بيان
ڏھون
ٻارن جي اخلاقن جي سھڻي تربيت
واضح ھئڻ گھرجي تھ ٻارن جي تربيت ھڪ تمام ضروري ڪم آھي ۽ ٻار
پيءُ ماءُ وٽ ھڪ امانت آھي. ھن جو قلب ھڪ نفيس
جوھر، سادو، ھر نقش ۽ صورت کان خالي ۽ ھر ھڪ نقش
کي قبول ڪندڙ آھي، جنھن طرف توھان مائل ڪيوس ان جو
لاڙو ان طرف ٿئي ٿو. مثلا جيڪڏھن تعليم نيڪيءَ جي
حاصل ڪرڻ ۽ ھن کي انھيءَ جو عادي بڻايو وڃي تھ وڏو
ٿي بھ اھڙو ئي رھندو ۽ ٻنھي جھانن جي سعادت نصيب
ٿيندس. ھن ثواب ۾ پيءُ ماءُ استاد ۽ سکيا ڏيڻ وارو
شريڪ ٿا رھن. جيڪڏھن برائي جو عادي ٿيندو ۽ جانورن
وانگر ھن کي بي گوندرو ڪري ڇڏي ڏنو ويندو تھ تباھھ
ٿي ويندو ۽ انھيءَ جو وبال ھن جي تربيت واري تي
پوندو. الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”يايھا الذين
آمنوا قوا انفسڪم و افليڪم نارا“ اي ايمان وارؤ
بچايو پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر وارن کي باھھ کان) –
جڏھن پيءُ دنيا جي باھھ کان پنھنجي اولاد کي پچائي
ٿو تھ آخرت جي باھھ کان بچائڻ تھ پاڻ تمام ضروري
آھي ۽ ھن جي حفاظت آخرت جي باھھ کان ھن طرح آھي تھ
ھن کي ادب ۽ تھذيب ۽ سھڻا اخلاق سيکاري ۽ بد صحبت
کان بچائي. زينت ۽ بناوت، سينگار ۽ لذت ۽ آرام
طلبي وغيره ھن جي نظرن ۾ حقير يا ناچيز ڪري انھيءَ
لاءِ تھ وڏو ٿي انھن جي طلب نھ ڪري ۽ ابدي ھلاڪت
کان بچي.
ياد رکڻ گھرجي تھ ٻار جي پرگھور ۽
نگھباني منڍ کانوڳي ضرور آھي. ھن کي ھڪ نيڪ بخت،
ديندار ۽ حلال خور عورت جو کير پيار جي ڇاڪاڻ تھ
حرام جي کير ۾ برڪت ڪانھ ٿي ٿئي. جڏھن ٻار ننڍي ئي
حرام جي کير تي پلجي ٿو تھ اھو اھو ھن جي خمبر ۾
رچي ٿو وڃي ۽ وڏو ٿي خبيث شين ڏي کاڙوڳ ٿو رکي.
جڏھن وري ٻار ۾ ” تميز“ جو مادو شروع ٿئي ٿو وڃي
تھ ان وقت تھ ويتر وڌيڪ تربيت جي ضرورت ٿي پوي.
تميز جي شروعات ” حيا“ جي ظاھر ٿيڻ سان ٿي ٿئي .
ڇاڪاڻ تھ جڏھن ٻار افعال حياءُ جي حياءَ کان سبب
نور جي جھلڪ ھن ۾ اچي ٿي وڃي ۽ ڪن شين کي بھ نسبت
ٻين شين جي خراب ٿو سمجھي تھ خراب ڪمن کان حيا ڪرڻ
شروع ٿو ڪري ۽ ھي ڪم جي خدا تعاليٰ جي عنايت سان
ٿو ٿئي ۽ اخلاقن جي اعتدال ۽ قلب جي صفائي تي
دلالت ٿو ڪري. انھي کان سواءِ اھو پڻ معلوم ٿو ٿئي
تھ وڏي ٿيڻ تي وڏي عقل واري ٿيندو. اھڙي شرميلي
ٻار لي بنا ديکڀال جي نھ ڇڏڻ گھرجي بلڪ ھن جي حيا
۽ تميز جي سکيا ۾ مدد گھرجي.
پھرين پھرين جيڪا صفت ٻار تي غالب ٿي
ٿئي اھا آھي کائڻ جي خواھش تنھنڪري پھريائين ھن کي
کائڻ جا آداب سيکاريا وڃن تھ ھو ھميشه سڄي ھٿ سان
کائي، کائڻ بسم الله سان شروع ڪري، پنھنجي سامھون
واري پاسي کان کائي ۽ ٻين پاسن کان ڪا شئي نھ کوٽي
نھ کڻي، ٻين کان اڳ کائڻ شروع نھ ڪري، نھ طعام ڏي
گھور ڪري نھاري ۽ نھ کائڻ واري ڪنھن کي تڪي، تڪڙو
نھ کائي خوب چٻاڙي چٻاڙي کائي، ھڪٻئي جي مٿان گرھ
نھ ڳھي، ھٿ ۽ ڪپڙا نھ ڀري ۽ ڪڏھن ڪڏھن رکي ماني
کارائجيس تھ اھا عادت نھ پويس تھ رڳو ٻوڙ سان ئي
ماني کائبي آھي ھن جي سامنھون گھڻي کائڻ جي مذمت
بيان ڪجي تھ جيڪو گھڻو ٿو کائي اھو ڍور جي مثال
آھي يا ڪنھن پيٽوڙي ڇوڪري جي مذمت ھن جي سامھون
ڪئي وڃي ۽ ٿوري کائڻ واري جي تعريف ڪئي وڃي. ھن جي
نظرن ۾ اھا ڳالھھ بھ چڱي طرح ويھارجي تھ کاڌو ٻين
کي ڏئي ڇڏيندو ڪر ۽ پاڻ انھيءَ جي ٿوري پرواه ڪري
۽ دال ساڳ ۽ ڀت پچ جيڪي مليس ان تي قناعت ۽ ڪفايت
ڪري.
