اھا ڳالھھ اسان اڳي لکي چڪا آھيون تھ خواھسن ۽ شھوتن جي مخالفت
ڪرڻ جو مجاھدو ھڪ اھڙي صفت آھي جنھن جي ذريعي مريد
جو نفس ھر بڇڙي صفت تي غالب اچي ٿو وڃي. پوءِ جڏھن
ماڻھو شھوتن کان محفوظ ٿي وڃي يا انھن کي ضعيف ۽
نٻل ڪري وجھي ۽ دل ۾ ڪوئي بھ تعلق ھن کي مشغول ڪرڻ
جي قابل نھ رھي تھ مرشد کي گھرجي تھ ھر وقت ھن جي
دل جي پوئتان لڳو رھي ۽ ظاھري وظائف ھن کي پڙھڻ نھ
ڏئي بلڪھ فرضن ۽ سنتن تي ڪفايت ڪري صرف ھڪ وظيفو
جيڪو سڀني وظيفن جو نچوڙ ھجي ان جو ورد ڪرائي ۽
اھو ھي آھي تھ جڏھن دل غير الله کان فارغ ٿي وڃي
تھ فقط خدا تعاليٰ جو ذڪر ئي ان کان ڪرائي.
ٻئي طرف جيسين مريد جي دل ٻين تعلقن
جو
طرف مائل ھجي تيسين ھن کي ذڪر مبارڪ جو شغل نھ
ٻڌائي جھڙيءَ طرح حضرت شبلي رحمت الله عليه پنھنجي
مريد حصري کي فرمايو ھو تھ جنھن جمعي تي مون وٽ
اچين ٿو انھيءَ کان وٺي ٻئي جمعي تائين جيڪڏھن
تنھنجي دل ۾ سواءِ خدا جي ڪا ٻھ شيءِ گذري تھ توکي
مون وٽ اچڻ حرام آھي. اھڙي قسم جي علھدگي ۽ نرالي
حالت سواءِ ارادت جي سچائي ۽ محبت الاھي جي غلبي
جي حاصل ٿي نٿي سگھي يا جيسين مريد اھڙو عاشق صادق
نٿو بڻجي جو سواءِ ھڪڙي فڪر جي ٻيو ڪجھھ بھ ھن جي
قلب ۾ نٿو رھي. جڏھن اھڙو سچائي ۽ صفائي وارو حال
مريد جو ٿئي تڏھن مرشد ھن کي اجازت ڏئي تھ وڃي
گوشھ نشيني ۾ اڪيلو ويھي ۽ ھڪڙي ماڻھوءَ کي مقرر
ڪري ڇڏي جيڪو ھن کي حلال غذا مقرر وقت تي
پھچايئندو رھي. روزي حلال ھئڻ نھايت ضروري آھي
ڇاڪاڻ تھ دين جي طريقي جي جڙ پاڙ اھا ئي ڳالھھ آھي
تھ غذا حلال جي کاڌي وڃي. پوءِ ھن کي زڪر جي تلقين
ڪري تھ ھو پنھنجي دل ۽ زبان ان ۾ مشغول رکي. مثلا
الله - الله يا سبحان الله! سبحان الله يا ٻيا
الفاظ جيڪي مرشد کي تجويز ۾ اچن ھميشه ويٺو پڙھندو
رھي. ايتري قدر ھن تي پابندي ڪري جو زبان جو چرڻ
بند ٿي وڃي ۽ ڪلمئھ مذڪور گويا ھن جي زبان تي بنا
حرڪت يا چرپر جي جاري ٿي وڃي.
جڏھن وري ھن حال تي پابندي گھڻي ٿي ڪئي وڃي تھ زبان منجھان بھ
اثر ھليو ٿو وڃي ۽ دل ۾ ان لفظ جي صورت چٽجي ٿي
بيھي. وري انھيءَ حال تي بھ پابندي ڪندي ڪندي لفظن
جي صورت بھ دل تان ميٽجي ٿي وڃي ۽ رڳو لفظ جي
معنيٰ دل جي اندر غالب ٿي رھي. اھڙيءَ طرح جو ڪڏھن
بھ غائب يا ھيڏي ھوڏي نٿي ٿئي ۽ دل ”ماسوا“ کان
خالي ٿئي ٿي وڃي ڇاڪاڻ تھ دل جڏھن ھڪڙي شيءِ ۾
مشغول ٿيندي آھي تھ ٻي شيءِ ڪھڙي بھ ھجي ان ۾ رھي
نٿي سگھي. تنھنڪري جيڪڏھن دل زڪر الاھي، جنھن جو
مقصد صرف ذات الاھي سان آھي ان ۾ مشغول ٿئي ٿي وڃي
تھ بيشڪ ”ماسوا“ کان ھوءَ صفا خالي ٿي رھي.
