ڏي رجوع
ڪجي (يعني ڪوڙ نھ ڳالھائجي) مگر جيئن جو مقصدن ۽
مطلبن جا درجا ڏاڍا باريڪ آھن ۽ ھر ڪنھن کي معلوم
ٿي نٿا سگھن، انھيءَ ڪري انسان کي ڪوڙ کان ڪنارو
ڪرڻ گھرجي. بلڪھ جيڪڏھن پنھنجي ھاجت بھ کڻي ھجي تھ
ان کي بھ ترڪ ڪري ۽ ڪوڙ کان باز اچي ۽ جيڪڏھن ٻين
جو مطلب ھجي تھ ان لاءِ چشم پوشي ڪري ۽ ناحق نقصان
پھچائڻ نھ گھرجي ۽ اڄڪلھھ جو ماڻھو ڪوڙ ٿا
ڳالھائن، سو صرف پنھنجي نفساني مزي ۽ مال ۽ جاه
وڌائڻ لاءِ ٿا ڳالھائن ۽ اھي اھڙيون ڳالھيون آھن،
جيڪڏھن انھن کي ڇڏي ڏنو وڃي تھ انھيءَ ۾ ڪا بھ
خرابي ڪا نھ آھي. مثلا ھڪ عورت پنھنجي پھاڄ کي ساڙ
ڏيارڻ لاءِ اھڙيون ڳالھيون پنھنجي مڙس جي طرف کان
ٺاھي ٻڌائيندي آھي، جو ھن کي يقين اچي ويندو آھي.
جھڙوڪ: ھوءَ چوندي آھي تھ مون کي ھيترا زيور
ٺھرائي ڏنا اٿس ۽ ھيترا ڪپڙا وٺي ڏنا اٿس وغيره
وغيره، پوءِ اھو ڪوڙ حرام آھي.
آسماِ بنت يزيد روايت ٿي ڪري تھ ھڪڙي عورت آنحضرت ﷺ جن کان سوال
ڪيو تھ مون کي ھڪ پھاڄ آھي، مان ھن کي ساڙ ڏيارڻ
لاءِ چوندي آھيان تھ مڙس مون کي گھڻو ڪجھھ ڏنو
آھي، انھيءَ ۾ مون تي گناھھ ٿيندو ڇا؟ پاڻ
فرمايائون تھ جنھن کي ڪجھھ نٿو ملي ۽ ھوءَ چوي تھ
مون کي مليو آھي تھ اھو ائين آھي، جيئن ڪپڙي کي
فريب ڏيڻ لاءِ دامن يا ٻيو پردو اھڙو لڳائي، جنھن
منجھان ماڻھن کي معلوم ٿئي تھ ٻھ ڪپڙا پيل اٿس ۽
ھي بھ حديث شريف ۾ وارد ٿيل آھي تھ، ”جيڪو شخص
پنھنجي غذا اھا ٿو بيان ڪري، جيڪا ھو نٿو کائي ۽
چوي تھ ھيءَ شيءِ منھنجي آھي ۽ ھن جي نھ ھجي ۽ چوي
تھ ڪا شيءِ مون کي ملي آھي ۽ ھن کي نھ ملي ھجي.
اھو قيامت ۾ ائين ھوندو، جيئن فريب جي ڪپڙي پھرڻ
وارو.“ انھيءَ ۾ ھي بھ داخل آھي، جو ڪوئي عالم بنا
تحقيق ڪا فتويٰ ڏئي ڇڏي ۽ جنھن حديث جو ڪو ثبوت
معلوم نھ ھجي. ان جي روايت ڪري، ڇاڪاڻ تھ ائين ڪرڻ
سان ھن جو سارو مطلب اھو ھوندو آھي تھ ھو پنھنجي
فضيلت ظاھر ڪري انھيءَ ڪري ھن جي زبان منجھان ھي
لفظ نٿا نڪري سگھن تھ مان نٿو ڄاڻان، ھي سڀ
ڳالھيون حرام آھن.