ٻارن جي ٻي خواھش آھي پوشاڪ جي ڪپڙن
جي باري ۾ ھن کي اڇي پوشاڪ جي ترغيب ڏجي ۽ رنگين ۽
ريشمي ڪپڙن لاءِ چئجيس تھ عورتن ۽ کدڙن جو لباس
آھي. مرد ماڻھو انھيءَ کي برو سمجھندا آھن ۽ اھا
ڳالھھ ھن کي بار بار ذھن نشين ڪرائي وڃي جيڪو
ڇوڪرو رنگين يا ريشمي ڪپڙن وارو منھن چڙھي وڃي تھ
ان جي ھن جي اڳيان حقارت بيان ڪرڻ گھرجي.
ازانسواءِ ھن کي اھڙن ڇوڪرن جي صحبت کان پري رکجي
جن کي آرام طلبي ۽ عمدي ۾ پوشاڪ جو شوق ۽ عادت آھي
۽ اھڙن سان بھ نھ ملڻ ڏجيس جن جي چوڻ سان ھن جي دل
۾ انھن ڳالھين جي رغبت پيدا ٿئي.
جيڪڏھن منڍ ۾ ٻار جي پر گھور نھ ٿي
ڪئي وڃي تھ گھڻو ڪري بدعادتون ھن ۾ پيدا ٿئي ٿيون
وڃن ۽ ھو ڪوڙو حاصد، چور، چغل خور، بڪواسي، کل
مسخري ڪندڙ، مڪار، بيپرواه، لاغرض وغيره ٿئي ٿو
وڃي. انھن ڳالھين کان بچاءُ ھڪ وڏي سھڻي تربيت سان
ٿو ٿئي.
ھن کانپوءِ ھن کي مڪتب ڏانھن موڪليو
وڃي ۽ قرآن ۽ حديث ۽ صالح بندن جون حڪايتون سيکارڻ
گھرجن، انھيءَ لاءِ تھ صالحين جي صحبت جو شوق ھن
جي دل ۾ ڄمي وڃي. اھڙا شعر جن ۾ عشق ۽ عاشق معشوق
جو زڪر ھجي اھي ھن کي پڙھڻ نھ ڏجن بلڪ جيڪي ماڻھو
اھڙن شھرن کي ظرافت ۽ ھوشياري ٿا سمجھن ھن سان بھ
ملڻ نھ ڏجيس ڇاڪاڻ تھ انھن شعرن سان گوڙ فساد جو
ٻج دل ۾ پوکيو ويندو آھي. جڏھن ڪو ٻار چڱو ڪم ڪري
تھ ھن کي وڃي انعام ڏجي جنھن سان اھو خاموش ٿئي ۽
ماڻھن ۾ ھن جي تعريف ڪجي. جيڪڏھن ھڪ اڌ دفعو ڪو
ابتڙ ڪري تھ ان جي چشم پوشي ڪرڻ گھرجي ۽ ھن جو
پردو کولڻ نھ گھرجي. خاص ڪري انھيءَ حالت ۾ جڏھن
ٻار بھ انھيءِ ڪم کي پاڻ ڇپائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪري
ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ٻار کي اھا ڳالھھ دماغ ۾ ويٺي تھ
منھنجو عيب ظاھر ٿيو ۽ ان بابت مون کي ڪجھھ بھ نھ
ٿيو تھ ھو وڏي جرات وٺي ويندو ۽ انھيءَ صورت ۾
راز کلڻ جي ھن کي پرواھ نھ رھندي. جيڪڏھن ٻھ ٽي
دفعا اھا حرڪت ڪري تھ پھريائين ھن کي مخفي طرح
عتاب ڪرڻ گھرجي ۽ تاڪيد سان چيو وڃيس تھ خبردار
آئينده متان اھڙو ڪم ڪيو اٿئي. جيڪڏھن وري اھڙو ڪم
ڪندين تھ ماڻھن ۾ خراب خوار ٿيندين.اھا ڳالھھ ياد
رکڻ گھرجي تھ بار بار ۽لڳاتار ٻار کي ملامت ۽
ڦٽڪار نھ ڪرڻ گھرجي. انھيءَ منجھان ٻار ملامت جو
عادي ٿئي ٿو وڃي، برين ڳالھين تي ڪرڻ جي ھن ۾ ھمت
ٿي وڌي ۽ ڳالھائڻ جو تاثير دل تان ويندو ٿو رھي.
پيءُ کي گھرجي تھ ٻار سان لحاظ سان ڳالھائي ۽ ڪڏھن
ڪڏھن ڪا ڇنڍ يا سٽ ڪڍي پيو ڇڏيس. ماءُ کي بھ گھرجي
تھ ٻار کي خراب ڳالھين کان روڪي ۽ پيءُ جو خوف
ڏياريندي رھي. ڪي چون ٿا تھ ٻار کي ڏينھن جو سمھڻ
جي عادت نھ وجھجي جو انھيءَ منجھان سستي ٿي پيدا
ٿئي. ھن کي رات جو سمھڻ کان روڪڻ نھ گھرجي مگر نرم
نرم بسترو نھ ڏجيس انھيءَ لاءِ تھ بدن سخت رھيس ۽
آرام طلب نھ ٿئي. غرض تھ فرش (بسترو)، لباس ۽ غذا
۾ آرام ۽ آسائش طلبي ڇڏڻ جو خيال رکجي. ڪوئي نھ ڪم
ھن کي لڪائي ڪرڻ نھ ڏجي ڇاڪاڻ جو لڪي ڪم ڪرڻ جي ھن
۾ عادت پئي تھ جنھن ڪم کي ھپ برو سمجھندو اھو
لڪي ڪندو. جيڪڏھن ھر ڪم علانيھ ڪرڻ جي ھن کي عادت
ھوندي تھ برن فعلن ڪرڻ کان ھو باز ايندو. ڏينھن ۾
ڪو وقت اھڙو مقرر ڪرڻ گھرجي جنھن ۾ گھمڻ ڦرڻ جي
عادت ٻار کي پوي متان سستيءَ جو غلبو نھ ٿيس. اھا
بھ ھن ۾ عادت ھئڻ گھرجي تھ ھٿ پير کولي ويڪرا ڪري
نھ گھمي ۽ نھ ڊڪندو ھلي. آھستھ آھستھ ھيٺ قنڌ ڪري
ھلڻ گھرجيس.