ھن وقت مريد کي گھرجي تھ وسوسن ۽ دنيا جي خطرن کان دل کي بچائي
۽ پنھنجو ۽ پرايو حال ڪجھھ بھ ياد نھ ڪري ڇاڪاڻ تھ
ذرو بھ دل انھيءَ طرف متوجھ ٿيندي تھ ياد الاھي
کان اھا گھڙي غافل ۽ خالي رھجي ويندي. اھڙين
ڳالھين کي ضرور دفع ڪرڻ گھرجي. آخر جڏھن ٻين وسوسن
کي دفع ڪرڻ ھڪ خاص ڪلمي جي طرف نفس کي ڦيريندو تھ
وري خود انھيءَ ڪلمي جي باري ۾ ئي وسوسا پيدا ٿي
ويندا تھ اھو ڪمو ڇا آھي ۽ الله جي معنيٰ ڇاھي ۽
ڪھڙي سبب کان ھو خدا ۽ معبود بڻيو آھي تھ انھن
وسوسن ڪري فڪر جا دروازا کلي ٿا وڃن ۽ شيطان جي
طرف کان اھڙا وسوسا اچڻ ٿا لڳن جيڪي ڪفر ۽ بدعت
ھوندا آھن. مگر جيڪڏھن انھن وسوسن کي بَرو سمجھندو
ھوندو ۽ دل منجھان انھن کي دور ڪرڻ لآءِ ھر دم
تيار رھندو تھ انھن منجھان ھن کي ڪو ضرر نھ
پھچندو.
انھن وسوسن جا وري ٻھ قسم آھن. ھڪ قسم جا وسوسا تھ اھڙا آھن جن
بابت يقين سان معلوم ٿي ٿو وڃي تھ خداوند ڪريم
انھن شبھن کان پاڪ آھي مگر شيطان دل ۾ وجھي انھن ۾
اجايو ڦاسائڻ ٿو گھري. انھيءَ جو علاج اھو آھي تھ
ان جي پرواھ نھ ڪري. ذڪر الاھي ۾ ھردم مشغول رھي ۽
ڌڻي تعاليٰ کان انھن کان پناھ گھرندو رھي جو اھو
ئي انھن کي دور ڪري سگھي ٿو. جھڙوڪ الله تعاليٰ
خود ٿو قرآن مجيد ۾ فرمائي تھ ”واِما ينزغنڪ من
الشيطان فزغءٌ فاستط بِالله اِنه سميعءٌ عليمءٌ“
(يعني جيڪڏھن توکي يطان کان ڪو وسوسو پھچي تھ الله
کان پناھھ گھر) ۽ ٻي آيت ۾ آھي تھ ”اِن الذين
اتّقوا اِذا مفسھم طائفءٌ من الشسيطان تذڪروا
فاِذاھم مبصرون“ (جيڪي پرھيز ڪندڙ آھن تن کي جڏھن
شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد
ڪندا آھن. پوءِ اھي انھيءَ مھل (حقيقت) ڏسڻ وارا
ٿيندا آھن.)
ٻيو قسم وسوسن جو اھو آھي جن ۾ تردد ۽ شڪ ھجي. انھن جي تدبير
ھيءَ آھي تھ اھي يڪدم مرشد کي ٻڌائي. بلڪھ جيڪي
ڪجھ دل تي گذري خواه سستي ھجي يا خوشي يا ڪنھن
تعلق جي طرف لاڙو يا ارادت جي صدق جي ڪا نشاني
وغيره اھي سڀ مرشد کي ٻڌائڻ گھرجن. سواءِ مرشد جي
ٻين سان ھرگز ذڪر نھ ڪجي. پوءِ مرشد کي گھرجي تھ
ھن جي حال کي ۽ ھن جي ذڪاِ ۽ دانائي يا زيرڪيءَ کي
غور جي نظر سان ڏسي.
جيڪڏھن مرشد ڏسي تھ مريد کي انھيءَ حال تي ڇڏي ڏيڻ ۽ فڪر جي
اجازت ڏيڻ سان مريد خوبخود حق کان واقف ٿي ويندو
تھ ھن کي فڪر ۾ لڳائي ۽ انھيءَ تي پابندي ڪرڻ جي
اجازت ڏئي. انھيءَ حد تائين جو ھن جي دل ۾ نور
الٰھي جلوه گر ٿئي ۽ معاملي جي حقيقت ذري پرزي
معلوم ٿي وڃيس.
ٻي صورت ۾ جيڪڏھن مرشد سمجھي تھ ھي شخص پنھنجو پاڻ معلوم نھ ڪري
سگھندو تھ ان جي اڳيان انھي ”شبه“ جي باري ۾ اھي
يقيني اعتقاد بيان ڪري جن جي سانڍڻ جيترو ھن جي دل
۾ تحمل ھجي ۽ پند ۽ نصيحت کانپوءِ ان اعتقاد جو ھڪ
اھڙو دليل ھن کي ٻڌائي جو ھن جي سمجھھ ۾ اچي وڃي.
بھتر آھي تھ مريد جي قلبي حال آھر نھايت نرميءَ
سان سمجھائي، ڇاڪاڻ جو ھي طريقو خطرناڪ ۽ تباھ
ڪندڙ آھي. ڪن مريدن کي رياضت جي شغل جي دوران ۾
بعضي اھڙا فاسد خيال دل ۾ ڄمي ٿا وڃن جو انھن جي
مڪاشفي يا کلڻ تائين نھ پھچي سگھڻ ڪري پنھنجي سلوڪ
واري راءِ ڇڏي وڃي باطل راه طي ڪرڻ ٿا لڳن ۽ ھي
معاملو ھڪ وڏي تباھي جو باعث آھي.
