سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :1

اِحياءُ علوم الدين

امام غزالي/ غلام اصغر

ڪتاب پھريون

قلب جون ڳالھيون

خطبو

 

الحمد لله الذي تتحير دون اِدراڪ جلاله القلوبُ والخواطر، وتدھش في مبَادي اِشراق انوره الاحداق والنواظر، المطلع عليٰ خفيات السرائر، العالم بِمڪنوناتِ الضمائر، المستغني في تدبِير مملڪتِه عن المشاور والموازر، مقلبِ القلوبِ وغفار الذنوبِ، وستار العيوبِ ومفرجِ القلوبِ والصلوات عليٰ سيد المرسلين وجامع شمل الديشن وقاطع دوائر الملحِين وعليٰ آله الطيبِين والطاھرين وسلم ڪثِيرا.

حمد ۽ ثنا انھيءَ خدا کي جڳائي جنھن جي جلال جي ڄاڻ (پروڙڻ) ۾ دل ۽ دل جا خيال خطرا سرگردان آھن ۽ جنھن جي نور جي ادنيٰ تجلي کان اکيون ۽ اکين جون نظرون سڀ حيران آھن، ساري ڪائنات جي پوشيده رازن ۽ انسان جي ضمير جي مخفي رازن جي ھن کي پوري پوري ڄاڻ آھي، ۽ پنھنجي ايڏي وڏي سلطنت جي تنظيم ۽ تدبير لاءِ ھن کي نھ ڪنھن وزير يا مشير جي ڪا پرواھھ يا ڪاڻ تھ آھي انسان جي عيبن کي ڍڪڻ ۽ ان جي قلب کي ڦيرائڻ جا ڪم سڀ کان نرالا اٿس ۽ عقار الذنوب ۽ مفرج القلوب جھڙا مشھور نالا اٿس.

صلواتون ۽ برڪاتون ھجن حضرت شفيع المذنبين سيد المرسلين تي جنھن دين کي زواليت کان بچايو ۽ بي دينن جي پاڙ پئي ڇڏي. آخر ۾ بيھد سلام ھجن ھن جي پاڪ آل ۽ اصحابن سڳورن تي جيڪي طيب ۽ طاھر آھن.

بعد حمد ۽ ثنا جي معلوم ھئڻ گھرجي تھ جيڪو انساني شرف انسان کي سڀني مخلوقات کان اتم ۽ مٿانھون ٿو رکي اھو خدا پاڪ جي معرفت (ڄاڻ سڃاڻ) حاصل ڪرڻ واري لياقت جو ٻيو نالو آھي. اھا ئي معرفت انسان لاءِ دنيا جي زينت ۽ آخرت جي اڻ کٽ دولت آھي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو تھ اھا معرفت جي لياقت وري جيتري قدر قلب کي عطا ڪئي ويئي آھي ايتري قدر ٻئي ڪنھن بھ عضوي کي عنايت ٿيل نھ آھي. ڇاڪاڻ تھ خدا تعاليٰ جي نزديڪ (ويجھو) ٿيڻ. ھن کي سڃاڻڻ، ھن جي راھھ ۾ ڪم ڪرڻ، ھن جي طرف ڊوڙڻ وغيره وغيره اھي سڀ ڳالھيون قلب سان ئي واسطو ٿيون رکن. ان کان سواءِ جيڪي شيون باري تعاليٰ جي حضور ۾ غيب جي پڙدي ۾ ٿيون رھن انھن جو مڪاشغو (يعني غيبي راز کلڻ يا ڳجھيون ڳالھيون معلوم ٿيڻ) بھ قلب سان ئي تعلق رکي ٿو. باقي ٻيا سڀ عضوا قلب جا ھٿيار، تابعدار ۽ خدمتگذار آھن. قلب انھن کان اھڙيءَ طرح ڪم وٺي ٿو. جھڙيءَ طرح آقا يا مالڪ پنھنجي غلام يا ٻانھي کان يا حاڪم پنھنجي رعيت کان وٺندو آھي،.

مطلب تھ الله تعاليٰ وٽ سڀ کان وڌيڪ مقبول عضوو آھي قلب يا دل، بشرطيڪ ھو خدا تعاليٰ کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن بھ شيءِ سان تعلق رکڻ کان بچيل ھجي ۽ ساڳيو ئي قلب ھڪ محبوب ۽ مردود ٿي پوي ٿو جيڪڏھن ھو خدا تعاليٰ کان سواءِ ٻئي ڪنھن ش:ءِ ڏي حاجت کان وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿو. ھر قلب جو پڇاڻو بھ قلب کان ئي ٿيندو يعني اعمالن جو حساب ڪتاب قلب کان ورتو ويندو ۽ امر بالمعروف (نيڪيءَ لاءِ ترغيب ڪرڻ) ۽ نھي عن المنڪر (بڇڙائي کان روڪڻ يا منع ڪرڻ) جو خطاب بھ قلب کي ئي ڪيو ويو آھي. عتاب جي لائق بھ اھو ئي آھي ۽ قرب الاھي جي سعادت واري خطاب کان بھ اھو ئي ٿو مشرف ٿئي. پوءِ جيڪڏھن صفائي ۽ پاڪائي نصيب ٿي ٿئيس تھ وڃي ٿو فلاح يعني ڇوٽڪاري کي پھچي ۽ جيڪڏھن خرابي ۽ گندگي ٿي حاصل ٿئيس تھ پوءِ وڃي ٿو بدبختي ۽ ناڪاميابيءَ جي منزل گاھھ بنجي.

حقيقت ۾ الله تعاليٰ جي اطاعت اھا دل ئي ڪري ٿي ۽ ٻين ظاھري عضون ۾ صرف عبادت ۽ رياضت جي اثر کان نور پکڙجي وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح نافرماني ۽ سرڪشي بھ فقط دل جو ڪم آھي ۽ اھڙن اثرن ڪري وري ٻين عضون ۾ بدڪارين ۽ براين جا آثار نمودار ٿي پون ٿا. مطلب تھ اھا دل جي روسني يا تاريڪي (اونداھي) آھي جنھن جي نتيجي ۾ ٻاھرين چڱاين ۽ بڇڙاين جو ظھور ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ جو برتن منجھان آخر اھا ئي شيءِ نڪرندي جيڪا ھن ۾ اندر سمايل ھوندي.

ياد رکڻ گھرجي تھ دل اھڙي شيءِ آھي جو جيڪڏھن انسان ان کي سمجھي وڃي تھ ھو پنھنجي نفس جو عالم بڻجي پوي ٿو ۽ نفس وري اھڙي شيءِ آھي جنھن جي شناس ۽ معرفت تي ڌڻي تعاليٰ جي معرفت ۽ سڃاڻپ جو دارومدار آھي. ٻئي طرف وري جيڪڏھن ماڻھو پنھنجي قلب يا دل کان جاھل يا اڻ واقف رھي ٿو تھ ھو پنھنجي نفس کان بھ جاھل رھي ٿو ۽ نفس جي جھالت ڪري ھو خدا تعاليٰ کي بھ نھ ٿو سڇاڻي سگھي. ڇاڪاڻ تھ جيڪو پنھنجو پاڻ کان واقف ناھي اھو ٻئي جي ڪھڙي سڃاڻ رکي سھندو ۽ انھيءَ حالت ۾ غير (يعني ٻين) کان تھ ھو ويتر وڌيڪ نواقف ۽ ناآشنا رھندو.