بھتر آھي تھ پنھنجي پيءُ جي شين تي
پنھنجن ساٿين سان فخر نھ ڪري. نھ کاڌي پيتي جي شين
تي ٽانءِ ڪري ۽ نھ تختي يا پٽي ۽ مس قلم وغيره تي
ناز ڪري بلڪ جيڪو ان سان ملي ان سان نوڙت ۽ عزت
سان پيش اچي. ڪلام نرميءَ سان ڪري ۽ ٻارن کان ڪائي
شئي نھ وٺي، جيڪڏھن امير زادو آھي تھ ھن کي
سمجھايو وڃي تھ تنھنجو رتبو ڏيڻ جھڙو آھي وٺڻ جو
ناھي. ڪنھن کان وٺڻ ڪنجوس ۽ نيچ ھجڻ جي نشاني آھي.
جيڪڏھن فقير زادو آھي تھ ھن کي چئجي تھ طمع ۽
سوال ۾ ذلت آھي ۽ ڪتي جي عادتن منجھان آھي ڇاڪاڻ
جو لقمي لاءِ اھو ئي پڇ لوڏيندو رھندو آھي.
حاصل مطلب ھي آھي تھ ٻارن کان سون
چانديءَ جي محبت کان روڪڻ گھرجي ۽ نانگ وڇونءَ کان
زياده ھنن شين جو خوف ڏيارڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ ھنن
شين جي آفت،ٻار جي حق ۾ زھر کان بھ زياده نقصان
ڪار آھي بلڪ وڏن جي حق ۾ بھ ساڳيو حال آھي.
ھن ڳالھھ جي بھ ٻار ۾ عادت وڌي وڃي تھ ويھڻ واري جاءِ تي ٿڪ
وغيره نھ اڇلائي ۽ ٻئي جي سامھون اوٻاسي بھ نھ ڏئي
۽ نھ ڪنھن جيطرف پٺ ڏئي ويھي. پير پير تي نھ چاڙھي
۽ کاڌيءَ جي ھيٺان ھٿ نھ ڏئي. ٻانھن کي مٿي جو
وھاڻو نھ بڻائي ڇاڪاڻ جو ھي سڀ ڪم سستيءَ جون
نشانيون آھن.
ڪثرت ڪلام يعني گھڻي ڳالھائڻ کان ھن کي منع ڪجي ۽ بيان ڪري
ٻڌائڻ گھرجيس تھ گھڻو ڳالھائڻ بيحيائيءَ جو ڪم
آھي. ڪمينا ماڻھو گھڻا ڳالھائيندا آھن. ڳالھھ سچي
ھجي يا ڪوڙي قسم ھر صورت ۾ نھ کڻي متان ھن کي ننڍي
کان ئي قسم کڻڻ جي عادت نھ پئجي وڃي. ھن ڳالھھ جي
پڻ ھن ۾ عادت وجھڻ گھرجي تھ سڀني کان اڳ ۾ نھ
ڳالھائي بلڪھ ڪوئي ڪجھھ کڻي پڇي تھ صرف ان جو جواب
ڏيڻ گھرجيس. زياده ڪجھھ نھ چوي. جڏھن ڪو بھ شخص
ڳالھھ ڪري تھ ڪن ڏيئي ٻڌي.
پاڻ وڏي جي اٿي تعظيم ڪري ۽ ھن جي ويھڻ لاءِ جڳھھ خالي ڪري ڇڏي.
پاڻ ھن جي سامھون ٿي ويھي. لغو ۽ فحش ۽ لعنت ملامت
۽ گارين کان کيس سخت منع ڪجي. بلڪھ جنھن شخص ۾ اھي
عادتون ھجن انھيءَ سان ملڻ بھ نھ ڏجيس ڇاڪاڻ جو
اھي ڳالھيون بدصحبت منجھان ٿيون حاصل ٿين. ٻارن جي
سيا جو مول متو بھ اھو ئي آھي تھ انھن کي پري صحبت
کان روڪيو وڃي.
جڏھن استاد ماريس تھ گھڻو شور نھ ڪري ۽ نھ وري ڪو سفارش ڪرڻ
وارو تاڙيندو وتي بلڪھ انھيءَ سزا تي صبر ڪري. ھن
کي ٻڌائڻ گھرجي تھ صبر ڪرڻ جوانمردن ۽ بھادرن جو
ڪم آھي ۽ گھڻو روئڻ پٽڻ عورتن ۽ ٻانھن جو ڪم آھي.
مڪتب کان موٽڻ کانپوءِ ھن کي ڪنھن چڱي راند جي اجازت ڏني وڇي
جنھن منجھان ھن کي مڪتب جي ٿڪ کان فرحت حاصل ٿئي.
مگر راند بھ ايتري کيڏي جو اٽلو ٿڪجي نھ پوي. ٻار
کي جيڪڏھن ايتري راند جي بھ فرصت نھ ھوندي ۽ تعليم
لاءِ ھميشه ۽ ھر وقت سخت گيري ڪئي ويندي تھ ٻار جي
دل مري ويندي ۽ ان جي طبيعت جي تيزي ھلي ويندي ۽
زندگي تلخ ٿي پوندس. انھيءَ حد تائين جو لاچار ۽
مجبور ٿي ھو اھڙو ڪو طريقو سوچڻ ۽ ڳولھڻ لڳندو
جنھن سان ھو بلڪل ڪجھھ بھ نھ سکي سگھي.
ھيءَ تعليم ۽ سکيا ڏيڻ پڻ ضروري آھي تھ پنھنجي والدين، استاد
سکيا ڏيندڙ ۽ پاڻ کان عمر ۾ وڏي جي فرمانبرداري
ڪري خواھ ھو پنھنجو ھجي يا پرائو ۽ ھن جي طرف
تعظيم جي نظر سان ڏسي. ھن جي روبرو راند روند يا
ٻي ڪا بيجا چرپر يا حرڪت نھ ڪري.
جڏھن تميز جي عمر کي پھچي تھ طھارت ۽ نماز جي سيکارڻ ۾ بھ غفلت
نھ ڪرڻ گھرجي ۽ رمضان ۾ ڪجھھ روزا رکايا وڃن. ھن
وقت پٽ جي نرم نرم ڪپڙن پھرڻ کان ھن کي صفا روڪيو
وڃي. ضرورت آھر ھن کي ھر ڪم ۾ شريعت جي حدن کان
واقف ڪيو وڃي ۽ چوري ۽ پرائو مال ڦٻائڻ، ڪوڙ، فحش
۽ ٻيون اھڙيون ڳالھيون جيڪي اڪثر ٻارن تي غالب ٿي
ٿيون وڃن انھن کان ھن کي ڊيڄارڻ گھرجي. جڏھن انھن
ڳالھين ۾ قدرت جيڪي راز رکياص آھن اھي ھن کي بيان
ڪيا وڃن ۽ ھن کي ٻڌايو وڃي تھ اھي طعام ۽ کاڌا محض
دوائون آھن جن سان بدن کي طاقت ٿي ملي تھ ھو الله
تعاليٰ جي عبادت ڪري سگھي. ڏٻرو ۽ بي طاقت ماڻھو
نھ حلال جي روزي ٿو ڪمائي سگھي نھ حج لاءِ پنڌ ٿو
ڪري سگھي ۽ نھ جھاد ۾ ڪافرن سان لڙي ٿو سگھي.