ياد رکڻ گھرجي تھ جيڪو شخص صرف ذڪر جو ئي ٿي ٿو رھي ۽ سڀني انھن
تعلقات کي دفع ٿو ڪري جيڪي ھن جي دل کي مشغول ڪن
ھا اھو بھ اھڙن فڪرن ۽ وسوسن کان خالي نٿو رھي،
ڇاڪاڻ تھ مريد ھر وقت خطري جي ٻيڙيءَ تي سوار آھي.
جيڪڏھن بچيو تھ دين جو بادشاھھ آھي ۽ ڪريو تھ خوار
۽ تباھھ آھي انھيءَ بناِ تي آنحضرت ﷺ جن فرمايو
آھي تھ ”پاڻ تي لازم سمجھو يا لازم ڪري وٺو دين
ٻڍين عورتن جو“ يعني ايمان جا اصول ۽ ظاھر اعتقاد
تقليد جي ذريعي مڃي اعمال خير ۾ مصروف ٿيڻ گھرجي.
انھيءَ واٽ کان ٿورو ھيڏي ھوڏي ٿيڻ ۾ وڏا خطرا
آھن. انھيءَ لحاظ کان ڪن جو خيال آھي تھ مرشد تي
واجب آھي تھ مريد جو حال فراست سان جاچي ڏسي.
جيڪڏھن ذڪي ۽ ھوشيار نھ ھجي ۽ ظاھري اعتقادن تي بھ
واقعي قرار نھ ھجيس تھ ھن کي ذڪر فڪر ۾ مشغول نھ
ڪري بلڪھ ھن کي ظاھري اعمالن جو پابند ڪري ھن کي
مشھور ۽ متواتر پڙھڻ وارا وظيفا ٻڌائييا فڪر وارن
جي خدمت ڪري. انھيءَ لاءِ تھ انھن جي برڪت ۾ ھي بھ
شريڪ ٿي وڃي. جڏھن ڪو شخص جھاد کان عاجز ھجي تھ ھن
کي گھرجي تھ مجاھدن کي پاڻي پياري ۽ انھن جي
جانورن جي خدمت چاڪري ڪري تھ قيامت ۾ انھن جي ٽولي
منجھان ٿي اٿي ۽ انھن جي برڪت ۾ شريڪ ٿئي. توڙي
انھن جو درجو نھ بھ کڻي مليس.
انھيءَ کانسواءِ ذڪر ڪرڻ واري مريد کي ڪيئي رھزن جھڙوڪ وڏائي،
شيخي، رياِ ماڻھن ۾ ھن جي احوال کلي وڃڻ جي خوشي،
ابتدائي ۽ اوائلي ڪرامتن جي ظاھر ٿيڻ تي فرحت
وغيره آڏو ٿا اچن. جيڪڏھن انھن منجھان ڪنھن جي طرف
ئي التفات ٿيس ۽ نفس کي انھيءَ تي قناعت ڪرايائين
تھ سلوڪ ۾ خلل پئجي ويندس ۽ اتي جو اتي رھجي
ويندو. اھڙي صورت ۾ مريد کي گھرجي تھ پنھنجي حال
تي جيڪو بھ ھن کي نصيب ٿيندو رھي ان تي سڄي عمر
لاءِ اڳتي ھلندو ۽ وڌندو رھي ۽ ڪنھن بھ حالت تي
قناعت نھ ڪري بلڪھ پنھنجو حال انھيءَ پياسيءَ جھڙو
سمجھي جو جيڪڏھن فرض ڪيو تھ ھن کي درياھن جا درياھ
سامھون اچن تھ بھ پياس نھ ٻجھيس ۽ پنھنجي ساري
موڙي، خلق کان علحدگي ۽ خلوت کي ڪري سمجھي.
دنيا جي سير و سياحت ڪرڻ وارن منجھان ھڪڙو ٿو ڳالھھ ڪري تھ ھڪ
دفعي ھڪ گوشھ نشين ابدال جي خدمت ۾ عرض ڪيم تھ
حقيقت جي راءِ ڪھڙي آھي ۽ ٻئي دفعي وري ھي سوال
ڪيم تھ ڪو اھڙو عمل ٻڌايو جنھن سان مدام (ھميشه
لاءِ) منھنجي دل خدا سان رھي. انھن فرمايو تھ خلق
کي نھ ڏس. ان جي طرف ڏسڻ تاريڪي يا اونداھي آھي.
مان عرض ڪيو تھ سائين اھا ڳالھھ مون کي ضرور ڪرڻي
ٿي پوي. تنھن تي فرمايائون تھ ڀلا انھن جي ڳالھھ
نھ ٻڌ. ڇاڪاڻ تھ اھا دل جي سختيءَ جو باعث آھي.
مان چيو تھ سائين اھو ڪم بھ ڏکيو آھي. منھنجو
مانھن سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ ضروري آھي. پوءِ چيائين
تھ ڀلا ڏيتي ليتي نھ ڪر. انھيءَ ۾ وحشت ٿي ٿئي.
مان عرض ڪيو تھ انھن جي وچ ۾ تھ رھان ٿو انھن سان
ڏيتي ليتي ڪيئن بند ڪري سگھندس آخر چيائون تھ صفا
انھن ۾ رھھ ئي نھ جو انھن ۾ رھڻ تھ عين تباھي آھي.