ياد رکڻ گھرجي تھ دل يا قلب اھڙي شيءِ آھي جو جيڪڏھن انسان کي ان جي پروڙ پئجي وڃي تھ ھو پنھنجي نفس جو عالم ۽ واقفڪار بڻجي ٿو ۽ نفس جي واقفيت ۽ سڃاڻپ تي وري دارومدار آھي. ڌڻي تعاليٰ کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ جو (جھڙ:ءَ طرح حديث شريف ۾ آيو آھي تھ جنھن پنھنجي نفس کي سڃاتو انھيءَ پنھنجي رب کي سڃاتو). ٻئي طرف وري جيڪڏھن ماڻھو پنھنجي قلب يا دل کان جاھل ۽ اڻ ڄاڻ ٿو رھي تھ ھو پنھنجي نفس کان بھ ناواقف ٿو رھي ۽ جيڪو نفس کان ناواقف آھي. اھو خدا تعاليٰ کانمم بھ ناواقف ٿو رھي ڇاڪاڻ تھ جيڪو پنھنجو پاڻ کي نٿو سڃاڻي ھو ٻئي کي ڇا سڃاڻيندو. ھن حالت ۾ ٻين جي واقفيت کان تھ ھو پاڻ سڀ کان وڌيڪ اڻ واقف ھوندو.

ڏٺو ويو آھي تھ دنيا ۾ انسانن جو وڏو انداز پنھنجي قلب ۽ نفس کان اڻ ڄاڻ ۽ ناواقف رھي ٿو ۽ انھن جي ۽ انھن جي نفسن جي وچ ۾ ھڪ وڏو پڙدو يا حجاب رھي ٿو. الله تعاليٰ فرمائي ٿو، ”ان الله يھون بَين المره وقلبه“ (تحقيق الله تعاليٰ حائل رھي ٿو ماڻھو ۽ ان جي قلب جي وچ ۾) ۽ الله تعاليٰ جو حائل ٿيڻ ھن طرح ٿئي ٿو جو دل کي مشاھدي ۽ مراقبي ۽ قلب جي صفتن ۽ وصفن جي پروڙ ان روڪيو يا محروم رکيو وڇي ٿو ۽ اھا ڪيفيت معلوم ڪرڻ نٿي ڏني وڃي تھ انسان جي دل خدا تعاليٰ جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ ڪيئن ٿي ڦرندي گھرندي رھي ۽ ڪھڙيءَ طرح ھن جو لاڙو ۽ لاڳاپو ڪنھن وقت اسغل السافلين (ھيٺين ۾ ھيٺين طبقي) جي طرف ٿئي ٿو ۽ ھو وڃي ٿو شياطين جي حد کي پھچي ۽ ڪھڙي طرح ڪنھن وقت وري ھن جي رغبت اعليٰ علبين (وڏي ۾ وڏي) رتبي جي طرف ٿي ٿئي ۽ ھو وڃي ٿو مقرب ملائڪن جي صف تائين پھچي.

ياد رکڻ گھرجي تھ جيڪو شخص پنھنجي قلب جو حال نٿو ڄاڻي ۽ اھا خبر ھن کي ناھي تھ قلب جي نگھباني ۽ حفاظت ڪيئن ڪري ۽ ملڪوتي عجيب خزانا جيڪي ھن تي وارد ٿين ٿا. انھن جو اميدوار ڪيئن رھي تھ اھڙو شخص انھن ماڻھن منجھان آھي جن جي حق ۾ خدا تعاليٰ فرمائي ٿو ”نسوا الله فانساھم انفسھم اولٰئڪ ھم الفاسقون“ (جن الله کي وساريو پوءِ الله انھن کان اھھن جي نفس (جي سڌاري) کي وسارايو. اھي سڀ گنھگار (فاسق آھن).

ھن مان معلوم ٿيو تھ قلب کي سڃاڻڻ ۽ ان جي وصفن جي دريافت ڪرڻ دين جي پاڙ ۽ سالڪن جي طرقي جو بنياد آھي ۽ جيئن جو ھن ”احياءُ علوم الدين“ جي پھرين اڌ حصي ۾ اان عبادات ۽ معاملات جو بيان ڪري چڪا آھيون جنھن جو تعلق ظاھري عضون سان آھي ۽ وعدو ڪري چڪا آھيون تھ ٻئي اڌ ۾ قلب تي ھميشه جاري رھڻ وارين تباھھ ڪندڙ (مھلڪات) ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ (منجيات) صفتن جو بيان ڪنداسين جنھن جو نالو باطني علم آھي. تنھن ڪري مھلڪات ۽ منجيات جي تفصيل ڏيڻ کان اڳ ۾ اھا ڳالھھ نھايت ضروري نظر آئي تھ ٻھ باب لکجن جن منجھان پھرين ۾ قلب ۽ قلب جي صفتن جي عجيب ڳالھين جو ذڪر رڳو ظاھري مثالن طور بيان ڪريون ٿا انھيءَ لاءِ تھ جلد سمجھھ ۾ اچي، نھ تھ قلب جا عجائبات ۽ اسرار جيڪي عالم ملڪوت سان ٿا تعلق رکن، گھڻو ڪري سمجھھ ۾ نٿا اچي سگھن.

 

باب پھريون

قلب جون عجيب ڳالھيون

بيان پھريون

نفس، روح، قلب ۽ عقل جي معنيٰ ۽ مراد

ڄاڻڻ گھرجي تھ انھن چئن لفظن جو استعمال مھلڪات ۽ منجيات جي فصلن ۾ بار بار پيو ٿيندو. علمائن ۾ اھڙا ڪي ٿورا ماڻھو آھن جيڪي انھن لفظن جي جدا جدا معنيٰ ۽ انھن جو اصل سچو مفھوم ڄاڻندا ھجن. گھڻو ڪري غطي انھيءَ ڪري ٿئي ٿي جو ھڪ تھ ماڻھو انھن جي اصلي ۽ ذاتي معنيٰ ئي نٿا ڄاڻن ۽ ٻيو تھ وري انھن جي جدا جدا معنائن ۾ اچڻ بابت تھ ھن کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانھي. انھيءَ ڪري اسان انھن جون اھي سڀ معنائون بيان ڪنداسين جن سان انھن جو غرض آھي.

پھريون لفظ آھي قلب – ھن جون ٻھ معنائون آھن. پھرين معنيٰ اٿس گوشت جو اھو ڳئونءَ جي پڇ جھڙو ٽڪرو جيڪو سيني جي کٻي پاسي تي ھوندو آھي. ھن گوشت جي ٽڪري جي وچ ۾ ھڪ خال ٿئي ٿو جنھن ۾ ڪارو رت رھندو آھي. روح جو اصل مرڪز ۽ ان جي نڪرڻ يا ڦٽڻ جي جاءِ اھا آھي، مگر اسان جو واسطو انھيءَ شڪل ۽ ڪيفيت جي بيان ڪرڻ سان ناھي. انھن ڳالھين سان طبيبن جو واسطو آھي. انھيءَ شڪل وغيره ۾ ديني غرض ڪو بھ ڪو نھ ٿو ٿئي. اھڙي قسم جي دل تھ ڍورن بلڪھ مڙدن ۾ بھ موجود ھوندي آھي. تنھنڪري جڏھن قلب جو لفظ ھن ڪتاب ۾ ڪم ايندو تھ ان مججھان گوشت جي ٽڪري واري مراد ھرگز نھ ھوندي ڇاڪاڻ تھ ھن لحاظ کان تھ دل ھڪ اھڙي گوشت جو ٽڪرو آھي جنھن جو ڪو بھ قدر ڪونھي ۽ ان جو تعلق فقط ظاھري ۽ محسوسات واري طبي دنيا سان رھي ٿو.