جھڙو حڪم عورتن لاءِ آھي، تھڙو ئي ٻارن لاءِ آھي. اھي بھ بنا
ترغيب ڪنھن وعدي جي يا ڪوڙي دڙڪي جي اسڪول ڏي نٿا
وڃن. پوءِ انھن لاءِ بھ ائين ڪرڻ مباح آھي. ھا
باقي حديثن منجھان اھو معلوم ٿو ٿئي تھ اھڙن ڪمن
ڪري بھ اعمال نامي ۾ ڪوڙ لکيو ٿو وڃي ۽ مباح ڪوڙ
جو بھ حساب ڪتاب ٿو ٿئي ۽ ھن ڳالھھ جي باز پرس يا
پڇاڻو ڪيو ٿو وڃي تھ مقصد ان جو صحيح ھيو يا نھ ۽
پوءِ معاف ڪيو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ تھ اصلاح جي قصد جي
ڪري ان کي مباح ٺھرايو ويو آھي. مگر ھن ۾ دوکو وڏو
ٿو پوي، ڇاڪاڻ تھ ھن جو سبب ڪڏھن پنھنجي فساني
خواھش يا غرض ئي ھوندو آھي ۽ اصلاح جي بھاني ئي
ماڻھو ڪوڙ ڳالھائڻ ۾ مبتلا ٿئي ٿو وڃي. حالانڪھ
انھيءَ ڪوڙ جي ڪا بھ ضرورت شرعي نقطي کان ڪا نھ
ھوندي آھي. انھيءَ ڪري اھڙي قسم جا ڪوڙ اعمال نامي
۾ درج ڪيا ٿا وڃن. غرض تھ جو ماڻھو ڪوڙ ٿو
ڳالھائي. ان کي اھا دقت ٿي اچي پوي تھ جنھن سبب
کان مان ڪوڙ ڳالھايو آھي. اھو شرعا سچ ڳالھائڻ جي
نسبت ۾ اھم ۽ گھربل ھو يا نھ ۽ انھيءَ ڳالھھ جو
معلوم ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آھي، تنھن ڪري احتياط انھيءَ
۾ آھي تھ ڪوڙ نھ ڳالھائي. سواءِ انھيءَ صورت جي جو
ظاھر ظھور واجب ٿي پوي ۽ ان کي ڇڏڻ جائز نھ ھجي.
مثلا ڪوڙ نھ ڳالھائڻ ڪري ڪنھن جي سسي ڪپي ٿي وڃي
يا ھو ڪبيره گناھھ ۾ مبتلا ٿيندو ھجي تھ اھڙي حالت
۾ ڪوڙ ڳالھائڻ ئي جائز آھي.
ڪي ماڻھو خيال ڪندا آھن تھ اعمالن جي فضيلت ۽ اھميت وڌائڻ لاءِ
۽ گناھن جي سختي بيان ڪرڻ جي باري ۾ حديثون گھڙڻ
جائز آھن ۽ انھن جو گمان اھو آھي تھ ائين ڪرڻ ۾
مقصد صحيح آھي. مگر ھيءَ ھڪ وڏي خطا آھي، ڇو تھ
آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ، ”جيڪو مون تي عمدا
(ڄاڻي واڻي) ڪوڙ ٿو ڳالھائي، اھو پنھنجي جاءِ دوزخ
۾ کڙي ٿو ڪري“ ۽ ھن حديث تي بنا ضرورت جي عمل ڪرڻ
ڇڏي نٿو سگھجي ۽ وعدي وعيد (ترغيب ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ)
لاءِ حديثن گھڙڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي، ڇاڪاڻ تھ
مضمون جيڪي صحيح حديثن ۽ آيتن ۾ آيا آھن، اھي ٿورا
آھن ڇا؟ جو ڪوڙين حديثن جي ضرورت ٿي پوي. ھي جو ڪي
ماڻھو چوندا آھن تھ صحيح آيتون ۽ حديثون ٻڌي ٻڌي
ماڻھن تان رعب لھي ٿو وڃي ۽ خوف ايترو نٿو ٿئي،
جيترو نئين مضمون منجھان ٿو ٿئي تھ ھي ھڪ خام خيال
آھي. آنحضرت ﷺ جن ۽ الله تعاليٰ جل شانه تي بھتان
ٻڌڻ کان وڌيڪ ڪو بھ گناھھ نٿو ٿي سگھي ۽ انھيءَ
منجھان اھڙيون حالتون بھ پيدا ٿي ٿيون پون، جيڪي
شريعت کي بلڪل درھم برھم ڪري ٿيون ڇڏين ۽ نيڪي
برباد گناھھ لاءِ لازمي ٿيو پوي.
