بيان يارھون
وسوسي جي معنيٰ، وسوسي جي غلبي جو سبب ۽ وسوسن ذريعي شيطان جو قبضو ڪرڻ
ھي مثال مٿي بيان ٿي چڪو آھي تھ قلب ھڪ برج وانگر آھي جنھن جي
چوڌاري تمام گھڻا دروازا آھن. انھن دروازن منجھان
احوالن جي آمدرفت ٿيندي آھي. يا قلب کي ھڪ نوده يا
گولي مار جي جاءِ جي مثال سمجھڻ گھرجي جنھن کي
چئني طرفن کان نشانا لڳندا ھجن. يا
آئيني جي مثال
ڄاڻڻ گھرجي، جنھن تي قسمين قسمين صورتون گذرنديون
ٿيون رھن ۽ ھڪ جو عڪس ٻئي جي پٺيان پوندو رھي ٿو.
يا ھڪ حوض آھي جنھن ۾ جدا جدا نالين کان پاڻي
پوندو رھي ٿو. بھرحال قلب تي ھر وقت انھن نون نون
آثارن جو ظھور يا تھ پنجن حواسن جي طرف کان ٿيندو
رھي ٿو يا باطن جي طرف کان. ياد رکڻ گھرجي تھ باطن
جي طرف کان آثار، خيال، شھوت، غضب ۽ ٻين مرڪب
اخلاقن جي ذريعي ٿا پيدا ٿين جيڪي انسان جي مزاج ۾
قدرتي طرح داخل آھن. جھڙيءَ طرح ٻاھرين حواسن جي
ذريعي ڪا شيءِ معلوم ڪئي وڃي ٿي تھ ان جو اثر دل ۾
رھجي وڃي ٿو. تھڙيءَ طرح گھڻي کائڻ ۽ طبيعت ۾ زور
۽ طاقت ھئڻ سبب جيڪڏھن شھوت جو غلبو ٿيندو تھ ان
جو بھ دل تي اثر ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن انسان ھواسن جي
طرف کان ايندڙ اثرن کي گوشھ نشيني ذريعي روڪي ٿو
تھ نفس ۾ اندر اٿندڙ جيڪي خيالات باقي آھن، انھن
جي طرف ڌيان ڇڪجي ٿو وڃي. اھي خيالات ھڪٻئي جي
پڍيان تمام تيزي سان ايندا ٿا رھن. جيئن جيئن
خيالات بدلندا رھندا. تيئن تيئن دل بھ ھڪڙي حال
منجھان ٻئي حال ۾ بدلندي رھندي. مطلب تھ دل ۾ تغير
(ڦير ڦار) ۽ تاثير ھميشه انھن سببن ڪري ٿو ٿئي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ اھي اثر جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آھن انھن منجھان
جيڪي اثر خاص دل ۾ اچن ٿا انھن کي ”خواطر“ ڪري
سڏيندا آھن. انھن خواطر جو ٻيو نالو آھي فڪر ۽
ذڪر. فڪر ۽ ذڪر منجھان اھي علم مراد آھن جيڪي قلب
پنھنجي ادراڪ ۾ آڻي يا پروڙي ٿو. پوءِ اھي نوان
ھجن يا اڳين ڳالھين جو تزڪره، انھن سڀني علمن کي
”خواطر“م ڪري سڏبو آھي ڇاڪاڻ تھ اھي شيون دل ۾ اچن
ٿيون حالانڪھ فڪر ۽ ذڪر کان اڳ ۾ انھن ڳالھين کان
دل غفلت ۾ ٿي رھي. جڏھن ھي خواطر پيدا ٿي ٿا وڃن
تھ ارادي کي حرڪت ي چرپر ۾ اھي خواطر ٿي ٿا آڻين.
ڇاڪاڻ تھ جنھن ڳالھھ بابت انسان نيت، عزم ۽ ارادو
ڪندو آھي تھ اھا ڳالھھ ھن جي دل ۾ پھريائين گذرندي
آھي. دل تي ڪنھن بھ ڳالھھ جي انھيءَ گذرڻ کي
”خطره“ ٿا سڏين.
ھن بيان جو خلاصو ھي ٿيو تھ انسان جي افعالن يا ڪمن يا عملن جو
منڍ آھن ”خواطر“ منجھان رغبت پيدا ٿي ٿئي ۽ رغبت
منجھان نيت ۽ عزم کي حرڪت ٿي ٿئي ۽ نيت وري عضون
کي چرپر ۾ ٿي آڻي. جاڻڻ گھرجي تھ جن ”خواطر“ سان
رغبت ۾ چرپر ٿي پوي انھن جا ٻھ قسم آھن:
ھڪ جو نالو آھي ”خاطر شر“ جنھن جو انجام نقصانڪار ٿو ٿئي ۽ ٻئي
جو نالو آھي ”خاطر خير“ جنھن جي پڇاڙي ھميشه فائدي
واري ٿي ٿيئ. جيئن جو ٻئي ھڪ ٻئي کان مختلف آھن
تنھنڪري انھن جا نالا بھ جدا جدا رکيا ويا آھن.
”خاطر خير“ کي الھام ٿا سڏين ۽ ”خاطر شر“ کي وسواس
جو نالو ٿا ڏين. ھاني اھو معلوم ڪرڻ گھرجي تھ
”خاطر“ جيڪا دل ۾ حادث (نئين طرح واقعھ) ٿيڻ واري
ٿئي ٿي. ان جو ڪوئ يباني (بنائڻ وارو) بھ ضرور
گھرجي جنھن جي ڪري ھو دل ۾ حادث (نئين طرح واقعھ)
ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ جو مسبَب (سبب پيدا ڪندڙ) مختلف آھن
تھ انھن جا سبب بھ مختلف ھوندا. خدا تعاليٰ جو
دستور بھ اھڙيءَ طرح آھي تھ جھڙو مسبب ھوندو آھي
تھڙو ئي ان جو سبب ھوندو آھي. مثلا: جيڪڏھن گھر ۾
باھھ ٻارجي ۽ ديواريون ان جي روشنيءَ کان روشن ٿي
وڃن ۽ دونھين سان ڇت ڪاري ٿي وڃي تھ صاف معلوم
ٿيندو سياھي يا ڪارنھن جو ڪارڻ ڪو ٻيو آھي ۽ نھ
باھھ جي روشني.
ساڳيءَ طرح دل جي روشني ۽ اونداھيءَ جا سبب بھ جدا جدا آھن يعني
”خاطر خير“ جو سبب فرشتو آھي ۽ ”خاطر شر“ جو سبب
شي ان آھي. دل جي نرمي جنھن جي ڪري انسان الھام
يعني ”خاطر خير“ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ھوندو آھي
تنھن کي ”توقيق“ ٿو سڏجي. ٻئي پاسي وري جيڪڌڏھن دل
جي طاقت اھڙي آھي جو شيطاني وسوسا ٿي قبول ڪري تھ
ان کي ”خذلان“ ڪري ٿا سڏين. ٠خذلان جي معنيٰ آھي
ڇڏي ڏيڻ يا مدد نھ ڪڙڻ، يعني خدا تعاليٰ جو انھيءَ
قلب کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ ۽ شيطان جي خلاف مدد
نھ ڪرڻ يا توفيق نھ ڏيڻ).