قلب يا دل جي ٻي معنيٰ ھيءَ آھي تھ ھو ھڪ روحاني لطيفھ آھي جنھن جو مٿي ذڪر ڪيل جسماني قلب سان تعلق آھي ۽ انھيءَ لطيفھ کي ئي ”انساني حقيق“ ڪري ليکيو ويندو آھي. ادراڪ ۽ پروڙ ڪرڻ وارو. علم ۽ ڄاڻ رکڻ وارو ۽ نيڪي بديءَ جي پڇا ھيٺ اچڻ وارو اھو ئي ”لطيفھ“ آھي. ھن ”لطيفي“ جي جيڪا جسماني قلب سان نسبت آھي انھيءَ کي سمجھڻ ۾ گھڻن ماڻھن جو عقل حيران آھي ڇاڪاڻ تھ ھن جو تعلق جسماني قلب سان اھڙو آھي. جھڙو عرض[1] جو جسم سان يا صفت جو پنھنجي موصوف سان يا ڪاريگر جو پنھنجي اوزار سان. يا گھر واري جو پنھنجي گھر سان. اسان، جو انھيءَ نسبت کي کولي بيان نٿا ڪريون تنھن لاءِ ٻھ سبب آھن:

پھريائين تھ ھيءَ ڳالھھ ”مڪاشفھ“ جي غيبي اسرارن سان تعلق رکي ٿي ۽ اسان جو غرض ھن ڪتاب جي لکڻ ۾ فقط ظاھري معاملات جي بيان ڪرڻ جو آھي ۽ ٻيو تھ انھيءَ جي تحقيق ڪرڻ جي پٺيان پوڻ، روح جي راز کي فاش ڪرڻ جي بربار آھي ۽ ھي اھو راز آھي جنھن بابت آنحضرت ﷺ جن بھ ڪجھھ ارشاد نھ فرمايو آھي، پوءِ ٻئي ڪنھن کي بھ ھن باري ۾ زبان کولڻ نھ ٿي جڳائي.

عرض تھ ھن ڪتاب ۾ جتي بھ اسان قلب جو ذڪر ڪم آڻينداسين تھ ان منجھان مراد اھو ”روحاني لطيفھ“ ھوندو. اسان جو مقصد اھو آھي تھ ان جون وصفون ۽ احوال بيان ڪريون. باقي ان جي ذات جي ھقيقت جو بيان ڪرڻ سان ھتي اسان جو ڪو بھ غرض ڪونھي ڇاڪاڻ تھ معاملات جي علم جو واسطو ڪنھن بھ شيءِ جي فقط صفات ۽ حالات جي ڄاڻڻ سان آھي. ظاھري مقالن ۾ ڪنھن بھ شيءِ جي اصلي ۽ ذاتي حقيقت جي بيان ڪرڻ جي ضرورت ڪا نھ ٿي رھي يعني عام طرح انسان جو غرض انبن کائڻ سان ھوندو آھي ۽ نھ انبن جي وڻن يا پنن ڳڻڻ سان.

ٻيو لفظ آھي روح. ھن جون بھ ٻھ معنائون آھن. ھڪ معنيٰ اھا آھي تھ روح ھڪ لطيف جسم آھي جنھن جي نڪرڻ جي جاءِ آھي قلب يا دل وارو خال جنھن جو ذڪر مٿي بيان ٿي چڪو آھي. اھو لطب جسم دل واري خال منجھان نڪري شريانين جي ذريعي بدن جي سڀني عضون ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ ان جو بدن ۾ ڦھلجڻ يا پکڙجڻ ۽ عضون ۾ پنج حواس پيدا ڪرڻ اھڙو آھي جھڙو ڪو چراغ يا ڏيو يا بتي ڪنھن گھر ۾ رکجي ۽ ان جي روشني گھر جي چئن طرفن ۾ ڦھلجي وڃي ۽ گھر ۾ جتي بھ ھن جي روشني پھچي اتي سوجھرو ٿي وڃي. پوءِ روح ھڪ چراغ جي مثال آھي ۽ انسان جي زندگي انھيءَ چراغ جي روشنيءَ جي آھي (روح جو بدن جي اندر چرڻ پرڻ ۽ دورو ڪندو رھڻ ائين آھي جيئن چراع يا ڏيو گھر ۾ ڦيرايو وڃي). ھيءَ روح جي معنيٰ طبيبن جي اصطلاح ۾ شامل آھي جيڪي چوندا آھن تھ روح ھڪ لطيف بخار آھي جيڪو قلب يا دل جي حرارت منجھان پيدا ٿئي ٿو. اسان جو ھن معنيٰ سان ڪو بھ واسطو ڪونھي. ھن جو واسطو انھن طبيبن سان آھي جيڪي بدن جو علاج ڪندا آھن. مگر دين جا طبيب جيڪي قلب جو علاج انھيءَ لحاظ کان ڪندا آھن تھ ان کي الله تعاليٰ جي قرب ۽ پناھھ ۾ پھچايو وڃي انھن جو ھن قسم جي روح سان ڪو بھ واسطو ڪو نھ ھوندو آھي. انھن جو غرض روح جي ٻئي معنيٰ سان ھوندو آھي جيڪا ھيٺ ڏني ٿي وڃي.

روح جي ٻي معنيٰ آھي ھڪ ادراڪ وارو لطيفھ،. ھن معنيٰ جو بھ اھو ئي حال آھي جيڪو قلب جي ٻيءَ معنيٰ جو آھي جنھن جو بيان مٿي ٿي چڪو آھي يعني روح جي حقيقي معنيٰ بھ معلوم ٿي نھ ٿي سگھي. خود رسول ڪريم ﷺ جن کي پڻ بارگاھھ ايزدي منجھان حڪم ٿيو تھ ”قل الروح من امر ربِي“ (يعني روح جي باري ۾ جيڪي اوھان کان پڇيو وڃي ٿو ان جي جواب ۾ ماڻھن کي چئو تھ روح منھنجي پالڻھار جي امر منجھان آھي) انھيءَ ڪري معلوم ھئڻ کپي تھ روح ھڪ اھڙي عجيب رباني شيءِ آھي جنھن جي حقيقت جي تھھ کي پروڙڻ ۾ سڀ عقل ۽ فھم عاجز آھن.