ھنن ڳالھين سان گڏ اھا ڳالھھ پڻ ھن کي ذحڻ ڻش:ڻ ڪڙآ؟ڻي آھي تھ
ھيءَ دنيا ھڪ ناپائدار شيءِ آھي. ھن کي ڪا پاڙ
ڪانھي جنھن تي بيھي گھي. موت کان پوءِ ھن جون
مصنوعي ۽ فاني لذتون سڀ ختم ٿي ٿيون وڃن. ھي فقط
ھڪ گذرگاھھ يا مسافرخانو آھي. رھڻ جي جاءِ آھي ۽
موت گھڙي گھڙي ۾ تڪيندو ٿو رھي. سياڻو ۽ ھوشيار
اھو آھي جيڪو دنيا منجھان آخرت جو توشو حاصل ڪري
ھليو وڃي ۽ ڌڻي تعال:ٰ جي اڳيان وڏو رتبو حاصل
ڪري. جيڪڏھن تربيت منڍ کان وٺي ھلي ايندي تھ بلوغت
جي وقت اھي سڀ ڳالھيون پڪيون پختيون ۽ پٿر تي ليڪو
ٿي وينديون. جيڪڏھن منڍ کان تربيت ٺيڪ ناھي تھ ٻار
کي فقط راند روند، فحش، بي حيائي، کائڻ ۽ لباس
وغيره ۽ فخر ڪرڻ جي عادت پوندي. انھيءَ صورت ۾
مٿين ڳالھين جي تلقين جو ھن تي ڪو بھ اثر ڪو نھ
پوندو جھڙيءَ طرح سڪل مٽي ڀت تي نٿي ڄمي سگھي.
حاصل ڪلام ھي آھي تھ ٻارن جي تربيت ابتدا کان وٺي نھايت ضروري
آھي ڇاڪاڻ تھ ان وقت ھن جي قلب جو جوھر سڀ قسم جي
لياقت ٿو رکي. خير ۽ شر يعني نيڪي ۽ بدي ٻئي سکي
ٿو سگھي. انھيءَ جو اختيار وري پيءُ ماءُ جي ھٿ ۾
آھي، جنھن طرف چاھن تنھن طرف ھن کي موڙ: ٿا سگھن.
جھڙيءَ طرح حديث شريف ۾ بھ اچي چڪو آھي ”ھرڪو ٻار
فطرت يعني ايمان تي ٿو ڄمي. پوءِ ھن جا والدين ھن
کي يھودي يا نصراني يا مجوسي ٿا بڻائن.“
حضرت سھل بن عبدالله تستري رحمت الله عليه ٿو فرمائي تھ مان ٽن
سالن جو ھئس تھ رات جو جاڳندو ھئس ۽ پنھنجي مامي
محمد بن سوار کي نماز پڙھندي ڏسندو ھوس. ھڪڙي
ڏينھن انھن فرمايو تھ الله جو ذڪر نٿو ڪرين جنھن
توکي پيدا ڪيو آھي. مان چيو تھ ڪھڙيءَ طرح ذڪر
ڪريان. چيائون تھ جڏھن تون سمھين تھ ھي لفظ دل سان
چوندو ڪر. زبان نھ چورجانءِ. ”الله معي، الله
ناظري، الله شاھدي“ يعني ”الله تعاليٰ مون سان گڏ
آھي، الله تعاليٰ مون کي ڏسي ٿو ۽ الله تعاليٰ
منھنجو گواھھ آھي.“ مان ڪجھھ راتيون ائين ڪيو ۽
مامي کي اطلاع ڏنم. پوءِ فرمايائون تھ ست دفعا
پڙھندو ڪر. مان ائين بھ ڪيو ۽ وري اطلاع ڏنو مان،
جنھن تي فرمايائون تھ يارھن دفعا پڙھھ، مان يارھن
دفعا پڙھڻ شروع ڪيو تھ مون کي انھن فرمايو تھ جيڪي
مان توکي ٻڌايو آھي اھو ياد رکجانءِ ۽ ھميشه
پڙھندو رھجانءِ تان جو قبر ۾ وڃين. ھيءَ ڳالھھ
توکي ٻنھي جھانن ۾ ڪمايندي. مان ڪجھھ سال اھو جاري
رکيو ۽ باطن ۾ ان جو ميٺاج زياده معلوم ٿيندو پيو
وڃي. ھڪڙي ڏينھن سائين چيو تھ اي سھل! جنھن شخص
سان الله ساڻ ھجي ۽ ھو ان جو ناظر ۽ شاھد ھجي پوءِ
بھ اھو شخص نافرماني ڪري سگھي ٿو ڇا. خبردار خدا
جي نافرماني ھرگز نھ ڪجانءِ. پوءِ مان اڪيلو ٿي
اھو ئي ذڪر ڪندو ھئس. جڏھن مون کي مڪتب ۾ وھاريو
ويو تھ مون کي اچي ڊپ ورتو تھ ڪٿي ھن ورد ۾ فتور
نھ پئجي وڃي سو مان چيو تھ استاد سان اھو شرط ڪجي
تھ ھڪ ڪلاڪ پڙھي مان گھر موٽي ايندس.
پوءِ مڪتب ۾ وڃي ڇھن يا ستن سالن ۾ قرآن شريف جو حفظ ڪري ورتم ۽
ھميشه روزو رکندو ھيس ۽ جون جي ماني ٻارھن سالن جي
عمر تائين کاڌم. جڏھن تيرھن ورھين جو ٿيس تھ ھڪڙو
سوال منھنجي دل ۾ آيو. مان گھر وارن کي چيو تھ مون
کي بصري موڪلي ڏيو تھ اتي وڃي ڪنھن کان پڇان. بصري
۾ اچي اتان جي عالمن کان سوال ڪيم مگر ڪنھن بھ
تشفي بخش جواب ڪو نھ ڏنو. اتان عبَادان ھليو ويس.