ڄاڻڻ گھرجي تھ فرشتن جي لفظ منجھان اھا مخلوق مراد آھي جنھن کي
الله تعال:ٰ ّ:ڙ ڄ: ُآ+آڙ:“ غلله۾ ڄ: َآ؟ڊ:“ حق جي
ظاھر ڪرڻ، ڀلائيءَ جي وعدي ڪرڻ ۽ نيڪيءَ جي حڪم يا
ترغيب ڏيڻ لاءِ پيدا ڪيو آھي ۽ اھا مخلوق انھيءَ
ڪم تي پڪي پختي ٿي ويٺي آھي.”شيطان“ وري اھا مخلوق
آھي جنھن جو ڪم فرشتي جي ڪمن کان بلڪل ابتڙ آھي.
يعني شر جو وعدو ڪرڻ، فحش ڳالھين جي ترغيب ڏيڻ،
خيرات ڪرڻ وقت مفلسي ۽ تنگدستيءَ جو ڊپ ڏيارڻ
وغيره وغيره. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ وسوسوي جي
مقابلي ۾ الھام آھي. شيطان جي مقابلي ۾ فرشتو ۽
خذلان جي مقابلي ۾ توفيق آھي ۽ ھن طرف اشارو آھي
ھن آيت شريفھ ۾ تھ ”ومن ڪل شيءِ خلقنا زوجين“ (۽
سڀ ڪنھن شيءِ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون) يعني سڀئي
موجودات جوڙو جوڙو ۽ ھڪٻئي جي مقابلي ۾ آھن سواءِ
ذات پاڪ انھيءَ مالڪ ۽ خالق حقيقي جي جنھن جو ڪو
بھ جوڙيوال يا مقابلي وارو ناھي ۽ وحده لاشريڪ له
آھي ۽ انھن جوڙن جو پيدا ڪندڙ آھي.
مطلب تھ انساني قلب، شيطان ۽ فرشتي جي ڇڪتاڻ ۾ رھي ٿو جھڙوڪ
حديث شريف ۾ بھ آيو آھي تھ ”قلب ۾ ٻھ تجليون يا
چمڪاٽ يا ڪرڻا آھن. ھڪ آھي فرشتي جو ڪرڻو جنھن جو
ڪم آھي نيڪي يا چڱائي جو وعدو ڪرڻ ۽ حق جي تصديق
ڪرڻ، پوءِ جيڪو ڏسي ان کي تھ سمجھي تھ اھو الله
سبحانه جي طرف کان آھي ۽ الله تعاليٰ جو حمد يعني
ساراھھ ۽ شڪرانو ڪري. ٻيو ڪرڻو آھي دشمن يعني
شيطان جو جنھن جو ڌنڌو آھي شر جو وعدو ڪرڻ، حق کي
ڪوڙو ڪرڻ ۽ نيڪي جي ڪم کان منع ڪرڻ. پوءِ جيڪو ڏسي
ان کي تھ پناه گھري الله تعاليٰ کان ش:طان مردود
جي خلاف“. ھن حديث فرمائڻ کان پوءِ پاڻ رسول ڪريم
جن ھيءَ آيت پڙھي ”الشيطان يعدکم الفقر ويامرکم
بِالفحشاءِ“ پڇاڙي تائين (اي مسلمانو! شيطان اوھان
کي سڃاڻي جو ڀو ڏيندو آھي ۽ اوھان کي بيحيائي جي
من جو حڪم ڪندو آھي الله اوھان کي پنھنجي پاران
بخشش ۽ ڀلائي جو وعدو ڏيندو آھي الله مھربانيءَ ۾
ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.“
حسن بصري رحھ جو قول آھي تھ ”قصد“ دل جي چوڌاري ڦرندا ٿا رھن.
ھڪ خدا جي طرف کان ۽ ٻيو دشمن يعني شيطان جي طرف
کان. الله تعاليٰ شل رحم ڪري پنھنجي بندي تي. بندي
کي گھرجي تھ قصد ڪرڻ وقت ٿورو ڌيرج ۽ سوچ ويچار
ڪري. جيڪڏھن خدا تعاليٰ جي طرف کان معلوم ٿئيس تھ
ان کي جاري رکي ۽ جيڪڏھن دشمن جي طرف کاڻ ڄاڻي تھ
ان سان جھڳڙو ڪري ۽ قلب جي انھيءَ ڇڪتاڻ ڏانھن
اشارو آھي ھن حديث ۾ تھ ”مؤمن جو قلب رحمان جي
آڱرين منجھان ٻن آڱرين جي وچ ۾ آھي.“ غور ڪرڻ
گھرجي تھ خدا تعاليٰ ھن ڳالھھ کن بلڪل پاڪ ۽ آزاد
آھي تھ ھن کي ڪا آڱر، گوشت، کل ۽ ھڏي وغيره جي
ٺھيل ھجي. ھتي آڱرين مان مراد آھي تھ جھڙي طرح
ماڻھو تڪڙو تڪڙو آڱرين کان ڪم وٺندو آھي ۽ ٻئي جي
تڪڙ يا جلدي کي پنھنجن آڱرين جي چرپر جي ذريعي
بيان ڪندو آھي. اھڙيءَ طرح خدا تعاليٰ فرشتي ۽
شيطان کان ڪم وٺندو آھي ۽ ھي ٻئي جي دل بدلجڻ ۾
ماڻھو جي آڱرين وانگر آھن جيڪي ظاھري جسمن کي
ڦيرائينديون ٿيون رھن.
ڄاڻڻ گھرجي تھ پيدائشي طور دل ۾ ملڪي ۽ شيطاني اثرن ٻنھي جي
قبول ڪرڻ لاءِ ربابر ۽ ھڪ جھڙي لياقت آھي. ڪنھن بھ
ھڪڙي کي ٻئي تي ترجيح يا برتري ڪانھي، ھا باقي
شھوتن جي اتباع ڪرڻ (يعني مڃڻ) يا مخالفت ڪرڻ سان
ھڪڙي پاسي کي ٻئي تي ترجيح يا برتري اچي ٿي وڃي.
يعني جيڪڏھن انسان غضب يا شھوت جي تقاضائن مطابق
ڪم ڪندو تھ شيطان نفساني خواھشن جي ذريعي غالب ٿي
ويندو ۽ ھن صورت ۾ انسان جو قلب شيطان جو ماويٰ ۽
ملجا (يعني موٽي اچي رھڻ جو ماڳ) ٿي پوندو. ڇاڪاڻ
تھ نفساني خواھشون شيطان جو چراگاھھ ۽ سير گاھھ
آحڻ” ٻئي طرف وري جيڪڏھن شھوتن کي ماري مات ڪري
فرشتن جا اخلاق اختيار ڪندو تھ انھيءَ صورت ۾ دل
فرشتن جي منزل گاھھ ۽ قرار وٺڻ واري جاءِ ٿي
پوندي.
جيئن جو انسان جي قلب ۾ بشري صفتون جھڙوڪ شھوت، غضب، حرص، طمع ۽
ڊگھي اميد وغيره جيڪي نفساني خواھشن جون شاخون آھن
اھي سڀ موجود آھن تنھنڪري لازمي طور ھر ھڪ قلب ۾
شيطان کي بھ وسوسي وجھڻ جي مجال رھي ٿي. انھيءَ
ڪري ھديث شريف ۾ آيو آھي تھ توھان منجھان ڪو بھ
ھڪڙو اھڙو ڪينھي جنھن کي شيطان (ساٿ لڳل) نھ ھجي.