ٽيون لفظ آھي نفس. ھن جون تمام گھڻيون معنائون آھن جن منجھان ٻھ معنائون اسان جي مقصد جون آھن. پھرين معنيٰ اھا اٿس تھ نفس انسان ۾ اھا شيءِ آھي جيڪا غضب (ڏمر) ۽ شھوت (سڌ) جي قوتن جو ھڪ ميڙ آھي جن جو بيان عنقريب اچڻ وارو آھي. تصوف وارن وٽ گھڻو ڪري اھا معنيٰ ظاھر ڪئي ويندي آھي. انھن جي اصطلاح ۾ نفس اھو آھي جنھن ۾ سڀ بريون صفتون گڏ ٿيل آھن. ۽ انھيءَ ڪري صوفي ماڻھو چوندا آھن تھ نفس جي خلاف مجاھدو ڪرڻ کپي ۽ نفس جي خواھشن ۽ سڌن کي خوب ٽوڙڻ گھرجي. ھيءَ حديث شريف جنھن ۾ حضور ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”سڀ کان زياده تنھنجو دشمن تنھنجو نفس آھي جيڪو تنھنجي پاسي ۾ آھي“ اھا حديث بھ انھيءَ نفس جي باري ۾ وارد آھي.

ٻي معنيٰ نفس جي اھا آھي تھ نفس ھڪ رباني لطيفھ آھي جنھن جو اسان اڳي بيان ڪري چڪا آھيون. انھي اعتبار کان واقعي انسان بھ انھيءَ نفس جو ئي نالو آھي ۽ انسان جو جوھر ۽ انسان جي ذات بھ انھيءَ کي ئي سمجھڻ گھرجي. البت ايترو ضرور آھي تھ جدا جدا حالتن ھيٺ ھن کي جدا جدا صفتن سان موصوف ڪيو وڃي ٿو.

(1)     جڏھن انسان جو نفس شھوتن سان مقابلا کائي کائي انھن کي روڪي ٿو وجھي ۽ ھن جي ڪشمڪش، بيچيني، پريشاني ۽ بيقراري دور ٿي وڃي ٿي تھ ان کي نفس مطمئنه سڏيو وڃي ٿو جنھن جي باري ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ”يٰا يتھا النفس المطمئنته – ارجِعي اِليٰ ربِک راضيته مرضيته – (اي آرام وٺن وارا جيءَ (نفس)! تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي ھل. تون ھن کان راضي ٿيل آھين ۽ ھو توکان راضي ٿيل آھي.).

(2)    جڏھن انسان جو چين يا سڪون ڪامل نٿو ٿئي ۽ ھو رڳو وڏي مشڪل سان نفساني خواھشن ۽ سڌن کي روڪيندو ٿو رھي ۽ ھن تي اعتراض وٺي ھن کي چٺ ڦٺ ڪندو ٿو رھي تھ اھڙي نفس کي نفس لوامھ ڪري سڏن ٿا. ڇاڪاڻ جو اھو نفس مالڪ کي پنھنجي مولا جي عبادت ۾ ڪوتاھي ڪندڙ ڏسي ھن کي ملامت ڪري ٿو ۽ انھيءَ ملامت ڪندڙ بابت خدا تعاليٰ پنھنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمايو آھي تھ ”ولا اقسم بِالنفس اللوامته“ (۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم کڻان ٿو).

(3)    جڏھن وري ھو شھوتن ۽ خواھشن کي روڪ نٿو ڪري پر شيطاني شھوتن ۽ حرڪتن جو مطيع ۽ فرمانبردار ٿي وڃي ٿو تھ ان کي امارت بِالسوءِ“ (۽ پنھنجي نفس کي پاڪ نٿو ڀانيان – تحقيق نفس پراڻيءَ ڏانھن ڇڪيندڙ آھي.)

ھي ٽيون نمبر نفس ممڪن آھي تھ نفس جي پھرين معنيٰ وارو نفس ھجي. انھيءَ صورت ۾ پھرين معنيٰ وارو نفس سخت بڇڙو آھي. باقي ٻين معنائن وارو نفس چڱو آھي ڇاڪاڻ تھ انھن معنائن جي لحاظ کان نفس انسان جي ذات ۽ حقيقت آھي ۽ معرفت الاھي ۽ ٻين روحاني معاملن جو ڄاڻندڙ يعني پڪو پختو عالم آھي.

چوٿون لفظ عقل آھي. ھن لفظ جون گھڻيون ئي معنائون آھن جن جو بيان اسان علم جي باب ۾ ڪري چڪا آھيون. انھن معنائن منجھان اسان جو واسطو صرف ٻن معنائن سان آھي.

پھرين معنيٰ اھا آھي تھ ڪڏھن عقل جو لفظ ڳالھائي انھيءَ مان مراد شين جي حقيقت جو علم ورتو ويندو آھي. ھن صورت ۾ عقل ھڪ علمي صفت چئبو جنھن جي جاءِ قلب آھي. ڪڏھن وري عقل جو لفظ ڪم آڻي انھيءَ مان اھا قوت مراد وٺبي آھي جنھن جي وسيلي علم پروڙيا آھن. ھن صورت ۾ عقل پن ساڳيو مٿيون لطيفو چئبو ۽ انھيءَ جو تفصيل ھن طرح آھي تھ عليم (ڄاڻندڙ) ڪنھن ٻيءَ شيءِ جي سھاري کان سواءِ قائم آھي ۽ علم جي صفت انھي ۾ داخل آھي. ھيءَ ڳالھھ  ثابت آھي تھ صفت ۽ موصوف ھڪٻئي کان الڳ ھوندا آھن. عقل جي لفظ مان بھ ڪڏھن علم واري صفت مراد وٺبي آھي ۽ ڪڏھن علم جي جاءِ يعني انھيءَ صفت جو موصوف حديث شريف. اول ما خلق الله العقل (پھرين شيءِ جيڪا الله تعاليٰ پيدا ڪئي سا عقل ھو) مان مراد اھا ئي معني آھي. ڇاڪاڻ تھ علم جي صفت تھ بذات خود قائم ئي ڪانھي. اھا تھ ھڪ عرض آھي (جو ھميشه ٻئي جي سھاري قائم ھوندو آھي). ٻيءَ صورت ۾ اھو خطاب ڪيئن ٿي سگھندو جنھن جو ذڪر حديث ۾ آيو آھي تھ خدا تعاليٰ کيس فرمايو تھ اڳيان اچ تھ ھو (عقل) اڳيان آيو. وري فرمايائينس تھ پٺي ڏي تھ پٺي ڏنائين. ھن مان معلوم ٿيو تھ ھن حديث ۾ عقل مان علمي صفت مراد آھي.