اتي ھڪڙو بزرگ ابو حبيب رھندو ھو. انکان وڃي سوال
ڪيم ۽ ھن مون کي شافي جواب ڏنو. مان ھن جي خدمت ۾
ڪافي مدت تائين رھيس ۽ ھن جي ڪلام منجھان فائدو
ورتم ۽ ھن جو طريقو سکندو رھيس. پوءِ آخر تستر
ڏانھن موٽي آيو ۽ پنھنجي غذا ھيءَ مقرر ڪيم تھ ھڪ
درھم جا جو وٺندو ھيس ۽ اھي پيھرائي رکي ماني لوڻ
کان بھ سواءِ“ شحر جي وقت ھڪ آني تور جيتري
کائيندو ھيس. اھڙي طرح ھڪڙو درھم پورو سال ڪافي
ٿيندو ھو. تنھن کانپوءِ اھو قصد ڪيم تھ ٽن ڏينھن
جو روزو لڳاتار رکندو رھندس. ھن کان پوءِ پنجن
ڏينھن کي ۽ وري ستن ڏينھن کي ملائيندو ھوس تان جو
پنجويھن کي وڃي نوبت پھتي ۽ ويھھ ورھيھ اھڙيءَ طرح
گذري ويا. پوءِ مان ڪجھھ سال ملڪن جو سير ڪيو،
جتان تستر ڏي موٽي مان ساري رات جاڳڻ اختيار ڪيو.
بيان يارھون
مريد ٿيڻ جا شرط ۽ مريد جو مجاھدو
ڄاڻڻ گھرجي تھ جيڪو پنھنجي دل سان آخرت جي مشاھدي کي يقيني ٿو
سمجھي اھو آخرت جي راز معلوم ڪرڻ جو ھميشه ڏاڍو
مشتاق ٿو ٿئي. تنھنڪري ھو رڳو آخرت جي طريقي تي ٿو
ھلي ۽ دنيا جي نعمتن ۽ لذتن کي خوار ۽ ناپائدار ٿو
سمجھي. جھڙيءَ طرح ڪنھن وٽ ڪو شيشي جو ٽڪر ھجي ۽
ھن کي ڪو قيمتي جوھر نظر پئجي وڃي تھ شيشي جي ٽڪري
جي رغبت ھن جي دل منجھان ھلي ويندي ۽ ھو ائين پيو
چاھيندو تھ جيڪر ھن جوھر سان ھن کي مٽايان، جنھن
کي وري آخرت جي رغبت ڪانھي ۽ نڪي ديدار الاھي جو
طالب آھي اھو انھيءَ ڪري آھي جو الله تعاليٰ ۽
قيامت تي ھن جو ايمان ڪونھي. اسان جو عرض انھيءَ
ايمان سان ناھي جنھن ۾ زبان سان شھادت جو ڪلمو
پڙھيو وڃي ۽ بنا صدق ۽ اخلاص جي ڄڻ تھ اھو ڪلمو دل
۾ ھڪڙو ڪو وسوسو گذري ويو. اھڙي قسم جي ايمان جو
مٿال ھن طرح آھي تھ ڪو ھن ڳالھھ جي تصديق ڪري تھ
جوھر، شيشي جي ٽڪري کان چڱو آھي مگر جوھر جو ھن
رڳو نالو ٻڌو آھي ۽ بھن جي حقيقت کان بلڪل بي خبر
آھي. اھڙي قسم جو شخص جيڪڏھن شيشي جي الفت ۾ پئجي
ويندو تھ ان کي اصلي نھ ڇڏيندو يا جوھر جو اشتياق
ايترو نھ ڪندو. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ الله
تعاليٰ سان وصل جو شوق سواءِ سلوڪ جي نٿو حاصل ٿي
سگھي ۽ سلوڪ وري بنا ارادت جي ممڪن ناھي ۽ ارادت
کان منع ڪندڙ وري ايمان جو نھ ھجڻ آھي. ايمان جو
نھ ھجڻ وري انھيءَ ڪري اھي جو ڪو ھادي ۽ ذڪر ڏيڻ
وارو ڪينھي. علماءُ جيڪي حق جي راءِ ڏيکارڻ ۽ دنيا
جي حقارت ۽ ان جو فاني ھجڻ ۽ آخرت جو ڪم تمام
ضروري ھئڻ ۽ ان جي بقاء بابت ڪجھھ ٻڌائن، اھي اڻ
لڀ آھن. خلق خدا جي غافل آھي. پنھنجي شھوتن ۾ غرق
۽ معرفت الاھي کان خواب خرگوش يعني ويسر ۽ بي
گوندرائي ۾ آھي. ڪوئي عالم دين اھڙو ڪونھي جو انھن
کي کڻي تنبيه ڪري. جيڪڏھن ڪنھن کي تنبيه ملي ٿي تھ
سلوڪ کان پاڻ کي ناواقف ھئڻ سبب اڳتي ھلي نٿو
سگھي. جيڪڏھن علمائن کان ٿو پڇي تھ اھي خود نفساني
خواھش ۾ مبتلا ھئڻ ڪري سڌي راھھ کان پري پيل آھن.
معلوم ٿيو تھ ارادت جو شعيف ھجڻ ۽ واٽ کان
ناواقفيت ۽ عالمن جو نفساني خواھش کان ڳالھائڻ
انھيءَ ڳالھھ جو سبب بڻيو آھي تھ خدا تعاليٰ جي
راھھ تي ھلڻ وارا نھ رھيا آھن. جڏھن گھربل مقصد
محجوب ھوندو. راھبر مفقود ھوندو. نفساني خواھش
غالب ھوندي ۽ طالب غافل ھوندو تھ راھھ البتھ خالي
رھندي ۽ منزل مقصود تي پھچڻ ڏکيو ٿيندو.