ماڻھن عرض ڪيو تھ پوءِ سائين جن لاءِ ڪھڙو حڪم
آھي. پاڻ فرمايائون تھ منھنجو بھ شيطان آھي مگر
الله تعاليٰ مون کي ھن تي غالب رکيو ۽ ھو مسلمان
ٿي ويو. پوءِ ھو مون کي سواءِ نيڪيءَ جي ٻيو ڪو بھ
ڪم نٿو ڏسي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ شيطان جو خير جي ڪم لاءِ ترڪيب ڪرڻ فقط تڏھن ممڪن
آھي جڏھن ماڻھو شھوتن تي غالب ٿو رھي. پوءِ جنھن
تي بھ الله تعاليٰ عنايت ٿو ڪري ۽ ھن جي شھوت کي
ھن جو مطيع ڪري ٿو ڇڏي ايتري قدر جو مناسب حد کان
سواءِ ان جو اثر ظاھر نٿو ٿئي تھ انھيءَ صورت ۾ ھن
ماڻھوءَ جي شھوت ھن کي شر جي طرف نٿي سڏي سگھي ۽
شيطان جيڪو شھوت جو چولو پھريون ٿي وتي اھو بھ
انھيءَ ماڻھوءَ کي سواءِ نيڪي جي ڪم جي ٻيو ڪجھھ
بھ نھ ٿو ڏسي.
جڏھن وري دل تي دنيا جو ذڪر نفساني خواھش جي سبب غالب ٿو ٿي وڃي
تھ شيطان کي وسوسي وجھڻ جو وجھھ ۽ جرئت ملي ٿي وڃي
۽ پنھنجي ڌنڌي ۾ مصروف ٿئي ٿو وڃي. جڏھن قلب الله
تعاليٰ جي ذڪر جي طرف رجوع ٿو ڪري تھ شيطان کي
موقعو ھٿ نٿو لڳي ۽ ناامايد ٿي ھليو ٿو وڃي. ان
وقت فرشتو پنھنجو دخل ٿو ڄمائي. انھن فرشتن ۽
شيطانن جي لشڪرن ۾ ھميشه ڇڪتاڻ لڳي ئي لڳي پئي آھي
تان جو قلب انھن منجھان ھڪڙي جو مطيع (فرمانبردار)
بڻجي ٿو وڃي ۽ انھيءَ غالب پارٽيءَ جو قرارگاھھ ۽
ٽڪاڻو مقرر ٿئي ٿو وڃي. بئي جو گر جيڪڏھن کڻي ٿئي
بھ ٿو تھ اھو بھ ھڪ ٻئي کي پڪڙ پڇاڙ جي نموني ۾ ٿو
ٿئي. مگر گھڻن قلبن جو تھ اھو حال آھي تھ شيطانن
جي لشڪر انھن کي ماري مات ڪري ڇڏيو آھي ۽ اتي
پنھنجو ديرو دمايو ويٺا آھن. اھڙيون دليون وسوسن
سان ڀرپور آھن ۽ انھن دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏني
آھي ۽ انھيءَ لشڪر جي غالب ٿيڻ جو منڍ شھوتن ۽
نفساني خواھشن جي پيروي ڪرڻ آھي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ جيسين شيطان جو زور گھٽ نٿو ٿئي تيسين ان تي غالب
اچڻ ممڪن ناھي ۽ ھن جو زور ھن طرح ٿو گھٽجي جو
شھوتن ۽ نفساني خواھشن کان دل کي خالي ڪيو ٿو وڃي
۽ الله تعاليٰ جي ذڪر سسان ان کي ڀريو ٿو وڃي.
جابر بن عبيده عدوي رحھ ٿو فرمائي تھ علاِ بن زياد
رحھ سان مون شڪايت ڪئي تھ منھنجي دل ۾ وسوسو ٿو
ٿئي. ھن جواب ڏنو تھ وسوسي ٿيڻ جو مثال ھن طرح
سمجھڻ گھرجي تھ ڄڻ چور ٿو ڪنھن گھر ۾ گھري. جيڪڏھن
گھر ۾ ڪجھھ سامان چورائڻ جھڙو ھوندو تھ چور سر
مارائي بھ سامان کني ويندو ۽ جيڪڏھن گھر جي اندر
ڪجھھ بھ نھ ھوندو تھ نااميد ۽ مايوس ٿي پاڻ ئي موٽ
کائيندو. ھن ڳالھھ جو غرض ھي آھي تھ جيڪا دل
نفساني خواھشن کان خالي آھي ان ۾ شيطان نٿو وڃي.
ھن باري ۾ الله تعاليٰ بھ فرمايو آھي ”اِن عبَادي
ليس لڪ عليھم سلطان“.
(بيشڪ منھنجن ٻانھن تي توکي ڪا سگھھ نھ آھي). ھن منجھان ثابت
ٿيو تھ جيڪو ماڻھو نفس جي خواھشن جي ابتاع يا
پيروي ٿو ڪري اھو گويا الله تعاليٰ جو بندو ناھي،
ان کي ھوا يا خواھشن جو بندوسڏڻ گھرجي. جھڙ طرح ٻي
آيت ۾ ارشاد آھي تھ ”ارايت من اتخذ اِلٰھته ھواه“
(اي پيغمبر تو ان کي ڏٺو جنھن پنھنجي سڌ کي پنھنجو
معبود ڪري ورتو). ھن آيت ۾ صاف صاف ارشآد آھي تھ
نفساني خواھشن جي تابعداري ڪندڙ، ھوا يا نفساني
خواھشن جو بندو آھي ۽ انھيءَ کي ئي ھو پنھنجو
معبود ٿو بڻائي. پوءِ اھڙن شخصن تي شيطان کي غالب
بنايو ويو آھي. شيطان کان بچاءَ جي باري ۾ بھ فقط
الله تعاليٰ جو ذڪر. حديٿن ۾ ٻڌايو ويو آھي. جھڙوڪ
حضرت عمرو بن العاص رحھ کان روايت آھي تھ ھن حضور
ﷺ جن جي خدمت مبارڪ ۾ عرض ڪيو تھ يا رسول الله!
شيطان منھنجي ۽ منھنجي نماز جي وچ ۾ حائل ٿو ٿئي
يعني نماز ۽ قرات ۾ وسوسو ٿو وجھي. پاڻ فرمايائون
تھ ”اھو شيطان آھي جنھن کي ھزب ٿ٨و سڏيو وڃي. جڏھن
تون ھن کي محسوس ڪرين تھ اعوذ بالله من الشيطان
الرجيم پڙھھ ۽ پنھنجي کٻي پاسي تي ٿو ٿو ڪر. عمرو
بن العاص٣ رضھ ٻڌائي ٿو تھ مون جيئن حضور ﷺ جن
فرمايو تيئن ڪيو ۽ اھا ڳالھھ وسوسوي جي ويندي رھي.