ھاڻي ڄاڻڻ گھرجي تھ ھنن چئن لفظن، قلب، نفس، روح ۽ عقل جون جدا جدا معنائون موجود آھن يعني جسماني قلب، جسماني روح، شھواني نفس ۽ علوم ۽ ھڪ پنجين معنيٰ جا سڀني ۾ شترڪ آھي يعني انسان جي قوت موزڪھ (پروڙيندڙ قتو) جو لطيفو. تنھن ڪري لفظ چار آھن ۽ معنائون پنج، ھر ھڪ لفظ جون ٻھ معنائون آھن، پر ڇاڪاڻ تھ ڪيترا عالم اھي الڳ الڳ ۽ مشترڪھ معنائون سمجھي نھ سگھيا آھن تنھن ڪري ھو وسوسن بابت لکندا آھن تھ ھي قلب جو وسوسو آھي ۽ ھي روح جو وسوسو آھي. مگر پڙھندڙ کي ھنن شين جي معنائن ۾ ڪو فرق معلوم ڪو نھ ٿيندو آھي. انھيءَ خرابيءَ کي دور ڪرڻ خاطر اسان پھريائين ھنن لفظن جي تشريح ڪئي آھي. قرآن شريف ۾ جتي بھ قلب جو لفظ آيو آھي. انھي مان مراد اھا انساني قوت آھي جا سمجھندي ۽ شين جي حقيقت کي معلوم ڪندي آھي. اھو لفظ ڪنايھ طور انھيءَ قلب لاءِ بھ استعمال ٿيندو آھي جيڪو انسان جي سيني ۾ آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن لطيفي ۽ جسم واري قلب جي وچ ۾ ھڪ خاص لاڳاپو آھي، جيتوڻيڪ ھي لطيفو سموري بدن سان تعلق ٿو رکي ۽ سڀني عضون کان ڪم ٿو وٺي پر ٻين عصون سان سندس تعلق قلب جي واسي سان آھي يعني ھن لطيفي جو پھريون تعلق قلب سان آھي گويا جسماني قلب ھن جي جاءِ يا تختگاھھ يا سواري آھي. اھو ئي سب آھي جو سھل تستري رحمته الله عليه انسان جي دل کي عرش سان ۽ سيني کي ڪرسيءَ سان تشبيھھ ڏني آھي ۽ فرمايو آھي تھ ”دل عرش آھي ۽ سينو ڪرسي آھي.“ ھن مان ڪنھن کي بھ ائين سمجھڻ نھ گھرجي تھ دل خدا تعاليٰ جو عرش آھي ۽ سينو الله تعاليٰ جي ڪرسي آھي ڇاڪاڻ تھ ائين ٿيڻ ناممن آھي بلڪھ مقصد ھي آھي تھ جسماني قلب ۽ سينو قلبي لطيفي لاءِ تخت گاھھ آھن. انھيءَ لحاظ کان تھ انھيءَ جو تصرف اتان کان شروع ٿئي ٿو. مطلب تھ جسماني قلب ۽ سيني کي قلبي لطيفي سان اھا نسبت آھي جيڪا عرش ۽ ڪرسيءَ کي خدا تعاليٰ سان آھي. ھيءَ تسبيه خود اڻ پوري آھي ۽ ڪن پھلوئن کان ٺيڪ بيھي ٿي، پر ڇاڪاڻ تھ ھن ڳالھھ سان اسان جو واسطو ڪونھي تنھن ڪري ان کي ڇڏي ڏيون ٿا.

 

بيان ٻيو

قلب جا لشڪر

واضع ھئڻ کپي تھ الله تعاليٰ جا لشڪر قلبن ۽ ارواحن ۽ ٻين عالمن ۾ ايترا آھن جو انھن جي حقيقت ۽ انھن جو تعداد ۽ شمار سواءِ انھيءَ ذات باري جي بيو ڪو بھ ڪو نھ ٿو ڄاڻي. جھڙي طرح خود قرآن شريف ۾ بھ آيو آھي تھ ”وما يعلم جنود ربک الا ھو“ (تنھنجي پالڻھار جا لشڪر ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو بھ نھ ڄاڻندو آھي.)

ھتي اسان رڳو قلب جا ڪي مختصر لشڪر بيان ٿا ڪريون ڇاڪاڻ تھ اسان جو غرض رڳو قلب سان ئي آھي. ڄاڻڻ گھرجي تھ قلب جا ٻھ مکيھ لشڪر آھن. ھڪ اھو لشڪر جيڪو ظاھري واري اک سان نظر اچي ٿو ۽ ٻيو اھو جيڪو عقل جي اک سان ٿو سمجھي سگھجي. اھي ٻئي لشڪر قلب جا خادم ۽ مددگار آھن ۽ ھتي لشڪر منجھان اھا مددگار واري ئي معنيٰ ورتي وئي آھي. اھو لشڪر جيڪو ظاھري اک سان ڏٺو وڃي اھو آھي ھٿ، پير، زبان، اک، ڪن، نڪ ۽ ٻيا سڀ ظاھري ۽ باطني عضوا. اھي سڀ ھن جا خادم ۽ ھن جي چئي ھيٺ آھن. جھڙيءَ طرح قلب چاھي ٿو انھن تي حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي سڀ انھيءَ جي اطاعت لاءِ پيدا ڪيا ويا آھن. ھن جي چوڻ جي خلاف ڪجھھ بھ ڪرڻ جي ھنن کي طاقت ناھي ۽ ھو ڪڏھن بھ ھن کان منھن موڙي يا انڪار ڪري نٿا سگھن. مثلا اک کي کلڻ جو حڪم ڪري ٿو تھ کلي پوي ٿو. پير کي ھلڻ جو حڪم ڪري ٿو تھ ھو ھلڻ شروع ڪري ڏئي ٿو، زبان کي ڳالھائڻ جو حڪم ڏئي ٿو تھ ھو ڳالھائڻ لڳي وڃي ٿي ۽ اھو ئي حال آھي سڀني عضون جو. ياد رکڻ گھرجي تھ عضون ۽ حواسن جو قلب جو مطيع ٿيڻ اھڙي نموني جو آھي جھڙي نموني سان فرشتا الله تعاليٰ جا مطيع آھن. فرشتا بھ الله تعاليٰ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري لاءِ خلقيا ويا آھن ۽ نافرمانيءَ جي انھيءَ کي ڪا بھ طاقت ڪانھي. بلڪھ انھيءَ جو حال ھي آھي تھ ”لا يعصون الله ما امرھم ويفعلون ما يؤمرون“ (جيڪي الله کين فرمايو آھي تنھن ۾ الله جي نافرماني نھ ڪندا آھن ۽ جيڪي کين حڪم ڪيو آھي سو ڪندا آھن). باقي اھو فرق ضروري آھي تھ فرشتن کي خا تعاليٰ جي حڪم جي بجا آوري جو علم رھي ٿو ۽ عضون ۾ اھا ڳالھھ ڪانھي. مثلا اک جون پنبڻيون کلڻ ۽ بند ٿيڻ ۾ قلب جي اطاعت تھ ڪن ٿيون مگر انھن کي نھ پنھنجي وجود جو ڪو پتو آھي نھ وري انھيءَ اطاعت جي ڪا خبر ئي پوين.

ڄاڻڻ گھرجي تھ قلب کي پيدا ڪرڻ جو اصل مقصد اھو آھي تھ انسان معرفت الاھي جو سفر ۽ ديدار الاھي جون منزلون ذوق ۽ شوق سان طئي ڪندو رھي. جھڙيءَ طرح الله تعاليٰ فرمائي ٿو ”وما خلقت الجِن و اِلاسس اِلا ليعبُدون“ (جنن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسين) انھيءَ ڪري انھيءَ دائمي ۽ متواتر يعني لڳاتار سفر لاءِ ھن کي سواري ۽ زاد راھھ (يعني سمر يا توشي يا راھھ خرچ) جي سخت حاجت پوي ٿي. انھيءَ حاجت پوري ڪرڻ لاءِ پروردگار عالم انسان جي بدن کي ھن لاءِ سواري ڪري پيدا ڪيو آھي ۽ علم کي ھن لاءِ سفر جو سمر يا توشو بڻايو آھي ۽ اھي ذريعا ۽ اسباب جن جي وسيلي ھو وڃي ٿو سمر يا توشو حاصل ڪري. اھي آھن بندي جا نيڪ اعمال. ياد رکڻ گھرجي تھ انسان لاءِ ممڪن ناھي جو الله تعاليٰ جي سلوڪ جي واٽ بدن جي سڪونت يا سلامتي کان سواءِ دنيا ۾ زندگي گذارڻ سان ھن کي حاصل ٿي سگھي. دستور آھي تھ وڏي منزل کي پھچڻ لاءِ ننڍي منزل لازمي طور طئي ڪرڻي پوي ٿي. انھيءَ لاءِ ئي ”الدنيا مزرعته الاخِرته“ يعني ”دنيا آخرت جي پوک“ ليکي ٿي وڃي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تھ دنيا بھ ھڪ ضروري ھدايت جي منزل آھي ۽ ھن کي دنيا انھيءَ ڪري سڏيو ٿو وڃي جو ھوءَ قدر ۽ منزلت ۾ ٻيءَ منزل يعني آخرت کان گھٽ آھي (دنيا جي معنيٰ آھي گھٽ يا نيچ).