تنبيه، انھيءَ ڳالھھ جي تھ ڪنايتا بھ ڪوڙ ڳالھائڻ
نھ گھرجي:
ڄاڻڻ گھرجي تھ سلف (اڳوڻن سياڻن) جو قول آھي تھ ڪنايتا ڪوڙ
ڳالھائڻ کي ڪوڙ نٿو سڏجي. جيئن حضرت عمر رضھ جو
قول آھي تھ جيڪڏھن ڪو بھ ماڻھو ڪنايتا ڪجھھ ڪوڙ
ڳالھائي تھ ظاھر ظھور جي ڪوڙ ڳالھائڻ کان بچي ٿو
وڃي ۽ ساڳي طرح حضرت ابن عباس رضھ وغيره کان ببھ
نقل ڪيل آھي. مگر انھن ماڻھن جو غرض ھي آھي تھ
جڏھن آدمي ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ مضطر (يعني لاچار ۽
مجبور) ھجي تھ ڪنايتا چوي، ورنھ بنا ضرورت ۽ حاجت
جي ڪوڙ ڳالھائڻ نھ صريحا جائز آھي ۽ نھ ڪنايتا،
جيتوڻيڪ ڪنايتا بيان ڪرڻ ۾ آساني ٿي ٿي پوي ۽
ڪنايتا جو مثال ھي آھي تھ مطرف ھڪڙي دفعي زياد وٽ
ويو، ھن پڇيس تھ ايترو دير سان ڇو آيو آھين؟ ان
تي ھڪ بيماريءَ جو بھانو ڪري چيائين تھ جڏھن کان
وٺي مان تو وٽان ويو آھيان تھ پاسو ڪو نھ ورايو
اٿمن. الا ماشاءَ الله (مگر جيڪي الله تعاليٰ
گھريو، يعني جڏھن الله تعاليٰ گھرندو ھو، تڏھن
پاسو ورائيندو ھيس)، ٻيو مثال اھو آھي تھ ڪنھن
ماڻھوءَ جا تنھنجي طرف کان ڪنھن ڪن ڀري ڇڏيا آھن ۽
توکي خيال آھي تھ مان ڪوڙ بھ نھ ڳالھايان تھ ان
وقت اھڙو جواب ڏي، جو ھو ڪجھھ ٻي ڳالھھ سمجھي ۽
تنھنجو ڪو مطلب ٻيو ھجي تھ اھو ڪنايتا ڪري ليکيو.
مطلب تھ ڪنايتا انھيءَ جو نالو آھي، جو ٻڌندڙ
انھيءَ منجھان ھڪ ڳالھھ سمجھي ۽ ڳالھھ ڪندڙ جو دلي
مطلب ٻيو ھجي. مثال طور حضرت معاذ بن جبل، حضرت
عمر رضھ جي عھد ۾ ڪنھن ھنڌ عامل (گورنر) ھو. جڏھن
اتان گھرايو تھ زال پڇيس تھ جھڙيءَ طرح ٻيا عامل
پنھنجي گھر نوڪريءَ تان ڪجھھ آڻيندا آھن، تو بھ
ڪجھ آندو آھي يا نھ؟ جواب ڏنائين تھ منھنجي مٿان
ھڪ ناظر (چوڪسي ڪرڻ وارو) مقرر ھو ۽ ھن منجھان ھن
جي مراد ھئي تھ الله تعاليٰ ناظر (ڏسڻ وارو) ھو.