اھڙيءَ طرح ٻي حديث ۾ وارد آھي تھ ”وضو ۾ بھڪائڻ
يا ورغلائڻ لاءِ ھڪ شيطان آھي جنھن کي ولھان ٿا
سڏين انھيءَ کان خدا تعاليٰ جي پناھھ گھرو.“
خدا تعاليٰ جي ذڪر سان ئي شيطان جو دفع ٿيڻ اسان ھڪ عمدي مثال
سان ٿا ثابت ڪريون ۽ اھو ھي آھي تھ شيطاني وسوسو
دل ۾ فقط تڏھن ويندو جڏھن وسوسي کان سواءِ ٻي شيءِ
دل ۾ نھ رھندي ھجي، ڇاڪاڻ تھ جڏھن ھڪڙي شيءِ جو دل
۾ گذر ٿو ٿئي تھ ٻي شيءِ جيڪا ان کان اڳ اتي ھئي
اھا اتي نٿي رھي. تنھنڪري دل کي ڪنھن ٻئي طرف
متوجھ ڪرڻ سان شيطاني وسوسو رفع ٿي سگھي ٿو. مگر
ھي بھ ممڪن آھي تھ انھيءَ بي ڳالھھ ۾ بھ شيطان
وسوسو وجھڻ شروع ڪري ڏئي مگر الاھي ذڪر ۽ ان سان
تعلق رکندڙ شيون اھڙيون آھن جو انھن جي ھوندي
شيطان کي مجال نٿي ٿئي جو دل جي ڀر ڏئي لنگھي.
انھيءَ منجھان ثابت ٿيو تھ وسوسن کي دفع ڪرڻ لاءِ
سواءِ ذڪر الاھي ۽ ان سان تعلق رکندڙ شين جي ٻي ڪا
بھ شيءِ فائدو نٿي پھچائي. انھيءَ سبب ڪري شيطان
کي دفع ڪرڻ لاءِ اعوذ بالله من الشيطان الرجيم ولا
حول ولا قوت اِلا باِلله العلي العظيم جي دعا
ارشاد ڪئي وئي آھي. ياد رکن گھرجي تھ شيطان جي
وسوسي جي دفع ڪرڻ جي طاقت فقط انھن کي آھي جيڪي
متقي آھن ۽ گھڻو وقت ذڪر الاھي ۾ مصروف ٿا رھن.
اھڙن شخصن تي شيطان رڳو ڪنھن لغزش يا ترڪڻ جي وقت
۾ مخفي طرح ٿو گذر ڪري. جھروڪ خدا تعاليٰ فرمائي
ٿو تھ ”اِن الذين اتقوا اِذا مسھم طائفءٌ من
الشيطان تذڪروا فاِذاھم تبصرون“ (جيڪي پرھيزگار
آھن تن کي جڏھن ڪو شيطان جو وسوسو پھچندو آھي تڏھن
الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اھي انھي مھل ڏڌسندڙ
ٿيندا آھن.)
انھيءَ کانسواءِ ماجدھ رضي الله عنه ”ڪن شر الوسواس الخناس“ جي
تفسير ۾ فرمائي ٿو تھ شيطان دل تي ڦھليو يا پکڙيو
پيو آھي. جڏھن قلب ذڪر الاھي ٿو ڪري تھ ھن کي ڏک
ٿو پھچي يعني صدمو ٿو اچيس ۽ مايوس ٿي ڪومائجي ٿو
وڃي. وري جڏھن مقلب غافل ٿي ٿو وڃي تھ يڪدم ڦھلجي
ٿو وڃي.
الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ وسوسي ۾ اھڙو اختلاف آھي جھڙو سوجھري ۽
انڌيري ۾ يا ڏينھن ۽ رات ۾. انھن ٻنھي ۾ ضديت ھجڻ
ڪري ئي الله تعاليٰ فرمائي ٿو تھ ”اِستحوذ عليھم
الشيطان فانساھم ذڪرالله“ (مٿن شيطان غالب ٿي ويو
آھي پوءِ انھن جي دل کان الله جي يادگيري
وساريائين). حضرت انس رضھ کان روايت آھي تھ آنحضرت
ﷺ جن فرمايو تھ ”شيطان پنھنجي سونڊ آدميءَ جي قلب
تي رکيو ويٺو آھي. پوءِ جڏھ آدمي الله تعاليٰ جو
زڪر ٿو ڪري تھ پٺتي ھٽي ٿو وڃي ۽ جيڪڏھن خدا
تعاليٰ کي وساري ٿو ويھي تھ شيطان آدمي جي دل کي
ڳھي ٿو وڃي.“
ابن اوزاع رحھ کان روايت آھي تھ جڏھن آدم چاليھن سالن جو ٿي ٿو
وڃي ۽ توبه نٿو ڪري تھ شيطان ھن جي منھن تي ھٿ ٿو
ڦيرائي ۽ چوي ٿو تھ ھن صورت تان قربان وڃجي جيڪا
ڇوٽڪارو (ڪڏھن بھ) حاصل نھ ڪندي. مطلب تھ شھوتون
انسان جي گوشت ۽ رت ۾ اندر داخل ٿيل آھن ۽ شيطان
جي بادشاھي يا سلطنت بھ ھن جي انھيءَ گوشت ۽ خون ۾
موجود آھي ۽ قلب کي چئني طرفن کان گھيرو ڪيو بيٺي
آھي انھيءَ ڪري حديث سريف ۾ آيو آھي تھ ”تحقيق
شيطان ابن آدم جي بدن ۾ رت جي دوري سان گڏ ڊوڙندو
يا ڦرندو ٿو وتي. پوءِ ھن جي ڊڪڻ ڊوڙڻ يا ڦرڻ گھرڻ
جو رستو بک سان سوڙھو ڪيو يعني روڪيو.“ ھي انھيءَ
ڪري فرمايو ويو آھي تھ بک جي سببان شھوتون ڪمزور
ٿي ٿيون وڃن ۽ شيطان جي گھڙڻ جي جاءِ شھوتون ئي
آھن ۽ دل جو چئني طرفن کان شھوتن ۾ وڪوڙيل ۽ گھربل
ھئڻ ھن آيت منجھان ثابت آھي ”لا تمدن لھم صراطڪ
المستقيم ه - نم لا تِينھم من بَين ايديھم ومن
خلفھم وعن ايمانھم وعن شمائلھم“ (تھ مان بھ ماڻھن
لاءِ تنھنجي سڌيءَ واٽ تي ضرور ويھندس پوءِ سندن
اڳيان ۽ سندن پوئتا ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن
کٻي پاسي وٽن ايندس).
ھن حديث شريف ۾ پڻ اھڙو ذڪر آھي تھ ”شيطان انسان جي ڪيترن ئي
رستن تي ويٺو آھي. پھريائين اسلام جي واٽ تي ٿي
ويٺو ۽ چيائين تھ تون مسلمان ٿو ٿين ۽ ڇڏين ٿو ابن
اڏن جي دين کي. انسان اھا ڳالھھ نھ مڃي ۽ مسلمان
ٿيو. پوءِ ويٺو وڃي ھجرت جي واٽ تي ۽ چيائين تھ
تون مھاجر ٿو ٿين ۽ ڇڏين ٿو پنھنجي زمين ۽ آسمان.