مطلب تھ قلب لاءِ نھايت ضروري آھي تھ ھي دنيا ۾ رھي آخرت لاءِ زاد راءِ يعني توشو حاصل ڪري ۽ بدن ھن جي سواري آھي، جنھن جي ذريعي ھو ھن دنيا ۾ پنھنجو سمر حاصل ڪري سگھي ٿو. تنھنڪري ان جي حفاظت ۽ پالنا بھ ضروري آھي. ھن جي حفاظت ھن طرح ڪرڻي آھي تھ جيڪا غزا وغيره ھن جي موافق ھجي اھا ان کي ڏجي ۽ جيڪي شيون ھن کي ھلاڪ يا تباھھ ڪرڻ واريون آھن. انھن کان ھن کي پري رکجي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ انھيءَ غزا کي حاصل ڪرڻ لاءِ وري ڪن نوڪرن ۽ؤ خادمن جي ضرورت پوي ٿي ۽ قدرت انسان کي انھيءَ ڪم لاءِ ٻھ نوڪر ڏيئي ڇڏيا آھن. ھڪ باطني جنھن جو نالو آھي بک يا اشتھا يا خواھش ۾ ٻيو ظاھري يعني ھٿ ۽ ٻيا عضوا جن جي ذريعي غذا حاصل ڪري سگھجي ٿي. انھيءَ ڪري قلب ۾ ضرورت آھر اشتھا يا خواھش بھ رکي ويئي آھي ۽ عضوا جيڪي اھا ضرورت حاصل ڪري سگھن ٿا اھي بھ عنايت ڪيا ويا آھن.

ساڳيءَ طرح مھلڪات يعني نقصان ڪار شين کان بجاءِ واسطي بھ وري ٻن قسمن جي لشڪر جي ضرورت ٿي پوي ھڪ باطني جنھن کي غضب يا ڪاوڙ يا غصو يا ڏمر ٿو سڏجي ۽ جنھن جي مدد سان دشمنن کان انتقام يا بدلو ورتو وڃي ٿو ۽ ٻيو ظاھري جھڙوڪ ھٿ ۽ پير وغيره جن کان غصي يا ڪاوڙ جي وقت غضب وارو جذبو ڪم وٺي ٿو ۽ مھلڪات کي دور ڪري ٿو. ھن منجھان ثابت ٿيو تھ انھن عضون جو وجود بدن ۾ ھٿيارن جي مثال آھي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ قلب کي جيڪا انھن شين جي ضرورت پوي ٿي انھيءَ جو تفصيل يا ان ۾ جيڪا حڪمت رکيل آھي. جيڪڏھن بيان ڪئي ويندي تھ اھو ھڪ وڏو ڊگھو ڪلام ٿي پوندو ۽ انھيءَ بابت جيڪي ڪجھھ اسان باب الشڪر ۾ لکيو آھي. انھيءَ تي ڪفايت ڪرڻ گھرجي. انھيءَ ساري بحث جو مطلب ھي نڪري ٿو تھ قلب جا خادم ٽن قسمن جا آھن. ھڪڙو قسم انھن جو آھي جيڪي ھن کي ڪنھن شيءِ ڏانھن رغبت ڏيارين ٿا. خواه نفعي جي طرف جھڙوڪ بک وغيره، خواھ ضرر يا نقصان دور ڪرڻ جي طرف جھڙوڪ غضب، غصو ۽ ڪاوڙ وغيره. اھڙي قسم جي خادم کي ارادو بھ ڪري سڏيندا آھن. ٻيو قسم لشڪر جو اھو آھي جيڪو انھيءَ مقصد يا ارادي کي حاصل ڪرڻ لاءِ عضون ۾ حرڪت يا چرٻر پدا ڪري ٿو ۽ ان کي قدرت يا طاقت سڏيو وڃي ٿو ۽ اھا طاقت انسان جي رڳ رڳ ۾ ڦھليل رھي ٿي. ٽيون قسم لشڪر جو اھو آھي جيڪو جاسوس وانگر انھن شين جي ڄاڻ پڇاڻ ڪري ٿو. ھن لسڪر ۾ ڏسڻ، سنگھڻ، ٻڌڻ، چکڻ ۽ ڇھڻ جون قوتون اچي وڃن ٿيون جيڪي جدا جدا مقيم عضون ۾ موجود آھن. ھن قسم جي لشڪر کي علم يا ادراڪ بھ ڪري سڏيندا آھن. ھن باطني لشڪر منجھان ھر ھڪ سان ظاھري لشڪر بھ موجود رھي ٿو. جھروڪ عضوا ۽ انھن جو گوشت، رت، کل، چرٻي ۽ ھڏيون وغيره.

ياد رکڻ گھرجي تھ ھي عضوا سڀني لشڪرن جا ھٿيار ۽ ذريعا آھن جھڙوڪ پڪڙڻ واري قوت آڱرين سان تعلق رکي ٿو. ڏسڻ واري قوت اک سان ۽ ساڳيءَ طرح ٻين قوتن کي بھ سمجھڻ گھرجي. مگر اسان جو ظاھري عضون سان ڪو بھ واسطو ڪونھي ڇاڪاڻ جو اھو ھڪ ظاھري جسماني عالم آھي ۽ اسان فقط قلب جي انھن مددگارن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي ظاھري اک سان سمجھھ ۾ اچي نٿا سگھن ۽ اھي آھن مٿي ذڪر ڪيل ٽن قسمن وارا علم ۽ ادراڪ جا لشڪر جن کي قوائي مدرڪ يعني علم ۽ پروڙ واريون قوتون ڪري سڏجي ٿو. انھن جا ٻھ قسم ٿين ٿا. ھڪڙا اھي لشڪر جن جي رھائش ظاھري عضون ۾ آھي. يعني ظاھري پنج حواس جن جو تعلق ظاھري اک، ڪن، نڪ وغيره سان آھي ۽ ٻيا اھي جن جي رھڻ جي جاءِ اندرين عضون يعني دماغ وغيره ۾ آھي ۽ انھن جو تعداد بھ پنج آھي.