پوءِ جيڪڏھن ڪو ھوشيار ماڻھو پنھنجي پاڻ يا ڪنھن ٻئي جي ترغيب
سان آخرت جي تجارت جو ارادو ڪري تھ ھن کي خبر ھئڻ
کپي تھ ارادت (يعني مريد ٿيڻ) لاءِ منڍ ۾ ڪي شرط
آھن جيڪي پھريائين بجا آڻڻ کپن. ارادت گويا ھڪ
پڪڙڻ يا چنبڙڻ جي شئي آھي جنھن کي پڪڙڻ لازمي آھي
يا ھوءَ ھڪ قلعو آھي جنھن ۾ پناھھ وٺڻ گھرجي
انھيءَ لاءِ تھ رھزنن ۽ دشمنن کان انسان بچي.
انھيءَ کانسواءِ ڪي وظيفا آھن جن جي سلوڪ جي وقت ۾
پابندي ڪرڻ ضروري آھي.
ياد رکڻ گھرجي تھ اھي شرط جن کي سڀ کان مقدم رکڻ ضروري آھي. اھي
ھي آھن تھ پنھنجي ۽ حق جي وچ ۾ جيڪو حجاب ۽ بندش
آھي ان کي دور ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ جو خلق جو محروم
رھڻ خالق کان انھيءَ سبب کان ٿو ٿئي جو ڪيئي پردا
وچ ۾ حائل آھن. جھڙيءَ طرح الله تعاليٰ ٿو فرمائي
تھ ”وجعلنا من بَين ايديھم سدا و من خلفھم سدا
فاغشيناھم فھم لا يبصرون“ (۽ سندن اڳيان اوٽ ۽
سندن پوئتان (بھ) اوٽ ڪئي سون. پوءِ کين ڍڪيوسون
تنھن ڪري اھي (ڪجھھ) نھ ڏسندا.“ ھن قسم جا حجاب
مريد ۽ حق جي وچ ۾ چار آھن، مال، جاءِ، تقليد ۽
نافرماني.
”مال“ جو حجاب ھن طرح ٿو دور ٿئي جو ان کي ورھائي ڇڏي ۽ ضرورت
جي مقدار کان سواءِ مال کي پنھنجي مملڪيت منجھان
ڪڍي ڇڏي. ڇاڪاڻ تھ جيستائين ھڪ درھم يعني ھڪ پيسو
بھ پاڻ وٽ رھندو تھ دل جو لاڙو انھيءَ جي طرف
ٿيندو ۽ حجاب ساڳيو برقرار رھجي ويندو.
”جاه“ جي حجاب جي دور ڪرڻ جي اھا تدبير آھي تھ اھڙيءَ جاءِ تي
نھ رھي جتي جاه حاصل ھجي ۽ سڪوت ۽ نوڙت اختيار ڪري
۽ ظاھري اھڙا اعمال ڪري جو ماڻھن کي ھن لاءِ نفرت
ٿي وڃي.
”تقليد“ جو حجاب ھن طرح ٿو کڄي وڃي جو ماڻھو مذھبن جو تعصب ڇڏي
ڏي ۽ ”لا اِلٰه اِلاّ الله محمدءٌ رسول الله“ جي
لفظي معنيٰ جي تصديق ڪري ھن جي حقيقي تصديق کي
حاصل ڪرڻ جو حرص ڪري يعني سواءِ خدا تعاليٰ جي
جيڪا شيءِ ھن جي معبود ھجي ان کي نابنود ڪري ڇڏي.
سڀ کان وڌيڪ معبود انسان جو ھن جي نفساني خواھش
آھي. ان کي دور ڪري. جيڪڏھن ائين ڪندو رھندو تھ
جنھن شيءِ جو اعتقاد پھريائين رڳو تقليد جي سبب
حاصل ٿيو آھي ان جي معنيٰ ۽ حقيقت کلي ويندي. ھيءَ
ڳالھھ مجاھدي سان ٿي حاصل ٿئي ۽ نھ مجادلي (يعني
جھيڙي يا بحث) سان. پوءِ جيڪڏھن ھن تي تعصب جو
غلبو ھوندو ۽ نفس ۾ سواءِ ان تقليدي اعتقاد جي ٻي
ڳالھھ جي گنجائش نھ ھوندي تھ مريد ان ۾ ئي ڦاٽو
پيو ھوندو ۽ اھا ئي ڳالھھ ھن جي حجاب جو باعث
ٿيندي، ڇاڪاڻ جو مريد لاءِ ھي شرط ضروري ناھي تھ
ڪنھن خاص مذھب جو ھجي.
”نافرماني“ جي حجاب دور ڪرڻ جي تدبير سواءِ انھيءَ جي ٻي ناھي
تھ مريد توبه ڪري، گناھن کان صاف ٿئي ۽ پڪو عھد
ڪري تھ وري ائين نھ ڪندس. گذريل گناھن کان شرمسار
ٿي جيڪا شيءِ ڪنھن کان کسي ھجيس اھا ھن کي واپس
ڪري. جن جو حق رھيل ھجيس تن جو حق ادا ڪري. پوءِ
جيڪو تبه بھ نھ ڪري ۽ ظاھري گناھھ بھ نھ ڇڏي ۽ ھي
چاھي تھ دين جي اسرارن جو مڪاشفھ ٿئيس تھ ان جو
مثال اھڙو آھي جھڙو ڪو ماڻھو بنا عربي سکڻ جي چاھي
تھ مون کي قران شريف جو تفسير ۽ ان جا اسرار معلوم
ٿين. حالانڪھ دستور ھي آھي تھ پھريائين ترجمو عربي
لفظن جو سکبو آھي ۽ تنھن کان پوءِ معنيٰ جا اسرار
معلوم ڪيا ويندا آھن. ساڳيءَ طرح ھتي پھريائين
ظآھري شريعت کي منڍ کان پڇاڙيءَ تائين درست ڪرڻ
گھرجي ۽ پوءِ ان جي اسرارن ۽ دقيق ۽ باريڪ نڪتن جي
طرف وڌڻ گھرجي.