مگر ھن جي زال سمجھيو تھ حضرت عمر رضھ جي ھن جي
نگرانيءَ لاءِ ھن سان گڏ ڪنھن کي موڪليو ھوندو.
انھيءَ خيال سان چوڻ لڳي تھ سبحان الله توھان رسول
الله ﷺ وٽ ۽ حضرت ابابڪر رضھ جن وٽ تھ امين ھئا.
باقي حضرت عمر رضھ اچي توھان تي ناظر مقرر ڪيو
آھي. ھيءَ ڳالھھ سڀني ۾ ڦھلايائين ۽ تان جو وڃي
حضرت عمر رضھ کي بھ شڪايت ڪيائين (دانھن ڏنائين)
جنھن حضرت معاذ رضھ کي گھرائي چيو تھ مان ڪٿي توتي
ناظر مقرر ڪيو آھي؟ جواب ڏنائين تھ مان اوھان جي
مقرر ڪرڻ جو تھ ذڪر ئي ڪو نھ ڪيو آھي. مان تھ صرف
ھي چيو آھي تھ مون سان ناظر مقرر ھو ۽ انھيءَ کان
سواءِ ٻيو ڪو بھ عذر (زال اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ) مون
کي نھ سجھيو. حضرت عمر رضھ ھي ٻڌي کليو ۽ ھن کي
ڪجھھ عنايت فرمائي چيائينس تھ اچي ھي وٺ ۽ وڃي زال
کي راضي ڪر. ابراھيم نخمي رحھ پنھنجي نياڻيءَ کي
ھي بھ نھ چوندو ھو تھ، ”مان توکي مٺائي وٺي
ڏيندس.“ بلڪھ ھيئن چوندو ھو تھ جيڪڏھن ”مان توکي
مٺائي وٺي ڏيان تھ“، ڇاڪاڻ تھ گھڻو ڪري ھن کي خريد
ڪرڻ جو اتفاق نھ ٿيندو ھو ۽ ڪنھن وقت جيڪڏھن ڪو ھن
کي سڏڻ ايندو ھو ۽ ان جي لاءِ ٻاھر نڪرڻ نھ
چاھيندو ھو تھ ٻانھيءَ کي چوندو ھو تھ چوينس تھ
وڃي مسجد ۾ تلاش ڪريو يا ڳولھيوس ۽ ھي نھ چئجانس
تھ ھتي ڪونھي انھيءَ لاءِ تھ ڪوڙ نھ ٿي پوي ۽ شعبي
رحھ جو اھو دستور ھو تھ جڏھن گھر کان نڪرڻ منظور
نھ ھوندو ھوس تھ پنھنجي اڳيان ھڪ گول ڪڍندو ھو ۽
ٻانھيءَ کي چوندو ھو تھ ھن گول چڪر ۾ آڱر رکي چئو
تھ، ”ھتي ڪونھي“، بھرحال ھي سڀ ڳالھيون ڪنايتا جون
ضرورت ۽ حاجت جي وقت لاءِ آھن، ورنھ بنا ضرورت
ائين ڪرڻ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ھي ھڪ بھانو ۽ بناوٽ
آھي. انھيءَ کي ٻيو ماڻھو بلڪل ابتو ٿو سمجھي.
لفظن ۾ کڻي ڪوڙ نھ بھ ھجي، تڏھن بھ گھڻين ڳالھين
ڪري مڪروھ آھي.