مان عرض ڪيو تھ انھن ۾ رھڻ جو مرض ٿي ويو آھي تنھن
تي پاڻ فرمايائون تھ ڪھڙي نھ عجيب ڳالھھ آھي جو
غافلن وانگر ڏسڻ بھ ٿو چاھين. جاھلن وانگر ڳالھيون
ٻڌڻ بھ ٿو گھرين ۽ ڪوڙن سان ڌنڌا ۽ معاملا بھ ڇڏڻ
لاءِ تيار ناھين ۽ انھيءَ ھوندي بھ چاھين ٿو تھ دل
منھنجي سدائين خدا تعاليٰ سان رھي. اھو ڪڏھن بھ
ٿئي نٿو سگھي. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ رياضت جي
آخرين حد ھيءَ آھي تھ آدمي ھميشه لاءِ پنھنجي دل
کي خدا تعاليٰ سان لڳائي ۽ اھا ڳالھھ سواءِ انھيءَ
جي جو دل غير کان بلڪل خالي ھجي، ٿي نٿي سگھي ۽
غير کان دل جو خالي ٿيڻ بنا مجاھدي ممڪن ناھي.
ياد رکڻ گھرجي تھ جنھن وقت مريد پنھنجي دل خدا تعاليٰ سان
لڳائيندو تھ ھن کي حضرت ربوبيت جي جلال جو انڪشاف
ٿيندو ۽ ان سان گڏ حق بھ جلوه گر نظر ايندس.
انھيءَ کانسواءِ اھرا اھڙا لطيفا يعني عجيب عجيب
ڳالھيون الله تعاليٰ جي طرف کان معلوم ٿينديون جن
جو بيان ھرگز نٿو ڪري سگھجي. جڏھن مريد جو حال ھن
درجي کي ٿو پھچي ۽ انھن عجيب ڳالھين منجھان ڪجھھ
ظاھر ٿيڻ ٿيون لڳن تڏھن وڏي رھزن اھا ڳالھھ ٿي
بڻجي جو ھو انھن ڳالھين کي وعظ ۽ نصيحت طور بيان
ڪرڻ ۾ لڳي ٿو وڃي. انھيءَ منجھان ھن کي نفس کي
ڪمال درجي جي لذت تي حاصل ٿئي ۽ انھيءَ ڪري ھن
ڳالھھ جو فڪر ٿو رھيس تھ انھن رازن ٧ معنائن کي
سھڻن لفظن سان ترتيب ۽ زينت ڏئي بيان ڪيو وڃي.
حڪايتون ۽ قرآن ۽ حديث منجھان ڪي پڪا پختا دليل
اھڙي خوبصورتيءَ سان بيان ڪجن جو ماڻھن ۾ انھن جي
ٻڌڻ جي رغبت پيدا ٿئي. شيطان دل ۾ اھو خيال ٿو
وجھي ڇڏيس تھ ھي ڪم انھيءَ ڪري ٿو ڪيو وڃي جو جيڪي
ماڻھو خدا کان غافل آھن انھن جون دليون زنده ٿي
پون. اسان کي نھ انھيءَ منجھان ڪوڳ فائدو آھي تھ
لذت. اسان فقط خدا تعاليٰ ۽ ھن جي بندن جي وچ ۾
ذريعا آھيون جو انھن کي ھن جي راھ ٿا ٻڌايون ۽ اھو
شيطاني وسوسو انھيءَ وقت ٿو کلي جڏھن ڪو پنھنجن
ھمسرن منجھان اھڙو ھجي جو ان جو وعظ پنھنجي وعظ جي
مقابلي ۾ عمدو ھجي ۽ ماڻھن جو لاڙو بھ انھيءَ طرف
زياده ٿي پوي. پوءِ جيڪڏھن اھو وعظ ڪنھن لذت جي
سبب کان ٿيو ھوندو تھ اھڙي شخص کي ڏسي حسد جي رڳ
اندران جوش ۾ ايندي ۽ جيڪڏھن واقعي مقصد ۽ مطلب
اھو ھوندو تھ ماڻھو سڌي راھھ تي اچي وڃن تھ اھڙي
شخص کان طبيعت ڏاڍي خوش ٿيندي ۽ خدا جو شڪر ڪندو
تھ چڱو ٿيو تھ ھڪ کان ٻھ ٿي پياسين. جھڙي طرح ڪو
ماڻھو ڪنھن لاوارث مردي کي دفنائڻ چاھي ۽ ڪوئي ٻيو
اتي موجود نھ ھجي ۽ شرعا سڄو معاملو ھن کي ڪرڻو
پوي تھ اھڙي وقت ۾ جيڪڏھن ڪو مددگار پيدا ٿي پوي
تھ ڪيڏي نھ جيڪر اڪيلي ماڻھوءَ کي خوشي ٿئي ۽ ڪنھن
بھ قسم جو حسد نھ ٿئي. اھڙيءَ طرح غافل ماڻھو مرده
آھن ۽ واعظ انھن جي دلين کي زنده ڪرڻ ٿا چاھن تھ
واعظن جي ڪثرت ڪري ھڪٻئي کي مدد ۽ راحت ٿيڻ گھرجي.