پر انسان نھ مڃيو ۽ ھجرت ڪيائين. پوءِ وري جھاد جي
واٽ تي ويٺو ۽ چيائين تھ تون جان ۽ مال ضايع ٿو
ڪرين. جيڪڏھن تون وڙھندين تھ مارجي ويندين ۽
تنھنجي زال ٻئي سان نڪاح ڪندي ۽ تنھنجو مال ٻين ۾
تقسيم ٿي ويندو. مگر انسان نھ مڃيو ۽ جھاد
ڪيائين“. پوءِ پاڻ فرمايائون تھ جيڪو شيطان جي
مخالفت ڪندو تھ خدا تعاليٰ ھن کي ضرورت جنت ۾ داخل
ڪندو. پوءِ پاڻ وسوسي جو ذڪر ڪيائون تھ اھي اھڙي
قسم جون خواطر آھن جيڪي مجاھدن جي دل ۾ گذرن ٿيون
تھ جيڪڏھن ماريو ويندس تھ منھنجي زال ٻئي سان شادي
ڪندي. ۽ اھڙي قسم جا ٻيا وسوسا جيڪي ھن کي جھاد
کان روڪين. ھن قسم جو ”خواطر“ سڀني کي معلوم آھن
تھ وسوسا بھ معلوم آھن. اھو پڻ معلوم ٿي چڪو تھ
انھن خواطرن جو سبب شيطان آھي ۽ آدميءَ جو ان کان
صفا الڳ ٿلڳ رھڻ ممڪن نھ آھي. البتھ انھن جي
فرمانبرداري يا نافرمانيءَ جي سبب ماڻھن ۾ اختلاف
۽ جدا جدا حالتون ٿيون پيدا ٿين، انھيءَ ڪري حضور
صلي الله عليه وصلم جن بھ فرمايو تھ “ڪوبھ ھڪڙو
اھڙو ماڻھو ڪينھي جنھن کي شيطان (لڳل) نھ ھجي يعني
ھر انسان لاءِ ھڪ شيطان آھي.“
ھن ساري بيان مان وسوسي، الھام ، فرشتي، شيطان، توفيق ۽ خذلان
جي ،معني معلوم ٿي ويئي. ھاڻي جيڪڏھن ڪي دريافت ڪر
چاھي تھ شيطان ڪھڙي شيءِ آھي، ھو جسم لطيف آھي يا
نھ ۽ جيڪڏھن جسم وارو آھي تھ انسان جي بدن ۾ ڪيئن
ٿو داخل ٿي سگھي تھ انھن ڳالھين جو ذڪر علم
معاملات ۾ضروري نھ آھي بلڪ جيڪو اھڙيون ڳالھيون
پڇي تھ ان جو مثال ھن طرح آھي تھ ڪنھن ھي ڪپڙن ۾
نانگ گھڙي وڃي تھ ھو انھيءَ جو فخر ئي نھ ڪري تھ
ڪنھن طرح سان نانگ نڪري وڃي ۽ ھن جي آسيب کان
بچاءُ ٿي وڃي بلڪھ ھو پڇڻ لڳي تھ نانگ جو رنگ ۽
شڪل ڪھڙي آھي. ھن جي ڊيگھھ ۽ ويڪر ڪيتري آھي تھ
اھڙو سوال محض جھالت ڪري ليکيو ويندو. جڏھن معلوم
ٿي ويو تھ انسان جي وجود ۾ اھڙي قسم جا خواطر گذرن
ٿا جيڪي شر جو باعث ٿا ٿين ۽ ھي بھ ظاھر ٿيو تھ
انھن خواطرن جو ڪو سبب ضرور ٿو ٿئي ۽ ڳالھھ بھ
يقيني آھي تھ جيڪا شيءِ آئينده جي شر ڏانھن ٿي سڌي
اھا جاني دشمن آھي. انھن ڳالھين منجھان خطرناڪ
دشمن جو وجود تھ يقينا معلوم ٿي ويو تھ ھاڻي ھن
ڳالھھ جي ڪوشش ڪجي تھ اھو دشمن ضرور يا نقصان نھ
پھچائي سگھي. الله تعاليٰ بھ ان جي عداوت جو
پنھنجي پاڪ ڪتاب ۾ انھيءَ ڪري گھڻين جاين تي ارشاد
فرمايو آھي تھ ماڻھو انھيءَ تي ايمان ائين ۽ ان جي
ضرر کان بچن. ھڪڙيءَ جڳھھ تي فرمان آھي تھ ”اِن
الشيطان لڪم عدوءٌ فاتخِذوه اِنما يدعوا حِزبَه
ليڪونوا من اصحٰبِ السعير“ (بيشڪ شيطان اوھان جو
ويري آھي. تنھنڪري ان کي ويري ڪري وٺو. ھو پنھنجي
ٽوليءَ کي فقط انھيءَ لاءِ سڏيندو آھي تھ دوزخي
ٿين). ٻي جاءِ تي ارشاد آھي تھ ”الم اعھد اِليڪم
يابِني آدم ان لا تعبدوا الشيطان اِنه لڪم عدوءٌ
مبِين. (اي آدم جي اولاد اوھان ڏانھن پيغام نھ
موڪليو ھوم ڇا تھ شيطان کي نھ پوڄيو جو بيشڪ ھو
اوھان جو پڌرو ويري آھي).
پوءِ انسان تي واجب آھي تھ دشمن کان پاڻ کي پچائي ۽ نھ ھي پڇڻ
شروع ڪري ڏئي تھ ھن جو اصل نسل ڪھڙو آھي. رھڻ جي
جاءِ ڪھڙي اٿس وغيره وغيره بلڪھ پڇڻ جي لائق تھ
ھيءَ ڳالھھ آھي تھ ھن جا ھٿيار ڪھڙا ڪھڙا آھن،
انھيءَ لاءِ تھ انھن کان پاڻ کي پري رکي ۽ ھي
معلوم ٿي چڪو آھي تھ شيطان جا ھٿيار نفساني
خواھشون آھن. پوءِ علمائن کي ايتري قدر ڄاڻڻ ڪافي
آھي مگر ھن جي ذات جي پڇاڻ يا فرشتن جي حقيقت جو
علم اھي ڳالھيون ”عارفن“ سان ٿيون تعلق رکن جيڪي
مڪاشفن جي علم ۾ مستغرق ٿا رھن. علم معاملات ۾
اھڙين ڳالھين جي پڇا ڪرڻ جي ڪا بھ ضرورت ڪا نھ ٿي
پوي. ھتي اھا ڳالھھ ڄاڻڻ جي لائق آھي تھ ”خواطر“
ٽن قسمن جا آھن:
(1)
پھريان اھي جيڪي قطعا خير جي
طرف سڏيندڙ ھجن. انھن جي الھام ھجڻ ۾ ڪو شڪ ڪونھي.
(2)
يا اھي جيڪي يقينا سر جي طرف
سڏيندڙ ھجن. انھن جو وسوسي ھئڻ ۾ ڪو شڪ ڪونھي.