عبدالله بن عتبه رحھ ٿو ڳالھھ ڪري تھ مان پنھنجي والد سان حضرت
عمر بن عبدالعزيز رحھ وٽ ويس ۽ مون کي پوشاڪ عمدي
پيل ھئي. اتان جو موٽياسين پئي تھ ماڻھو ڏسي چوڻ
لڳا تھ ھيءَ پوشاڪ توکي امير المؤمنين عنايت ڪئي
آھي ڇا؟ مان جواب ۾ چيو تھ الله تعاليٰ ھن کي جزاء
خير ڏي. تنھن تي منھنجي پيءُ مون کي چيو تھ خبردار
ڪوڙ نھ ڳالھاءِ. حالانڪھ ھي جملو ڪو ڪوڙ نھ ھو.
مگر انھيءَ خيال کان تھ بادشاھھ جي حق ۾ دعا گھڻو
ڪري انعام جي بدلي ۾ ھوندي آھي. ماڻھو انھيءَ جملي
منجھان اھو ئي سمجھندا ھوندا تھ بادشاھھ اھا پوشاڪ
ڏني آھي ۽ گويا تون اھو جملو ھڪ ڪوڙي ۽ بي بنياد
ڳالھھ تي ٿو ڄمائين. انھيءَ ڪري ھن کي منع ڪيائين
تھ ائين نھ ڪر. ھن منجھان ڪھڙو فائدو آھي. سواءِ
انھيءَ جي تھ شيخي ۽ فخر ظاھر ڪيو وڃي تھ ھي اسان
کي بادشاھھ کان مليو آھي.
البتھ ڪنايتا بھ تمام معمولي ۽ ننڍين ڳالھين ۾ ۽ سو بھ فقط مزاح
(خوش طبعي) جي نموني ۾ بيان ڪرڻ مباح آھي. جھڙوڪ،
آنحضرت ﷺ جن جا قول مبارڪ آھن تھ، ”پوڙھي يا ٻڍي
عورت بھشت ۾ نھ ويندي“، ”تنھنجي مڙس جي اک ۾ سفيدي
آھي“، ”توکي اٺ جي ٻچي تي سوار ڪنداسين“ وغيره
وغيره. مگر سنئون سڌو چٽو ڪوڙ، جنھن منجھان اھڙو
ضرر ٿئي، جو دل کي ايذاءُ پھچي، اھو حرام آھي.
جھڙيءَ طرح نعيمان انصاري ھڪڙي نابيني کي بھڪايو ۽
حضرت عثمان رضھ لاءِ چيائين تھ ھي نعيمان آھي يا
جھڙيءَ طرح ڪن ماڻھن جي عادت ٿيندي آھي، جو ڪن ڪم
عقل ماڻھن کي فريب ڏيندا آھن تھ فلاڻي عورت توتي
عاشق آھي. مگر جيڪڏھن ايذاءُ ڏيڻ جي مراد نھ ھجي ۽
رڳي خوش طبعي جي نيت ھجي تھ ماڻھو فاسق تھ نٿو
ٿئي، پر تڏھن بھ ايمان جي درجي ۾ ضرور گھٽجي ٿو
وڃي. ھڪڙي حديث شريف ۾ آيو آھي تھ، ”ڪنھن بھ
ماڻھوءَ جو ايمان ڪامل نٿو ٿئي، جيسين ھو پنھنجي
ڀاءُ لاءِ اھا ڳالھھ چاھي، جيڪا ھو پنھنجي لاءِ ٿو
چاھي ۽ جيسين ھن سان خوش طبعي ڪرڻ ۾ ڪوڙ کان بچي.“
ھي جو حديث شريف ۾ آھي تھ آدمي ڪڏھن اھڙي ڳالھھ ٿو
ڪري، جنھن جي سبب کان دوزخ ۾ ثريا کان بھ ھيٺ ھليو
ٿو وڃي تھ انھيءَ مان مراد اھو ڪلام آھي، جنھن ۾
غيبت ۽ دل جو ايذاءُ ھجي. مطلق مزاح (خوشي طبعي)
مراد ناھي.