ھي موقعو خوشيءَ جو آھي ۽ نھ حسد جو. مگر اھا
ڳالھھ تمام ٿوري ٿي ڏٺي وڃي. تنھنڪري مريد کي
گھرجي تھ اھڙي وعظ ڪرڻ کان بچي، ڇاڪاڻ جو اھو
شيطان جي وڏن ڄارن منجھان ھڪ ڄار آھي جنھن سان
انھن ماڻھن جو دڳ روڪيندو آھي جن تي پھريائين
پھريائين ڪجھھ معرفت جي راھھ کلندي آھي ۽ ماڻھو
انھيءَ سبب کان ھن حال ۾ ڦاسي ٿا وڃن جو دنيا جي
زندگي طبعي طور انسان تي غالب آھي. جھڙيءَ طرح
الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ٿو فرمائي تھ ”بَل تؤئرون
الحوٰت الدنيا“ بلڪھ دنيا جي حياتيءَ کي (آخرت
کان) ترجيح ڏيندا آھيو يا پسند ڪندا آھيو“ ۽ ٻي
آيت ۾ فرمان آھي تھ طبيعتن ۾ شر ھميشه کان ھليو ٿو
اچي ۽ اڳين ڪتابن ۾ بھ انھيءَ جو ذڪر ٿيل آھي. اِن
ھٰذا لفي اصحف اواوليٰ ه صحف اِبراھيم و موسيٰ ه
بيشڪ ھيءُ (بيان) صحيفن ۾ (بھ لکيل) آھي. جي صحيفا
ابراھيم ۽ موسيٰ جا آھن.“
ھي آھي طريقو مريد کي رياضت سيکارڻ جو ۽ درجي بدرجي ھن جي تربيت
جو، خدا تعاليٰ جي ديدار حاصل ڪرڻ واسطي. باقي
رھيو تفصيل رياضت جو، سو اھو ھر ھڪ صفت بابت اڳتي
بيان ڪيو ويندو. جيئن جو انساني صفتن ۾ سڀ کان
وڌيڪ صفت پيٽ، نسلي عضوي ۽ زيان جي شھوت ٿي ٿئي ۽
تنھن کانپوءِ غضب آھي جيڪجو شھوتن جي حمايت ۽ مدد
ٿو ڪري ۽ جڏھن وري اھو غضبن پيٽ ۽ نسلي عضوي سان
مانوس ٿو ٿئي تھ انھن جي ميلاپ منجھان دنيا جي
محبت پيدا ٿئي ٿي پوي ۽ انسان مال ۽ جاه ۾ مبتلا
ٿي ٿو وڃي. انھيءَ مال ۽ جاه جي اثر ۾ اچي وڏائي،
غرور، تڪبر، ٽانءِ ۽ اميريءَ ۾ اھڙو ٿو اچي ڦاسي
جو دنيا کي ڇڏڻ دل ئي نٿي گھريس ۽ پوءِ دين منجھان
بھ رڳيون اھي ڳالھيون ٿو چونڊي کڻي جن ۾ اميري ۽
غرور لاءِ لقمو ملندو ٿو رھيس. انھيءَ ڪري ضروري
سمجھيو ويو تھ ھن ٻن ڪتابن کانپوءِ اٺ ڪتاب ھن
تفصيل سان لکون:
ڪتاب ٽيون: شڪم (پيٽ) ۽ فرح (نسلي عضوي) جي شھوت گھٽائڻ بات.
ڪتاب چوٿون – زبان جون آفتون
”پنجون – غضب ۽ ڪيني ۽ حسد جي دور ڪرڻ بابت.
”ڇھون – دنيا جي مذمت ۽ ان جي مڪرن بابت.
” ستون – مال جي محبت ٽوڙڻ ۽ بخل جي برائيءَ بابت.
”اٺون – رياه ۽ جاءِ جي محبت جي برائي بابت.
”نائون – وڏائي ۽ شيخيءَ جي برائي بابت.
”ڏھون – دوکي کائڻ جي موقعن بابت.
اھڙيءَ طرح مھلڪات ۽ انھن جا معالجات جڏھن سڀئي بيان ٿي چڪندا
تھ اسان جو غرض ھن ٽين نمبر جلد جي لکڻ جو انشاءَ
الله پورو ٿي ويندو. ڇاڪاڻ تھ پھرين ڪتاب ۾ قلب جي
صفات جي تشريح ڪئي ويئي آھي جيڪو در حقيقت مھلڪات
(ھلاڪ ڪندڙ شيون) ۽ منجيات (نجات ڏيندڙ شيون) ٻنھي
جو اصل نشان ۽ مرڪز آھي ۽ ھن ٻنھي ڪتابن ۾ اخلاقن
جي تھذيب جي مرضن جي علاج جو طريقو واضح طور بيان
ڪيو ويو آھي. ھاڻي ائينده وارن ڪتابن ۾ انھن يعني
اخلاقن جو تفصيل ڏنو ويندو. نفس جي رياضت ۽ اخلاقن
جي تھذيب جو بيان خدا تعاليٰ جي مدد ۽ سھڻي توفيق
سان پورو ٿيو. والحمد لله اولا و اخِرا و السلام
عليٰ من اتّبَع الھديٰ. وما توفيقي اِلاّ بِالله
عليه توڪلت واِليه اِنيبُ.