مطلب تھ جڏھن ھنن چئني شرطن کي مقدم ڪري مال ۽ جاه کان پاسو
ڪندو تھ اھڙو ٿي ويندو جھڙو ڪو شخص وضو ۽ طھارت
ڪري نماز پڙھڻ جي لائق بڻجي ٿو وڃي ۽ پوءِ فقط ھڪ
امام جي اقتدار جي ضرورت ٿي رھي. انھيءَ ڪري مريد
کي ھڪ مرشد ۽ استاد جي ضڙورت پوندي جيڪو ھن کي
مستقيم راءِ ٻڌائي ڇاڪاڻ تھ دين جو رستو ڏاڍو
باريڪ ۽ سنھو پيچرو آھي ۽ شيطان جون راھون ظآھر ۽
گھڻي تعداد ۾ آھن. تنھنڪري جيڪڏھن مرشد ھادي نھ
ٿيندو تھ ضرور شيطان زوريءَ پنھنجن رستن ڏي ڇڪي
ويندو. رھبر کان سواءِ خطري واري رستي ۾ ھلڻ
پنھنجي جان کي تباھيءَ ۾ وجھڻو آھي. جيڪي پنھنجي
عقل تي اعتماد ٿا رکن اھي اھڙا آھن جھڙو ھڪ خود رو
(يعني پاڻھي اڀرندڙ جھنگلي پوٽو يا) وڻ جيڪو ٿوري
ئي عرصي ۾ سڪي بيڪار ٿئي ٿو وڃي ۽ جيڪڏھن ڪجھھ
ڏينھن جٽاءُ ڪري ھليو ۽ پن بھ نڪري آيس تھ بھ ميوا
يا ڦل اصل نٿو جھلي.
مطلب تھ چئني شرطن پوري ڪرڻ کانپوءِ مريد لاءِ جيڪا شيءِ ھٿ ڪرڻ
جي لائق آھي سا آھي ”استاد“. ھن کي اھرو مضبوط ڪري
پڪڙي جھلي جھڙو نھو جي ڪناري تي انڌو ماڻھو پنھنجي
لٺ پڪڙڻ واري کي قابو ڪري جھليندو آھي ۽ پنھنجو
سڄو معاملو ھن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آھي. ھيٺ
مٿاھين ۾ ان جي پويان لڳو رھندو آھي ۽ ھڪ ذرو بھ
لٺ واري کان ھيڏي ھوڏي نھ ٿيندو آھي. مريد کي مرشد
سان اھڙيءَ طرح لڳو رھڻ گھرجي. ھن کي اھا ڳالھھ
ياد رکڻ گھرجي تھ مرشد جيڪڏھن غلطي بھ ڪندو تھ ھن
جي غلطيءَ ۾ بھ ھن کي نفعو زياده آھي بھ نسبت
انھيءَ جي جو ھو اڪيلو پنڌ ڪري پوءِ اتفاق سان سڌي
راھھ بھ کڻي ويندو ھجي. بنا سونھين جي ڪا بھ راھھ
طئي ڪرڻ ڏکي آھي.
ٻئي طرف جيڪڏھن اھرو رھنما ۽ سچو مرد نھ ملي وڃي تھ انھيءَ مرشد
کي بھ گھرجي تھ پنھنجي مريد کي اھڙي پناھھ واري
جاءِ ۽ پڪي قلعي ۾ ويھاري جتي رھزنن کان محفوظ
رھي. اھڙو محفوظ قلعو چئن شين مان ٿو ٺھي، خلوت،
سڪوت، بيداري ۽ بک. جيئن جو مقصد اھو ٿو رھي تھ ھن
جي قلب جي اصلڳاح ٿئي تھ ان سان ھو پنھنجي رب جو
مشاھدو ڪري ۽ ھن جي قرب حاصل ڪرڻ جي لياقت پاڻ ۾
پيدا ڪري تھ اھا ڳالھھ ھن کي ھنن چئن شين منجھان
ئي ٿي حاصل ٿي سگھي.
”بک“ سان دل جو خون ٿورو ۽ سفيد ٿئي ٿو وڃي ۽ انھيءَ سفيديءَ ۾
وري ھن جو نور سمايل ٿو ٿئي. دل جي چربي بھ بک سان
ٿي لھي ۽ اھا ڳالھھ باعث ٿي بڻجي ان جي نرميءَ جو
جيڪا وري مڪاشفي يعني (روحاني رازن کلي وڃڻ) جي
ڪنجي آھي. جڏھن دل جو خون ٿورو ٿو ٿئي تھ دشمن
يعني شيطان جي راھ تنگ ٿي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ تھ ھن جون
واٽون رڳن منجھان آھن جن ۾ خون سان گڏ شھوتون ڀريل
ٿين ٿيون. حصرت عيسيٰ عليه السلام پنھنجن حوارين
کي فرمايو تھ پنھنجن پيٽن کي بکيو رکو تھ پنھنجي
پروردگار جو ديدار ڪريو. ھضرت سھل تستري رحمت الله
عليه ٿو فرمائي تھ ابدال چئن شين سان اھو رتبو
حاصل ڪن، يعني پيٽ کي بکيو رکڻ، جاڳڻ، چپ ۾ رھڻ ۽
گوشھ نشيني اختيار ڪرڻ سان. مطلب تھ بک سان قلب جي
روشني حاصل ٿيڻ ثابت آھي ۽ تجربو بھ انھيءَ جي
تائيد ٿو ڪري.
”بيداري“ يعني جاڳڻ منجھان ھي فائدو آھي تھ قلب ۾ صفائي ٿي اچي
۽ ان تي نور جو پاڻي ٿو چڙھي. جيڪو نور بک سان
حاصل ٿو ٿئي ان کي ھيءَ صفائي ويتر وڌيڪ چٽو ۽
تجلي وارو ٿي ڪري دل ھڪ تاري يا صاف آئيني وانگر
چمڪڻ ٿي لڳي ۽ ان ۾ حق جو جمال ظاھر ٿو ٿئي ۽ آخرت
جا درجا بلند ٿا ٿين. دنيا جي حقارت ۽ ان جون
آفتون نظر ٿيون اچڻ لڳن ۽ انھيءَ ڪري مريد جي دل
انھيءَ دنيا کان ھٽي ٿي وڃي ۽ سڄي ساري آخرت جي
طرف لڙي ٿي پوي. ياد رکڻ گھرجي تھ بيداري يا جاڳڻ
بھ سڌو سنئون بک جو ھڪ نتيجو آھي. پيٽ ڀرڻ سان
اوجاڳو ڪرڻ ممڪن ناھي.