ھڪرو ڪوڙ، جنھن سان ماڻھو فاسق نٿو ٿئي، اھو ھي آھي تھ ڪو عادت
جي زور کان مبالغو کڻي ڪري، جھڙوڪ، چوي تھ اسان
توکي سؤ دفعا سڏايو آھي يا ھزار دفعا مان توکي
سمجھايو آھي تھ ھيئن نھ ڪر تھ انھيءَ منجھان عدد
جي ڳاڻاٽي جي مراد نھ ھوندي آھي، بلڪھ ڪثرت يا
گھڻائي جو مطلب ھوندو آھي، پوءِ جيڪڏھن فقط ھڪڙو
دفعو ٿي سڏايو ياي چيو ھوندائين تھ بيشڪ ڪوڙ ٿيندو
پر جيڪڏھن عادت يا دستور کان گھڻا دفعا سڏايو
ھوندائين تھ پوءِ گنھگار نھ ٿيندو. توڙي ايترا
دفعا نھ بھ چيو ھجيس، جيترو تعداد، يعني سؤ يا
ھزار بيان ۾ چيا اٿس ۽ انھن ٻنھي جي وچ ۾ ٻيا درجا
آھن، جو جيڪڏھن ڪو پنھنجي زبان کي مبالغي کان نھ
روڪيندو تھ ھو ڪوڙ جي خطري کان خالي نھ رھندو.
ٻيو ھڪ ڪوڙ، جنھن جي عادت کي معمولي ڪري سمجھڻ ماڻھن ۾ عام طرح
مشھور آھي، اھ ھي آھي تھ جڏھن ماڻھوءَ کي چيو وڃي
تھ ماني کائو تھ جواب ڏي تھ مون کي بک ڪانھي تھ ھي
بھ ممنوع ۽ حرام آھي. بشرطيڪ ڪو صحيح غرض ھن سان
لاڳو نھ ھجي. مجاھد رضھ ٿو فرمائي تھ آسماء بنت
عميس کان روايت آھي تھ مان حضرت عائشه رضھ جي
وھانو واري رات ان سان موجود ھيس ۽ ھن کي مان ئي
ھاريو سينگاريو ھو ۽ مون سان گڏ ڪي ٻيون عورتون بھ
ھيون. حضرت عائشه رضھ کي جڏھن اسان حضور ﷺ جن وٽ
وٺي وينسين تھ پاڻ سڳورن ﷺ وٽ فقط ھڪڙي کير جي
پيالي کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ موجود نھ ھو. پوءِ
انھيءَ منجھان ڪجھھ پاڻ پيتائون ۽ ڪجھھ حضرت عائشه
رضھ کي ڏنائون، مگر ھوءَ حياء ۽ لڄ جي ڪري نھ پئي
وٺي تھ مان چيومانس تھ رسول الله ﷺ جو ھٿ نھ
موٽاءِ ۽ کير وٺ تھ ھن شرم جي حالت ۾ ورتو ۽ پيتو.
پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو تھ ھاڻي پنھنجين سھيلين کي
ڏي عورتن عرض ڪيو تھ اسان کي بک ڪانھي. پاڻ
فرمايائون تھ پنھنجي پيٽ ۾ بک ۽ ڪوڙ ٻنھي کي گڏي
نھ رکو. مان عرض ڪيو تھ يا رسول الله ﷺ جيڪڏھن
اسان جي دل ڪنھن شيءِ تي ھجي ۽ اسان چئون تھ بک
ڪانھي تھ ڇا اھو بھ ڪوڙ ۾ داخل آھي؟ پاڻ فرمايائون
تھ ڪوڙ ڪوڙ ئي ليکيو ويندو. جيڪڏھن ٿورو ئي کڻي
ھوندو تھ اھو ٿورو بھ لکيو ويندو.