جڏھن ڪو ماڻھو ڪا شيءِ ڏسي پنھنجون اکيون بند ڪندو آھي تھ انھيءَ شيءِ جي تصوير پنھنجي نفس ۾ ڏسندو آھي. انھيءَ کي خيال سڏيو ٿو وڃي. انھيءَ خيال سان گڏ ھي ڳالھيون ياد رکڻ ڪري، ان سان گڏ رھنديون آھن ۽ انھيءَ کي حافظو ڪري سڏيندا آھن. پوءِ وري انسان انھيءَ ياد ڪيل شيءِ تي ويھي سوچ ويچار ڪندو آھي ۽ ھڪڙين ڳالھين کي ٻين سان ملائيندو آھي، جيڪي وسريل ڳالھيون ھونديون اٿس، اھي بھ ياد اچي وينديون اٿس ۽ انھيءَ شيءِ جي جھڙي ”صورت يا تصوير ھئي، اھا نفس م اچي وڃي ٿي. انھيءَ سلسلي کي ذڪر ۽ فڪر جو نالو ڏنو وڃي ٿو.پوءِ وري انھن سڀني محسوس ڪيل شين کي ھڪ ”مشترڪ حس“ جي ذريعي انسان پنھنجي خيال ۾ ڪنو ڪري وٺي ٿو.

انھيءَ منجھان معلوم ٿيو تھ باطن ۾ پنج قوتون آھن. خيال حافظھ، ذڪر، فڪر ۽ مشترڪھ حس (گڏيل احساس). جيڪڏھن خدا تعاليٰ خيال حافظو، ذڪر ۽ فڪر پيدا نھ ڪري ھا تھ دماغ بھ انھن ڳالھين کان اھڙيءَ طرح خالي رھي ھا جھڙيءَ طرح موجوده صورت ۾ ھٿ پير وغيره انھن ڳالھين يا اثرن کان خالي آھن.

مطلب تھ جھڙيءَ طرح ھي قوتون بلڪل باطني آھن تھ انھن جي رھڻ جون جايون بھ باطني مقرر ڪيون ويون آھن. ھي آھن قلب جي لشڪرن جا قسم. انھن جو بيان اھڙيءَ طرح ڪرڻ جو گھٽ علم ۽ ٿوري سمجھھ وارن کي بھ سمجھھ ۾ اچي وڃي اھو ڪم ھڪ وڏي ڊيگھھ ٿو گھري ۽ جيتوڻيڪ ھن ڪتاب جو مقصد آھي تھ منتھي (آخر منزلن تي پھتل ماڻھن) کي نفعو پھچي. تنھن ھوندي بھ مثال ڏئي ڏئي اسان اھڙو بيان ڪريون ٿا جو مبتدي (شروعاتي ڏاڪي واري) کي بھ سمجھھ ۾ اچي وڃڻ گھرجي.

 

بيان ٽيون

قلب جا باطني خادم

ڄاڻڻ گھرجي تھ قلب جا ٻھ خادم يعني غضب ۽ شھرت جنھن وقت قلب جي پوري پوري فرمانبرداري ڪندا آھن. تنھن وقت قلب کي انھن مان سلوڪ ۾ مدد ملندي آھي. نھ رڳو ايترو بلڪ قلب انھن کي خدا تعالي جي طرف صفر ڪرڻ ۾ پنھنجا چڱا ۽ نيڪ رفيق ڪري سمجھندو آھي. مگر ڪنھن وقت وري اھي ٻئي نافرماني جو جھنڊو کڙو ڪري صفا قلب کان باغي ٿي وڃن ٿا ۽انھن جي بغاوت جي نوبت انھيءَ حد کي پھچي ٿي جو ويچاري قلب کي پنھنجو غلام يا بندو (ٻانھو) بڻائي ڇڏائين ٿا. اھا حالت قلب جي برباديءَ جو سبب بڻجي پوي ٿي ۽ جنھن صفر کان کان ھن کي ابتي سعادت حاصل ٿيڻي ھئي انھيءَ ۾ھو پٺتي پئجي وڃي ٿو. مگر قلب جا مددگار ٻيا بھ آھن. جن کي علم، حڪمت ۽تفڪر ڪري سڏين ٿا ۽انھن جو بيان عنقريب اچڻ وارو آھي. پوءِ قلب کي اھڙي نازڪ وقت ۾ مناسب آھي تھ انھن مددگارن کان جيڪي پاڻ کي الله تعالي جو گروھ يا ٽولو سڏائيندا آھن، انھن ٻنھي نافرمان ۽باغي خادمن کي مات کي مات ڪرن لاءِ مدد گھري. جيڪڏھن انھن کان مدد طلب نھ ڪندو تھ ممڪن آھي تھ ھو بھھ وڃي شيطانن ۽ باغي نوڪرن سان ٿين ۽ اھي بھ قلب کي کي ويتر وڌيڪ دٻاءُ ھيٺ رکڻ شروع ڪري ڏين. اھا حالت تمام وڏي آزمائش ۾ ظاھر ظھور جوکي ۽ ٽوٽي جي آھي. گھڻن ماڻھن جو اھو ئي حال ڏٺو وي ٿو تھ انھن جا عقل شھوتن جا اھڙا مطيع ٿي وڃن ٿا جو پنھنجون شھوتون پوريون ڪرڻ لاءِ ھزار حيلا تلاش ڪندا رھن ٿا. مگر مناسب تھ ائين ھو تھ عقل جون ضرورتون پوريون شھوت جي مطيع رھي ھا. ھاڻي اسان ناظرين لي سمجھائڻ لاءِ ھن جي وضاحت ٽن مثالن ۾ بيان ڪريون ٿا:

مثال پھريون: فرض ڪريو تھ انساني نفس يعني روحاني لطيفو جنھن جو مٿي ذڪر ڪيل آھي اھو بادشاھ آھي. بدن ھن جو شھر ۽ دارالسلطنت آھي. حواس ۽ قوتون ھن جو ڪارڪن عملو آھي. عقل جي قوت ھن جو خير خواھ ۽ مدبر ۽ وزير آھي، غضب انھيءَ شھر جو ڪوٽوال آھي ۽ شھوت ھن جو بد سرشت  غلام يا بڇڙي طبيعت وارو ٻانھو آھي جيڪو انھيءَ شھر ۾ کاڌ خوراڪ وغيره آڻيندو آھي ۽ وڏو مڪار ڪوڙو فريبي پليد آھي. ظاھر م خير خواھن جي صورت وٺي ڄڻ خير خواھي ڪندو آھي، مگر ھن جي خير خواھيءَ ۾ سراسر فساد ۽ ھلاڪ ڪندڙ زھر ڀريل ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ھن جي اھا عادت ٿي وئي آھي تھ ھو وزير با تدبير سان ھن جي تجويزن ۾ ھميشه مخالفت ڪندو رھي ٿو. انھيءَ ھد تائين جو ڪا بھ گھڙي ھن جي مخالفت کان خالي نھ ٿي گذريس. پوءِ اھڙي صورت ۾ جيڪڏھن بادشاھھ پنھنجي سلطنت جي ڪمن ۾ وزير جي مشورن تي ھلندو ۽ انھيءَ پليد ٻانھي جي صلاحن کان پاسيرو رھندو ۽ اھا ڳالھھ مقرر ڪري ڇڏيندو تھ ھن جي مخالفت ۾ ئي بھتري آھي ۽ پنھنجي وزير جي دل وٺڻ لاءِ ڪوٽوال کي بھ تنبيه ڪندو رھندو ۽ وزير جو طرف وٺي ھن جو رعب انھيءَ خبيث ٻانھي ۽ ٻين نائين جي مٿان ڄمائيندو ايندو. انھيءَ لاءِ تھ اھو ٻانھو پنھنجي درجي کان مٿي نھ وڌي ۽ مظلوب ۽ محڪوم بڻيو اچي ۽ زياده مٿي تي نھ چڙھي تھ پوءِ ظاھر آھي تھ بادشاھي انتظام نھايت درستي ۽ عدل انصاف سان ٿيندو رھندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن نفس، عقل کان مدد وٺندو ۽ غضب کي تربيت ڏئي ان کي شھوت تي مسلط رکندو ۽ ڪڏھن وري غضب کي گھٽ ڪرڻ واسطي شھوت کان مدد وٺندو ۽ ڪڏھن شھوت کي دٻائڻ واسطي غضب کي ان تي مسلط ڪري شھوت جي تقاضائن کي برو سمجھندو تھ ھن جون سڀ قوتون اعتدال جي درجي ۾ رھنديون ۽ ھن جا اخلاق سڀ بھتر ھوندا. جيڪڏھن ھن جطريقي کان منھن ڦيريندو تھ انھن ماڻھن منجھان ٿيندو جن جي شان ۾ خدا تعاليٰ فرمائي ٿو ”افرايت من اتظ اِلٰھته ھوواھ و اضله عليٰ علم“ (اي پيغمبر! انھيءَ کي نھ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جنھن پنھنجي (نفس جي) سڏ کي معبود ڪري ورتو ۽ ڄاڻ ھوندي الله کيس مگراھھ ڪيو) يا ھي ارشاد آھي تھ ”و اتبَع ھواھ فمثله کمثل الکلبِ اِن کنحِمل عليه يلھث او تترکه يلھث“ (۽ پنھنجن سڌن پٺيان لڳو پوءِ سندس مثال ڪتي جي مثال وانگر ٿيو جو جيڪڏھن (تون) مٿس (ڪاشي) اولارين تھ سھڪي يا جيڪڏھن ڇڏي ڏئين تھ (بھ) سھڪي) ۽ جيڪو شص نفس کي شھوت کان روڪي ٿو انھيءَ جي حق ۾ ھي فرمان آھي تھ ”واما من خاف مقام ربِه ولھي النفس عن الھويٰ – فاِن الجنته ھي الماوٰي“ (۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سڌ کان جھليائين پوءِ تنھن جي لاءِ بيشڪ بھشت آھي) ۽ ھنن شين سان مجاھدي ڪرڻ ۽ ھڪڙي کي ٻئي تي مسلط ڪرڻ جي ڪيفيت انشاءَ الله عنقريب رياضت نفس جي باب ۾ بيان ڪئي ويندي.

ٻيو مثال: فرض ڪريو تھ بدن ھڪ شھر آھي. ھن جو مدبر حاڪم، عقل آھي. يعني اھا شيءِ جيڪا انسان ۾ ادراڪ ڪرڻ واري آھي. ظاھري ۽ باطني حواس انھيءَ حاڪم (يعني عقل) جا لشڪر ۽ مددگار آھن ۽ عضوا ھن جي رعيت آھن. نفس اماره يعني شھوت ۽ غضب ھن جا دشمن آھن جيڪي ھن جي سلطنت تڳائڻ جا خواھان آھن ۽ رعيت کي تباھھ ڪرڻ چاھين ٿا. انھيءَ صورت ۾ بدن کي ھڪ مورچو سمجھڻ گھرجي جتي بادشاھھ خود حفاظت ڪرڻ لاءِ موجود آھي. پوءِ جيڪڏھن دشمن سان جنگ ڪري ان کي ڀڄائي ڇڏيندو يا ماري مات ڪندو تھ ھن جو ڪم درٻار ۾ ڏاڍو وڻندڙ ٿيندو جھڙوڪ الله تعاليٰ فرمائي ٿو تھ ”فضل الله المجاھدين بِاموالھم و انفسھم عليٰ القاعدين درجنته“ (پنھنجن مالن ۽ پنھنجن سرن سان جھاد ڪندڙن کي الله ٠گھر ۾) ويھي رھندڙن کان مرتبي ۾ ڀلو ڪيو آھي). ٻي صورت ۾ جيڪڏھن ھي مورچو کسرائي ويٺو ۽ رعيت کي بيڪار ڪري ڇڏيائين تھ خدا تعاليٰ جي نزديڪ مذموم يعني ننديل ٿيندو ۽ انھيءَ جي ان کي سزا ڏني ويندي. جھڙيءَ طرح حديث قدسي ۾ آيو آھي تھ قيامت جي ڏينھن اھڙي ماڻھوءَ کي چيو ويندو تھ: اي خبيث نگھبان تو گوشت کاڌو ۽ کير پيتو مگر تو گم ٿيل شيءِ جو پتو نھ لڌو ۽ ڀڳل شيءِ کي تو درست نھ ڪيو. اڄ مان توکان بدلو وٺندس. انھيءَ مجاھدي طرف اشارو آھي ھن حديث جو تھ ”اسان ھاڻي موٽيا آھيون جھاد اصغر کان جھاد اڪبر ڏانھن.“

ٽيون مثال: عقل کي ھڪ سوار سمجھڻ گھرجي جنھن جو شڪار ڪرڻ جو ارادو آھي. انھيءَ صورت ۾ شھوت کي ان جو گھوڙو ۽ غضب کي ھن جو ڪتو ڪري خيال ڪرڻ گھرجي. پوءِ جيڪڏھن سوار قابل ۽ ماھر ھوندو. گھوڙو خوب گھمايل ۽ ڪمتيل ھوندو ۽ ڪتي کي شڪار جي تعليم ڏنل ھوندي تھ سوار بيشڪ پنھنجي مقصد کي پھچدنو. پر جيڪڏھن سوار پاڻ سواريءَ جي فن کان جاھل، ھن جو گھوڙو سرڪش ۽ ڪتو پاڳل ھوندو تھ نھ گھوڙو ھن جو چيو مڃيندو ۽ نھ ڪتو ئي ھن جي اشاري تي ھلندو. اھڙي شخص کي شڪار ھٿ لڳڻ تھ درڪنار ھن کي پنھنجي جان بچائڻ ئي ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي. ھن مثال ۾ سوار کي سواري نھ اچڻ جي تشبيھھ انسان جي جھالت ۽ ان جي حڪمت ۽ ان بصيرت جي ڪمي سان ڏني وئي آھي ۽ گھوڙي جي سرڪشي شھوت جي غلبي ڏانھن اشارو ڪري ٿي (خاص طرح شڪم ۽ شڙمگاھ جي شھوت ڏانھن) ۽ ڪتي جي ديوانگي غضب جي غلبي بدران ڏنل آھي. الله تعاليٰ پنھنجي فضل ۽ عنايت سان انھن کان بچائي.


[1]  ڠڎڝ إێإ ڛۑ٭ آێۑ ضۑڥإ تۑ ڛۑ٭ ضۑ ێیڼ ڥڎۑ ڤإیڶ ێضۑ ۽ بڍإج كۆڈ ڤإیڶ ڷێ ێضۑ، ضێڏۆڥ ڎڷڧ ۑإ إێإ بۑڶإڎۑ ضۑڥإ ڥڷێڷ تیۑ ڶڎڝ ضۑ ښببإڷ ێضۑ ضێڏۆ ڶحۑ ضۆ ښۆڎ ضۑڥۆ جص ڥڎۑ حۑڷڈۆ آێۑ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org