(3)
ٽيان اھي جيڪي درمياني ھجن ۽
معلوم نھ ٿي سگھي تھ ھي خاطر فرشتي جي طرف کان آھي
يا شيطان جي طرف کان. ھن ۾ وڏو دوکو ٿو اچي. ان جي
تميز ڪرڻ ڏاڍي دقيق آھي ڇاڪاڻ تھ ڪي ماڻھو جيڪ ٺيڪ
ھوندا آھن انھن کي شيطان صريحا تھ شر جي طرف سڏي
نٿو سگھي. بلڪھ شر کي خير جي صورت ڏئي ھن جي اڳيان
پيش ٿو ڪري ۽ ھي وڏو فريب آھي. ھن کان گحڻا ماڻھو
ھلاڪ يا برباد ٿي ويندا آھن. مثلا عالم کي وعظ جي
نموني ۾ چوندو تھ ڏسو تھ خلق جو حال ڪھڙو آھي. سڀ
جيل ۾ گرفتار – غفلت ۾ سرشار دوزخ جي ڪناري تي وڃي
پھتا آھن. ھنن الله جي بندن تي رحم کائي انھن
کيھلاڪت يعني بربادي کان بچائڻ گھرجي. انھن کي
ضرور غلط نصيحت ڪئي ٿي وڃي. خدا تعاليٰ توکي علم
جي نعمت، روشن دل، تقرير ۾ دلڪش آواز ڏاڍو مٺو عطا
فرمايو آھي. تون ڪيئن ٿو خدا تعاليٰ جي نعمتن جي
ناشڪري ڪري سگھين. علم جي اشاعت يا پڌرائي کان پاڻ
کي روڪي ڪيئن ٿو تون الله تعاليٰ جي نعمتن جو
حقدار بڻجين. ماڻھن کي سڌي راھھ تي سڏڻ گھرجي. ھن
قسم جون تقريرون شيطان عالم جي نفس سان ڪندو ٿو
رھي تان جو ھن کي وعظ ڪرڻ تي لطيف لطيف نمونن ۾
آماده ڪري ٿو وجھي. پوءِ اھا ڳالھھ ٿو دل ۾ وجھيس
تھ جيڪڏھن عمدي پوشاڪ پھري سھڻي لھجي سان تقرير ۽
خير جو اظھار نھ ڪندين تھ تنھنجي ڳالھھ دلين تي
اثر نھ ڪندي ۽ نھ ڪنھن کي سڌي راھھ نصيب ٿيندي.
اھڙي قسم جون تقريرون اندر ئي اندر ۾ ھميشه ڪندو
ٿو رھي. ھن جو ھن ڳالھھ ۾ اصل مقصد اھو ھوندو آھي
تھ انھيءَ عالم کي رياءَ ۾ مبتلا ڪري، جيئن ھن کي
پنھنجي تعظيم، خادمن جي ڪثرت، پنھنجي علم ۽ شان
شوڪت تي تڪبر ۽ ٻين کي حقارت جي نگاھن سان ڏسڻ جو
شوق پيدا ٿي وڃي. ڏسو طاھر ۾ تھ ڪھڙيون نھ خير
خواھيءَ جون ڳالھيون ٿو پيش ڪري مگر حققت ۾ ھڪ
ويچاري غريب انسنا جي تباھيءَ جي فڪر ۾ آھي. ھن جي
سڻڀين ڳالھين منجھان ٻڌڻ وارو بھ خيال ٿو ڪري تھ
ھو وڏي خير خواھي ٿو ڪري ۽ الله تعاليٰ جي نزديڪ
ھن جو وڏو رتبو ٿيندو، حالانڪھ ھن جو غرض فقط اھو
ھوندو آھي تھ ھو رياءَ، ٽانءِ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي
تباھھ ٿئي. اھڙن ماڻھن جي طرف اشآرو آھي. ھن ھديث
۾ ”بيشڪ الله تعال:ٰ ھن دين جي اھڙن ماڻھن سان مدد
ڪندو جن کي ڪجھھ نصيب نھ ھوندو يعني ھو ديندار نھ
ھوندا ۽ تحقيق الله تعاليٰ مدد پھچايئندو. ھن دين
کي بدڪار ماڻھن سان“ (يعني اھڙن رياڪار ماڻھن جي
وعظ منجھان خلق کي تھ فائدو ڪافي پھچندو مگر
انھيءَ رياڪار عالم کي ڪجھ بھ پلئھ نھ پوندو(.
انھيءَ لحاظ کان تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام شيطان مردود کي جواب
۾ ڪھڙو نھ سھڻو ارشاد فرمايو. يعني جڏھن ھڪ دفعي
ابليس مردود حضرت عيسيٰ عليه السلام جي سامھون آيو
۽ پاڻ سڳورن کي عرض ڪيائين تھ لا الٰه الاالله
چبو. تھ انھيءَ جي جواب ۾ پاڻ فرماائونس تھ اھو
ڪلمو جيڪو تون چوين ٿو اھو تھ ٺيڪ آھي مگر تنھنجي
چوڻ تي مان نھ چوندس. ھن منجھان پاڻ سڳورن يعني
عيسيٰ عليه السالم جو مطلب اھو ھو تھ شيطان مردود
خير جي اندر بھ ڪا دغا ڪندو آھي ۽ شيطان جا ھن قسم
جا فريب تمام گھنا آھن. انھن فريبن جي ذريعي
عالمن، عابدن، زاھدن، فقيرن ۽ اميرن مطلب تھ ھر
قسم جي ماڻھن جيڪي رڳو ظاھري شر کي برو ٿا سمجھن ۽
رڳو اعلانيھ گناھن ۾ مبتلا نٿا ٿين اھي تباھھ ۽
برباد ٿي ٿا وڃن. غرور ۽ مغالطي جي باب ۾ اسان
شيطان جا ڪجھھ فريب ھن جلد جي آخر ۾ لکنداسين ۽
جيڪڏھن فرصت ملي تھ شايد ھڪ ڪتاب جدا خاص ھن باب
جو لکي ان جو نالو ”تلبيس ابليس“ رکنداسين. ڇاڪاڻ
تھ اڄڪلھھ ھن جا فريب زماني ۾ ۽ مخلوق ۾ خاص ڪري
مذھبن ۽ عقيدن ۾ ڏاڍا ڦھليل آھن. ايتري قدر جو خير
يعني نيڪيءَ جو تھ فقط رڳو نالو ئي نالو وڃي رھيو
آھي ۽ اھو انھيءَ ڪري آھي جو ماڻھو شيطان جي دوکي
کي يقين ڪري ٿا سمجھن.