ننڊ دل کي مرده ۽ سخت ڪري ٿي ڇڏي. مگر جيڪڏھن اھا ضرورت جي
مقدار ۾ آھي تھ انھيءَ صورت ۾ تھ اھا بھ غيبي
اسرارن جي مڪاشفي جو سبب ٿي بڻجي. ابدالن جي صفتن
م لکيل آھي تھ غذا انھن جي فاقو آھي (يعني پيٽ ڀري
ڪڏھن بھ نھ ٿا کائن ۽ ھميشھ ٿورا يا گھڻا بکيا ٿا
رھن)، ننڊ انھن جي غلبو آھي (يعني سواءِ ڏاڍي غلبي
جي اک نٿا ٻوٽين) ۽ ڪلام يا ڳالھائڻ انھن جو،
ضرورت جي مقدار اندر آھي. حضرت ابراھيم خواص رحمت
الله عليه ٿو فرمائي تھ ھنن صديقن جي راھ انھيءَ
رھ تي متفق آھي تھ زياده پاڻي پيئڻ سان ننڊ وڌي
ٿي.
”سڪوت“ جو فائدو اھو آھي تھ ان سان غزلت يعني گوشھ نشيني (اڪيلو
رھڻ) آسان ٿي پوي ٿو. گوشھ نشين کي انھيءَ ماڻھوءَ
جو ڏسڻ ضروري ٿيندو آھي جيڪو ھن کي کاڌو پاڻي
وغيره پھچائي ڏي. انھيءَ صورت ۾ گوسھ نشين کي
گھرجي تھ انھيءَ ماڻھوءَ سان ضرورت کان وڌيڪ ھرگز
ڪلام نھ ڪري. ڪلام ڪرڻ سان دل يڪدم ٻئي طرف متوجھ
ٿي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو دل کي ڪلام جي طرف وڏي رغبت
ٿي رھي ۽ خاص ڪري ھن حالت ۾ تھ ذڪر فڪر جي ٿڪ
کانپوءِ ھن کي ڳالھائڻ ۾ ڪجھھ آرام ٿو ملي. مطلب
تھ سڪوت سان عقل کي قوت ٿي پھچي ۽ تقويٰ ۽
پرھيزگاريءَ ۾ واڌارو ٿو ٿئي.
”خلوت“ جو فائدو اھو آھي تھ اک ۽ ڪن جيڪي دل جا دروازا آھن، اھي
ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان روڪيل ۽ بند ٿا رھن ۽ دل جا سڀ شغل
ختم ٿي ٿا وڃن ڇاڪاڻ تھ دل ھڪ حوض جي مثال آھي
جنھن ۾ حواس جي نالين منجھان گندو پاڻي ۽ ڪک پن
ڪرندا ٿا رھن. رياضت جو مقصد اھو آھي تھ حوض
انھيءَ گندي پاڻي وغيره کان خالي ٿي وڃي ۽ تري
منجھان گپ وغيره نڪري وڃي ۽ حوض ۾ رڳو خالص ۽ صاف
پاڻي وڃي بچي. مگر اھو تھ ناممڪن آھي جو نھرن کان
پاڻي اچڻ نھ روڪيو وڃي ۽ ڪو چاھي تھ حوض خالي ۽
صاف ٿي وڃي. بلڪھ جيترو حوض خالي ڪيو ويندو انھيءَ
کان زياده پاڻي ان ۾ وھندو رھندو. انھيءَ ڪري
انھيءَ ڳالھھ جي ضرورت محسوس ٿي تھ حواسن کي ضرورت
کان سواءِ ٻين حالتن ۾ ضبط ڪيو وڃي ۽ اھا ڳالھھ
سواءِ گوشھ نشيني ۽ اونداھي جاءِ جي نٿي ٿي سگھي.
جيڪڏھن اونداھي جاءِ نھ ملي تھ پنھنجو منھن چادر
وغيره سان ڍڪي ڇڏي. انھيءَ حالت اختيار ڪرڻ سان
مريد غيب جو آواز ٻڌڻ ٿو لڳي ۽ ربوبيت جو جلال ھن
کي دل جي اکين اڳيان نظر ٿو اچي. آنحضرت ﷺ کي بھ
اھڙي ئي حال ۾ آواز پھتو ھو تھ ”ياٰيھا المزمل“ اي
(پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا، ۽ ”يٰايھا المدثِر“ اي
(پاڻ کي) چادر ۾ ويڙھڻ وارا!
مٿين بيان منجھان معلوم ٿيو تھ ھي چارئي شيون ھڪ قلعي يا ڍال جي
برابر آھن جن جي ذڙ:غ: ڙحذڻ ثڙآ ثآ ث:ڻ ۽ مانع
(منع ٿيل) شيون پري ڀڄي ٿيون وڃن.
مريد جڏھن ھيءَ ڳالھھ ڪري چڪي تھ پوءِ معرفت جي راھھ ۾ پنڌ ڪرڻ
شروع ڪري ڏئي ۽ انھيءَ پنڌ ڪرڻ ۾ ھن کي ڪيترن ئي
گھاٽن ٻيلن منجھان گذر ڪرڻو پوندو ۽ ھن راھھ جا
گھاٽا ٻيلا ”قلبي صفتون“ آھن جيڪي دنيا جي تعلقات
منجھان ٿيون پيدا ٿين. اڀرن ۽ اسرن، انھن منجھان
ڪي گذر ڪرڻ ۾ آسان آھن ۽ ڪي مشڪل. انھن کي طئي ڪرڻ
ترتيب وار شروع ڪرڻ گھرجي يعني اول ان کان وڌيڪ
مشڪل ۽ پوءِ وري ان کان وڌيڪ مشڪل. ياد رکڻ گھرجي
تھ ھي قلبي صفتون انھن تعلقاتن جا اسرار ۽ آثار
آھن جيڪي ارادت جي شروعات ۾ قطع ٿي چڪيون آھن يعني
مال، جاھ، دنيا جي محبت، حق جي الت ۽ گناھن ڏانھن
لاڙو. ھاڻي لازمي آھي تھ جھڙيءَ طرح ظاھر ۾ انھن
جا اسباب دفع ڪيا ويا آھن تھڙيءَ طرح باطن منجھان
بھ ان جا نشان دفعي ڪرڻ گھرجن. انھن کي دفع ڪرڻ ۾
وڏي مجاھدي جي ضرورت آھي مگر طبيعتن جي مختلف ھئڻ
جي اعتبار سان مجاھدو بھ مختلف درجن ۾ ڪرڻو ٿو
پوي. ڪي ماڻھو گھڻين صفتن کان بچيل ھوندا آھن،
انھن کي تمام ٿورو مجاھدو ٿو ڪرڻو پوي. |