ڪتاب ٽيون
زبان جون آفتون
ڄاڻڻ گھرجي تھ زبان آھي تھ رڳو ھڪ گوشت جو ٽڪرو، مگر ھوءَ ڌڻي
تعاليٰ جي وڏين نعمتن ۽ لطيف ڪاريگرن منجھان ھڪ
نعمت ۽ ڪاريگري آھي. ھن جا گناه بھ ڏاڍا وڏا آھن
تھ وري اطاعت يا فرمانبرداري بھ تمام وڏي اٿس، ڪفر
۽ ايمان، جيڪي وڏي ۾ وڏي درجي جي طغياني ڏيڻ سان
ظاھر ٿا ٿين. انھيءَ کانسواءِ ڪابھ شي معدوم ھجي
يا موجود، خالق ھجي يا مخلوق، معلوم ھجي يا مھوم
(اوھم واري).خيالي ھجي يا ظني (گمان واري)، اھا بھ
ھر ھڪ زبان جي ذريعي ظاھر ٿي ٿئي ۽ انھن جي نفي ۽
اثبات جو بيان بھ زبان ئي ٿي پيش ڪري مثلا جنھن بھ
شيءِ جو علم انسان کي ھوندو آھي تھ ان جو بيان
زبان جي ذريعي ويندو آھي. پوءِ اھو حق ھجي يا
باطل.
جيئن تھ علم جي دائري کان ڪا بھ شيءِ ٻاھر ڪانھي، تنھن ڪري زبان
تي ھر قسم جا مذڪورات (بيان) اچي سگھن ٿا سگھن ۽
ھيءَ ھڪ اھڙي خاصيت آھي، جيڪا ٻين عضون ۾ ھرگز نٿي
ملي سگھي. ڪن آواز مثلا اک رنگ جي شين جي صورتن
کانسواءِ ٻيو ڪجھ ٻڌي نھ ٿو سگھي، ھٿ جسم وارين
شين کانسواءِ ٻين تي پھچي ڪونھ ٿو سگھي ۽ اھا ئي
حالت آھي ٻين عضون جي.
مگر زبان جو ميدان تمام وسيع ۽ ويڪرو اھي. ھن جي کا٣ ڪا حد يا
پڇاڙي آھي ئي ڪانھ. جھڙيءَ طرح ”خير“ يعني نيڪيءَ
جي بيان ڪرڻ تي قادر آھي، تھڙي طرح ”شر“ يعني
بديءَ جي اظھار ڪرڻ تي بھ پورو پورو وس ٿي رکي.
پوءِ جيڪو پنھنجي زبان کي تھ، اختيار ۾ نھ ٿو رکي
نھ معلوم شيطان انکان اکائي ڇا ڇا چورائي ۽ ڪھڙي
کڏ ۾ وجھيس. ھڪ صحيح حديث ۾ آھي تھ، ”نھ“ ٿيون
اونڌو وجھن ماڻھن کي نڪ ڀر دوزخ ۾ مگر پوکون ۽
انھن جي زبانن سان چون ٿا، جھڙوڪ: گلا، گار، ڪوڙ
وغيره اھي ئي ٿيون انھنکي دوزخ ۾ اونڌو ڪري
وجھن).“ ھا زبان ھي شرارت کان اھو ئي بچندو، جيڪو
ھن کي شريعت جو (لغام) ڏيندو ۽ منجھن منجھان ڳالھھ
رڳي اھا ۾ يا ڪڍندو، جنھن ۾ دنيا ۽ آخرت جو فاعدو
ھجي ۽ جنھن ڳالھھ جي منڍ ۾ پڇاڙيءَ ۾ ڪٿي بھ شڪ
معلوم ٿئيس تھ اھا زبان تي ئي نھ آڻيندو.
اھا ڳالھھ معلوم ڪرڻ تھ ڪھڙي ڳالھھ جو بيان ڪرڻ چڱو آھي ۽
ڪھڙيءَ جو بڇڙو. اھو ھڪ ڏاڍو دقيق (ڏکيو) مسئلو
آھي. پر جيڪڏھن معلوم بھ ٿي وڃي تھ معلوم ٿي وڃڻ
کانپوءِ بھ وري ان تي عمل ڪرڻ، تنھن کان بھ وڌيڪ
مشڪل ۽ ڪٺن آھي. انسان جي حق ۾ سڀني عضون کان
زياده نافرمان عضوو زبان آھي. ڇاڪاڻ جو ھوءَ
پنھنجي حرڪت ۾ آزاد آھي ۽ ھن جي ھلائڻ ۽ چورڻ ۾
ذرو بھ مشقت يا تڪليف وٺڻي ڪا نھ ٿي پوي.
جيئن تھ عام خلق زبان جي آفتن کان بچڻ ۽ ان جي زبان ڪاري کان
خوف رکڻ کي ھڪ آسان ۽ معمولي ڪم ڪرڻ ٿي سمجھي.
(حالانڪھ زبان انسان کي ورغلائڻ لاءِ شيطان جي وڏن
ھٿيارن منجھان آھي) انھيءَ ڪري اسان الله تعاليٰ
جي توفيق ۽ مدد سان زبان جون سڀ آفتون ھڪ ھڪ ڪري،
انھن جي تعريف (وصف). سبب ۽ انھن کان بچڻ جون
تدبيرون (رٿون ۽ تجويزون) تفصيل سان ٿا لکون ۽
جيڪي اخبار (حديثون) ۽ آثار (بزرگن جا قول) انھن
جي مذمت (نندا) ۾ وارد ٿيل آھن، اھي سڀ نقل ٿا
ڪريون.