پوءِ بندي تي واجب آھي تھ جيڪو قصد يا ارادو ھن جي دل ۾ اچي ان
۾ توقف (ڌيرج ۽ تامل (سوچ ويچار) سان اھو معلوم
ڪري تھ ھي فرشتي جي طرف کان آھي يا شيطان جي طرف
کان. ھن ڳالھھ کي خوب غور سان سوچجي. ڇاڪاڻ تھ
ھيءَ ڳالھھ تقويٰ جي تور ۽ علم ۽ بصيرت جي ڪثرت
کان سواءِ معلوم ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آھي. جھڙي طرح الله
تعاليٰ ٿو فرمائي ”اِن الذين اتقوا اِذا مسھم
طائفءٌ من الشيطان تذڪروا فاِذاھم مبصرون“ ھن جو
مطلب آھي تھ تقويٰ وارا اھڙي وقت ۾ علم جي نور جي
طرف رجوع ٿا ڪن ۽ ھن جا شڪ شبھ دور ٿي ٿا وڃن،
جيڪو شخص تقويٰ نٿو ڪري ان کي نفس جي خواھش جي
تابعداريءَ ڪري شيطان جي فريب جو يقين اچي وڃي ٿو
۽ گھڻا ئي دوکا ٿو کائي ۽ بنا ڪنھن سمجھڻ ڀرجھڻ جي
ھلاڪ ٿئي ٿو وڃي. انھن جھڙن جي حق ۾ خدا تعاليٰ ٿو
فرمائي تھ ”وبَدالھم من الله مالم يکونوا
يحتسبُون“ (۽ الله جي طرفان اھو معاملو ھنن کي
پڌرو ٿيندو جنھن جو گمان ئي نھ رکندا ھئا) يعني
عملن کي ھو حسنات (نيڪيون) تصور ڪندا ھئا. اھي
سيئات (براين) ۾ داخل ٿي ويا. معاملات جي علم ۾ سڀ
کان باريڪ ڳالھھ نفس ۽ شيطان جي فريبن کي معلوم
ڪرڻ آھي ۽ ھي ھر ھڪ بندي تي عين فرض اھي. مگر
ماڻھو غافل ٿي اھڙن عملن ۾ مشغ٩ل ٿا رھن جن منجھان
وسواس وڌي ٿو وڃي ۽ شيطان غالب ٿو ٿئي وڃي ۽ شيطان
جي عداوت ۽ ان کانبچڻ جو طريقو ڀلجي ٿا وڃن. وسواس
جي ڪثرت کان بچڻ جو اھو طريقو آھي تھ ”خاطر“ جا
دروازا بند ڪيا وڃن. اھي دروازا ظاھر ۾ پنج حواس ۽
باطن ۾ شھوتون ۽ دنيا جا تعلقات آھن.
حواس ظاھر تھ ھن طرح بند ٿيندا آھن تھ اونداھي جاءِ ۾ ويھي رھي
۽ باطن جي حواس گھٽ ڪرڻ جو طريقو ھي آھي تھ اھل ۽
مال کان جدا ٿي وڃي. ھن صورت ۾ رڳا خيالن جا رستا
کليل رھندا جيڪي ھر وقت دل ۾ جاري ٿا رھن. انھن کي
دفع ڪرڻ لاءِ سواءِ الله الله جي ذڪر جي ٻيو ڪو بھ
چارو يا ھيلو وسيلو ڪونھي. مگر شيطان دل کي ھتي بھ
نھ ٿو ڇڏي ۽ خدا تعاليٰ جي ذڪر کان ڀلائيندو ٿو
رھي. پوءِ ھن صورت ۾ ھن کي مجاھدو ڪرڻ گھرجي ۽ ھن
مجاھدي جي انتھا موت تي ٿيندي آھي. ڇاڪاڻ تھ جيسين
ماڻھو زنده ٿو رھي، تي سين شيطان کان ڇوٽڪارو ڪو
نھ ٿو مليس. ھا ايترو زبردست ضرور ٿي ٿو وڃي جو
شيطان جو چيو نٿو وٺي ۽ مجاھدي سان ھن جي شر کي
ٽاري ٿو ڇڏي. جيسين بدن ۾ خون رھي تيسين ان سان
مجاھدو ڪرڻ ضروري آھي ڇاڪاڻ تھ شيطان جي اچڻ جا
دروازا حياتي تائين کليل ٿا رھن ۽ بند نٿا ٿين.
اھي دروازا آھن، غضب، شھوت، طمع، حسد وغيره جھڙوڪ
عنقريب انھن جو بيان ڪيو ويندو. جڏھن دروازا کليل
ھجن ۽ دشمن بھ غافل نھ ھجي تھ بغير حفاظت ۽ مجاھدي
جي ڪم ڪو نھ ھلندو.
حضرت حسن بصري رحھ کان ڪنھن پڇيو تھ اي ابو سعيد! شيطان سمھندو
بھ آھي ڇا؟ پاڻ فرمايائون تھ جيڪڏھن ھو سمھي ھا تھ
اسان کي چين ھجي ھا. مطلب تھ مؤمن بندي کي ھن کان
ڪا بھ رٿي يا واند ڪائي ڪا نھ ٿي ملي، البتھ ھن
جوو زور گھٽ ڪيو ٿو وڃي جھڙي طرح حديث شريف ۾ آيو
آھي تھ ”بيشڪ مؤمن پنھنجي شيطان کي لاغر ٿو ڪري
جھڙيءَ طرح اوھان منجھان ڪو پنھنجي اٺ کي سفر ۾
لاغر ڪري.“ حضرت ابن مسعود رضھ بھ فرمايو آھي تھ
مؤمن جو شيطان ڏٻرو ٿيندو آھي. قيس ابن حجاج رحھ
ٿو فرمائي تھ منھنجو شيطان مون کي چوڻ لڳو تھ مان
تو وٽ اٺ وانگر ٿلھو متارو آيو ھوس ھاڻي مان جھرڪي
جھڙو ٿي ويو آھيان! مان پڇيومانس ائين ڇو ٿيو آھي؟
چيائين تھ تون الله تعاليٰ جي ذڪر سان مون کي
ڳاريندو ٿو رھين. ھنن روايتن منجھان معلوم ٿيو تھ
تقويٰ وارن جا ظاھري شيطاني دروازا بند ٿيڻ مشڪل
ناھن. ڇاڪاڻ تھ ظاھري رستا جيڪي گناھن ۽ نافرمانين
جي طرف کليل ٿا رھن انھن کان پاسو ٿا ڪن ۽ حفاظت ۽
پھرو جيئن ڪرڻ گھرجي تيئن ڪندا ٿا رھن. مگر جيڪي
شيطان جا مڪر ٧ فريب غمضي وارا يا لڪل آھن انھن ۾
تھ انھن تقويٰ وارن کان بھ لغزشون ٿي ٿيون وڃن.
ڇاڪاڻ تھ اھي جلدي سمجھھ ۾ نھ ٿا اچن جو انھن کان
حفاظت ڪئي وڃي. جھڙي طرح اسان مٿي ھڪ مثل عالم کي
ورغلائڻ جو ڏئي چڪا آھيون. سڀ کان وڌيڪ مسڪل ڳالھھ
وري ھيءَ آھي تھشيطاني دروازا جيڪي دل تي کليل ٿا
رھن اھي گھنا آھن ۽ فرشتن جي طرف وارو دروازو فقط
ھڪڙو آھي ۽ ھي اڪيلو دروازو انھن سڀني ۾ مشتبه
(شبه يا شڪ ۾ وجھڻ وارو) ٿي پيو آھي.