آھل ورع، يعني تقويٰ ۽ پرھيز جا صاحب تھ انھيءَ ڪوڙ کي بھ ھٿ
لائڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. جيئن تھ ليث بن
سعد ٿو ڳالھھ ڪري تھ سعيد بن مسيب رضھ جي اکين ۾
ايترو گند رھندو ھو جو بعضي ٻاھر بھ نڪري ايندو
ھو. ماڻھو عرض ڪندا ھيس تھ سائين اوھان پنھنجون
اکيون اگھي ڇڏيو. پاڻ جواب ڏيندا ھئا تھ طبيب جي
چوڻ کي ڇا ڪريان. جو ھن چيو آھي تھ اکين کي ھٿ نھ
لائجانءِ، يعني طبيب سان جيڪو وعدو ھٿ نھ لائڻ جو
ڪري ويٺو آھيان، ان جي خلاف ورزي ٿي ويندي. ھاڻي
اسان چئون ٿا تھ واقعي پرھيزگاري وارا اھڙيءَ طرح
پنھنجي زبان جي حفاظت ڪندا آھن ۽ جيڪو شخص حفاظت
کي ترڪ ڪندو ان جي زبان بي اختيار ڪوڙ ۾ مبتلا
ٿيندي ۽ انھيءَ جو ھن کي پتو ئي نھ پوندو. خوات
تيمي ٿو بيان ڪري تھ ربيع بن خثيم جي ڀيڻ منھنجي
پٽ جي خير عافيت پڇڻ آئي ۽ ھن تي نوڙي پئي ۽ ھن
کان پڇڻ لڳي تھ پٽ! ڪھڙو حال آھي؟ اتي ان جي ڀاءُ
ربيع ھن کان پڇيو تھ تو ھن ڇوڪر کي کير پياريو آھي
ڇا؟ ھن چيو تھ نھ، تنھن تي ھن جي ڀاءُ چيو تھ پوءِ
تنھنجو پٽ ڪيئن ٿيو؟ ھيئن ڇو نھ چيئي تھ ڀائٽيا!
ڪيئن آھين، اھو ڪوڙ بھ نھ ٿئي ھا.
ھڪڙي عادت اھا بھ ھوندي آھي تھ، جيڪا پنھنجي ڳالھھ پاڻ کي معلوم
نھ ھوندي آھي. ان بابت چوندا آھن تھ، ”خدا ڄاڻي يا
خدا کي خبر“ حالانڪھ حضرت عيسيٰ عليه السلام ٿو
فرمائي تھ خدا تعاليٰ جي اڳيان وڏن گناھن منجھان
آھن، جو ڪنھن کي ڳالھھ جي خبر نھ ھجي ۽ ھو انھيءَ
لاءِ چوي تھ ”خدا ڄاڻي“ ڪي ماڻھو وري ڪوڙو خواب
وٺي بيان ڪندا آھن يا ان ۾ ڪجھھ پنھنجي طرفان
ملائي بيان ڪندا آھن. انھيءَ ۾ بھ وڏو گناھھ آھي.
حديث شريف ۾ آيو آھي تھ، .اھو ھڪ وڏو بھتان آھي،
جو ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي پيءُ کانسواءِ ٻئي ڏي
منسوب ڪيو وڃي يا جيڪا شيءِ خواب ۾ نھ ڏٺي وئي
آھي. اھا ڏٺل بيان ڪئي وڃي ۽ مون تي ڪا حديث، جيڪا
مان نھ چئي آھي، اھا مڙھي وڃي. ٻي حديث ۾ آھي تھ،
”جيڪو خواب ۾ ڪوڙ (ملائي) ٿو ڳالھائي. انھيءَ کان
قيامت ۾ وار کي (وار سان) ڳنڍ ڏياري ويندي، مگر ھو
ڏئي نھ سگھندو.“ |