في الحال آفتن جي زڪر ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان خاموشيءَ جون فضيلتون
بيان ڪري رھيا آھيون ۽ انھن کانپوءِ ويھن آفتن جو
احوال لکنداسين. جن جو تعلق زبان سان آھي.
پھريائين جيڪا آفت سڀ کان گھٽ درجي واري ھوندي.
اھا بيان ڪئي ويندي ۽ ان کانپوءِ ان کان وڌيڪ ۽
پوءِ ان کان زياده وڌيڪ، اھڙيءَ طرح پڇاڙيءَ تائين
ترتيب وار سڀ آفتون بيان ڪيون وينديون.
زبان جي خطري وڏي ھئڻ ۽ چپ رھڻ جي فضيلت جو بيان
معلوم ھئڻ گھرجي تھ زبان جي سببان ھر وقت انسان کي ھڪ وڏو
انديشو ٿو رھي ۽ ان کان بچڻ جي صورت سواءِ مسڪوت
(چپ) جي ٻي ڪا بھ ڪا نھ ٿي ٿي سگھي ۽ انھيءَ ڪري
شريعت ۾ سڪوت جي مدح (ساراھھ) ترغيب گھڻي انداز ۾
وارد ٿيل آھي. آنحضرت ﷺ جن فرمائين تھ ”جنھن چپ
(اختيار) ڪئي، تنھن نجات پاتي (يعني ڇوٽڪارو حاصل
ڪيائين)“ ۽ اھو پڻ فرمايو اٿن تھ ”خاموشي حڪمت آھي
۽ ان کي اختيار ڪرڻ وارا ٿورا آھن.“
انھيءَ منجھان معلوم ٿو ٿئي تھ خاموشي ھڪ وڏي حڪمت ۽ احتياط جي
شيءِ آھي. عبدالله بن سفيان رحھ پنھنجي والد کان
روايت ٿو ڪري تھ ھن آنحضرت ﷺ جن جي خمدت ۾ عرض ڪيو
تھ اسلام جي ڪا اھڙي شيءِ ارشاد فرمائي ڇڏيو، جو
اوھان کانپوءِ ٻئي ڪنھن کان اسلام بابت ڪجھھ پڇڻ
جي ضرورت ئي نھ پوي. پاڻ فرمايائون ”چئو آمنت
بالله (الله تي ايمان آندم) ۽ پوءِ ان تي استقامت
ڪر (سڌو ۽ پڪو پختو ٿي رھھ).“ وري ٻيو دفعو وري
انھن عرض ڪيو تھ مان ڪھڙي شيءِ کان بچان؟ پاڻ
سڳورن پنھنجي دست مبارڪ سان زبان جي طرف اشارو
فرمايو تھ ھن کان بچجانءِ. عقبه بن عامر رحھ ٿو
فرمائي تھ مان آنحضرت ﷺ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تھ نجات
ڪھڙي صورت ۾ ٿي ٿئي؟ پاڻ فرمايائون تھ، ”پنھنجي
زبان کي روڪ ۽ تنھنجو گھر تنھنجي لاءِ ويڪرو ھجي
(يعني گھر کان ٻاھر ننھ نڪر) ۽ پنھنجن خطائن تي
روئندو رھھ.“
سھل بن سعد ساعدي عليه الرحمته فرمائي ٿو تھ آنحضرت ﷺ جن فمرايو
آھي تھ ”جيڪو شخص مون وٽ پنھنجي ٻن ڄاڙين جي وچ
واري شيءِ (يعني زبان) جو ۽ ٻن ڄنگھن جي وچ واري
شيءِ (يعني شرمگاھھ) جو ضامن پوندو تھ مان انھيءَ
لاءِ ضامن ٿيندس جنت جو“ ۽ اھو پڻ فرمايو اٿن تھ
”جيڪو شص پنھنجي پيٽ، شرمگاھھ ۽ زبان جي شر کان
بچيو، اھو سڀني شرن کان محفوظ رھيو“، ڇاڪاڻ تھ
گھڻا ماڻھو انھن ٽن شھوتن سبب تباھھ ٿيندا آھن ۽
انھيءَ ڪري اسان بھ شھوتن جي بيان کانپوءِ يڪدم
زبان جي آفتن جو بيان مقدم سمجھيو. جڏھن آنحضرت ﷺ
جن کان پڇيو ويو تھ اھا ڪھڙي شيءِ آھي، جنھن جي
ڪري جنت ۾ ماڻھو ڪثرت سان ويندا؟ تڏھن پاڻ
فرمايائون تھ، ”خدا تعاليٰ جو ڊپ ۽ (خلق سان) سھڻو
برتاءُ“ ۽ جڏھن وري پڇيو ويو تھ دوزخ ۾ ڪھڙي شيءِ
سبب گھڻا ويندا؟ پاڻ فرمايائون تھ، ”ٻھ خالي يا
پوريون شيون، ھڪ وات ۽ ٻيو خاص عضوو، يعني
شرمگاھھ“ ھن حديث ۾ ”وات“ منجھان مراد زبان بھ ٿي
سگھي ٿي. ڇاڪاڻ جو وات زبان جي رھڻ جي جاءِ آھي ۽
”ڀيٽ“ بھ مراد ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ان جي ڀرڻ جو
رستو بھ وات ئي آھي.