بندي جو حال ھنن دروازن جي مقابلي ۾ اھڙو آھي جھڙو ڪوئي مسافر
انڌيري رات ۾ ڪنھن جھنگل ۾ وڃي ڦاسي جتي تمام
گھڻيون ۽ ڏکيون واٽون ھجن. ھن حالت ۾ انھيءَ مسافر
کي سڌو رستو ٻن ذريعن سان معلوم ٿي ٿو سگھي يا تھ
بصيرت ۽ عقل جي ذريعي يا سج جي روشني سان. جيڪڏھن
مسافر متقي آھي ۽ متقي جو قلب بصيرت ۽ عقل وارو ٿو
ٿئي ۽ الله تعاليٰ جي ڪتاب ۽ رسول ڪريم ﷺ جي سنت
جو گھڻو علم ھن کي سج جو ڪم ٿو ڏئي ۽ انھن جي
ذريعي ھن کي سڌي راءِ نصيب ٿي سگھي ٿي. نھ تھ
شيطان جون واٽون تمام گھڻيون ۽ نامعلوم آھن ھن جي
مطابق اھا روايت آھي جيڪا حضرت عبدالله بن مسعود
رضھ کان منقول آھي تھ ھڪڙي ڏينھن آن
حضرت ﷺ جن اسان جي اڳيان ھڪ ليڪ ڪڍي ۽ ارشاد
فرمايائون تھ ھي رستو الله جو آھي پوءِ انھيءَ ليڪ
جي سڄي ۽ کٻي پاسي تي ڪيئي ليڪون ڪڍيون ۽
فرمايائون تھ ھي شيطان جون واٽون آھن. ھر ھڪ واٽ
تي شيطان ويٺو آھي، جيڪو انسان کي پاڻ ڏي سڏيندو
ٿو رھي. پوءِ ھي آيت شريف پڙھيائون ”و ان ھٰذا
صراطي مستقيما فاتبِعوه ولا تتبِعوا السبُل فتفرق
بِڪم عن سبيله“ (۽ ھيءَ تھ اھا منھنجي سڌي واٽ
آھي. تنھنڪري ان تي ھلو ۽ ٻين واٽن تي نھ ھلو جو
اھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪدنيون٩ ۽
سبَل منجھان مراد انھن شيطانن وارين ليڪن جي
فرمايائون. ھن حديث شريف ۾ حضور ﷺ جن شيطان جي
رستن جي گھڻائي واضح ڪري ڇڏي آھي ۽ اسان شيطان جي
ھڪ باريڪ راھھ جو مثال بھ لکي چڪا آھيون، جنھن ۾
ھو عالمن ۽ عابدن کي فريب ٿو ڏئي حالانڪھ ھي شخص
پنھنجي شھوتن تي مالڪ ۽ قابض ھوندا آھن ۽ ظاھري
گناھھ بھ ڪو نھ ڪندا آھن.
ھاڻي اسان ھن جي ھڪ چٽي ۽ کليل طريقي جو ذڪر ٿا ڪريون جيڪو
ماڻھو خوامخواھھ وٺي اختيار ڪندا آھن ۽ ھي قصو
حديث شريف ۾ وارد آھي تھ بني اسرائيل ۾ ھڪڙو راھب
ھو. شيطان ھڪڙي ڇوڪريءَ جو ڳلو گھٽيو ۽ ھن جي گھر
وارن جي دل ۾ ھيءَ ڳالھھ وجھي ڇڏي تھ ھن جو علاج
فلاڻي راھب وٽ آھي. پوءِ گھر وارا ڇوڪريءَ کي
انھيءَ راھب وٽ وٺي ويا. ھن پھريائين تھ علاج ڪرڻ
کان انڪار ڪيو. مگر گھر وارن وٺي اصرار شروع ڪيو
تان جو راھب ڳالھھ مڃي ۽ ڇوڪريءَ کي پاڻ وٽ علاج
لاءِ رکيو. ھاڻي شيطان راھھ وٽ اچي ھن کي صحبت ڪرڻ
جو وسوسو دل ۾ وڌو تان جو ھو رھي نھ سگھيو ۽ صحبت
ڪري ويٺو ۽ ڇوڪري کي پيٽ ٿي ويو. ھاڻي وري راھب جي
دل ۾ اھو خوف وڌائين تھ ھاڻي تنھنجي بدنامي ٿيندي.
ھن جا گھر وارا ايندا. بھتر آھي تھ ھن کي ماري دفن
ڪري ڇڏجي. جيڪڏھن ڪو پڇڻ اچي تھ چئجان تھ مري وئي.
راھب ائين ڪيو. پوءِ شيطان انھيءَ ڇوڪريءَ جي
مائٽن وٽ ويو ۽ انھن جي دل ۾ وڃي وسوسو وڌائين تھ
راھب ڇوڪريءَ سان ھيئن ھيئن ڪري ھن کي ماري دفن
ڪري ڇڏيو آھي اھي ماڻھو راھب کان پڇڻ آيا، دال ۾
ڪارو ڪارو ڏسي ھن کي قصاص (خون جي عيوضي) ۾ مارڻ
لاءِ پڪڙيو تھ ايتري ۾ شيطان، راھب جي سامھون آيو
۽ چيائينس تھ ھي ڪم سڀ منھنجا ڪيل آھن. ھاڻي
جيڪڏھن منھنجو چيو مڃيندين تھ ھن خون کان بچي
ويندين. ھن پڇيس تھ ٻيلي ھاڻي ڇا ڪريان جو خون کان
ڪنھن طرح بچي وڃان. شيطان چيس تھ مون کي ٻھ سجدا
ڪر تھ بچي ويندين. جڏھن ھن سجدا ڪري پورا ڪيا تھ
کلم کلا ھن کي چوڻ لڳو تھ مان ھاڻي ڪجھھ بھ ڪري
نٿو سگھان. مان توکي سڃاڻان ئي ڪو نھ ٿو. اھو ئي
شخص آھي جنھن جو حال الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ھيئن
ٿو فرمائي ”ڪمثل الشيطان اِذ قال للانسان ڪفر فلما
ڪفر قال اِني بَريءُ منڪ“ (انھن جو مثال شيطان جي
مثال وانگر آھي. جڏھن چوندو آھي تھ ڪافر ٿيءُ پوءِ
جڏھن ڪافر ٿيو تنھن مھل چيائينس تھ بيشڪ مان توکان
بيزار آھيان).
ھاڻي سوچڻ گھرجي تھ شيطان ڪھڙو نھ وڏو حيلھ باز آھي. راھب کي
ڪھڙ:ءَ طرح نھ ڪبيره گناھن ۾ مبتلا ڪيائين. ڳالھھ
فقط اتان شروع ٿي جو راھب علاج ڪرڻ لاءِ شيطان جو
وسوسو مڃي ويٺو ۽ اھو ھڪڙو معمولي ڪم ھو ۽ بيمار
جو علاج ڪرڻ ھڪ چڱي ڳالھھ آھي. انھيءَ منجھان
معلوم ٿيو تھ شيطان پھريائين دل ۾ اھڙي معمولي
ڳالھھ ٿو وجھي جو انسان نيڪيءَ جي رغبت ۾ اچي
انھيءَ کي چڱو ٿو سمجھي مگر پڇاڙيءَ ۾ وري ڳالھھ
صفا ھٿ منجھان نڪري ٿي وڃي ۽ ھڪ ڳالھھ منجھان ٻي
ڳالھھ اھڙي ٿي نڪري پوي جو ان کان ڇوٽڪارو حاصل
ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو ٿي پوي. ھي جو ھديث شريف ۾ آيو
آھي تھ ”جيڪو چراگاھھ يا کوھھ جي ارد گرد پيو
ڦرندو شڪ ناھي تھ ھو ان ۾ وڃي ڪرندو يا مرندو“ ھن
۾ بھ انھيءَ ڳالھھ انھن اشارو آھي تھ ”درياءَ ڀر
تي ڇوڪرو ڪڏي، اڄ نھ ٻڏي سڀاڻي ٻڏي.“ |