حضرت معاذ بن جبل رضھ حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ عرض يو تھ اسان جيڪي
ھي ڳالھيون ڳالھايون ٿا انھيءَ جو اسان کان مؤخذو
يا پڪڙ پڇاڙ ٿيندي ڇا؟ پاڻ فرمايائون تھ، ”روئي
توتي تنھنجي ماءُ اي ابن جبل! (ياد رک تھ) انسان
دوزخ ۾ پنھنجي نڪ ڀر رڳو پنھنجن زبانن جي پوکن
سببان اونڌا وڌا ويندا. (ھتي زبان جي پوک جي معنيٰ
آھي، زبان سان بڪواس، گلا، چغلي، ڪوڙ وغيره جي پوک
پوکڻ، جنھن جو فصل ماڻھو وڃي قيامت ۾ لڻندو. يعني
دوزخ ۾ اونڌي ڪنڌ ڪرندو.)
حضرت عبدالله ثقفي رضھ حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ عرض ڪبو تھ ڪا اھڙي
شيءِ ارشاد فرمايو، جيڪا چھٽي ۽ چنبڙي پوڻ جي لائق
ھجي. پاڻ فرمايائون تھ، ”چئو ربي الله (الله
منھنجو پالڻھار آھي) ۽ پوءِ ان تي استقامت ڪر
(يعني پڪو پختو رھھ).“ وري ٻيو سوال ڪيائين تھ اھا
ڪھڙي شيءِ آھي، جنھن لاءِ اوھان کي خوف آھي تھ مون
کي نقصان پھچائيندي؟ انھيءَ جو جواب ۾ حضور ﷺ جن
پنھنجي زبان مبارڪ کي وٺي فرمايو تھ، ”اھا ھيءَ
آھي“ ۽ حضرت معاذ رضي الله عنه جڏھن پاڻ ڪريم جن
کان پڇيو تھ اعمالن ۾ افضل، يعني سڀ کان وڌيڪ چڱو
عمل ڪھڙو آھي تھ پاڻ پنھنجي زبان مبارڪ ڪڍي ان تي
اگر اڀي ڪري رکي، يعني اشاري سان فرمايائون تھ چپ
سڀني عملن کان چڱي آھي.
حضرت انس بن مالڪ رضھ کان ھيءَ حديث مروي آھي تھ ”ايمان ٻانھي
جو ٺيڪ نٿو ٿئي، جيسين ھن جو قلب ٺيڪ نٿو ٿئي ۽
قلب ھن جو ٺيڪ نٿو ٿئي، جيسين ھن جي زبان ٺيڪ نٿي
ٿئي ۽ نھ داخل ٿيندو جنت ۾ اھو شخص، جنھن جي
تڪليفن کان ھن جو پاڙيسري بچيل ناھي“ ۽ پاڻ اھو بھ
فرمايو اٿن تھ، ”جنھن کي سلامت رھڻ چڱو لڳي، ان کي
کپي تھ سڪوت (چپ) کي چنبڙي پوي.“
سعيد بن جبير رضھ روايت ٿو ڪري تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ جڏھن صبح
ٿو ٿئي، تڏھن سڀ عضوا گڏجي زبان کي ٿا چون تھ اسان
جي بچاءَ لاءِ ڪو خدا جو خوف رکجانءِ، جيڪڏھن تون
سڌي رھينءَ تھ اسان بھ سڌا رھنداسين ۽ جي تون ڏنگي
ٿينءَ تھ اسان جو بھ اھو ئي حال ٿيندو.
حضرت عمر رضي الله عنه ھڪدفعي ڏٺو تھ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله
عنه پنھنجي زبان کي ھٿ سان وٺي ڇڪي رھيو آھي. پاڻ
پڇيائونس تھ اي رسول الله ﷺ جا نائب! اوھان ھي ڇا
ڪري رھيا آھيو؟ جواب ڏنائون تھ ھن منھنجو نڪ ۾ دم
ڪري ڇڏيو آھي (تنھن ڪري ھن سان ڇڪتاڻ ڪري رھيو
آھيان). آنحضرت ﷺ جن فمرائن ٿا تھ، .جسم ۾ ڪوئي
اھڙو عضوو ڪونھي. جيڪو زبان جي تيزيءَ جي دانھن
خدا تعاليٰ کي نھ ڏيندو ھجي“ ۽ حضرت ابن مسعود صفا
جبل تي چڙھي ھيئن چئي رھيو ھو تھ، ”اي زبان چڱي
ڳالھھ بيان ڪر تھ توکي غنيمت حاصل ٿئي ۽ بري ڳالھھ
بيان ڪرڻ کان چپ ڪر تھ سلامت رھين انھيءَ کان اڳ
جو توکي ندامت يا پشيماني ڪرڻي پو.“ ماڻھن پڇيس تھ
توھان ھي پنھنجي طرف کان ٿا چئو ڇا؟ جواب ڏنائين
تھ نھ بلڪھ مان آنحضرت ﷺ جن کان ٻڌو آھي ۽ پاڻ
ارشاد فرمايو اٿن تھ ”بيشڪ آدميءَ جون گھڻيون
خطائون ھن جي زبان ۾ آھن.“ |